سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نعرا

باب --

صفحو :1

نينهن جا نعرا

(سچل سر مست جي ساقي نامي ۽ فارسي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو)

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

پبلشر پاران

 

سنڌ جي صوفي بزرگن جو ڪلام ڪٺو ڪري شايع ڪرڻ سنڌي ادبي بورڊ جي پروگرام جو حصو رھيو آھي. ھن سلسلي ۾ بورڊ پاران ڪجھھ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن. خاص طور سچل سرمست تي ھن وقت تائين ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. سچل سرمست جو سنڌي ڪلام، سچل سرمست جو سرائيڪي ڪلام ۽ سچل جو سنيھو.

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين قبلھ سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن جي ھدايتن ۽ ارشاد موجب اسين ھيءُ ڪتاب ”نينھن جا نعرا“ شايع ڪري رھيا آھيون. جيڪو مرحوم عطا محمد جو لکيل آھي. حامي مرحوم جي قبلھ سائين طالب الموليٰ صاحب جن سان نيازمندي ھئي ۽ سائين کين گھڻو پيارو گھرندا ھئا. کين حامي مرحوم جو ھوءُ ڪتاب پسند آيو ۽ ارشاد فرمايائون تھ ڪتاب ميلي جي موقعي تي شايع ڪيو وڃي.

اپريل ١٩٩٢ع ۾ سچل بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي سچل سرمست جو سنڌي ڪلام ڇپائي پڌريو ڪنداسون.

سچل سائين جو مثنونون اڻ لڀ آھن. پر جيڪڏھن اھي ڳولي تحقيق ڪري ڇپرايون وڃن، تڏھن بھ فقط فارسي ڄاڻڻ وارا ان مان فيض حاصل ڪري سگھندا. تنھن ڪري اھو ضروري ھو تھ انھن مثنوين جو منظوم ترجمو ڪرائي اھي سنڌي ۾ ڇپرايون وڃن. وڏي خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ اھو تمام ڏکيو ڪم ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم تمام سھڻي نموني سر انجام ڏنو.

مثنوين جي منظوم ترجمي وارو ڪتاب پھريون ڀيرو سنڌ جي سڄاڻ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق پنھنجي اداري ڪافي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ھو. ھينئر ان جو ٻيو ڇاپو سندن اجازت ۽ ٿورن سان شايع ڪري رھيا آھيون. ھن مثنوين ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا بيان ڪيل آھن. مرحوم حامي مثنوين جو اھڙو تھ سھڻو ترجمو ڪيو آھي، جو اھي ترجمو نھ پر اصل معلوم ٿين ٿيون.

اميد تھ پڙھندڙ ھن ڪتاب مان فيض حاصل ڪندا.

 

محبوب سروري

سيڪريٽري

 


 

 

ٻھ اکر

 

اھا ھڪ حقيقت آھي تھ سنڌ جي صوفي شاعرن تي خاطر خواھ ڪم ڪونھ ٿيو آھي. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، شاھ لطيف تي جيڪو ڪم ٿيو آھي، سو ھر لحاظ کان تعريف جي لائق آھي. باقي ٻين صوفي شاعرن خاص طور سچل سرمست جھڙي عظيم شاعر تي ھن وقت تائين جيڪو ڪم ٿيو آھي، تنھن کي خاطر خواھ سڏي نھ ٿو سگھجي. ھن سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سچل سر مست يادگاري ڪميٽي ۽ قاضي علي اڪبر درازي (مرحوم) جون خدمتون ساراھ جوڳيون آھن. جڏھن کان شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل چيئر قائم ٿي آھي ۽ سنڌي زبان جو مھان شاعر اديب عالم ۽ محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي ان جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو آھي، تڏھن کان ٿوري ئي عرصي اندر ھن چيئر ھڪ مثالي ڪم ڪيو آھي. پر اڃا گھڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

منھنجو مھربان استاد سائين ڊاڪٽر عطا محمد حامي، جنھن کي مرحوم لکندي ھٿ ڏڪن ٿا، قلم ڪنبي ٿو ۽ دل مان دانھن نڪري ٿي. جيڪو نھ فقط ھڪ وڏو اديب، عالم، شاعر، نقاد ۽ محقق ھو، پر ھڪ اعليٰ انسان واريون سڀ خوبيون منجھس موجود ھيون. جنھن نھ صرف بنده راقم تي مھربانيون ڪيون، پر ھن ھر ڪنھن سان ڀلائيءَ جا ڀيرا ڪيا سنڌ جي عظيم دانشور سائين راشدي مرحوم جي رحلت وارن ڦٽن اڃا کرنڍيون ئي نھ ٻڌيون ھيون، تھ وري ھن وڇوڙي ويل ڪري ڇڏيو!

سورن سانگھارو، ڪڏھن تان ڪونھ ڪيو،

آيل اوڀارو، ٻائڙ ٻڌو ٻوڙ وھي!(شاھ)

استاد سائين ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم جون سڀ ادبي خدمتون ساراھ جوڳيون آھن. سندس ڪلام فڪر توڙي فن جي لحاظ کان افضل ۽ اعليٰ آھي، سندس تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ سنڌي ادب ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. خاص طور سچل سرمست تي سندس مطالعو تمام وسيع ھو. اھو ئي سبب آھي جو سچل سائين جي فڪر جي کين وڏي ڄاڻ ھئي. بنده ڪيترائي ڀيرا کين گذارش ڪئي، تھ پنھنجو ڪو ڪتاب ڏيو، تھ ڪافي پبليڪيشن پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي. پر ھر دفعي ائين چئي منھنجي ڳالھھ ٽاري ڇڏيندا ھئا تھ ”الله بس، باقي ھوس“ پر مان کين مڇڏ ٿي منٿون ڪندو آيس.

ھڪ ڀيري کين گذارش ڪيم تھ، ”ڇو نھ اوھان جو ھڪ اھڙو ڪتاب ڇپرايو وڃي جنھن ۾ سچل سرمست جي فارسي مثنوين جي منظوم ترجمي سان گڏ ھر ھڪ مثنوي جو مختصر تعارف بھ ھئڻ گھرجي ۽ پاڪستان پبليڪيشن پاران ڇپرايل اوھان جي ڪتاب منصور ثاني حضرت سچل سرمست وارو مقدمو پڻ ان ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي“ بنده راقم جي اھا گذارش قبول ڪيائون. سچل سرمست جي ھڪ مثنوي ”رھبر نامھ“ جو منظوم ترجمو ۽ ان سان گڏ مثنوين جو مختصر تعارف پھرين فيبروري ١٩٨٢ع تي موڪلي ڏنائون. اڳ ۾ ڇپيل مثنوين ۽ مقدمي جي فوٽو ڪاپي محترم محمد علي حداد مھرباني ڪري موڪلي ڏني.

مارچ ١٩٨٢ع ۾ سچل نيشنل سيمينار جي موقعي تي مون ساڻن واعدو ڪيو تھ انشاءَ الله سندن ڪتاب سچل سرمست جي ميڙي جي موقعي تي پڙھندڙن آڏو پيش ڪيو ويندو. الاجي ڇو ڏکويل انداز ۾ چيائون تھ ”ظالم جلدي ڪر، ساھ تي ويساھ ناھي، ڪتاب منھنجي حياتيءَ ۾ ڇپجي، تھ جيئن مان پاڻ اھو ڏسي سگھان.“ مون کين چيو تھ، ”سائين الله اوھان کي وڏي حياتي ڏيندو. اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا ڪريو؟ انشاءَ الله ڪتاب اوھان پاڻ ڏسندؤ، پڙھندؤ، بس ميڙي جي موقعي تائين مھلت گھران ٿو.“

ھڪ ڏينھن اوچتو اطلاع مليو تھ: سائين جن جي طبيعت ٺيڪ نھ آھي، جناح اسپتال ۾ داخل آھن. اھو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو اسپتال ۾ بھ اڪثر ڪتاب جي باري ۾ پڇندا رھندا ھئا. ھڪ ڀيري وري ڏکويل لھجي ۾ اھا ئي ساڳي ڳالھھ ڪيائون، جيڪا سچل نيشنل سيمنار جي موقعي تي ڪئي ھئائون. مون اھي ئي ساڳيا الفاظ دھرايا تھ ”سائين ڪتاب اوھان جي حياتي ۾ ڇپجي ويندو، اوھان پاڻ ڏسندؤ ۽ خوش ٿيندؤ.“ پر شايد کين ان ڳالھھ جي پڪ نھ ھئي، نيٺ ھڪ ڏينھن (٣١ جون ١٩٨٢ع)اسان سڀني کي رئندو ڇڏي، پاڻ مرڪندي وڃي پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليا.

سندن ٻاجھاري طبيعت ۽ پيار ڀريون ڳالھيون ھر ھر ياد اچن ٿيون. مرحوم ڪيڏو نھ صحيح فرمايو آھي تھ:

ياد ڪندين ھن حامي کي اي يار مرڻ کان پوءِ گھڻو،

قرب جا گفتا جيڪو توکي ڪلجڳ ۾ بھ ٻڌائي ٿو.

ٻيو تھ ڪجھھ منھنجي وس ۾ نھ آھي، بس سندن ھن يادگار ڪتاب کي عقيدت طور سيني سان لائي، دردن ڀري دل کي آٿٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ اڄ استاد حامي اسان جي نظرن کان دور آھي، پر ھو ھزارين دوستن، عزيزن، مٽن، مائٽن ۽ شاگردن جي دلين ۾ آباد آھي. جيئن پاڻ فرمايو اٿس تھ:

حامي ٿياسون دور نظر کان تھ ڇا ٿيو،

دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگھي؟

فارسي ۾ سچل سائين جون ڪل اٺ مثنويون موجود آھن. جن مان ستن مثنوين جو منظوم ترجمو ڏنو ويو آھي. افسوس جو حامي مرحوم کي موت مھلت نھ ڏني، تنھنڪري مثنوي ”وصلت نامھ“ جو ترجمو ٿي نھ سگھيو. (1) ڪن مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو فقير ھادي بخش ولد نذر محمد شڪارپوري ڪيو ھو. جن مان فقط رازنامو بنده جي مطالعي ھيٺ آئي. جيڪا محمد شريف ويٺل مڏ نزديڪ امير پير سنھ ١٩١٤ع ۾ نقل ڪئي ھئي. حامي مرحوم واري ترجمي ۾ جيڪا سلاست ۽ رواني آھي، سا ھادي بخش واري ترجمي ۾ نظر نھ ٿي اچي. ھادي بخش وارو ترجمو پنھنجي جاءِ تي ھڪ سھڻي ڪوشش آھي، پر حامي مرحوم واري ترجمي جو مٽ ٿي نھ ٿو سگھي. ممڪن آھي تھ سچل سائين جي ڪنھن ٻئي عاشقن مثنوين جو منطوم ترجمو ڪيو ھجي پر اھو بنده راقم راقم جي نظرن مان ڪونھ گذريو آھي.

سچل سائين جي دور ۾ سندن چاچو ۽ مرشد ميان عبدالحق ھڪ وڏو صوفي بزرگ ھو. تصوف جي رازن ۽ رمزن کان واقف ھو. ڪيترائي ماڻھو سندن خدمت ۾ حاضر ٿي. تصوف جا نڪتا سکڻ ۽ سمجھڻ لاءِ وٽن ايندا رھندا ھئا. جيئن سچل سائين فرمايو آھي:

پير عبدالحق اسان جو رھنما،

جنھن اڳيان ھڪ شخص آيو پارسا.

با ادب ٿي ان چيو اي شاھ دين!

مون کي سمجھايو اوھان عين اليقين.

سچل سائين پنھنجي مثنوي ۾ ٻڌائي ٿو تھ پير عبدالحق ان شخص کي علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين ٽيئي مرحلا سھڻي نموني سمجھايا. سچل سرمست کي بھ پنھنجي چاچي عبدالحق وٽان ئي فيض مليو. اھو ئي سبب آھي جو ڪيترن ئي ھنڌن تي پنھنجي چاچي (مرشد) جي تمام گھڻي ساراھ ڪئي اٿن.

اھو عام دستور آھي تھ پير فقير ورد وظيفن تي گھڻو زور ڏيندا آھن. جيڪو ڪنھن پير جو مريد ٿيندو آھي تھ ان کي ڪونھ ڪو وظيفو ڏسيو ويندو آھي. اڪثر پير طب جفر ۽ رمل جي فن جا ڄاڻو ھوندا ھئا. پر اھي عشق واري علم کان اڻ ڄاڻ ھوندا ھئا. اھو ئي سبب آھي جو سچل سائين فرمايو آھي:

علم يوناني سڄو مڪر ۽ فساد،

عاشقي جي علم ۾ ڪر اِجتھاد.

عاشقي جو علم آندو مصطفيٰ '،

پر ڪيو ظاھر زبان مرتضيٰ

فلسفو، جادو، طبابت يا رمل،

آھي ھر ڪو علم شيطاني عمل.

سچل سرمست پنھنجي مثنوين ذريعي تصوف جا اونھا اسرار چٽيءَ ريت کولي بيان ڪيا آھن تھ جيئن ماڻھو ورد وظيفا ڇڏي، صوفياڻي تعليم حاصل ڪري. عشق جي فضيلت مان ۽ مرتبي کان واقف ٿئي. ڇاڪاڻ تھ عشق جو درجو تمام مٿاھون آھي. سلطان باھو رح فرمايو آھي:

ايمان سلامت ھر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي ھو،

جھڙي منزل عشق پڄاوي، ايمان خبر نھ ڪائي ھو.

ايران يا ھندستان جي شاعرن فارسي زبان ۾ جيڪي مثنويون چيون آھن، تن ۾ اڪثر بادشاھن جا قصا بيان ڪيا ويا آھن. پر سچل سرمست اھا پراڻي واٽ ڇڏي، ھڪ نئين راھ روشن ڪئي، اھڙيءَ ريت مثنوين ۾ ھڪ نواڻ پيدا ڪئي. بادشاھن جا ڊگھا قصا ڇڏي، ڪن مشھور شخصيتن جا مختصر مثال ڏيئي، ڪي حقيقتون ظاھر ڪيون آھن ۽ اھا ئي نصيحت ڪئي آھي تھ پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ گھرجي. پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ ئي پنھنجو رب سڃاڻي سگھبو. فرمائي ٿو:

ھن ۾ ناھن بادشاھن جا قصا،

معرفت وارا ٿا سمجھن ماجرا.

جيڪڏھن پنھنجي حقيقت ڄاڻندين،

غير کان ھر حال ۾ پاسو ڪندين.

بيشڪ سچل سرمست جون سموريون مثنويون اسان سنڌ واسين لاءِ فردوسي ۽ نظامي جي مثنوين کان مٿاھون درجو رکن ٿيون. ڇاڪاڻ تھ انھن ۾ بادشاھن جا قصا ۽ قصيدا بيان ڪيل آھن. پر ھنن ۾ تصوف جا نڪتا نروار ڪيا ويا آھن، تنھنڪري ھي مثنويون محض شاعري نھ آھن، پر اھي آيتون آھن، جيڪي پڙھڻ، ھيئين سان ھنڊائڻ ۽ عمل ڪرڻ جي لائق آھن: جيئن پاڻ ئي فرمايو اٿن:

ناھي فردوسي نظامي جو جواب،

در يگانو آھي منھنجو ھيءُ ڪتاب

ھن سخن کي شعر گوئي تون نھ ڄاڻ

آيتن وانگر مٿس ايمان آڻ

 

- نواز علي شوق

 


 

 

ديباچو

 

ديوان آشڪار کان سواءِ سچل سائين جو سمورو فارسي ڪلام ظني آھي، ڇو جو اھو ڪنھن بھ مستند نسخي تان حاصل نھ ڪيو ويو آھي. ڪجھھ سالن کان محترمي علي اڪبر درازي ڪجھھ فارسي ڪلام شايع ڪرايو آھي. پر ان تي تقنيدي نگاھ وجھڻ سان معلوم ٿيندو تھ اھو ڪلام ڪنھن تحقيق کان سواءِ ڇاپرايو ويو آھي. ڇو جو ان ۾ علم عروض ۽ زبان جون ڪافي غلطيون آھن. سچل سائين جھڙو عظيم شاعر اھڙيون ۽ ايتريون غلطيون ڪري نٿو سگھي. مان سمجھان ٿو تھ اھو ڪلام اھڙن ڪاتبن لکيو آھي، جيڪي فارسي زبان جا ڄاڻو نھ ھئا، ۽ اھڙن ڪاتبن جي ھٿان اتارجي اتارجي موجوده حالت تي پھتو آھي.

١٩٥٤ع ڌاري مون بھ سچل سائين جي مثنوين جو منظوم ترجمو ڪيو ھو. انھن مان ڪجھھ مثنويون ماھنامھ ”نئين زندگي“ ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيون ھيون. وري ١٩٦٤ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن جي شايع ڪرايل منھنجي ڪتاب ”سچل سرمست“ ۾ ”رھبر نامو“ کان سواءِ سموريون مثنويون ڏنيون ويون اھن. مثنوي ”رھبر نامو“ منھنجي ڪتابن ۾ ھيٺ مٿي ٿي وئي ھئي، جيڪا ھينئر ھٿ آئي آھي ۽ نقل ڪري محترمي ڊاڪٽر نواز علي شوق جي اصرار تي سندس حوالي ڪري رھيو آھيان.

مون انھن مثنوين جا ٻھ نسخا ڀيٽيا ھئا: ھڪ مرحوم محبوب علي چنا صاحب جو. جيڪو محترمي قاضي علي اڪبر صاحب جي نسخي سان ڀيٽيل ھو، ۽ ٻيو ڪرم علي فقير جو، جيڪو مرحوم محمد پناھ سومري راڻيپور واري جي نسخي (١٢٦٠ ھجري ۾ لکيل) تان اتاريل ھو. انھن ٻنھي نسخن ۾ گھڻي ڦيرڦار ٿيل ھئي. مون ڪرم علي فقير واري نسخي تي گھڻو اعتبار ڪيو ھو، ڇو جو اھو تيرھين صدي ھجري جي پراڻي ۽ مستند نسخي تان نقل ٿيل ھو. ان ھوندي بھ مان پنھنجي ترجمي ڪيل مثنوين کي ايترو مستند نٿو سمجھان، جيترو سمجھڻ گھرجي. انھن سڀني نسخن جي ادبي ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ جي سخت ضرورت آھي.

 

- عطا محمد حامي

پھرين فيبروري ١٩٨٢ع


 

(1)  ھيءَ مثنوي سڀني مثنوين کان ڊگھي آھي. ھن ۾ ڪل ٩٠٥ شعر آھن. منڍ ۾ حمد، بعد ۾ منقبت ۽ پوءِ اھل بيت جي شان ۾ شعر ڏنل آھن، ھن مثنوي جو اھم عنوان تخليق آدم آھي. گھڻي ۾ گھڻا شعر ھن موضوع تي چيل آھن. (ن- ش)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org