سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :5

 

شاعري

 

ساقي نامو

 

ساقيا، ڏي ڀري ڪو جام – شراب

ميٽڄي جيئن وڃن گناه ثواب

اھڙي مئي ڏي ھن زماني ۾

دل ڳري ۽ ھجي اکين ۾ آب.

 

معرفت جو شراب ڏي ساقي،

منھنجي ”مان مان“ وڃي رھان باقي.

ان طرح پاڻ کان ڏي آزادي،

جو فنا مان ملي بقا باقي.

 

ساقيا، ڏي شراب وحدت مان،

جي ڏسان ڪنھن ڏي مان تھ عبرت سان،

سير مون کي ڪرائي ڪثرت جو،

بيخودي بخش بحر – حيرت کان.

 

ساقيا، ھي شراب ڪين کپي،

تنھنجي وحدت جي مئي ملي مون کي،

ذوق ۽ شوق جو پيالو ڀر،

پنھنجي درگاه جي ڪتي کي ڏي.

 

ساقيا، ٽوڙ قيد – ھستيءَ کي،

آڻ شب و روز مون ڏي مستيءَ کي.

بيخبر ڪر ٻنھي جھانن کان،

ڪڍ بلندي کي توڙي پستي کي.

 

زندگي ٿي خراب، اي ساقي،

ٿيو نھ حاصل شراب، اي ساقي،

عشق جي مئي بغير جا گذري،

ھئي حياتي عذاب اي ساقي.

 

بيخودي جو شراب ڏي ساقي،

خود نمائي کي ڪر پري ساقي،

نيڪ يا بد بڻاءِ جيئن چاھين،

پنھنجي در جي غلام کي ساقي.

 

جام مئي جو پيار اي جاني،

دور ڪر دل جي ھي پريشاني،

عمر گذري ٻڍو ٿيس ساقي،

رات ڏينھن آھي بس پشيماني.

 

ڏي نھ ساقي شراب انگوري،

آھي ان کان اسان کي صد دوري،

لازوال آھي جام وحدت جو،

جنھن جي پيتي وڃي ٿي مھجوري.

 

ڏي ڪو مستي جو حال اي ساقي،

دور ٿئي قيل و قال اي ساقي،

ھي وظيفا ۽ ورد ڪين کپن،

گھرجي تنھنجو خيال اي ساقي.

 

مون کي شيشي جي جام ۾ مئي ڏي،

دم ۾ ساقي ھي درد ڇڏ لاھي،

ڀل ”براين جي ماءُ“ چئي زاھد،

سج نظر ڪين ايندو انڌي کي.

 

ساقيا، کول پنھنجو مئخانو،

ڏي ڀري مون کي منھنجو پئمانو،

مست بيخود ٿيان شراب چکي،

ھوڏ ھٺ کان وڃان ٿي بيگانو.

 

ساقيا، مون کي بڻايئي راز دار

ڪر خدا را خود نمائي کان بھ ڌار،

سڀ ڪو ڀل بيدين ۽ ملحد سڏي،

آھي دو عالم ۾ عاشق آشڪار.

 

ساقيا!  اڄ عيد ڪئي آھي اسان،

پنھنجو نالو پيش ٿيو ان جي اڳيان،

حاضري ٿي جنھن جي سا دل ٿي قبول،

عارفن مون کي ٻڌايو ھي بيان.

 

ساقيا، ڏي ان جي رمزن جو پتو،

جيڪو واٽھڙو فنا جڳ مان ٿيو،

ھڪ ۾ ھڪ بڻجي ھميشھ ھو رھيو،

ڄاڻندڙ ھڪ جي عيوض ڄاتو نھ ٻيو.

 

ساقيا ھن عشق کان آگاھ ڪر،

سور سان ۽ سوز سان ھمراھ ڪر،

بيڪس آھيان تنھنجي آڏو حال ڏس،

درد ۽ الفت جي مون کي شاه ڪر.

 

ساقيا، ڪر مات منھنجو ننگ نام،

مھر مان مون کي ڀري ڏي مئي جو جام،

ٻن جھانن ۾ رھان جيئن مست ٿي،

غرق ڪر وحدت جي وادي ۾ مدام.

 

ساقيا، ڏي جام مئي جو پر ڪري،

جنھن جي خوشبو سان طبيعت تر ٿئي،

يار جي دوري جو درد آھي گھڻو،

شمع جھڙي ديد سان دلبر ملي.

 

اٿ ھينئر محفل ۾ ھل ساقي سڌو،

گل جي موسم آھي ڇڏ سستي سگھو،

ھڪ مٿان ٻيو جام مئي گلفام جو،

ڪيترو ھن مند ۾ ڏئي ٿو مزو.

 

ٿي نھ ساقي محتسب کان خوفناڪ،

مئي مئل کي دل ڪندي ڇا ٺيڪ ٺاڪ،

ڏي پيالو زندگي جي آب مان،

جيئن رھان زنده ھميشھ زير – خاڪ.

 

جام مئي جو ساقيا پڌرو پيار،

زاھدن واري ريا کان آھي عار،

ڪوڙ يا ٻئي جي پچر کان مئي ڀلي،

پنھنجو منھن مئخاني ڏي ڪر آشڪار.

 

 

تار نامو

 

مان ٻڌايان ٿو ٻيو ھڪ داستان،

محو ٿين جنھن جي ٻڌڻ سان جسم جان.

 

يار فرمائي ٿو چئو ھڪ مثنوي،

راز وارا بيت ٿورا معنوي.

 

پاڻ اشارو ٿو ڪري ھو پاڻ کي،

ان جي ڳجھھ جي ڳالھھ ڪر سستي ڇڏي.

 

پاڻ ٿو ٻولي نٿا ٻوليون اسان،

پاڻ ٿو ڳولي نٿا ڳوليون اسان.

 

جيئن ويس ھڪ رات جو مئخاني ڏي،

اوچتو پئي ديد ھڪ ديواني تي.

 

ھئي ھٿن ۾ کيس ھڪ سھڻي ستار،

جنھن جي نغمن ۾ ھيو ھو مست يار.

 

مست ھو مدھوش ھو رقصان ھيو،

بيخوديءَ جي ماڳ تي بيجان ھيو.

 

پئجي ويو گردش ۾ ميخانو سڄو،

مون کي ھن ”ھئي ھئي“ ڪري ڀاڪر وڌو.

 

ويجھڙو جيئن جو ڪيائين پاڻ سان،

محو ٿيا ان وقت منھنجا جسم و جان.

 

جان و دل کي اھڙي مستي ٿي عطا،

دين دنيا جا سڀئي ڀولا لٿا.

 

پنھنجي آڱر سان وڄايائين ستار،

راڳ سان مون کي ڪيائين بيقرار.

 

ڌوڙ منھن کي ملي دستار وئي،

ٿيو گريبان چاڪ ۽ سڌ سار وئي.

 

مون کي ان حالت ۾ آندو ھن صدا،

جو گھڙي کن حوصلا ٿي ويا خطا.

 

بعد مدت جيئن جو آيس ھوش ۾،

اوچتو ٻيھر بھ آيس جوش ۾.

 

تار کان ھي حال ورتم سربسر:

”ڪيئن سياڻن کي ڪرين ٿي بي خبر.“

 

ھيترو ھي درد ڪنھن کان تو وٽيو،

يا تھ ڪنھن آڱر ھڻي توکي ڦٽيو.

 

مون کي بيخود ٿي ڪري تنھنجي صدا،

دل کي سؤ موجون ٿي بخشي برملا.

 

تنھنجو ھر آواز مستي ٿو ڏئي،

ڪنھن کي تنھنجو ڳجھھ نٿو حاصل ٿئي.

 

رقص ۾ آواز آڻي ٿو ڪڏھن،

لامڪان تائين اماڻي ٿو ڪڏھن.

 

تنھنجي رڙ ماتم مچائي ٿي ڪڏھن،

دانھن ديوانو بنائي ٿي ڪڏھن.

 

ساري محفل کي چريو چٽ ٿي ڪرين،

دور دانائي کي جھٽ پٽ ٿي ڪرين.

 

دل ۾ درد و غم وڌائي ٿي ڇڏين،

ھت قلم جو سر ڪٽائي ٿي ڇڏين.

 

ڪاش توسان ڪم پيو آخر اچي،

جابجا مون سان رکين شل دوستي.

 

اڳ ۾ ئي جيئن تنھنجو واڄو ٿو وڄي،

غير جو ھر وھم دل تان ٿو کڄي.

 

ننگ ۽ ناموس واري ٿي ڇڏين،

جام مئي مان جيئن پياري ٿي ڇڏين.

 

جس ھجيئي تون ٿي وڌائين حال کي،

مرحبا تون ٿي مٽائين قال کي.

 

ھيءَ صدا تنھنجي پريشان ٿي ڪري،

ڇا پريشان بلڪ بي جان ٿي ڪري.

 

ڏي ٿي دل جي ديڳ کي جولان جوش،

ٿي کڻي صبر و قرار آرام ھوش.

 

منھنجي دل ورد و وظائف کي ڀڳي،

جيئن  وٽس تنھنجو ترانو ويو رسي.

 

ڪنھن وٽان مون لاءِ آندئي ورد کي،

تنھنجي رڙ ٿي جان و تن ڳاري ڇڏي.

 

دوستي ھاڻي ٿي توسان ڏينھن رات،

منھنجي دل مان دور ٿي غيرن جي تات.

 

ھن جڳھھ تي تنھنجي آمد ٿي ڪٿان،

آئي آھين ڪنھن مٿاھين ملڪ تان؟

 

ماجرا ماضيءَ جي سڀ مون کي ٻڌاءِ“

صاف ڏس اڳ ۾ ڪٿي ھئي تنھنجي جاءِ؟

 

ڪھڙي حالت توتي نازل ٿي وئي،

تنھنجي رڙ مون لاءِ قاتل ٿي وئي.

 

تون ھلي آئين غمن جي ملڪ تان

يا وري عشاق جي مجلس منجھان؟

 

ڪنھن پريشان حال ماڻھوءَ کي ڏٺئي،

يا ڪو گفتو عارفن وارو ٻڌئي؟

 

تن جي حالت کي ڏسي پر درد ٿئن،

درد ان جي ۾ برابر فرد ٿئن؟

 

تار تنھن دم رڙ ڪري ڪئي قيل و قال:

”ٻڌ تھ مان توکي ٻڌايان پنھنجو حال.

 

کاڻ اڳ ۾ مان ھيس پٿرن ۾ پال،

ڪٽ چڙھيل بي رنگ ڌاتوءَ جي مثال.

 

پيرسن استاد آخر اوچتو،

مون کي پٿرن مان ڪڍي ٻاھر ڪيو.

 

پاڻ پالڻ لئي جبل جي پاڙ مان،

مون کي ھت آندائين منھنجي ملڪ تان.

 

پوءِ کوري ۾ وڌائين اي جوان،

غير جيڪي ھو ڪڍيائين مون منجھان.

 

ات رجي ۽ خشڪ ٿيس آڙاھ ۾،

شڪل ڪرسيءَ جھڙي ورتم باھ ۾.

 

لوھرن جي ھٿ ۾ آيس ھڪ ڄڻي،

آگ ۾ اڇليو ٿي جن ھر ھر کڻي.

 

پئي جليس ڪيئي ڏھاڙا باھ ۾،

مار کاڌي مون گھڻي آڙاھ ۾.

 

ڌڪ ڌڪن تي صبر سان مون پئي سٺا،

موچڙا اھڙا نھ ڪنھن ٻئي کي لڳا.

 

اڳ جبل ۾ ٿولھھ مون کي ھئي گھڻي،

ھت اچي ھيڻي ٿيس ڄاڻي ڌڻي.

 

گوشمالين ۽ ڌڪن ۾ دائما،

حال کان نڪتس ھزارين ڦٽ ٿيا.

 

پوءِ ٻرندڙ باھ مان ٻاھر ڪڍي،

اڻ ڳڻيا ڌڪ مون کي ماريائون وري.

 

ڪيترن ماڳن تي ٿيو منھنجو مڪان،

پر نھ ڪا ٻولي ٻڌي ڪنھن مون وٽان.

 

پوءِ ھر پاڪيزه تن ڌوڻي ڌڪي،

نيٺ ھن صورت ۾ آندائون ڇڪي.

 

ھاءِ ھن کان اڳ ۾ سؤ حدما سٺم،

زخم کاڌم، ڌڪ جھليم ۽ غم ڏٺم.

 

بار غم جا پئي سٺا مون بار بار،

جيستائين پنھنجي ھٿ ۾ آندو يار.

 

مون ھزارن ڏک ڏٺا آھن جڏھن،

يار جي ھٿ ۾ پڳي آھيان تڏھن.

 

يار جي ھٿ ۾ رسڻ جو ٿيو سبب،

جيڪو مون کي ٿو وڄائي روز شب.

 

ھٿ ۾ آندائين حياتي ٿي عطا،

منھنجي جان آھي سندس ھٿ ۾ سدا.

 

در حقيقت مون ۾ ھئي سختي گھڻي،

ھن جي ھٿ، اي مھربان، نرمي ڏني.

 

ھو ٿو ڳائي ۽ وڄائي، مان ڪٿي!

ھو ٿو چوري ۽ چوائي، مان ڪٿي!

 

حال کان بي حال ٿي آھيان جڏھن،

ٻين کي بيخود ٿي بڻايان مان تڏھن.

 

ھڪ ڏھاڙي پور پيو استاد کي،

درد پھچايان ڪو ھن بي درد کي.

 

جڳ ۾ ھر ھڪ جنس جو نر ماد آ،

ھيءَ اڪيلي ڇو سدا ناشاد آ.

 

کيس ساٿي ڏيان تھ ھم صحبت ٿين،

پاڻ ۾ گڏجي غم ۽ راحت وٺن.

 

حال محرم پاڻ ۾ ھردم ھجن،

يڪ تن و يڪ جان ۽ ھمدم ھجن.

 

مون بھ ويچاريو تھ راحت ناھ ڪا،

ويو پکڙجي درد مون کان جا بجا.

 

ھاءِ جن کان رنج و غم مون کي رسيو،

عيش ۽ آرام جن مون کان کسيو.

 

ھڪ سڪل وڻ مان انھن ڪاٺي ڪپي،

جنھن کي ڇلجڻ ۾ گھڻي زحمت رسي.

 

اڳ ۾ سا چيري ڪيائون چاڪ چاڪ،

پوءِ وري ويھي ڳنڍيائون ڦاڪ ڦاڪ.

 

پيٽ ڦاڙيائونس ٿي سالم صفا،

غير کان ٿي وئي سندس رڳ رڳ رھا.

 

سل ڪڍي ميخون ھنيائون ان ۾ کوڙ،

قرب سان قابو ڪيائون جوڙ جوڙ.

 

ان جي رڳ رڳ جي مٿان ميخون ھڻي،

رنج و غم وارو قدم ويٺا کڻي.

 

ھڪ ٻھ ڇا ان کي مليون سؤ زندگيون،

حال ڄاڻن ٿيون دليون عشاق جون.

 

ان جي خالي پيٽ اندر پيو شراب،

ويجھڙي ٿي يار وٽ کائي عذاب.

 

ان ۾ اوتي عشق واري مئي گھڻي،

منھنجي خاطر جاءِ جوڙيائون کڻي.

 

منھنجي غم سان ھن جو غم ھمراز ھو،

ٻن دلين جي درد جو آغاز ٿيو.

 

ھاءِ ھن کان اڳ ۾ کاڌم غم ھزار،

مون تي ھر ڪنھن ڪئي ٿي ھئي ھئي بار بار.

 

پوءِ ھڪ غمناڪ سان گڏجي رھيس،

درد جي درياھ ۾ داخل ٿيس.

 

ھم وطن بڻجي ٿياسون ھم ڪنار،

پاڻ ۾ گڏجي رھياسون رازدار.

 

منھنجي ھن جي دوستي ٿي وئي گھڻي،

مان ٿيس مجنون تھ ھوءَ ليليٰ بڻي.

 

مان ۽ ھو گڏجي رھيون سين آس پاس،

پئي نھ ميلي ۽ مڇوڙي جي شناس.

 

منھنجو توڙي ھن جو نالو گم ٿيو،

مان ڪٿي ۽ ھو ڪٿي ھر ڪو ويو.

 

ٻئي گڏيون سين پاڻ ۾ آرام ويو،

ڪاٺ ۽ فولاد وارو نام ويو.

 

ھر ڪو طنبوري جو نالو ٿو وٺي،

ٻن منجھان ھڪ، ھڪ منجھان ٿو ھل ٿئي،

 

اڳ ھو ٻاتو پوءِ ٻوليندڙ ٿيو،

ھر ڪو عاشق ٿيو سندس آواز جو.

 

گڏ رھياسون غمزده ٻئي غمگسار،

پاڻ ھڪ ٿي وياسون آشڪار.

 

ھو ڪٿي ھئي ۽ ڪٿي منھنجو مڪان،

مان جبل جي پاڙ مان ھوءَ جھنگ مان.

 

مان ۽ ھوءَ آيونسين ڪھڙيءَ جاءِ تان،

ھت پتو ناھي پڳيون آھيون ڪٿان.

 

پاڻ ۾ الفت رکيسون دم بدم،

نينھن جي ناتي ڪيو پنھنجو ھي ڪم.

 

ٻن منجھان ھڪ تن ٿيو ويراڳ ۾،

وحده واحد ٿو ٻولي راڳ ۾.

 

ڇا خبر آواز ھي آيو ڪٿان،

مون وٽان آھي يا ان ڪاٺي وٽان؟

 

پيو پتو آخر تھ ان ۾ راز آه،

منھنجو يا ڪاٺيءَ جو ھي آواز ناه.

 

منھنجو ناھي يار جو آواز آه،

ھو وڄائي ٿو ھي سکڻو ساز آه.

 

يار جي ھٿ ۾ اچان ٿي بار بار،

سؤ صدائون ٿي ڪيان اي آشڪار.“

 

تار طنبوري جي بخشيو ھي فراق،

دل ۾ يارن لئي وڌي ويو اشتياق.

 

سچ تھ مون سان تار اھڙي ڪار ڪئي،

ڪفر ۽ اسلام ۾ سڌ سار وئي.

 

تار جو اھڙو اثر ٿيو مون مٿان،

جيڪو ٻڌندو دل وڃائيندو ھٿان.

 

جان و تن ڳاري ڪيائين دل ڪباب،

تار آندو شوق وارو اک ۾ آب.

 

تار کان دل ۾ سوين موجون چڙھيون،

سر تي سورن جون سوين فوجون چڙھيون.

 

تار سان دل ميڻ وانگر نرم ٿي،

جان و تن ويا سوز ۾ سرگرم ٿي.

 

تار دل کي ميڻ جيئن ماري ڇڏيو،

جسم توڙي جان کي ڳاري ڇڏيو.

 

تار چانديءَ مثل دل ڪئي پاڪ صاف،

روز شب پئي ٿي ڪري پنھنجو طواف.

 

تار سان غم جون سوين موجون چڙھيون،

دل تي غمزن جون سوين فوجون چڙھيون.

 

ديڳ دل واري تپائي تار وئي،

عقل و دانش کي گھٽائي تار وئي.

 

تار منھنجي تن جي قاتل ٿي پئي،

ان جي دانھن تي چري دل ٿي پئي.

 

تار آندو مون تي بي حاليءَ جو حال،

بعضي ليليٰ بعضي مجنون جو مثال.

 

ڪل نٿي پئي ڪنھن جو ھي آواز آ،

ڪجھھ تھ سوچ ۽ سمجھھ، ڪھڙو راز آ.

 

مست و بيخود ٿي بنائي ھيءَ صدا،

ھوڏ ھستي ٿي ھٽائي ھيءَ صدا.

 

ھيءَ صدا ڪيئن ٿي ڪري بي اختيار،

ٻن اکين مان ٿا وھن ڳوڙھن جا نار.

 

ھن صدا ۾ سوز ساڙو سور آ،

سر بسر منصور جو مذڪور آ.

 

عارفن لئي ھيءَ صدا بھتر بڻي،

جيڪي سوريءَ تي وڃن ٿا سر کڻي.

 

ھيءَ صدا سوري چڙھائي ٿي ڇڏي،

دم انالحق جو ھڻائي ٿي ڇڏي.

 

ھيءَ صدا ڳالھيون ڪري ٿي عشق جون،

عاشقن تي جي اچن ٿيون آفتيون.

 

تار جي رڙ جوش ۽ جولان ڏنو،

ٻن اکين ۾ موجزن طوفان ڏنو.

 

تار جي رڙ درد لائي ٿي ڇڏي،

دربدر ناچو بنائي ٿي ڇڏي.

 

تار جي ھي رڙ رسائي ٿي اتي،

جسم سان گڏ جان ٿئي ٿي گم جتي.

 

تار جي رڙ کان مليا غم بيشمار،

رنج کائي گنج ورتم بار بار.

 

تار جي رڙ کان ملن ٿا غم ھزار،

رمز ڄاڻيندڙ ئي ٿيندو رازدار.

 

تار جي رڙ سان ھليو آرام ويو،

ڪفر ويو ۽ دين ويو، اسلام ويو.

 

تار جي رڙ آھ دردن جي دوا،

ڪنھن يگاني کي ئي پوندي ڪل اھا.

 

تار جي رڙ سان ٿو اوريان پنھنجو حال،

زھر غم جو ٿو پيان شربت مثال.

 

تار جي رڙ کان عطا ٿي بيخودي،

ھي خودي گم ٿي تھ آئي ھو خودي.

 

جو خودي کان مرد زنده ٿو رھي،

توڙي بندو آھ شاھي ٿو ڪري.

 

تار چئي ٿي مون تھ ڪجھھ ناھي ڏٺو،

ڪو پتو ناھي انھي آواز جو.

 

ھي وڄائيندڙ جي ھٿ ۾ آھ ڪار،

يار کي پيغام ڏئي ٿو پاڻ يار.

 

جيئن وڄائيندڙ چوي ٿو مون کي چئو،

تيئن چوان ٿي من چڱو توڙي مٺو.

 

ڪير آھي جيڪو دانھون ٿو ڪري،

ھجر ۽ غم کان آجو آھون ٿو ڪري.

 

ڪو پتو ناھي اچي ٿي رڙ ڪٿان،

مون کي حيرت ٿي اچي مان ڇا چوان.

 

ھن سبب مون کي تعجب ۾ وڌو،

منھنجو ڪو آھي وڄائيندڙ ٻيو.

 

مان ھجان جيڪر تھ ٻئي کي پڻ ڏسان،

جيڪو ڳائي ٿو اھو آھي نھ مان.

 

جيئن مٿي تي ھٿ رکي ٿو منھنجو يار،

سؤ صدائون ٿي وڃن ٿيون آشڪار.

 

جيستائين يار جو ھٿ ھو پري،

رڙ نٿي نڪتي رھيس ٿي چپ ڪري.

 

ڪي ڏھاڙا توڙي کوري ۾ رھيس،

ٻڙڪ ٻولڻ کان سواءِ ان ۾ جليس.

 

حرف مون کان ڪين نڪتو ھاءِ ھاءِ،

دم کڻڻ جي ڪين ھئي مون لاءِ جاءِ.

 

وصل ۾ افسوس ايڏو اشتياق،

حيرت آھي ڪيئن تھ آڻي ٿو فراق.

 

وصل سان ٿئي ٿو وڇوڙو ڪيئن ڪٺو،

حيرت آھي درد ھي ڪھڙو ٿيو.

 

ھجر ۾ آواز ھرگز ڪين ھو،

ڪو ادب ۽ ناز ھرگز ڪين ھو.

 

پوءِ ڇا لئي وصل ۾ چيخ و پڪار،

درد جون دانھون ٿين ٿيون بيشمار.

 

مئي جي منشا ۾ لڪل آھي نشو،

ان جو آواز آھي ناھي ساز جو.

 

پير پنھنجي کان پڇيم آخر خبر،

جيڪو کولي ٿو ٻڌائي دل جو در:

 

وصل ۾ ڇا لئي وڇوڙي جي پڪار،

جا بڻائي ٿي ڇڏي بي اختيار.

 

”وصل بڻجي ويو وڇوڙو ڇا سبب،

ڇو وڇوڙو ٿيو وصال آھي عجب؟“

 

پاڻ فرمايائين ”ظاھر ڇا ڳجھو،

تون نھ آھين آھي ھو ڄاڻين نٿو.

 

غور ڪر خاموش ٿي مون ڏي نھار،

دل جي ڪن سان ڳالھھ ٻڌ اي آشڪار.

 

تار مان آواز ڪافي ٿو اچي،

پر نٿو سڀڪو سڃاڻي راز کي.

 

جسم طنبورو تھ تار آھي زبان،

ٿي ڪري اسرار مولا جا عيان.

 

قلب طنبورو ٿيو ۽ تار جان،

آھي ڪاريگر جي آڱر جو بيان“

 

تار جي ساري حقيقت ٿي تمام،

ماٺ ۾ آئي زبان بس والسلا.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org