مقدمو
حسب نسب
خاندان
سچل سرمست عرب جي مشھور و معروف فاروقي خاندان سان تعلق رکي ٿو.
سندس مورث اعليٰ شھاب الدين اول بن عبدالعزيز بن
عبدالله بن عمر سنھ ٩٣ ھجري ۾ سنڌ جي فاتح محمد بن
قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. ان وقت سپه سالاري جا
فرائض محمد بن قاسم انجام ٿي ڏنا، تھ عباسي خاندان
مان شيخ محمود بن محمد بن علي بن عبدالله بن عباس
تي خطبي پڙھڻ جي ڊيوٽي ھئي ۽ پيش امامي جو ڪم شيخ
شھاب الدين کي سونپيل ھو. سنڌ فتح ڪرڻ بعد محمد بن
قاسم شيخ شھاب الدين فاروقي کي سيوھڻ جو حاڪم مقرر
ڪيو. ھي سنڌ جو پھريون مسلمان حاڪم ھيو. ھن کان
پوءِ سندس ڇھھ پيڙھيون لڳاتار ديني خواه دنيوي
حڪومت جون واڳون سنڀالينديون رھيون. آخرڪار سن
٢١٧ھجري ۾ سلطان محمود غزنوي سنڌ فتح ڪري ان وقت
جي فاروقي حاڪم محمد کي پينشن مقرر ڪري ڏني. جيڪا
ھو سال بسال وٺندو رھيو ۽ تاريخ ٢ رمضان ٢٢١ ھجري
۾ وفات ڪيائين. ان کان پوءِ زماني جي انقلاب سبب
ھن خاندان جي ٻانھن خدا آباد جي ڀرسان نوريجن جو
ڳوٺ ٻڌو، جتي ڪيترا فاروقي بھ لڏي اچي ويٺا.
آخرڪار محمد فاروقي جي اولاد مان اڻويھين پيڙھي
مخدوم نور الدين بن وحيد الدين جا ٻھ فرزند مخدوم
ابو سعيد ۽ مخدوم بدر الدين سنھ ٦٦٥ ھجري ۾ غوث
بھاءُ الدين جي خليفي شاه جمار جا مريد بڻجي صاحب
ڪماليت ٿيا. ۽ مرشد جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ سيوھڻ ۽
نوريجن کي خيرباد چئي، گاگن واري پرڳڻي (گاگڙي) ۾
اچي سڪونت پذير ٿيا. مخدوم شاه جمار جو مقبرو گمبٽ
تعلقي جي شھر گڏيجي جي ڀرسان آھي ۽ مخدوم ابو سعيد
جو مقبرو ديھھ راڻي پور مڪان مرسيجي ۾ آھي.
مخدوم ابو سعيد ۽ مخدوم بدر الدين مرشد کان فيض حاصل ڪرڻ بعد
ڪافي رياضتون ۽ مجاھدا ڪيا، ايتري قدر جو جنگ ۾
گاھ ۽ ڏڌ کائي پيٽ جو پورائو ڪندا ھئا. شيخ بھاءُ
الدين ذڪريا ملتاني جڏھن سنڌ ۾ آيو، تڏھن ٻنھين
ڀائرن کي ڏوٿيئڙن جي لقب سان ياد ڪيائين. انھي
مخدوم ابو سعيد جي نائين پيڙھي خواجھ محمد حافظ
عرف ميان صاحبڏنو درازن جي موجوده درگاه جو باني
ٿيو.
درازا
درازن جي شھر تي اھو نالو فاروقين جي ھڪ نوڪر جي نالي پٺيان
پيو. اھو ھئن جو فاروقين مان ھڪ شخص ميان احمد
نالي سرڪاري ملازمت ۾ ھو، جنھن جي ايمانداري سان
نوڪري ڏيڻ جي عيوض گمبٽ ۽ راڻي پور جي وچ واري
زمين فاروقين کي جاگير طور ملي ھئي. فاروقين اھا
زمين پنھنجي ٻن نمڪ حلال نوڪرن دراز ونڊير ۽ ڪاجن
ونڊير کي آبادي لاءِ ڏني، جتي ھو پنھنجا ڳوٺ ٻڌي
ويٺا، ۽ سندن نالن پٺيان دراز ۽ ڪاجن جا ڳوٺ مشھور
ٿي ويا. انھن مان ڪاجن جو ڳوٺ ڦٽي ويو آھي. باقي
دراز جي عمر ھيمشھ دراز آھي.
درگاهه جو سلسلو
درازن جي درگاه سچل سائين جي نالي کان مشھور آھي. پر انھي کي
قائم ڪندڙ سچل سائين جو ڏاڏو خواجھ محمد حافظ ولد
ميان عبدالوھاب آھي، جيڪو سنھ ١١٠١ ھجري ۾ مٽي جي
ملڪ تي آيو. کيس صاحبڏنو موراڳي ۽ سوائي جي نالي
سان بھ سڏيندا ھئا. ان وقت جي رواج موجب عربي ۽
فارسي علوم ۾ تحصيل ڪري سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿو.
موره جي ديھھ ۾ ڪلھوڙن طرفان فصلي ضابطھ جو ممتاز
عھدو ماڻيائين. ھڪ دفعي جيئن گھوڙي تي سوار ٿي
نوڪري تي وڃي رھيو ھو، تيئن ڪوٽڙي ڪبير ۽ ڏيوڻي جي
وچ تي ھڪ مجذوبھ عورت گھوڙي جي واڳ جھلي، سندس
رستو روڪي بيھي رھي ۽ ڪجھھ بيت ڏيئي چوڻ لڳي: ”خدا
توکي ٿو ڳولي، تون ڪنھن جي ڳولا ۾ آھين.“ مجذوبھ
جي گفتگو ٻڌي خواجھ صاحب تي حال پئجي ويو ۽ نوڪري
وغيره ڦٽي ڪري، جھنگل وسائي چلھ ڪشي ڪيائين.
چاليھن چلن ڪڍڻ بعد شاه عبدالله جيلاني اچي کيس
مريد ڪيو. اھو قصو سچل سرمست پنھنجي مشھور تصنيف
”راز نامھ“ ۾ ھن ريت منظوم ڪيو آھي:
نام جدم مشتھر صاحبدنھ
ھمھ محمد حافظ است در سلسلھ
روز يک مي رفت بيرون از شھر
بود خواجھ بر تماشائي دگر
درميان ڪوتري و ديونھ
ديد يک ديوانھ زن بُد برھنھ
بيبي بصري بود ظاھر نام او
کس نمي دانست او را تارمو
ناگھان ديوانھ زن پيشش رسيد
گفت با آن خواجھ و آھي کشيد
بشنو از من راز اي مرد خدا
آن خدا در ڪار تو تو تا ڪجا
بيتھا سندي بگفتا از زبان
آن به بيش تو ھمي سازم عيان.
١. چري کري بصري، کري تان ڪرنانھن،
وئي پرائي، وھانءِ تنھنجو ھينئڙو تا ھئين ٿيو.
٢. جئان گھڻو جڳ ۾، پر جم نھ جيئڻ ڏئي،
باب نھ پڙھج بي، ھج آلوده الف سان.
٣. ور سان وجھيو ڪاڻ، کر سان کليو سمھين،
آيل اھي اھڃاڻ، جو ڪڻ ڇڏي تھھ ابھين.
از شنيدن خواجھ آن بيخود شده
باز پس گرديد عاشق خود شده
پارچھ عمامھ را از سر ڪشيد
جرعه از مي خانھءِ الفت چشيد
آمده بشگافت جنگل گوشھ يافت
جز محبت ھرچھ بُد روئي بتافت
چھل چلھ اندر آن بيشه کشيد
بعد مدت شه عبيدالله رسيد
دستِ بيعت خواجھ را داد آن زمان
کشف بخشيد از مڪان تا لامڪان.
شاھ عبيدالله شيخ عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان ھيو ۽ پنھنجي
ٻن ڀائرن ھر ھڪ شاه ڪليم الله ۽ شاه عبدالملڪ سان
گڏجي سنڌ ۾ آيو ھو. شاه ڪريم بلڙي واري شاه ڪليم
الله کان باطني فيض حاصل ڪيو ھو ۽ شاه عنايت الله
صوفي جھوڪ واري شاه عبدالملڪ جي مريدي اختيار ڪئي
شاه عبيدالله خواجھ محمد حافظ سان روح رچنديون ڪري
اجمير شريف ھليو ويو. سندس مزار بھ اتي خواجھ معين
الدين چشتي جي درگاه عاليھ ۾ آھي.
خواجھ محمد حافظ جي چلھ ڪشي واري وقت ۾ شاه
عبداللطيف ڀٽائي رح بھ ساڻس ملاقاتي ٿيو ھو. اھو
مخدوم محمدي جو زمانو ھو ۽ نھ مخدوم احمدي جو،
جيئن مرحوم مولانا محمد صادق راڻيپورائي سچل سرمست
جي سرائڪي ڪلام ۾ لکيو آھي. انھيءَ ملاقات جو ذڪر
تذڪره مخاديم کھڙا ۾ ھن ريت آيل آھي: ”شاه صاحب
سير و سفر ڪندي اتفاقا کھڙن جي ٻاھران چنيھھ فقير
جي کوھ تي اچي منزل انداز ٿيو ۽ مخدوم صاحب وٽس
دعوت لاءِ ماڻھو موڪليو. شاه صاحب مخدوم صاحب
ڏانھن ھيٺيون بيت چورائي موڪليو.
”اڄ نھ آيس آءُ، صبح ايندس سپرين،
توتي جنھنجو نانءُ، کڻي بار کھين جو.“
صبح سان شاه صاحب مخدوم صاحب جو مھمان ٿيو ۽ پورو ھفتو مخدومن
سان رھاڻيون ڪري درازن ۾ اچي خواجھ محمد حافظ سان
ملاقات ڪيائين. چون ٿا تھ شاه صاحب جي اچڻ وقت
خواجھ صاحب ھڪ غار ۾ معتڪف ھو. شاه صاحب غار جي
مٿان بيھي چيو: ”ھتي پڪل گدري جي بوءِ ٿي اچي.“
پوءِ اندر وڃي خواجھ صاحب سان مليو ۽ چيائين، ”يار
کي لڪائڻ نھ گھرجي،“ ساڻس روح رچنديون ڪري ٻاھر
لوڙھي ۾ آندائين. تذڪره مخاديم ۾ اھو بھ لکيل آھي
تھ شاه صاحب خواجھ صاحب کي امانت جي صاحب ٿيڻ جي
نشاني ڏني ۽ اتي ساڻس گڏجي کوھي ۾ بھ کوٽيائين.
والله اعلم بالصواب.
درحقيقت ھي اھا کوھي ھئي جنھن متعلق متواتر
روايتون آھن تھ جڏھن شاه صاحب ۽ خواجھ صاحب اندر
ھئا تڏھن ڪنھن کي بھ اندر اچڻ جي اجازت ڪانھ ھئي.
مگر چنيھھ فقير اچڻ شرط اچي ٽپو ڏنو. جنھن تي شاه
صاحب کيس چيو: ”تنھنجي ’چ‘ ڪڍي نسورو ئي ’نينھن‘
بڻائي ٿا ڇڏيون. فقيري جو ويس اسان ٿا ڏيون ۽ طلب
صاحبڏني کان وٺ.“ انھي وقت کان وٺي چنيھھ فقير ۽
سندس خاندان جو ويس نيرو ھلندو ٿو اچي. اھو چنيھھ
فقير مخدوم عبدالرحمان شھيد جي دعا سان ڄائو ھو ۽
مخدوم صاحب ننڍپڻ ۾ ئي فرمايو ھو: ”ھن ڇوڪر کي
طريقت جي امانت فاروقي خاندان مان حاصل ٿيندي.“
خواجھ محمد حافظ کي شاه عبيدالله جي نظر فيض اثر ذري مان آفتاب
بڻائي ڇڏيو. ٿوري صحبت ۾ ئي طريقت جا سمورا مرحلا
طئي ڪري حقيقت ۽ معرفت جو صاحب بڻجي پيو. مرشد کان
خلافت جو خرقو حاصل ڪري درگاھ جو سلسلو جاري
رکيائين.
شاه عبيدالله موڪلائڻ وقت خواجھ صاحب کي فرمايو تھ: درگاه جو
سجاده نشين لوڙھي ۾ رھي خاندان جو ھر فرد سجاده
نشين جي بيعت ڪري ۽ ٻيو ڪوبھ بيعت نھ وٺي. انھي
حڪم تي تعميل اڄ تائين ٿيندي رھي ٿي. ڪتاب ”دولھھ
درازي“ ۾ قاضي علي اڪبر صاحب لکيو آھي تھ: گمبٽ ۽
راڻي پور ۾ اڳ ۾ ئي جيلاني بادشاھن جون ٻھ مشھور
گاديون ھيون. ٻئي بادشاه (خواجھ محمد حافظ جي)
ايترو رجوعات ڏسي تعجب ۾ پيا تھ ھي ڪير فقير آھي،
جنھن اسان جي وچ ۾ اچي ديرو دمايو آھي. اھا روايت
بلڪل غلط آھي ڇو تھ خواجھ محمد حافظ جي درگاه جو
بنياد مخدوم محمدي جي ڏينھن ۾ پيو، جڏھن ساڻس شاه
عبداللطيف جي ملاقات بھ ٿي ھئي. گمبٽ ۽ راڻيپور
جون ٻئي درگاھون مخدوم احمدي جي وقت سنھ ١١٧١ ھجري
کان پوءِ محمد شاه ۽ احمد شاه جيلانين اچي قائم
ڪيون. صاحبڏنھ سائين جي درگاه انھن جي اچڻ کان اڳ
۾ ئي قائم دائم ھئي.
خواجھ صاحب ٩١ سال ناسوتي ملڪ جو سير ڪري ١١٩٢
ھجري ۾ ابدي وصال ماڻيو. کيس ٻھ فرزند ھيا: ١-
ميان صلاح الدين ٢- ميان عبدالحق – ملفوظات پير
محمد راشد ۾ ذڪر آھي تھ پاڳارن جي درگاه جو باني
پير محمد بقا شاه مخدوم محمد اسماعيل جي وفات بعد
ميان صاحبڏني وٽ روحاني فيض جي اضافي لاءِ آيو
ھيو.
ميان عبدالحق
ميان عبدالحق خواجھ محمد حافظ جو ننڍو فرزند ھو. مگر شاه
عبيدالله مسند
نشيني
جي
سلسلي
۾
وڏي
فرزند
ميان
صلاح الدين جي بدران سندس ئي نالو لکيو ھو. تنھن
ڪري خواجھ عبدالحق مسند نشين ٿيو. مرزا علي قلي
بيگ جي اھا روايت غلط آھي جڏھن ميان صاحبڏني وفات
ڪئي، تڏھن سندس وڏي پٽ خوشيءَ سان ننڍي ڀاءُ کي
ھٿن سان گاديءَ تي ويھاريو. ڇو تھ ميان عبدالحق جي
گادي نشين ٿيڻ کان گھڻو اڳ ميان صلاح الدين وفات
ڪري ويو ھو.
ميان عبدالحق ١١٢٠ ھجري ۾ ھن مٽي جي ملڪ تي آيو ۽ پنھنجي والد
بزرگوار جي وفات بعد خلافت تي ويٺو. ھو پنھنجي
زماني جو ھڪ وڏو عارف ۽ جيد عالم ٿي گذريو آھي.
سندس ديني فتوي ٰکي حرف آخر ڪري ڄاتو ويندو ھو.
ڪيترائي روحانيت جي فيض جا پياسي ڏورانھن ڏيھن تان
پنڌ ڪري وٽس اچي پنھنجي پياس پوري ڪندا ھئا. سچل
سرمست وٽ جيڪڏھن ڪوبھ ماڻھو مريد ٿيڻ ايندو ھو تھ
کيس پنھنجي مرشد ميان عبدالحق ڏانھن رجوع ڪندو ھو
۽ سندس گھڻي عزت رکندو ھو. رازنامھ ۾ سندس تعريف
ڪندي آخر ۾ چئي ٿو ڏئي:
مدح او از مانمي گردد تمام
ھرچھ گفتم آن بود بس والسلام.
ميان عبدالحق دنيا کان بي نياز رھي حقيقت ۽ معرفت جو ملڪ وسائي
آخرڪار سن ١٢١٣ ھجري ۾ برقعو مٽايو. کيس پنج پٽ
ھئا، جي پڻ وڏا عارف ٿي گذريا آھن. سندن نالا
مبارڪ
ھي آھن: ١- قبول محمد ٢- زين العابدين ٣- دين محمد ٤- ولي محمد
٥- خدا داد.
سخي قبول محمد اول
ميان عبدالحق کان پوءِ سندس وڏو فرزند سخي قبول محمد اول مسند
نشين ٿيو. ھو سن ١١٨١ ھجري ۾ ڄائو ۽ ١٢٤٥ ھجري ۾
وفات ڪيائين. انھي سخي قبول محمد جي وصال کان ٽي
سال اڳ سچل سرمست برقعو مٽايو. ھو ھڪ وڏو پرھيزگار
متقي ۽ متوڪل درويش ٿي گذريو آھي. جيڪي ھٿ ايندو
ھوس اھو في سبيل الله ڏئي ڇڏيندو ھو. تنھن ڪري کيس
ھر ڪو سخي جي نالي سان پڪاريندو ھو. کيس ڇھھ فرزند
ھئا:
١- خواجھ نظر محمد ٢- خواجھ محمد حافظ ٣- خواجھ محمد سعيد
٤-خواجھ سرور علي ٥- خواجھ موجود علي ٦- خواجھ
محمد غوث.
سخي قبول محمد اول کان پوءِ ھيٺيان بزرگ فقيري جي خلافت کي رونق
بخشيندا رھيا.
خواجھ نظر محمد |
ولادت ١٢٠١ ھجري |
وصال ١٢٥٢ ھجري |
خواجھ نجم الدين |
ولادت ١٢٣٩ ھجري |
وصال ١٢٧٢ ھجري |
سخي قبول محمد ثاني |
ولادت ١٢٦١ ھجري |
وصال ١٣٤٣ ھجري |
خواجھ صاحبڏنھ ثاني |
ولادت ١٣٠٧ ھجري |
وصال ١٣٥٠ ھجري |
خواجھ قبول محمد ثالث |
ولادت ١٣٣٢ ھجري |
وصال ١٣٧١ ھجري |
ھن وقت خواجھ عبدالحق ثاني مسند نشين آھي. سندس تاجپوشي ٢٥
جنوري ١٩٥٢ع تي ٿي ھئي.
زندگيءَ جو احوال
ولادت ۽ نالو
سچل سائين جي ولادت باسعادت سن ١١٥٢ ھجري مطابق ١٧٣٩ع ۾ ٿي. ھو
خواجھ محمد حافظ جي وڏي فرزند ميان صلاح الدين جو
ھڪڙو ئي پٽ ھو. سندس نالو پڙڏاڏي جي نالي تي
عبدالوھاب رکيائون. مگر ھو سچل، سچيڏنو ۽ سچو جو
نالي سان مشھور آھي. سندس چاچو ۽ مرشد ميان
عبدالحق کيس پيار مان انھن نالن سان پڪاريندو ھيو.
پاڻ بھ سنڌي سرائيڪي خواه اردو ڪلام ۾ تخلص طور
اھي ئي نالا ڪم آڻيندو ھيو. باقي فارسي ۾ سندس
تخلص آشڪار ۽ خدائي آھي.
پيشن گوئي
سچل سائين جي ٻالپڻ وقت ئي شاه عبداللطيف خواجھ محمد حافظ سان
ملاقات ڪئي ھئي. ان وقت سچل سائين جي پيشاني ۾
ولايت جا آثار ڏسي خواجھ صاحب کي چيو ھئائين:
”اسان جيڪا عشق جي ديڳ چاڙھي آھي، ان جو ڍڪ ھي ٻار
لاھيندو.“ اھا اڳڪٿي حرف بحرف صحيح نڪتي. مرزا علي
قلي بيگ ۽ مولانا محمد صادق راڻيپوري پنھنجي ڪتابن
۾ لکيو آھي تھ: شاھ صاحب اھا پيشنگوئي ان وقت ڪئي
ھئي جڏھن ميان عبدالحق جي پنجن پٽن سان گڏ سچل
سائين ڏٺو ھئائين. مگر حقيقت ان جي برعڪس آھي، ڇو
تھ ميان عبدالحق جي مسند نشين ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شاھ
صاحب رحلت ڪري چڪو ھو ۽ ميان عبدالحق جو وڏو فرزند
ميان قبول محمد ئي شاھ صاحب جي وفات کان پوءِ سن
١١٨١ ھجري ۾ ڄائو ھو. شاھ صاحب صرف خواجھ محمد
حافظ جي وقت ۾ درازن ۾ آيو ھو ۽ سچل سائين سان گڏ
ميان عبدالحق کي ڏٺو ھوندائين، جنھن جي عمر سچل
سائين جي ولادت جي وقت ٻٽيھھ سال ھئي.
ننڍپڻ ۽ تعليم
سچل سائين اڃا ڇھن سالن جو مس ھيو تھ سندس والد بزرگوار برقعو
مٽائي ويو ۽ ھن در يتيم جي سنڀال خواجھ محمد حافظ
۽ ميان عبدالحق ڪئي.
سچل سائين انھيءَ ماحول ۾ پرورش پاتي جيڪو ديني خواه دنيوي لحاظ
سان اتم ھو. خواجھ محمد حافظ خواه سندس جاءِ نشين
ميان عبدالحق پنھنجي وقت جا وڏا ولي ۽ جيد عالم
ھئا. وٽن رات ڏينھن ظاھري خواه باطني علوم جي محفل
گرم ھوندي ھئي. انھي ئي فيض جي چشمي مان سيراب ٿيل
حافظ عبدالله قريشي صديقي کي سچل سائين جي پڙھائڻ
جو ڪم سونپيو ويو. ڪامل استاد وٽ فھيم طبع واري
ذھين شاگرد ڪافي پرايو ۽ ٿوري عرصي ۾ ئي قرآن ڪريم
حفظ ڪري ورتائين. عربي ۽ فارسي علوم جي تڪميل ميان
عبدالحق وٽ ڪيائين. قرآن، حديث، فقھ، منطق، فلسفھ
۽ تصوف جون رمزون بھ پنھنجي چاچي وٽان سکيو.
ڪتاب ”دولھھ درازي“ ۾ قاضي علي اڪبر صاحب ھڪ عجيب روايت پيش ڪئي
آھي تھ سچل سائين کي سندس استاد عبدالله قريشيءَ
نھ پڙھڻ ڪري چماٽ ھنئي، جنھن ڪري سندس ٻانھن سڪي
پئي،جيڪا بعد ۾ سچل سائين جي ھٿ گھمائڻ سان ٺيڪ
ٿي وئي. اول تھ حافظ عبدالله قريشي جھڙو فاضل ۽
ڪامل استاد، جيڪو ميان عبدالحق جھڙي عارف وٽان
ظاھري خواه باطني فيض حاصل ڪري چڪو ھو، سو سندس
ڀائٽي کي چماٽ ڪيئن ھڻندو، پر جيڪڏھن خدا نخواستھ
ھن چماٽ ھنئي بھ ھجي تھ بھ انھي ۾ سندس نيت نيڪ
ھوندي. اھڙي نيڪ نيتي جي ڪري ٻانھن جو سڪڻ عجيب
ڳالھھ آھي.
ازانسواءِ انھيءَ عبدالله قريشي لاءِ سچل سائين جي تصنيف ڪيل
قطع تاريخ موجود آھي. جنھن ۾ سرمست سائين کيس محرم
راز، عارف باالله ۽ واصل بحر ذات الاالله تسليم
ڪيو آھي. اھا روايت ڪنھن بھ تذڪره ۾ آيل ڪانھ آھي.
پتو ناھي تھ قاضي صاحب ڪنھن وٽان ٻڌي پنھنجي ڪتاب
۾ آندي آھي.
بيعت
سچل سائين فقيري جي سلسلي ۾ ميان عبدالحق جو دست بيعت مريد ھيو.
ھن وٽان ئي طريعت جا مرحلا طئي ڪري حقيقت ۽ معرفت
جو صاحب بڻيو. پنھنجي مرشد سان بيحد عقيدت ھيس،
ايتري قدر جو سندس آڏو ٻڙڪ بھ نھ ٻوليندو ھو ۽
ھميشھ غلامي ۾ گذاريندو رھيو. مرشد جي اولاد جي بھ
حد کان وڌيڪ عزت رکندو ھو. ميان عبدالحق جي وفات
کان پوءِ سخي قبول محمد اول جو خاص خليفو ٿي رھيو.
شادي
سچل سائين کي شادي بھ سندس چاچي ۽ مرشد ميان عبدالحق پاڻ وٽان
ڪرائي. بيبي صاحبھ ٻھ سال حيات ھئي، مگر ڪوبھ
اولاد ڪونھ ٿيو.
حليو ۽ لباس
مرحوم عثمان علي انصاري جي تحقيق موجب سچل سائين جو قد وچولو،
رنگ صفا، پيشاني کليل ۽ ٻھڪندڙ ۽ وار ڊگھا ھيس.
مٿي تي سائي رنگ جو تاج پائيندو ھو ۽ بدن تي اڇو
چولو.
سچل سائين ننڍپڻ کان وٺي نھايت بردبار ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو
انسان ھو. گھڻو ڪري صبر سانت ۽ فڪر ۾ گذاريندو ھو.
عيش ۽ آرام جو خيال دل ۾ ڪين ايندو ھيس. ايتريقدر
جو حياتي ۾ ڪڏھن کٽ تي نھ سمھيو. ڪاٺ جي صندل تي
يا ھيٺ ڌرتيءَ تي سمھندو ھو. گھڻو ڪري بيراڳڻ جي
ٽيڪ تي ذڪر فڪر ۾ رات گذاريندو ھو. عمر ڀر نھ ڪنھن
شڪار جي ويجھو ويو ۽ نھ ڪنھن جانور کي ذبح ڪيائين.
نشيدار شين کان دور رھندو ھو.
شيخ محي الدين، ابن عربي، فريد الدين عطار، احمد
جام ۽ ٻين صوفي بزرگن جي تصنيفات جو مطالعو سندس
خاص وندر ھئي. راڳ ۽ ويراڳ جو ايترو شوق ھيس جو
ڪنھن ساز تي ھٿ لڳڻ سان بيخود ۽ سرشار ٿي ويندو
ھو.
مٿين سڀنن ڳالھين جي باوجود درگاه جو انتظام سندس ھٿ ۾ ھو.
سمورو ڪاروبار پنھنجن ٻالڪن جي معرفت پاڻ
سنڀاليندو ھو. پنھنجي چاچي ميان عبدالحق خواه سندس
پٽ سخي قبول محمد ٻنھين جو خليفو ٿي رھندو ھو. ۽
سندن پاران شادي غمي خواه ٻين ڪمن لاءِ پاڻ ويندو
ھو. وقت جي حاڪمن خاص ڪري مير سھراب خان ۽ مير
رستم خان سان سٺا تعلقات ھيس. راڻيپور، گمبٽ،
کھڙا، پير ڳوٺ ۽ ٻين درگاھن سان لاڳاپا ھيس. ڪن
سڄڻن لکيو آھي تھ: کھڙن جا مخدوم برخلاف ھيا. پر
اھا ڳالھھ حقيقت جي برعڪس آھي. ان لاءِ تذڪره
مخاديم جو ھي حوالو ڪافي آھي تھ: ھڪ دفعي مخدوم
محمد عاقل اول سان سندس ڀاءُ مخدوم محمد جو جاگيرن
جي سوال تي تڪرار ٿي پيو ۽ ھو مير سھراب خان وٽ
پڪاري پڪاري ٿڪجي پيو. پر سندس ڪجھھ بھ نھ وريو.
آخرڪار ھو سخي قبول محمد ۽ سچل سائين وٽ دانھن کڻي
ويو. سچل سائين مخدوم محمد عاقل وٽ سفارش لاءِ
آيو. تھ مخدوم صاحب پنھنجي مھر کڻي سچل سائين جي
حوالي ڪئي. جنھن فيصلو ڪري ملڪيت جو مناسب حصو
مخدوم صاحب جي ڀاءَ کي ڏياري ٻنھي کي کير کنڊ
بنائي ڇڏيو. اھو مخدوم محمد عاقل مخدوم محمد
اسماعيل پريالوءِ واري جو داماد ھو.
سير سفر
سچل سائين درگاه جي خلافت سبب دور دراز ملڪن جو سير ڪونھ ڪيو.
البت مرشدن جي ڪم ڪار سان سکر، روھڙي، شڪارپور ۽
لاڙڪاڻي تائين ڪڏھن ڪڏھن ويندو ھو.
طالب
سچل سائين ڪنھن بھ طالب کي پنھنجو دست بيعت مريد نھ ڪندو ھو.
جيڪو وٽس طلب وٺڻ ايندو ھو، ان کي پنھنجي مرشد
ڏانھن رجوع ڪندو ھيو. سندس مرشد وري اھڙن طالبن کي
ذڪر ڏئي سچل سائين جي صحبت ۾ رھڻ جو حڪم ڪندو ھيو.
سندس اھڙن طالبن مان ھيٺيان مشھور آھن.
١- فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو ٢- فقير محمد صالح قادري لاڙڪاڻي
وارو ٣- فقير محمد صلاح دونھين وارو ٤- فقير گھرام
جتوئي ٥- فقير شير خان ڀنڀرو ٦- جانو فقير
شڪارپوري ٧- سيد خير شاه ٨- سيد پير شاه ٩-حاجي
عثمان چاڪي ١٠- سيد حسن شاه ١١- فقير محمد صديق
١٢- فقير شير علي ١٣- حيدر شاهه.
تصنيفات
سچل سائين وڏو پرگو ۽ بلند پرواز شاعر ٿي گذريو آھي. سنڌ جو ٻيو
ڪوبھ شاعر ڪونھي جنھن مختلف ٻولين ۾ ايترو ڪلام
چيو ھجي. عام روايت آھي تھ سچل سائين پنھنجي آخري
عمر ۾ پنھنجو اھو ڪلام ضايع ڪري ڇڏيو، جيڪو شطحيات
تي مبني ھيو. مرزا علي قلي بيگ جي تحقيق موجب ھو
پنھنجي انتقال وقت جيڪو ڪلام ڇڏي ويو ان جو تعداد
نو لک ڇٽيھھ ھزار ڇھھ سو ڇھھ بيت ھيو. ھن وقت سندس
مطبوعھ ۽ عير مطبوعھ ڪالم جو تفصيل ھي آھي:
١- سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ۽ دوھڙا
٢- اردو غزل
٣- مرغ نامھ سنڌي
٤- وحدت نامھ سنڌي
٥- قتل نامھ سنڌي
٦- جھولڻا ۽ گھڙوليون
٧- سنڌي مرثيا
٨- ديوان آشڪار فارسي
٩- رازنامو فارسي
١٠- وحدت نامو فارسي
١١- رھبر نامو فارسي
١٢- عشق نامو فارسي
١٣- گداز نامو فارسي
١٤- وصلت نامو فارسي
١٥- تارنامھ فارسي
١٦- ساقي نامو فارسي
١٧- بحر طويل فارسي
بيماري ۽ وصال
سچل سائين جي صحت ھميشھ سالم رھندي ھئي. مگر پڇاڙي ۾ خوني اسھال
سبب بيمار ٿي پيو. ڪيترن ئي پرت جي پانڌيئڙن کي
معرفت جي منزل تي پھچائي تاريخ ١٤- رمضان ١٢٤٢
ھجري مطابق ١٨٢٩ع ۾ انتقال فرمايائين. بيدل فقير
سندس وفات جون تاريخون ھڪ سنڌي ۽ ٻھ فارسي ۾ چيون
آھن. جي ٽيئي ھت ڏجن ٿيون.
سنڌي
عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار ھو
مست سالڪ شھھ سچل عاشق اتي اظھار ھو
برھھ جي برسات جو تنھن وير تي وسڪار ھو
ظاھر ۽ باطن تنھين وٽ درد جو ڌڌڪار ھو
وجد وحدت جو سدا خاصو تنھن خمار ھو
مرد سو منصور وانگر عشق جو اوتار ھو
منجھھ سخن ان الوھيت سندو آثار ھو
جنگ جذبھ جوش مستي ۾ مثل عطار ھو
پانھنجي رائي پرين نوي ورھيھ نروار ھو
پوءِ وصل جي موج ماڻي ذوق کان ذخّار ھو
سن ٻارھن سو ٻائيتاليھھ ۾ تيار ھو
چوڏھين رمضان جي ھادي اھو ھسوار ھو
قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار ھو
در تھين داتا جي ”بيدل“ پرت جو پينار ھو.
قطعھ تاريخ فارسي
در بيعنائي ازل ترڪيد شد مخروج عشق
کف ز دريائي محبت کرد بيرون موج عشق
از خدا بودي صديق و پيش احمد شد سچو
از علي صادق يقين و پيشوا مخروج عشق
سال اورا منشيءِ بر لوح تقدير اين نوشت
بود بر برج ھدا و آفتاب اوج عشق.
قطعھ تاريخ فارسي
چون سالڪ سچو زين طلسم مجاز
سوي آشيان رفت چون شاھباز
زھي صاحب وجد منصور وقت
کھ بي مثل بوده بھ سوز و گداز
بھ ھنگام سرجوشيءِ حالتش
نگاھش ھمي بود طالب نواز
بھ نيم التفاتي کزو يافتند
بھ يک لحظھ طي گشتھ راه دراز
زھر دو جھان دست شست آن کسي
کھ شد محرم راز آن عشق باز
چون شد جان او عازم وصل اصل
شنيد ارجعي با ھزار عز و ناز
دلم جست سال وصالش ز جان
بگفتا: کھ درياي ذخّار راز.
|