سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :16

 

سبز خط سان منھن منور جو جمال،

ور وڪڙ سڀ وار واسينگن مثال.

 

ھڪ ڏھاڙي پاڻ سينگاري بدن،

قيمتي ڪپڙا ڪيائين زيب تن.

 

پنھنجي ڪپڙن تي مڙھيائين ڪيترا،

لعل ۽ الماس موتي بي بھا.

 

پنھنجي زلفن کي ڏنائين پيچ و تاب،

تن مٿان ڇڙڪيائين خوشبو ۽ گلاب.

 

سرس سھڻا ٿيا سندس رخسار ٻئي،

مست خوني نيڻ ٿيا نروار ٻئي.

 

آرسي ڏي منھن ڪيو جيئن قربدار،

پنھنجي صورت کي ڏٺائين بار بار.

 

پنھنجي صورت کي ڏسي مدھوش ٿيو،

بيخودي ۾ خود بخود خاموش ٿيو.

 

ڪيتروئي وقت ھو حيران ھيو،

پنھنجي مورت جي مٿان مستان ھيو.

 

راھ تي بيٺي رنائين زار زار،

درد جون دانھون ڪيائين بيشمار.

 

ھيئن ڪيائين ٿي جدائي جي پڪار،

آھي ڇا جو غم جڏھن گڏ آھي يار.

 

ھن طرح جو يار پنھنجو ٿو ڏسان،

ڇو نھ اوريان حال ڪنھن ھشيار سان.

 

مان رھان ٿو مست ھن جي حسن تي،

پر نٿو دلدار مون کي ھٿ اچي،

 

ھو ڪڏھن رقصان ڪڏھن پرجوش ھو،

خود ڪڏھن نالان ڪڏھن خاموش ھو.

 

پئي چيائين، ”ڪير حيران ٿو ڪري؟

وصل ۾ ڇاجو وڇوڙو ٿو رھي.

 

خود ڏسان ٿو پر نٿو حاصل ڪيان،

مست ڪو واقف ڪري ھن راز کان.

 

اوچتو ھڪ اھل دل آيس نظر،

جنھن چيس توکي اھا ناھي خبر.

 

ڪابھ صورت ناھي تنھنجي درميان،

پنھنجو درشن ٿو ڪريان تون اي جوان.

 

توکي پنھنجو حسن حيران ٿو ڪري،

پاڻ آھين مست عاشق پاڻ تي.

 

ناھي ڪو محبوب ٻيو تو کان سوا،

کول اک ۽ پاڻ کي ڏس تون ذرا.

 

در حقيقت تون ڏسين ٿو پاڻ کي،

خودبخود عاشق رھين ٿو پاڻ تي.

 

دم بھ ناھي ڌار توکان بيمثال،

پاڻ ۾ ڏس پنھنجي دلبر جو جمال.

 

اي سڄڻ! ڪر دور دوئي کي سگھو،

ڄاڻ پنھنجو پاڻ کي آھين اھو.

 

عاشق ۽ معشوق خود کي پاڻ ڄاڻ،

شڪ نھ ڪر تون پنھنجي وحدت کي سڃاڻ.

 

رات ھيڪر ڏينھن کي ڏاڍيان چيو،

مان وساري ٿي ڇڏيان غم ھجر جو.

 

پاڻ ۾ گڏجي رھون آباد ٿيون،

ھجر جي تڪليف کان آزاد ٿيون.

 

مان وڃان ٿي جي اچين ٿو تون ھتي،

ھڪ نھ ٿينداسون نھ گڏباسون ڪٿي.

 

ڏينھن ٻولائي ٻڌايو رات کي،

مون کي تون حاصل ڪري سگھندين ڪٿي.

 

مان نٿو ترسان تھ تون آھين ھتي،

منھنجي ھوندي ڪير بيھي ٿو سگھي.

 

تون رھين يا مان رھان ھڪ جاءِ تي،

پاڻ گڏجي ڪين سگھنداسون ڪٿي؟

 

ٻن منجھان ھڪڙو فقط رھندو ھتي،

ڪر پري وحدت ۾ ھر ھڪ وھم کي.

 

ڄاڻ ھڪ، ٻن کي نھ ڏس ٻن کي نھ ٻول،

حق جي رستي ۾ ڪڏھن ٻن کي نھ ڳول.

 

جنھن کي دوئي آھي سو برباد آھ،

ڪين وھمن کان ڪڏھن آزاد آھ.

 

توکي مون کولي ٻڌائي سڀ خبر،

پر اڃا توتي ذرو ناھي اثر.

 

ڪير آھين تون ڪٿان آئين ھتي،

ڏس تھ ھڪڙي جاءِ تان، آئين ڪٿي.

 

تنھنجي ھستي ڪين ھئي اڳ ۾ ڪٿي،

پوءِ ھستي ۾ ھلي آئين ھتي.

 

تنھنجي ھستي ناھي سڀ ڪجھھ يار آھ،

تون نھ آھين درميان دلدار آھ.

 

”مان اسان“ جي ڳالھھ واري ڇڏ صفا،

ڪجھھ بھ ناھي ذات حق جي کان سوا.

 

جسم کان آزاد ۽ بيباڪ ٿي،

”مان اسان“ واري خود کان پاڪ ٿي.

 

پھھ پچايا پاڻ ۾ چمڙن ملي،

ملڪ پنھنجي ۾ رھون آزاد ٿي.

 

سج پٺيان ھرگز نھ ڇپنداسون ڪڏھن،

جاڳنداسون ڪين سھنداسون ڪڏھن.

 

سج پٺيان اڏري ڏسون ٿا اڄ شتاب،

من ڪري موليٰ اسان کي ڪامياب.

 

سج ڪٿي آھي ڪيو سڀئي ڪالم،

جي ھجي ھا، سڀ ٻڌون ھا ان جو نام.

 

سج سڏن ٿا جنھن کي سو آھي ڪٿي،

جي ھجي ھا ھو تھ ڏسجي ھا ھتي.

 

سج ڪٿي ڪونھي ڇڏيو ان جي پچر،

آھي ڪوڙي ڳالھھ ان جي سربسر.

 

نيٺ سڀ اڏري ھليا چمڙا سڌو،

سج کي ساري، چاھ مان سڀني چيو.

 

”پاڻ کي ھوندو ھينئر سج ويجھڙو،

دير ڪانھي جلد ان کي جاچبو.

 

بعد ۾ سڀني چيو آھيون پري،

سج ڪٿي ھوندو اڳي يا پوئتي.

 

سج اسان کان پوئتي رھجي ويو،

پنھجنجي دل جو ھي خيال آھي پڪو.

 

ھر بيابان ۽ جبل جھاڳڻ لڳا،

پر ھڻي پنھنجا سڀئي ٿڪجي پيا.

 

ايتري ۾ کنڀ سڀني جا کٿا،

سڀ پليد آخر ڪري پٽ تي پيا.

 

سج برابر آھي روشن سربسر،

پر اھو انڌن کي ڪيئن ايندو نظر.

 

ھر جڳھھ تي آھي ظاھر ھڪ خدا،

ڏس آکيون کولي انھيءَ کي جابجا.

 

اک فقط ديدار سان اک ٿي رکي،

آھي خالي کل نٿي جيڪا ڏسي.

 

ڏس اکيون کولي خدا جي ذات کي،

اي گدا، ڪنھن کي نٿو انڌو ڏسي.

 

ھن طرح مجنون جو اڳ ۾ حال ھو،

رت رنو ٿي پرت ۾ پامال ھو.

 

رت وھايائين اکين مان اڻ ميو،

سرخرو سارو بيابان ٿي پيو.

 

جو ڦڙو ان مان زمين تي ٿي ڪريو،

ان منجھان ليليٰ جو نالو ٿي جڙيو.

 

عشق مان آھون سدا ڪڍندو رھيو،

درد غم جي چاشني چکندو رھيو.

 

خط لکي ليليٰ جي پاسي بيشمار،

روز قاصد موڪليا ٿي قربدار.

 

غم الم تنھنجا ھميشھ ٿو سھان،

پر نٿو مون ڏي اچي ڪو تو وٽان.

 

ڪين قاصد ٿا اچن ھت قرب جا،

ھي وٿي ايڏي وجھڻ ناھي روا.

 

حال کان بيحال آھيان ڇا ڪيان،

چاھ ۾ آھيان چريو مان ڇا ڪيان؟

 

ڪو نٿو توکي ٻڌائي منھنجو حال،

خاڪ سر ۾ آھي ڪر منھنجو خيال.

 

حال نازڪ آھي ھيڪر ڏس اچي،

سر تي واري ٿي وسائي بيڪسي.

 

عشق ۾ سڀ ھوش راھي ٿي ويس،

سڀ لکڻ توڙي پڙھڻ وسري ويس.

 

پوءِ زباني حال ان پئي موڪليو،

جنھن ڪري آخر مصيبت ۾ اڙيو.

 

نيٺ وسريس سڀ سنيھا ۽ سلام،

ياد آيس صرف ھڪ ليليٰ جو نام.

 

روز شب ليليٰ پڪاريندو رھيو،

ان جي نالي کي اچاريندو رھيو.

 

نيٺ اھڙو حال آيو ان مٿان،

چپ ڪيائين اوچتو ھر ڳالھھ کان.،

 

پاڻ  کي ليليٰ چيائين برملا،

ناھي ٻي ليليٰ ڪٿي مون کان سوا.

 

عشق پنھنجو اوج ڏيکاري ٿو پاڻ،

خود بخود پنھنجي خودي ماري ٿو پاڻ.

 

عشق واري شاھ ڏيکاريو ڪمال،

ڪيئن نھ ھستي کي ڪيائين پائمال.

 

بيخبر بڻجي ٿو پنھنجو پاڻ کان،

دم اناالحق جو ھڻي ٿو ھر زمان.

 

خود فنا ٿئي ٿو بچي باقي ٿو يار،

جو بھ ٻولي ٿو تھ بس بي اختيار.

 

پنھنجي ھستي کي ھٽائي ٿو ڇڏي،

دين و مذھب کي مٽائي ٿو ڇڏي.

 

حق بنا ڪا شيءِ نٿي باقي بچي،

تنھن ڪري ان تي نٿي تھمت اچي.

 

ھي وجود آھي وجود الله جو،

ھن گدا ۾ شان آھي شاھ جو.

 

پنھنجي ھستي کان پري منصور ٿيو،

دم خدائي جو ھڻي منظور ٿيو.

 

مرتبو ساڳيو ھيو عطار جو،

جيڪو محرم راز ھو اسرار جو،

 

شمس پڻ اھڙي طرح عارف ھيو،

حق جي رمزن کان صفا واقف ھيو.

 

عشق جا ڪم ڏس عجب سرڪار آھ،

تخت بعض: آھي بعضي دار آھ.

 

ڪنھن چيو چٻرن کي آھي ڇا سبب،

جو رھو ٿا ھن جڳھھ تي روز شب.

 

ھر پکي آزاد آھي شھر ۾،

شاد ۽ آباد آھي شھر ۾.

 

ڇو وسايو ٿا ھي ويرانو وطن،

آھي قبرستان بيگانو وطن.

 

ھي ٻڌي چٻرن چيو اي بيخبر!

ٻڌ اسان جي ڳالھھ ۽ ڪجھھ غور ڪر.

 

آھي ويرانو برابر ھي مڪان،

پر ڪو ديوانو ٿو ڄاڻي ان جو شان.

 

در حقيقت ھي وطن آباد آھ،

جو اچي ٿو ھت اھو آزاد آھ.

 

ھت اچي موٽي نٿو ڪو شھر ڏي،

جاءِ جوڙيسون تڏھن ھن جاءِ تي.

 

شھر سارو موٽ ھيڏي ٿو ڪري،

روز ايندو ٿو رھي ھن جاءِ تي.

 

ھن جڳھھ تان ڪو نٿو واپس وري،

پر ھتي ھر ڪو اچي ٿو گھر ڪري.

 

ڪيستائين ڪوئي چاھيندو فنا،

ھت فنا ناھي مگر آھي بقا.

 

ھي نصيحت آھي تنھنجي واسطي،

ڪر خبرداري ٻڌي ھن ڳالھھ کي.

 

رھ چريائي ۾ سياڻو صاف ٿي،

اصل ۾ آھي اھا مردانگي.

 

جي مڃين مون کي تھ ديوانو ٿي رھ،

دوجھان ۾ مرد مستانو ٿي رھ.

 

سڀ چريائي آھي مستي کان سوا،

ڇو تھ ان ۾ آھي غفلت برملا.

 

پاڻ کان آزاد مستي ٿي ڪري،

دور دنيا جي ڪمن کان ٿي رکي.

 

جلد عاشق ٿي ڇڏي وھم ۽ گمان،

جيئن وٺين دنيا جي ڌنڌن کان امان.

 

ڪر ڦٽا دنيا جا ڌنڌا شاد ٿي،

پنھنجي ھستي کان صفا آزاد ٿي.

 

آھي دنيا جو سمورو ڪم خراب،

جي ڀلو ڀنائين تھ ڀڄ ان کان شتاب.

 

رھ اڪيلو تون يگانو يار ٿي،

دوجھان ۾ صف شڪن سالار ٿي.

 

ڪم زماني جو پريشان ٿو ڪري،

خود پڇاڙيءَ ۾ پشيمان ٿو ڪري.

 

حق جي رستي کان جو ھوندو باخبر،

سو ڇڏيندو جڳ جي ڌنڌن جي پچر.

 

پنھنجي ھستي کي وساري ڇڏ شتاب،

ورنھ ٿيندين سخت رسوا ۽ خراب.

 

مان صفا کولي ٻڌايان ٿو خبر،

ھر طرح سان ڇڏ زماني جي پچر.

 

ڪر ڦٽي فتني گڏيل فرزانگي،

جي چڱو چاھين تھ وٺ ديوانگي.

 

جو نھ ھن رستي ۾ ديوانو ٿيو،

ناھي لائق بادشاھي جو اھو.

 

جو زماني کان صفا آزاد آھ،

ان جي دل ۾ دلربا آباد آھ.

 

يار ناھي دور، ويجھو ٿو وسي،

پر نٿو سمجھي سگھين تون راز کي.

 

پاڻ کي سمجھين ٿو ڪجھھ اي بيخبر!

ڪوڙ تي ناحق ٻڌين ٿو تون ڪمر.

 

جيڪڏھن ڄاڻين تھ سڀ ڪجھھ يار آھ،

بيخبر! تنھنجي خودي بيڪار آھ.

 

پاڻ کي ٻاھر ڪندين جي پاڻ کان،

ذات موليٰ جي نظر ايندي عيان.

 

شام اندر ھڪ وڏو تجار ھو،

اٺ مٿان تنھن کي گھڻو ڪجھھ بار ھو.

 

خود ويو ٿي روم ڏي سودو ڪرڻ،

قيمتي پوشاڪ جو وڪرو ڪرڻ.

 

بس قضا سان اٺ مري ويو اوچتو،

راھ ۾ جنھن بار ڪيرائي وڌو.

 

درد مان دانھون ڪرڻ مالڪ لڳو،

منھنجو سھڻو اٺ مري ويو اوچتو.

 

قيمتي ڏاڍو ھيو ڪم ڪار ۾،

تيز ھردم ٿي رھيو رفتار ۾.

 

ڪيترا پئسا ڏئي ورتم اھو،

تيز تر سھڻو سٺو ۽ سيبتو.

 

سخت حيرت ۾ چيائين رڙ ڪري،

ڪير آھي جو کڻي ھن بار کي .

 

ڪير کڻندو بار ڪھڙو بار آھ،

ھي اھو ئي اٺ اھو ئي بار آھ.

 

منھنجي اٺ کي ڪين طاقت ھئي اھا،

ڪنھن نھ ڪنھن ھستي جي قوت ھئي اھا.

 

اي سڄڻ! ڪاشيءِ نھ مخفي ٿي رھي،

جا ھميشھ ڪم سمورا ٿي ڪري.

 

آھي سڀ طاقت انھي جي سربسر،

وھم جي ھر ڳالھھ ڇڏ، ويساھ ڪر.

 

جسم تنھنجو آھي ان اٺ جي مثال،

رک نھ ان ۾ ڀروسي جھڙو خيال،

 

ڇڏ فنا جي شيءِ کي، حاصل ڪر بقا،

جيئن ڏسين ظاھر ۾ سورج جو لقا.

 

تون ٿو سمجھين مان ھلان ٿو پنھنجو پاڻ،

خود چوان ٿو خدا ٻڌان ٿو پنھنجو پاڻ.

 

تون نٿو ٻولين، اھو ٻولي ٿو پاڻ،

تون نٿو کولين، اکيون کولي ٿو پاڻ.

 

ھي سموري يار جي رفتار آھ،

ھر نموني ۾ سندس گفتار آھ.

 

روز شب موليٰ جو نالو ياد ڪر،

ان بنا ھر چيز کي برباد ڪر.

 

ڇڏ وظيفن جي سڄي ڇڪتاڻ تون،

حق جي نالي کي غنيمت ڄاڻ تون.

 

تون نھ ٿورو ڄاڻ حق جي نام کي.

معرفت جو علم ان مان ٿو ملي.

 

گھر ۾ جيئن ھيڪر ھيو خواجھ فريد،

التجا ان وٽ اچي ڪئي ھڪ مريد.

 

اي حقيقي رھنما ڪر رھبري،

دوجھان ۾ ٿئي بلندي بخت جي.

 

اي خدا جا دوست منھنجا مھربان،

ڏس اھو نالو جو ھردم پيو وٺان.

 

التجا ان جي وڻي وئي شيخ کي.

کيس ڄاتائين مريدن کان مٿي.

 

ڏس ڏنائين ان کي حق جي راھ جو،

پاڪ سمجھي اسم پڙھ الله جو.

 

صدق سان طالب طلب ورتي تمام،

گھر وڃي ھر ھر چيائين حق جو نام.

 

ڪجھھ ڏھاڙن بعد ھو آيو وري،

با ادب بيھي رھيو ٻانھون ٻڌي.

 

پير پنھنجي کي چيائين عجز سان،

دل کڻي آيس خدا جي نام کان.

 

ھي ٻڌي خواجھ چيس منھنجا ٻچا!

ڪافر ۽ مرتد ٿئين ٿو بي خطا.

 

ڏس تھ تون ڇا جي ڪري مرتد ٿئين،

ڇو ٿو ناحق ڪفر جو ڪلمو ڀرين.

 

ھن چيو حضرت صفا سچ ٿو چوان،

پر ذرا دل سان ٻڌو منھنجو بيان.

 

ھر گھٽيءَ جابجا جاچي ڏٺم،

ھر جڳھھ الله جو نالو ٻڌم.

 

ھر دڪان جاچي ڏٺم بازار جو،

جا بجا نروار ھي نالو ھيو.

 

دل سڙي وئي منھنجي سچ پچ ساڙ کان،

ھر جڳھھ تي اسم ھي آيو ڪٿان؟

 

مون تھ مخفي طور مرشد کان ٻڌو،

شھر ۾ اڳواٽ ڪيئن پڌرو ٿيو.

 

ھي سخن خواجھ جڏھن ھن کان ٻڌو،

درد کان ھڪ دانھن نڪتس اوچتو.

 

ھي چيائين ان کي ٻڌ اي بيخبر!

ھڪ سروٽو ھت کڻي اچ جلد ڪر.

 

ھو سروٽو ھڪ کڻي آيو سگھو،

 پنھنجي مرشد وٽ اچي حاضر ٿيو.

 

ظاھري سر جو ٽڪر جيڪو ھيو،

پاڻ خواجھ پنھنجي ھٿ ۾ سو ڪيو.

 

پنھنجو ھٿ پاسي ڪيو خواجھ جڏھن،

بي بھا موتي سروٽو ٿيو تڏھن.

 

بس اتي ان کي چيائين اي ٻچا،

پڇ وڃي بازار ۾ ان جي بھا.

 

ھي ٻڌي بازار ۾ آيو وري،

سڌ رکيائين ڪين اصلي راز جي.

 

بس ڪيائين ھر دڪان تان ھي پڇا،

ڪو ٻڌائي مون کي ھن شيءِ جي بھا.

 

اڳ ۾ حلوائي وڌي واڪو ڪيو،

ان جي بدران وٺ مٺائي جو ذرو.

 

ٻئي چيس: وٺ ٿوم بصرن جي ڌڙي،

ٻي دعا ان کان سوا وٺ ھن گھڙي.

 

تئين چيس: جي يار آھين ھوشمند،

ھن عوض ڪر کير جو پيالو پسند.

 

نيٺ ھڪڙي جوھري کان ھن پڇيو،

ڏي خدارا ھن جي قيمت جو پتو.

 

ھن ٻڌايس، آھي موتي بي بھا،

جو بھ ملھھ چوندين اھو ٿيندو بجا.

 

ھي وڏي قميت جو موتي ٿو لڳي،

سون چاندي ايتري آھي ڪٿي؟

 

جو چوين ھن وقت سو توکا ڏيان،

ڪر بھا ان جي تھ مان حاضر ڪيان.

 

سون سان آھي ڀريل منھنجو مڪان،

جو وڻي توکي اھو کڻ تون ھتان.

 

ڪين اھي ايتري مون وٽ مڏي،

پر انھيءَ تان جان پڻ قربان ڪبي.

 

ھي ٻڌي موتي کنيائين پاڻ سان،

گھر ھليو آيو سڌو بازار مان.

 

پنھنجي مرشد وٽ وري ويٺو اچي،

سڌ ڏنائين کين ساري ڳالھھ جي.

 

پير فرمايس تھ اي منھنجا عزيز!

صرف ھڪڙي جوھري کي پئي تميز.

 

قرب سان ھن قدر موتي جو ڪيو،

عام ماڻھن کي نھ پيو ان جو پتو.

 

قدر جوھر جو ڪندو ڪو جوھري،

غير کي ڪھڙي خبر ھن راز جي.

 

جيئن ڏٺو تو پاڻ موتي جو مثال،

ڄاڻ تيئن الله جي نالي جو حال.،

 

عشق سان الله جو نالو اچار،

ڇو تھ ان جو قدر ڪن ٿا قربدار.

 

جوھري وانگر انھيءَ جو قدر ڪر،

ڇڏ کڻي ھڪوار ٻن ٽن جي پچر،

 

عام ڇا ڄاڻن انھي جي مرتبو،

خاص ماڻھن کي ڀلا ڪھڙو پتو.

 

ورد ڪر ھن نام جو تون صبح شام،

ذڪر ۾ رھ مست ۽ بيخود مدام.

 

بيخودي ۾ اچ اھو نالو پڪار،

خود پرستي جي وطيفن کي وسار.

 

ذڪر سان حاصل ڪري وٺ بيخودي،

مھرباني ڄاڻ موليٰ پاڪ جي.

 

پاڪ مرسل جڳ سڄي جو ڪارڻي،

مھر جنھن جي ٿي ”خدائي“ تي گھڻي.

 

مان سندس ادنيٰ غلامن جو غلام،

ھن رسالي کي ڪيم آخر تمام.

 

ھن رسالي کي ڀلي سڀ ڪو پڙھي،

مون لکيو آھي مريدن واسطي.

 

ھي سخن آھي سمورو مستجاب،

مون ھتي پورو ڪيو پنھنجو ڪتاب.

 (پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org