سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :14

 

قال بھتر آھي پر ويساهھ سان،

حال ۾ آڻي ٿو جيڪو راهھ سان.

 

اصل ۾ ھي قال سارو حال آهھ،

مون سليو توسان سچو احوال آهھ.

 

بد دعا توڙي دعا جي ڇڏ پچر،

حق جي رستي مان رڪاوٽ دور ڪر.

 

خلق ڇڪجي ٿي اچي ويساهھ ۾،

روڪ بڻجي ٿي طلب جي راهھ ۾.

 

جيئن دعا تنھنجي ٿئي ٿي مستجاب،

تيئن تڪبّر ٿو ڪري توکي خراب.

 

ڇو وڌائين ٿو وڏائي جو خيال،

ڇڏ خودي کي بيخودي کي ڪر بحال.

 

ڄاڻ تون علت اھا ابليس جي،

لعنتي جيڪو بڻيو خود کي ڏسي.

 

ھي خدا جي راھ ناھي ھوش ڪر،

صرف سالڪ ٿا رکن اھڙي خبر.

 

ھڪ وجود آھي گھڻا ھرگز نھ ڄاڻ،

دور ڪر سڀ وھم وحدت کي سڃاڻ.

 

غير ناھي ڪوبھ موسيٰ کان سوا،

صرف ھڪڙي ذات آھي جا بجا.

 

اھل وحدت ٿا چون توري تڪي،

جنھن جي ھستي ناھي سو آھي ڪٿي؟

 

جيڪي آھي سو فقط الله آھ،

ھر جڳھھ تي پاڻ بيپرواھ آھ.

 

غير سمجھي تون متان کائين خطا،

صرف ھڪڙي ذات آھي جا بجا.

 

ھي غلط رستو خطا جي راهھ آهھ،

جو بھ موجود آھي سو الله آهھ.

 

جي نھ اھڙي ڳالھھ کي تون سمجھندين،

ڪيئن خدا جي ذات کي حاصل ڪندين؟

 

پاڻ ڏي ڏسبو تھ ڪيئن پسبو خدا،

پاڻ کي ڇڏبو تھ پوءِ ڏسبو خدا.

 

جنھن ۾ آھي عشق سان دل آھي دل،

عشق جنھن ۾ ناھي سا دل آھي گل.

 

جنھن کي دل ۾ دلربا جو درد ناھ،

تنھن کي دل ڪانھي اھو خود مرد ناھ.

 

درد سان جيڪا بھ دل آباد آھ،

ٻن جھانن ۾ اھا دل شاد آھ.

 

جنھن بھ دل ۾ درد جا ديرا لڳا،

دين و دنيا کان مٿي آھي اھا.

 

عشق واري راھ کان پاسو نھ ڪر،

جيئن ٿئين دارين ۾ تون بھره ور.

 

عشق جي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي،

شان شاھن سان ملائي ٿو ڇڏي.

 

درد واري دل ھميشھ شاد آھ،

ڇو جو دنيا کان صفا آزاد آھ.

 

جنھن بھ دل ۾ عشق پنھنجو گھر ڪيو،

تنھن وڃايو وسوسو ھر ڳالھھ جو.

 

دل بھ ھڪ آھي تھ ھڪ آھي خدا،

عشق پڻ ھڪ آھي بيشڪ جابجا.

 

جنھن جي دل ۾ عشق پنھنجو گھر ڪيو،

سو سدا ثابت قدم محڪم ٿيو.

 

ٻن جھانن ۾ خدا جي راز کي،

دل جي آڏو عشق ظاھر ٿو ڪري.

 

پاڻ پرواني جي پر ڪر اختيار،

حسن واري شمع تان ٿي وڃ نثار.

 

عشق ڌاران دل کي ويران ڄاڻجي،

خاڪ ۽ پاڻيءَ جو سامان ڄاڻجي.

 

عشق ريءَ اي دل سھين ٿي تون عذاب،

بي سبب بڻجين ٿي بيگاني خراب.

 

عشق جي تاثير سان آباد ٿي،

وٺ حياتي، موت کان آزاد ٿي.

 

دل مئل آھي، جي ان ۾ ناھي درد،

عشق وارن جو رھي ٿو رنگ زرد.

 

درد ڏئي ٿو دل کي پنھنجي روشني،

ان جي گلشن ۾ رھي ٿي تازگي.

 

دل ھيمشھ عشق سان آھي حيات،

عشق آھي سربسز موليٰ جي ذات.

 

جنھن بھ دل ۾ عشق جي غم گھر ڪيو،

اھي ان ۾ خاص گھر الله جو.

 

جنھن بھ دل ۾ ناھي ديرو درد جو،

سا سڙي دل آھي بتخانو وڏو.

 

جنھن ٽٽل دل جا گھڻا ٽڪرا ٿيا،

تنھنجي خيمي ۾ گھلي حق جي ھوا.

 

ھر ٽٽل شيءِ آھي بيڪار ۽ خراب،

پر ٽٽل دل سان نھ آھي ھي حساب.

 

ھت  ٽٽل دل کي وٺن ٿا چاھ سان،

ھٿ ڦٽيل دل سانڍجي ٿي ساھ سان.

 

جو وٺي ٿو دل اھا سو يار آھ،

ھر دو عالم ۾ سندس ديدار آھ.

 

جو الاھي عشق سان مخمور ٿيو،

کوٽ توڙي واڌ کان سو دور ٿيو.

 

اوچتو ان کان ڇٽي وئي قيل قال،

حال جو غلبو ٿيو ان تي بحال.

 

عشق جي ھستي سندس ھستي لٽي،

بيخودي ۾ پاڻ کان ھو ويو ڇٽي.

 

ڪي گھڙيون بڻجي وڃي ٿو بيزبان،

ڪي گھڙيون ازخود رھي ٿو خوش بيان.

 

عاجزي م پاڻ کي آڻي ڪڏھن،

بينيازي جا مزا ماڻي ڪڏھن.

 

درد مان دانھون ڪري ٿو ھو ڪڏھن،

چپ رھي ٿو فڪر ۾ قابو ڪڏھن.

 

پاڻ بعضي آھ زاري ٿو ڪري،

مرڪندي بعضي بھاري ٿو ڪري.

 

ڪا گھڙي نازڪ نچي ٿو ناز سان،

ڪا گھڙي ويھي رھي ٿو راز سان.

 

ھو ڪڏھن ننگو ڪڏھن پائي لباس،

ڪنھن کي ناھي ان جي رمزن جي شناس.

 

ھو ڪڏھن بازار ۾ جلوا ڪري،

ھو ڪڏھن توحيد جون رمزون ڏسي.

 

ھو ڪڏھن ويراڳ جي محفل ڪري،

ھو ڪڏھن سڀ سان ڪڏھن سڀ کان پري.

 

پاڻ صدقي ٿو ڪري جامو ڪڏھن،

خود ھڻي ٿو دم اناالحق جو ڪڏھن.

 

ھو ڪڏھن عبرت ڪڏھن حيرت ۾ آھ،

ھو ڪڏھن الفت ڪڏھن عزت ۾ آھ.

 

ھر طرح ھر حال ۾ ھادي سچو،

ھيئن ڪڏھن ۽ ھونئن ڪڏھن آھي اھو.

 

ھي ”خدائي“ ٿيو غلامن جو غلام،

صبر سان ويھي چوي ٿو ھي ڪلام.

 

پنھنجي ھستي کي پري ڪر پاڻ کان،

خود بخود ھرگز نھ ڪر ظاھر بيان.

 

پاڻ جاري ٿو ڪري ھر گفتگو،

ھر جڳھھ تي يار آھي روبرو.

 

جيڪڏھن تون جاڻندين پنھنجو وجود،

جھٽ خدا سان گڏ، وساريندين سجود.

 

نفي ۽ اثبات سان آھي وجود،

حق جي سجدو ٿيو تھ پوءِ ناھي وجود.

 

ھر طرح ھر حال ۾ سالڪ سچو،

ڪنھن کي موليٰ کان سواءِ چاھي نٿو.

 

جنھن کي موليٰ جي طلب ھوندي مدام،

سو نھ ڳوليندو شرارت جو مقام.

 

عام خاطر اسم سان گڏ جسم آھ،

خاص خاطر جسم ڪونھي اسم آھ.

 

جسم تن جو گم رھيو ڄاڻي خدا،

عشق بچيو باقي سڀ ڪجھھ ٿيو فنا.

 

گل منجھان تن گل حقيقي ھٿ ڪيا،

خاڪ جو بوتو ڇڏي روشن ٿيا،

 

کول دل واريون اکيون دلدار ڏس،

ھر طرح ھر رنگ ۾ ھڪ يار ڏس.

 

تو وڃايو آھي پنھنجي ڄاڻ کي،

غير ڪوٺين ٿو تڏھن تون پاڻ کي.

 

جابجا جلوه نما الله آھ،

ظاھر ۽ باطن خدا ھمراھ آھ.

 

تنھجي ٽيڏي اک ڏسي ٿي عام رنگ،

اسپ، اٺ، ھاٿي جو ظاھر آھي زنگ.

 

اڳ ۾ رک علم اليقين سان واسطو،

پوءِ اچ عين اليقين ڏي تون سگھو.

 

تون جڏھن حق اليقين حاصل ڪندين،

ڪاميابي سان مٿي منزل ڪندين.

 

جابجا توکي اچي جو ڪجھھ نظر،

آھي سو الله تون ويساھ ڪر.

 

حق بنا ڪنھن ڏي نھ ڏس ڪجھھ ھوش ڪر،

رک مٿي ڪونين کان پنھنجي نظر.

 

حق بنا ڪا شيءِ نھ ڏس ڪر اعتبار،

جابجا آھي اھوئي آشڪار.

 

جو ڪندو انڪار سو ٿيندو خراب،

باھ دوزخ جي ۾ کائيندو عذاب.

 

”مان اسان“ جي قيد ۾ جيڪو پيو،

باھ دوزخ جي ۾ سو داخل ٿيو.

 

ھن حقيقت کان نھ جو واقف ٿيو،

ڪين ٿيندو ان جو اعليٰ مرتبو.

 

راھ موليٰ جي سڌي ڏس اک پٽي،

مک بھ ٿيندي مٽ ڪڏھن شھباز جي.

 

ڇڏ کڻي اي دل عبث گفتار کي،

ھٿ ڪري وٺ يار جي اسرار کي.

 

دور ڪري اي دل صفا نيڪي بدي،

حق جي طرفان ھٿ ڪري وٺ رھبري.

 

ھر طرح حرص ۽ ھوس کي دور ڪر،

بدنظر ڪنھن تي نھ وجھھ اي بيخبر!

 

ڪر ڦٽا اي دل سڀئي وھم ۽ گمان،

توکي جيئن حاصل ٿئي حق جو نشان.

 

جيستائين پاڻ کان ٿيندين نھ ڌار،

تيستائين ڪين ملندو توکي يار.

 

جي ڇڏيندين پنھنجي ھستي جي پچر،

جابجا توکي سڄڻ ايندو نظر.

 

عاجزي ڌاران نھ آھي ڪا ڳلي،

عاجزي سان ئي ٺھي ٿي بندگي.

 

حق جي رستي ۾ کپي ٿي عاجزي،

جنھن بنا آھي صفا بيھودگي.

 

بيڪس  ۽ مسڪين عاجز ٿي گذار،

ھي سچو گفتو ٻڌي ڪر اعتبار.

 

ڪر غريبي بيڪسي کي اختيار،

پنھنجي موليٰ ساڻ ويجھو ٿي گذار.

 

ھوڏ ھستي ۽ حسد جي ڇڏ پچر،

پيءُ چڪو وحدت جي مئي جو جلد ڪر.

 

جو جڳائي توکي، سو ڪم ڪار ڪر،

رک الستي عھد پنھنجي تي نظر.

 

انڪساري ڪر خودي کان رھ پري،

حق جي رستي ۾ ڦٽو ڪر پاڻ کي.

 

عمر پنھنجي انڪساري سان گذار،

بندگي سان زندگي پنھنجي سنوار.

 

زندگي ڇا جنھن ۾ ان جي درد ناھ،

درد ريءَ دارين ۾ ڪو مرد ناھ.

 

درد حق جي کان سواءِ ڇا زندگي،

آھي اھڙي زندگي شرمندگي.

 

پاڻ ڀانئڻ سان ڦري ويندئي خيال،

بڻجي ويندين ڪافر ۽ مرتد مثال.

 

پر جي ايندي بيخودي جي راھ ۾،

پھچندين الله جي درگاھ ۾.

 

جو يگانو ٿي ڪندو حق جي طلب،

درد جون دانھون ڪندو سو روز شب.

 

خود بخود حق پاڪ ٿيو توحيد ۾،

چست ۽ چالاڪ ٿيو تجريد ۾.

 

واقفي جنھن جي رھي توحيد ۾،

سو ڀڳو تجريد مان تفريد ۾.

 

مرد بڻجي پاڻ جيڪي ٿيا فنا،

تن مٺي محبوب جو ماڻيو لقا.

 

مرد آھين تون تھ بڻجي رھ نھ زال،

پاڻ کان پاسي رھي ٿي بيمثال.

 

مان نھ آھيان، مان نھ آھيان بيگمان،

جو ڪجھھ آھيان ڪجھھ بھ ناھيان ڪير مان؟

 

ھر طرح سان يار جو ديدار آھ،

خالق ۽ مخلوق سڀ ڪجھھ يار آھ.

 

خالق ۽ مخلوق ھڪڙي ڳالھھ ڄاڻ،

ناھي تن جي وچ ۾ ڪو ٻيو شڪ نھ آڻ.

 

فرق ناھي وار جي ھڪ تار جو،

ھر طرح بندو خدا سان ھڪ ٿيو.

 

وٺ خدائي ۽ سچو وارو مثال،

آھي ساڳي شيءِ وڇوڙو ۽ وصال.

 

ذڪر ڪر اي يار ذاتي ذڪر ڪر،

ذڪر سان ھر وقت ويھي فڪر ڪر.

 

نيٺ ذڪر ۽ فڪر ويندا بند ٿي،

دل وظيفن تان صفا ويندي کڄي.

 

پاڻ ھر شيءِ تان ھٽي ويندو خيال،

حال رھندو ڪين رھندي قيل قال.

 

واردات آھي عجب ھن حال جي،

ھوش بعضي آھي بعضي بيخودي.

 

منزلون ماري ڇڏي ٿو ھي خيال،

خاڪ ۽ پاڻي تي آڻي ٿو زوال.

 

سڀ اٿڻ ويھڻ رھي ٿو يار سان،

دور ڪرڻو آھي پردو پاڻ کان.

 

رھ بقا ۾ يار پنھنجي سان سدا،

پر فنا ۾ پڻ نھ ٿي ان کان جدا.

 

نفس سان جيڪو ڪندين نيڪي جو ڪم،

ليکبو بيجا، ڪڌو تنھنجو سو ڪم.

 

يار سان گڏجي ڪندين جو ڪم ڪڌو،

ڪم چڱائي جو اھوئي ليکبو.

 

نيڪ بد کي پنھنجي طرفان تون نھ ڄاڻ،

حق جي طرفان ئي ٻنھي کي سمجھھ پاڻ.

 

ڄاڻ ھر نيڪي بدي الله کان،

سڀ ڪي ٿئي ٿو صرف ان جي حڪم سان.

 

ڄاڻ حق سان ھر ڪني ڪم کي چڱو،

حق بنا ٿئي ٿو چڱو ڪم پڻ ڪنو.

 

راز مخفي يار جو ظاھر ڪيم،

پنھنجي طرفان ڪين ڪجھھ ھرگز چيم.

 

ٻڌ سخن ۾ راز کي کولي ٿو پاڻ،

ھي خدائي ناھي خود ٻولي ٿو پاڻ.

 

جي پڇين مون کان تھ تون قدري نھ ٿي،

راھ موليٰ جي ۾ تون جبري نھ ٿي.

 

پنھنجي مختاري ۾ قدري آھي خوار،

پاڻ تي جبري کي ناھي اختيار.

 

پاڻ تي قدري رکي ٿو اعتماد،

آھي جبري کي خدا ۾ اعتقاد.

 

محو مختياري ۾ قدري ٿو رھي،

پاڻ کان بيزار جبري ٿو رھي.

 

ڪيئن ھوا سان ڪک اڏامي ٿو سگھي،

خود اڏامڻ جي نٿو طاقت رکي.

 

جيڪڏھن درياھ ۾ ڪک ٿو پوي،

جابجا پاڻيءَ ۾ وھندو ٿو رھي.

 

ڪک تري ٿو ڪين پنھنجي زور سان،

کيس پاڻي ٿو وھائي شور سان.

 

حال ھي قدري ۽ جبري جو ٿيو،

صاف دل سان مون بيان توسان ڪيو.

 

آھي قدري کي اڃا جبري چڱو،

ھي خودي سان ھو خدا سان گڏ ٿيو.

 

پاڻ سان آباد قدري ٿا رھن،

پاڻ کان آزاد جبري ٿا رھن.

 

جبر توڙي قدر ساڳي ڳالھھ ڄاڻ،

شڪ انھيءَ وحدت جي رستي ۾ نھ آڻ.

 

ڪنھن سمي غزني ۾ ھڪ گمراهھ ھو،

جو نھ حق جي راهھ کان آگاهھ ھو.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org