سامي
ڀائي چين راءِ بچو مل سامي:- (جنم سنبت 1800ع، مرتيو 1907ع،
شڪارپور جوويٺل هو. الله لوڪ شخص هو. سندس پيءُ
واپاري هو، مگر هن جي دل ساڌ - سنگت ڏانهن مائل
هئي. رياست بهاولپور جو هڪ ساڌو مينگهراج سامي،
هاٿي در جي ڀرسان اچي رهيو، جنهن کي پنهنجو گرو
ڪري ورتائين. ان کانپوءِ سندس دل جي دري کلي پئي ۽
شعر چوڻ لڳو. سندس ڪلام ويدانت جي اصولن تي ٻڌل
آهي.
شلوڪ
وڏي وڏائي ’سامي‘ ڄاڻ ڀڳت جي
نيچ اوچ ٿيا ڪيترا ڪري ڪمائي
ڍيڍ چمار جُلاها پيڃارا نائي
جنين لنؤ لائي سي سڀئي سڌريا
_____
محبت مست ڪري عاشق نيا اسگاهه
پرچي ڪيائون پانهنجو ’سامي‘ پٽ پري
پرين پاڻ ڀري ڏئي پيالو نُور جو
_____
من ماري مهين ڪر پريت پريان سان جوڙ
نيڻ پنهنجا نام سان خوشي منجهئون کوڙ
جن ميڙي لک ڪروڙ سي ڀڄن ريءَ ڀري ويا
_____
ويڙا سڀ لڏي سوربير سنسار مون
هاٿي گهوڙا پالڪيون لشڪر ڪوٽ ڇڏي
تون ويٺين گهر اڏي مٽيءَ جو مستان ٿي
_____
نڪا جوڳ جڳت نڪا مون ڀاء ڀڳت
نه ڪو ڄاڻان جپ تپ نه ڪا رکان رهت
’سامي‘ شيوا ٽهل جي مون ۾ ڪانهي مت
پاڻ رکندو پت اچي عيب ڀريءَ جي
_____
لکين جيءَ لڙهن ٿا اڻ هوندي درياهه ۾
چڱو ڄاڻي چت ۾ مورک ڪين مڙن
’سامي‘ ڪيئن ڇڙن جي ٻڌا ڪلپت پنهنجيءَ
_____
ويا پٽيندا ڪيترا منهن کي هٿ هڻي
تون نيندين ڪين ڪي ڪوڏي ساڻ کڻي
سار سنڀار ڌڻي ته سکي ٿئين ’سامي‘ چئي
_____
ڪلپت ڪيا خوار سڀئي جيءَ جهان جا
ويهي پنهنجي گهر ۾ ڪرن ڪين ويچار
_____
ڪوڙين ۾ ڪو هڪڙو هرجن رهي هشيار
ڪيو جنهن ديدار ’سامي‘ سپرين جو
_____
عاشق رهن غرق سدا پنهنجي حال ۾
جاڳي ڪڍيائون جيءَ مؤن ’سامي‘ چئه سڀ شڪ
ڏيئي ويٺا ٽڪ ڏهن درن کي هيڪڙو
_____
خليفو نبي بخش
خليفو نبي بخش لغاري قاسم: (ولادت 1777ع وفات 1863ع ) هو سنڌي ۽
سرائڪي جو هڪ قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پير
سائين پاڳاري حضرت محمد راشد رح روضي ڌڻيءَ جو
خليفو هو. سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو. سندس
ڪيڏارو گهڻو مشهور آهي. سندس ڪلام جي اهم خصوصيت
جوش ۽ جذبو آهي.
بيت
هتين چڪئين ڪاتئين وڙهيج ويرين ساڻ
پهرئين مارج پاڻ ته سوڀ مليئي سٿري
_____
جي تون ڀڄي آئيين تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ
ويهه ڪوڙائي ڪوڏ سين مادر جهولي مُڇ
جو ڏاڙهي پکيءَ پڇ سا کونڌ ته کاڏي اجري
_____
جي تون ڀڄي آئيين ته اوڏو مون نه اچ
تو ڳل ڏين ٻانهڙي ڪر کي لايان ڪچ
مون سهائي سچ ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون
_____
جي تون ڀڄي آئيين ته آئون تنهنجي ڀيڻ
نڪ تنهنجي نڪ ۾ وجهان ڏيئي ويڻ
تو ڏي کڻان نيڻ ته ڪر پسان پٽ کي
_____
پاکر اوڍ مَ تن کي آڏي جهل مَ اوٽ
ڪوڙين آڏا ڪوٽ ته پڻ ڪان قضا جو نه گئسي
_____
رڻ راوت رڪ ٽيئي پرتا پاڻ ۾
پيتائون پر ٿيا منجهان سيف سرڪ
تيموري ترڪ هاڃون ڪري هليا
_____
ڳائو ڳجهه نه کاءُ ماهئي ماس نه هيرئين
تنين کي واجهاءِ ڪلنگيون جن ڪاپار ۾
_____
ڳجهون ڳاڙهي وات مون لمندي ڏٺيون
جيڪس مانجهي مارئيا رڻ ۾ ٻين رات
پڪارون پرڀات ٻڌو ٻانهيارين جون
_____
جنين گهوري گهاتئين سندي پاڻي پڪ
تنين چوسي چڪ ڏان لڌائون ڏيڏريون
_____
جان جان جئين جڳ ۾ مڇي مور نه کاءُ
پلي سندي پريءَ کي هاريا هٿ مَ لاءِ
جنهن ۾ ککيءَ ساءُ اوڏو وڃ مَ ان کي
_____
گهاتو گهيريا مڇ مڇ نه گهيريو گهتوئين
تنين سندا رڇ جهلي رپ رهائيا
_____
گهاتو گهڙيا مَ وريا وڏي لڳين وير
تنين سندا سير اڀي نت نهاريان
_____
تُهه اَن مان نِڱئو تهه ۾ اَن اصل
پوکيو سو پيدا ٿيو ذرو ناهي نقل
ڦر مان سرجيو ڦُل ريءَ ڦُل نه سپجي
_____
ڪانو ابن ڪڻ جو ڪانو والد ڪڻ
ايءَ ڳالهه هنئين ساڻ هڻ ته ’قاسم‘ پيسين ڪل کي
_____
پنج ست ذاتيون پکڻا چوڏهن چار چون
قاسم‘ منجهان تن هيرو آندو هنجهڙي
‘
_____
بيدل فقير
فقير قادر بخش ”بيدل“ ولد ميان محمد حسن: (ولادت 1814ع- وفات
1842ع) روهڙي جو مشهور بزرگ ۽ صوفي شاعر هو. نثر
خواهه نظم ۾ سندس ڪافي تصنيفون آهن. سندس ڪلام
ادبي ۽ فني خوبين سان سينگاريل آهي.
بيت
مستي کي هم اُوست ۾ جنين گم ڪيو
تنين ترت پيو آڇوڙو اثبات جو
_____
حالت ۾ حلاج جي سموري آهه سور
مردن ۾ منصور ڪو ڪو لڀي ڪاٿهين
_____
حقيقت ۾ هڪ ٿيو اڇو ۽ ڪارو
نينهن هنيو نعرو هر مظهر ۾ هڪڙو
_____
اونهي هن اسرار جو کليو جن تي در
جاڏي ڪن نظر تاڏي پسن پرِ کي
_____
ڳولا ڪري جنهن جي ساڳيو تون سوئي
جي پروڙين پاڻ کي ناهين ٻيو ڪوئي
هي هو هڪوئي سڏ پڙاڏو سمجهه تون
_____
اچي ٿيو اثبات ۾ مشتاقن جو ماڳ
ربُوبي جو راڳ ڪن ريءَ سناسين سڻيو
_____
جي تون پيسين پاڻ کي ته جهل جو جام
هوءِ جا عبادت عام سا صوفي ڏوهه سنهڙو
_____
ڪافي
پکيئڙا ولر کان وڇڙيا وڃي اوکيءَ منجهه اڙيا
زهري زلف زوراور جا توکي دُهرا دام پيا
1. ڇو ٿو پنهنجا پَر پَٽين توکي پختا پيچ پيا
ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏيندين ڄار به نه ڇٽڻ جا
2. وارن جي وراڪن ۾ ڪيئن ڪامل قيد ٿيا
هت ڪاڪ ڪڪوريا ڪيترا هت ڪيئي ڍينگ ڍريا
3. مانڊن منڊيا ڪين ڪي ۽ جو ڳين ڪين جهليا
وهه رکن واسينگن وانگر آهن زهر ڀريا
4. چڻندي داڻا خال سندا توکي ڪل نه پيئي ڪا
هائي هئي هئي ٿو ڪرين جڏهن وار اٿئي وچڙيا
5. ”بيدل“ ڏنگ جهلياسين ڏاڍا آهن اوکيرا
هيبتي حيوان الاڙي اڃا ڪين مڙيا
ڪافي
آءُ آهيان اسرار عالم ليکي آدمي
1. عرشون اچي اتهين عشق ڪيس اظهار
2. ڪين هلي ٿي قرب ۾ دين ڪفر جي ڪار
3. ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا نور آهيان نروار
4. ”بيدل“ بندو ناهين تون آڻ اهو اعتبار
ڪافي
بيڪس ڪاڻ ڀنڀور ۾ آرياڻي تون اچيج
1. هيءَ جا تنهنجي آسري تنهن جي سار لهيج
2. نماڻيءِ جي نجهري پيهي حال پڇيج
3 . سوز عشق جو سپرين بهرو ڪو بخشيج
4. پنهون هٿئون پنهنجي وحدت وٽ وٽيج
5. لالن لائق پنهنجي وحدت ڪوهيارل ڪريج
6. محويت ڏي مون پرين ”بيدل“ کي منهن ڏيج
ڪافي
پربنءَ کان پروڙ هي پرايم جيڏيون
1. اندر اکيرو ڪيو سپريان جي سور
2. وحدت سندي واس کئون ملا ٿيا منصور
3. ڪوڙئين ڪان لڳا مون کي گهايس گُهور
4. ”بيدل“ عهد الست کئون محبت ڪيس مخمور
ڪافي
صورت جو سردار ڀلي ڪري آيو
وعدا پنهنجا سڀئي پاڙيا سهڻي يار سچار
اڱڻ اسان جي پير گهمايا مهر منجهئون منٺار
پاڻئون ڄاڻي پنهنجي پاڄيءَ جو غور ڪيو غمخوار
اچي اچانڪ سار لڌائين جانب جيءَ جيار
”بيدل“ اصلئون آهي وڪاڻل در تنهنجي دلدار
ڪافي
سر اِسرار حقيقي آهيان صورت ڪر انسان ميان وو
فرش اتي ٿو عبد سڏايان، عرش اتي رحمان
نوح واري اوتار ۾ ڪيڙم، عالم تي طوفان
جسم جي اولي ڏنم ڏيکالي، آهيان جان جهان
ذات صفات کان آهيان نيارو نڪو نانءُ نشان
”بيدل“ سير سڀوئي منهنجو لامڪان مڪان
ڪافي
سالڪن جي سر تي سدائي جوش جلالي اچي اچي
وحدت جي درياهه ۾ پلپل موج منصوري مچي مچي
رنگ ربوبيت واري ۾ روح رندن جو رچي رچي
اذ اتم الفقر فهوالله چيو سائين سچي سچي
حلاجي حالت ۾ يارو ”مان“ ”تون“ مول نه بچي بچي
انحد جي آواز سان ”بيدل“ لنؤ لنؤ نيهئون نچي نچي |