خواجه محمد زمان
خواجه محمد زمان لنواري وارو: [ولادت 1125هه مطابق 1713ع- وفات
1188 هه مطابق 1774ع] سنڌ جي ناميارن بزرگن مان هڪ
هئو. ڄمندي ڄام هو. سڄو وقت الله جي عبادت ڪرڻ ۽
ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۾ گذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس
زبان تان پاڻ مرادو بيت جاري ٿي ويندا هئا. سندس
بيتن جي عربي ۾ تشريح مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
منڱريي ڪئي هئي. وري انهيءَ تشريح جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو. انهن بيتن ۾ حقيقت ۽
معرفت جا بي بها موتي ملن ٿا. ڀٽائي صاحب جو ساڻس
ويجهو تعلق هو.
بيت
سڄڻ ڏٺو جن تن ڏسڻ غير گناهه
جنين لڌي راهه ويهڻ تنين وهه ٿيو.
_____
لڳو واءُ وصال جنين ساعت هيڪڙي
تن سا لڌي لعل جنهن ئي جڳ خلقيو.
_____
عارف ۽ عشاق پسڻ گهرن پرينءَ جو
جنت جا مشتاق اڃا اوراهان ٿيا.
_____
تانسين تون نه فقير جانسين سانگ سِسيءَ جو
ماڻئو تن ملير جن جُسو مال مباح ڪيو.
_____
نڪي اوڏو اک کي نڪي نظران ڏور
وڃان ائين وهلور جيئن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾
_____
ڇڏيان هي جهان هو پڻ گهوري گهوريان
پلڪ پريان ساڻ جي مون سري جيڏيون
_____
سڪ روحاني سامئين جسمي جاهلن
ٻگهن مڇي من پارس پسن ڪين ڪي
_____
پلپل پئي پچار ملڪ ۾ ميثاق جي
ڪک پن ڪن اقرار اسين ٻانها تون ڌڻي
_____
پريان جي پچار ۾ اچي جن آرام
دنيا تن کي دام پڇن موسم موت جي
_____
اکر پڙهه عشق جو ڪنز قدوري ڇڏ
چڙهه تنين جي مڏ جي ستي ڏين شراب جي
_____
ستي ان شراب جن سَرِي سي سون ٿيا
سمهڻ تن ثواب ڪتڻ تن کي ڪيميا
_____
صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو
تڏهن تن ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو
***
شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ولد شاهه حبيب ڀٽائي متعلوي:
(ولادت 1102 هه مطابق 1689ع- وفات 1165هه مطابق 1752ع) سنڌي
زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ننڍپڻ کان
وٺي فقيريءَ ڏانهن لاڙو هئس. سير سفر جو ڪوڏيو هو.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺائين. فقيرن ۽ سنياسين سان
گڏجي پري پري ويو. راڳ سان ڏاڍو شوق هئس. پنهنجي
والد جي وفات کان پوءِ هالا حويلي مان لڏي اچي ڀِٽ
وسايائين. ان ڪري کيس ڀٽائي ۽ سندس وسايل ڀٽ کي
”ڀٽ شاهه“ چيو وڃي ٿو. سنڌ جا ماڻهو شاهه صاحب جي
ڪلام کي وڏيءَ سڪ سان پڙهن ۽ ڳائن ٿا. سندس ڪلام
ڪيترائي دفعا ڇپيو آهي، جنهن کي عام طرح سان شاهه
جو رسالو ڪوٺيو ويندو آهي. ان جا ترجما دنيا جي
وڏين وڏين ٻولين فارسي، عربي، انگريزي ۽ جرمن
وغيره ۾ به ٿيا آهن.
بيت
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
والي واحد وحده رازق رب رحيم
سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جون
_____
وحده لاشريڪ لہ اي هيڪڙائي حق
ٻيائي کي ٻک جن وڌو سي ورسا
_____
سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان ڌڙ ڍونڍيان سر ناهِ
هٿ ڪارايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانهن
وحدت جي وهانء جي ويا سي وڍيا
_____
پاڻهئي پسي پاڻ کي پاڻهئي محبوب
پاڻهئي خلقي خوب پاڻهئي طالب تن جو
_____
سو هي سو هو سو اجل سو الله
سو پرين سو پساهه سو ويري سو واهرو
_____
ملهه مهانگو قطرو سڪڻ شهادت
اسان عبادت نظر ناز پرينءَ جو
_____
سوري سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون
وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳنهن جي
_____
حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار اورڻ اهوئي ٿيو
_____
ويهڻ ويڄڻ وٽ جي سکين ته سَگهو ٿئين
اڳئين عادت مَٽ ته اگها عاجز نه ٿئين
_____
پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري
_____
ڪوڙئين ڪتابن ۾ حرف مڙيوئي هيڪ
جي تو نظر نيڪ ته بسم الله ئي بس ٿئي
_____
هو چَوني تون مَ چئو واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي
_____
ڪيئن ماڻيندا من ۾ خودي ۽ خدا
ٻن ترارين جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾
_____
هن تاري هن هيٺ هت منهنجا سپرين
سڄڻ ماکيءَ ميٺ ڪؤڙا ٿين نه جڏهين
_____
جان جان پسين پاڻ تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز تهان پوءِ تڪير چئو
_____
سڪ ناهي سٿري کڻ پروڙي پير
ڪسڻ ڌاران ڪير ڪري سڪ سڪڻ جي
_____
اول آخر آهه هلڻ منهنجو هوت ڏي
پورهيو سندو پورهيتن والي ڪي مَ وڃاءِ
سو مون ٿورو لاءِ جئن جيئري ملان جت کي
_____
پڪا رڇ ڪنڀار جا پڪي نِهائين
مون تئائين ڀيلو ڀاڱي آئيو
_____
اکيون تان عيد ڪانهي عيد اکين ريءَ
خوشي ۽ خريد ويئي ويچارن وسري
_____
جڏهن ستيون جي پٿر پير ڊگها ڪري
تڏهن تنين کي ساٿ ستيئي ڇڏيو
_____
ماڻڪ مٽ سندوم اونداهي ۾ سوجهرو
حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نه ويندوم
ساريو سڏ ڪندوم ڪوهيارو ڪيچ ڏڻي
_____
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا
_____
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ٿئي
_____
ڦِريا پسي ڦيڻ کرين کير نه چکيو
دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا
_____
اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسُئي
ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو
_____
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي ڪڏهن ٿجي وات
ڪڏهن ٿجي ڪات ڪڏهن ٿجي ٻڪرو
_____
پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرينءَ کي
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا
_____
ڪو جو لڳس ڪان ڪيچين جي قرب جو
ٿي نماڻي نيشان ڇڏي سانگو ساهه جو
_____
سَرَ جي تان سُور ساماڻي تان سک ويا
اهي ٻيئي پُور نماڻيءَ نصيب ٿيا
_____
الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سين مون پرين ڀورائي ڀال ڪيا
_____
نهائين کان نينهُن سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
_____
ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان
ڍڪئين ڍڪڻهار ڏيئي پاند پناهه جو
ڪافي
تنهنجي تند تنوار يار مون من موهيو
ملهي آئين مڱڻا گجي ۾ گرنار
سرجي صدا ڇڏتون ڏيائين ڏيج اپار
دان ڏيائين دُهرا هزارين هزار
الا! ”عبداللطيف “ چئي پسان پرين پار
ڪافي
لوئيءَ ۾ لائون مون مارُوءَ سين لڌيون
1 سون برابر سڳڙا ٻانهن ٻڌائون
سو ڪيئن پٽ پهريان سومرا عمر جو آئون
2 کاڄ کٿيرن سڦرو سڱر ۽ سائون
سا ڪيئن کائي کارڪون جنهن کي ڏؤنرا ڏيج ڏنائون
3 کهه مانڌاڻو مکڻي قوت جنين جو سائون
عمر تي جور ڪري جيلاهه راڄ اڳاهون
ڪافي
ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين هي ٻاروچل ٻانهي
1 جانب جهڙو جڳ ۾ ناهي ڪو ثاني
2 پنهل نيو پاڻ سين پورهيت پرٽياڻي
3 پورهيو ڪنديس پر جو ڀرينديس پاڻي
4 هوت مَ ڇڏيو هيڪلي ڀرينديس پاڻي
5 الا”عبداللطيف“ چئي ايندم آرياڻي
ڪافي
ٻانهي آهيان گولي شال نه نينهن نبيري
گولي آهيان ٻانهي جت زورآور جاني
1 حشر ڪري هليا سڃ ڀنڀور وبراني
دانهن لڳي ويئي ديري
2 قرب ڏيئي ڪهي هليا ماري هليا مستاني
چرڪ ڏيئي دل چيري
3 اديون عبداللطيف چئي ڏکي جئن جي ياراني
جان جلائن جيئري |