سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :3

 

سچل سائين جو زمانو

 

سياسي حالتون

سچل سائين انھي زماني ۾ پرورش پاتي جيڪو سياسي لحاظ کان پرآشوب ھيو. سياست سانڊي وانگر ستئي رنگ ظاھر ڪري رھي ھئي. شاه عنايت جھوڪ واري ۽ مخدوم عبدالرحمان کھڙن واري جي شھادت جي ياد پراڻي نھ ٿي ھئي. ڪيترا ماڻھو جيئرا ھيا، جيڪي مٿين واقعن وقت موجود ھئا. ميان غلام شاه ڪلھوڙي ۽ سندس ڀاءُ عطر خان جي ويڙھ، مير بھرام خان جو پنھنجي پٽ مير صوبدار سميت بي دردي سان قتل ٿيڻ، ميان سرفراز خان جو شھيد ٿيڻ، ۽ مير بجار خان جو دغا سان قتل ٿيڻ وغيره سمورا واقعا سچل سائين جي وقت ٿيا. انھن کان سواءِ ڪلھوڙن جي ڪمال جو سج لھڻ ۽ ٽالپرن جي اقبال جو آفتاب اڀرڻ سچل سائين پنھنجي اکين سان ڏٺا. ھي اھو زمانو ھيو، جڏھن مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ اچي پنھنجي قھر جو طوفان کڙو ڪيو ھو. مير سھراب خان جو ڀاءُ مير غلام محمد خان عمرڪوٽ جي قلعي وٽ راجپوتن ھٿان مارجي چڪو ھو. مير صاحبان راجپوتن، سکن ۽ دائودپوٽن جي بچاءُ کان حربي قلعن ٺھرائڻ ۾ مصروف ھئا. مطلب تھ ملڪ ۾ جابجا خوف و ھراس جي باه ڀڙڪا کائي رھي ھئي. ھوڏانھن فرنگي سياست جو ڄار ھندستان مان ھلي سنڌ ۾ شيان جي آنڊي وانگر ور وڪڙ کائي رھيو ھو.

 

مذھبي حالتون

سياسي بي اعتدالين سان گڏ مذھبي حالتون بھ نراليون ھيون. کھڙن جي مخدومن جو ايڏو زور ھو، جو ٿوري گھڻي ڳالھھ تي ھندن کي زوري مسلمان ڪنداھئا . ان وقت جا حاڪم خواه پير ۽ عالم انھن جو ساٿ ڏيندا ھئا. مخدومن جي فتويٰٰ حاڪمن خواه رعايا وٽ حرف آخر جي حيثيت رکندي ھئي. انھن ڳالھين جي ڪري اقليت وارا ھميشھ حڪومت ۽ مخدومن جي خلاف سازشون سٽيندا رھندا ھئا. اھو ئي سبب آھي جو ھو انگريزن جي اچڻ وقت سندن ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا.

 

فقراھي خانقاھون

سچل سائين جي وقت ۾ سياسي خواه مذھبي ماحول اطمينان جوڳو نھ ھو. تڏھن بھ فيض وارن فقيرن جون خانقاھون امن ۽ آرام سان طريقت جي طالبن کي معرفت جي مئي سان مست ڪري رھيون ھيون. گمبٽ ۽ راڻيپور ۾ ابراھيم شاھ ۽ صالح شاه قادري وکر وھائي رھيا ھئا تھ کھڙن ۾ محمد ذاڪر ۽ رازقڏنھ فقير درازن جي درگاه کان ورتل نينھن جو نعرو ھنيون ويٺا ھئا. ھنڱورجن ۾ سيد محمد عطا ولد سکيل شاه حسيني فيض ٿي ڏنو تھ دونھين (ٻٻرلوءِ) ۾ سيد ابراھيم شاه الاھي درد جو دونھون دکايون ويٺو ھو. تجل ۾ شاھ عنايت شھيد جي فرزند مخدوم سلام الله ٿرڌڻي جي گادي مخدوم سلطان علي شاه وسايو ويٺو ھو تھ ڪنڊڙيءَ ۾ وري روحل فقير جا فرزند بر ۾ بره جي بازار لڳايو ويٺا ھئا. روھڙي ۾ سيد جان الله شاه ثاني ۽ بيدل شاه عشق جو آکاڙو لاتو ھو تھ نوشھري ۾ پير شھاب الدين ۽ پير عبدالحئي نقشبندي نالو نروار ڪري رھيا ھئا. پير ڳوٺ ۾ وري پير محمد راشد روزه ڌڻي ۽ سندس فرزند پير صبغت الله شاه تجرڌڻي قادري ۽ نقشبندي ٻنھين سلسلن جو ميثاق ڪري ويٺا ھئا. ان وقت درازن ۾ ميان عبدالحق سجاده نشين ھو ۽ سندس خليفو سچل سرمست الاھي موج ۽ مستي سان شعر و شاعري ذريعي وحده الوجود جو پرچار ڪري رھيو ھو. مٿين سڀني درگاھن جو پاڻ ۾ سھڻو سلوڪ ھو ۽ وقت جا حاڪم خواه عالم ۽ عام ماڻھو سندن گھڻو خيال رکندا ھئا.

 

ادبي ماحول

سچل سائين وارو زمانو ادبي لحاظ کان سونھري زمانو ھو. اڳ ۾ ڪلھوڙن ۽ پوءِ مير سھراب خان ۽ رستم خان جي حڪومت ھئي. انھن درٻارين ۾ علم و ادب جو چرچو لڳو پيو ھوندو ھو. حاڪم پاڻ شاعر ۽ شاعر نواز ھئا. تنھنڪري پري پري جا اديب اچي پنھنجا جواھر پارا پيش ڪري خراج تحسين حاصل ڪندا ھئا. مير رستم خان جا بيت ۽ ڪافيون سوز ۽ گداز جي ساک ڀريندا ھئا. ازانسواءِ مير عالي خان ۽ مير مبارڪ خان ٻئي سٺا شاعر ۽ سخندان ھئا. انھن سڀني وٽ بيت بازيون ۽ ادبي معرڪا ٿيندا رھندا ھئا. آخوند محمد حيات حاتم، محمد نشان فاروقي، قاضي محمد ڪامل لقماني ۽ خان محمد پيرزادو گڏيجي وارو فارسي جا قادرالڪلام اديب ۽ شاعر ھئا. پير ڳوٺ ۾ پير محمد راشد ۽ پير صبغت الله شاه جي ادبي محفل پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. خليفو محمود نظاماڻي، آئل فقير، ابو بڪر ۽ عبدالله ڪاتيار سندن درگاه سان منسلڪ ھئا. گمبٽ ۽ راڻي پور جا پير ابراھيم شاه جيتوڻيڪ پاڻ شاعر نھ ھئا تڏھن بھ وڏا فيض وارا ۽ ادب نواز بادشاه ھئا. پير غلام محي الدين شاه جو استاد آخوند ڇٽو ڄامڙو، شير خان ميساوو ۽ پير محمد شاه ثاني انھن درگاھن سان واسطو رکندڙ شاعر ۽ اديب ھئا. کھڙن ۾ مخدوم احمدي، مقيم مولودي، محمد ذاڪر اڄڻ ۽ رازقڏنھ اڄڻ وڏا مداح، مولود خوان ۽ اھل دل شاعر ھئا. سگھڙن مان صادق شاه گامبٽو، خير شاه پنجابي، الھرکيو مير بحر ۽ بچو فقير پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. ازانسواءِ صوفي شاعرن مان محمد شريف فاروقي، عبدالرحيم گرھوڙي، پير عبدالحق خاڪي، جان الله شاه عاشق، مراد فقير، غلام علي فقير، دريا خان ۽ ٻيا ڪيترا درويش درد جا دفتر کولي رھيا ھئا. مطلب تھ شعر و شاعري جو ميدان تمام وسيع ھو ۽ جتي ڪٿي علم ادب جو چرچو ھوندو ھو.

 

ٻيا فاروقي شاعر

ادبي دنيا ۾ سنڌ جو فاروقي خاندان فقط ميان صاحبڏني، پير عبدالحق ۽ سچل سائين جي ڪري مشھور آھي. مگر جيڪڏھن ڳوڙھي نظر سان تاريخ جي ورق گرداني ڪبي تھ معلوم ٿيندو تھ ھن خاندان ۾ ٻيا ڪيترائي عالم فاضل اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آھن، جن تي سنڌ جيترو فخر ڪري اوترو بجا ٿيندو. ڪلھوڙن خواه ٽالپرن جي ڏينھن ۾ وقت جا امير پنھنجا خواه پنھنجي ٻارن جا اتاليق گھڻو ڪري ھن خاندان جي ماڻھن مان مقرر ڪندا ھيا، ڇو تھ ھن خاندان ۾ علم فضل ٻين جي نسبت ۾ گھڻو ھوندو ھو. ھن خاندان مان جيڪي شاعر ٿي گذريا آھن، تن مان پھريان ذوقي ۽ حقيري فاروقين جا نالا اچن ٿا. افسوس آھي جو فقط سندن تخلص ۽ ذات جو پتو پوي ٿو. باقي سندن نالن ۽ زندگي جي احوال جي ڪا خبر ڪانھي. سندن ڪلام قلمي بياض عرف ديوان عجائب مؤلف محمد ابراھيم عشق باز مان ڪافي انداز ۾ ملي ٿو. سچل سائين خود پنھنجي مشھور تصنيف ديوان آشڪار ۾ کين ياد ڪيو آھي: ”بسي شاعر نھان شد آشڪارا، ڪجا ذوقي ڪجا رفتھ حقيري.“ ھتي ذوقي ۽ حقيري جو ھڪ ھڪ غزل نموني طور پيش ڪجي ٿو.

 

غزل ذوقي

نڪتھءِ اسرار حق يا ساغر صھبا است اين

يا دھان دلستان يا گوھر يڪتا است اين

پرتو خورشيد و مه يا شمع بزم افروز دل

لالئھ گل ياسمن يا عارض زيبا است اين

سنبل گلزار حسن و سلسلئھ مستان عشق

زلف زنجير حزن يا رھزن دلھا است اين

خازن گنجينھ گل يا دانئھ دام مراد

زنگيءِ در گلستان يا خال پر سودا است اين

عقد پروين است يا گوھر خوش آب پرتگال

يا در دندان او يا لؤلؤي لالھ است اين

بلبل دستان سرا يا مست مجنون صفا

عندليب دلڪشا ذوقيءِ ليليٰ است اين

 

 

غزل حقيري

از ازل دل درخم ابروي جانان بستھ ام

تا ابد بر خاڪ راه يار خود بنشتھ ام

غمزه مثرگان او تاجان من بربوده است

خاڪساري حاصلم شد از خودي وارستھ ام

خال رخسارش بسي موزون و دلڪش شد ولي

زلف مشڪينش چنين بيتاب ڪرد آھستھ ام

نيم جاني خود بھ شب ميخواستم قربان ڪنم

تا بپرسد گويم اينڪ ھر دو دستت بستھ ام

مصرع خسرو حقيري دل ز دستم برده است

گر بپرسد ڪيستي گو ھيچ اينجا سستھ ام

 

ذوقي ۽ حقييري کان پوءِ آخوند عبدالقوي جو نالو اچي ٿو. سندس تخلص طالع ۽ قويطالع ھئا. ھو ميان نور محمد ڪلھوڙي جو درٻاري شاعر ھو ۽ ميان نور محمد جي وفات تي ھڪ وڏو مرثيو لکيائين، جنھن جو ذڪر صاحب تڪملھ مقالات الشعراءِ بھ ڪيو آھي. آخوند عبدالقوي ميان صاحبڏنھ جي سلسلي ۾ ستين ڪڙي مخدوم شھاب الدين جي ناني جي اولاد مان شيخ علاءُ الدين جو فرزند ھو. کيس ڇھھ پٽ ھئا. ١- مير گولھ ٢- صبغت الله ٣- محمد زاھد ٤- فيض محمد ٥- محمد حيات ٦- محمد تقي. سندس ڪلام مان ھڪ غزل پيش ڪجي ٿو.

دل ز من رنجيد چون آن دلستا رنجيد رفت

طفل را مڪتب بود ماتم چو روز عيد رفت

ھر کھ سر افراخت بر درياي دوران چون حباب

از طلاطم شور شر گرداب وش پيچيد رفت

خوش نفس آن ڪس کھ بھر رنگ و بوي اين جھان

دل نھ بستھ در چمنمانند گل خنديد رفت

گر ره ليليٰ روي مجنون صفت بگذر ز ھوش

گرچھ اين صحراي چون ريگ روان غلطيد رفت

اي ”قويطالع“ بھ پيش ھر کھ گفتم درد دل

گوش خود را ڪرد ڪرو حال ما نشنيد رفت

 

صاحبڏنو

قويطالع کان پوءِ درازن جي درگاه جي باني خواجھ محمد حافظ عرف صاحبڏنھ سائين جو نالو ٿو اچي. ھو ھڪ بيظير عالم ۽  باڪمال بزرگ ھجڻ سان گڏ پنھنجي زماني جو ھڪ وڏو شاعر بھ ھيو. شعر ۾ ڪٿي صاحبڏنھ ڪٿي حافظ نالو آندو اٿس. سندس ڪلام اسلامي اخوت ۽ مساوات جو آئينھ دار آھي. جنھن ۾ ذات پات جي ڀيد ۽ فرقھ پرستي جي بوءِ بھ ڪانھي. سنڌ جي ھڪ وڏي عارف پير محمد راشد روزه ڌڻي جي ملفوظات ۽ بيدل فقير روھڙي واري جي سندالموحدين ۾ سندس ڪلام کي سند طور ڪم آندو ويو آھي. ڪتاب دولھھ درازي ۾ قاضي علي اڪبر صاحب جيڪو ڪلام ڏنو آھي تنھن مان اڌ کان گھڻو صاحبڏني شاه بلڙي واري جو آھي. ڪلام جو انتخاب ھيٺ ڏجي ٿو.

١- آدم آھي چوڻ ۾، پر آھي پاڻ الله،

سريوئون ساه، صاحبڏني صحيح ڪيو.

٢- الله سڃاڻڻ سٿرو، پاڻ سڃاڻڻ ڏک،

تيتر ڀانءِ م سک، جيتر سر سڃاڻين نھ پنھنجو.

٣- ڪنين جو نينھن نھر سان، ڪنين دٻايا درياھ،

صاحبڏني جي ساھ، سارو سمنڊ سمائيو.

 

٤- ڪي ٻڌڻ سان ٻٽجي ويا، ڪي چريا منجھھ چاھ،

صاحبڏنھ جي ساھ، سارا ورق ورائيا.

٥- پاڻ پنھنجو پاڻ ۾، جن پسيون پيھي،

صاحبڏنا صورت جي، ڪل تنين ڪيھي

تن وھامي ويئي، چپ چٽيندي راتڙي.

 

ميان عبدالحق

صاحبڏنھ سائين کان پوءِ ميان عبدالحق پنھنجي زماني جو چڱو شاعر ٿي گذريو آھي. شعر ۾ ڪٿي پنھنجو سڄو نالو ۽ ڪٿي پنھنجو تخلص ”خاڪي“ آندو اٿس. سنڌي ۽ فارسي ۾ ڪافي مداحون چيون اٿس. ڪڏھن ڪڏھن غزل جي زمين ۾ بھ طبع آزمائي ڪري ھمھ اوست جو سر آلاپيو اٿس ۽ بين الاقوامي برادري جي دعوت ڏني اٿس. انتخاب طور سندس فارسي مدح مان ڪجھھ شعر ھت ڏجن ٿا:

اي سرور دو عالم

يا مصطفيٰ مدد شو.

اي برگزيده آدم

يا مصطفيٰ مدد شو.

بر عرش حق رسيدي

حق را پديد ديدي

قول خدا شنيدي

يا مصطفيٰ مدد شو.

روشن جھان ز رويت

خوشتر ز خلد کويت

ظلمت شبي ز مويت

يا مصطفيٰ مدد شو.

دل از فراق ريشم

بردار پرده پيشم

بنما لقائي خويشم

يا مصطفيٰ مدد شو.

در گور در قيامت

خواھم ز تو شفاعت

مارا توئي حمايت

يا مصطفيٰ مدد شو.

 

  

سخي قبول محمد اول

ميان عبدالحق کان پوءِ سندس وڏو فرزند ميان سخي قبول محمد اول ڪڏھن ڪڏھن سالڪن کي سلوڪ جا سبق سمجھائيندي في البديھھ شعر بھ چئي ويندو ھيو.

سندس ڪلام ناياب آھي. بيدل فقير پنھنجي ڪتاب ”سندالموحدين“ ۾ ھيٺيون شعر ڏنو آھي، جو پيش ڪجي ٿو:

جامن تي جامان، ”پرين“ پھري آئيو،

کامان ڙي کامان، ڪيڏو لڪ ڪريم ڪيو.

 

محمد حيات ”حاتم“

قوي طالع جو پڙ پوٽو محمد حيات ولد محمد واسع ھڪ وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آھي. سندس تخلص حاتم ھيو. ھو مخدوم نور محمد بوبڪائي جو ھمعصر ھو. ھڪ دفعي مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ ويٺو ھو تھ مخدوم نور محمد بھ آيو. ادبي محفل گرم ھئي. مخدوم صاحب فارسي شاعر ھلالي جي شھادت جو واقعو بيان ڪيو، جنھن تي مير صاحب کيس ھڪ لونگي عطا ڪئي. وري جڏھن محمد حيات جو وارو آيو تھ مخدوم صاحب جي ذڪر ڪيل بيان مان ڪجھھ غلطيون ڪڍي صحيح واقعو پيش ڪيو. جنھن تي سڄي درٻار واه واه جو شور برپا ٿي ويو ۽ کيس خلعت سان گڏ ٻھ لونگيون مليون. مخدوم صاحب پڻ پنھنجي لونگي کيس ڏئي ڇڏي. اھو ذڪر محمد ابراھيم فاروقي جي قلمي بياض تان نقل ڪيو ويو آھي.

آخوند محمد حيات ان وقت عالم خان نظاماڻي جي فرزندن جو اتاليق ھيو. ان کان پوءِ ھو مير سھراب خان اول جي فرزند مير مبارڪ خان جو استاد ۽ درٻاري شاعر ٿي رھيو. ھو ميان عبدالحق جو مريد ھيو ۽ سن ١٢٥٥ ھجري ۾ وفات ڪيائين. سندس ھڪ غزل انتخاب طور ڏجي ٿو.

تار محبت است کھ بسيار نازڪ است

از تار جان نزاڪت اين تار نازڪ است

ساقي بھ جام جم چھ مئي ناب مي دھي

مل را بگل فگن کھ لب يار نازڪ است

ور تار مويءِ رشتئھ جان بس نزاڪت است

ليڪن از اين ميان ڪمر يار نازڪ است

دلھاي خلق جمع بھ طاق دو زلف تست

ھشدار بار شيشھ بھ اين تار نازڪ است

مشڪن دل رقيب خدا را بڪوي دوست

فھميده پاگذار کھ اين خار نازڪ است

آخر سوال ما بھ جوابي نمي رسد

با تندخو مناظر بسيار نازڪ است

 

گل محمد

آخوند محمد حيات جو وڏو ڀاءُ گل محمد بھ ھڪ وڏو اھل دل ۽ درويش صفت شاعر ٿي گذريو آھي. سندس شعر ۾ جا بجا تصوف جو رنگ نظر ايندو. فارسي مدح ۽ غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سن ١٢٦٨ ھجري ۾ وفات ڪيائين. سندس ھڪ غزل پيش خدمت آھي.

يار من آمد با نقش نگاري عجبي

سرمھ سا نرگس سرمست خماري عجبي

برخ آويختھ ازان زلف بلند آغشتھ

ھر سر تار سيھ مار قطاري عجبي

تاختھ آورد بھ صد ناز تجمل جولان

اشھب شوخ عجب شاھ سواري عجبي

ڪرد يغما دل من آن بھ نگاھي ناگاھ

چشم سالاس نما شعبده ڪاري عجبي

گل محمد ھمھ تن ڪاسھ شد اندر عشقت

سر خود ڪرد فدا در ره ياري عجبي

 

عبدالھادي

گل محمد کان پوءِ عبدالھادي ولد صادق علي فاروقي جو نالو اچي ٿو. ھو سچل سائين جي وفات جو صدمو سھي نھ سگھيو ۽ ٻئي ڏينھن تاريخ ١٢ رمضان ١٢٤٢ ھجري ۾ وفات ڪري ويو. سندس ھڪ غزل ھيٺ ڏجي ٿو.

در وصف نگنجد کھ چھ سيمين ذقن است آن

بگذشت ز گلبرگ کھ نازڪ بدن است آن

رويش ھمھ نور است چون روشن مھ تابان

مويش ھمھ مشڪ است ويا آھو ختم است آن

آن زلف کھ آراست خم اندر خم جانان

ماريست سيھ يا ز ڪمند رسن است آن

يا من بھ مقالات بجز تلخ نھ گويد

با مردم بيگانھ چو شيرين دھن است آن

آن تلخ جوابي ز زبانش کھ بر آيد

راحت دل و جان است کھ بس خوش سخن است آن

ھادي بھ در خدمت تو سير شد اڪنون

دورش مڪن از خويش کھ يار ڪھن است آن

 

محمد صالح

عبدالھادي جي سؤٽي سؤٽ محمد صالح ولد محمد اسماعيل بھ ھڪ چڱو شاعر ھيو. سندس ھڪ غزل ھت ڏجي ٿو.

گر دورم ازز تو باتو سوال و جواب چيست

ور با توام ھميشھ مرا اضطراب چيست

گر دورم از تو جان مرا راحت از ڪجا است

ور با تو ام در آتش ھجر و عذاب چيست

از راه معنيٰ ار آمده درميان جان

و از راه ظاھرت سبب اجتناب چيست

گفتي کھ صالح از الم عشق فارغ است

از سينئھ پر آتش چشم پر آب چيست

 

باغ علي

عبدالھادي سان گڏ سندس ھڪ عزيز باغ علي فاروقي جو نالو شاعرن جي قطار ۾ اچي ٿو. سندس ناصحانھ ڪلام مان ھڪ غزل پيش ڪجي ٿو.

ھر ڪسي صاحب نظر ديدم

بھر لقمھ اي در بدر ديدم

مرد دل ھلاڪ بھر سيز

ڪيسھ نادان پر از گھر ديدم

مسخره ھم دروغ گوئي سخن

نزد شاھد عزيز تر ديدم

جھلا را بھ سيم زر دستاز

عالمان را برھنھ سر ديدم

ھر ڪسي ھوشمند با دانش

او بھ غم سوختھ جگر ديدم

 

محمد نشان

ان کان پوءِ محمد نشان ولد گل محمد فاروقي پنھنجي زماني جو وڏو عالم اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آھي. سن ١٢٦٩ ھجري ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ناياب آھي. فقط ٻھ قطع تاريخون ملن ٿيون. جيڪي ھن مير سھراب خان ۽ مرثيھ گو شاعر محمد عالم اول جي وفات تي لکيون ھيون. سندس تصنيفات مان ھڪ فارسي لغات (قلمي) راقم الحروف وٽ محفوظ آھي.

 

ٻيا شاعر

انھن کان سواءِ ھيٺين فاروقي شاعرن جون تصنيف ڪيل قطع تاريخون ملن ٿيون.

١- خوش محمد ولد محمد ذاڪر وفات ١٢٣٦ ھجري.

٢- آخوند خان محمد ولد محمد ضياءُ الدين وفات ١٢٥٨ ھجري.

٣- نور علي ولد مسعود علي وفات ١٢٧٦ ھجري.

جيڪڏھن ڪوشش ڪري سندن ڪلام ھٿ ڪيو وڃي تھ جيڪر ادب جو وڏو خال ڀرجي وڃي.


 

 

عالمن جا رايا

 

١-    منجھھ سخن تنھنجي الوھيت سندو آثار ھو

جنگ جذبي جوش مستي ۾ مثل عطار ھو.

(بيدل)

٢- سچل سائين تي ھميشھ الاھي عشق جو غلبو ھوندو ۽ حال ۾ اچي ڪلام چوندو ھو.

- مخدوم الله بخش عباسي، مؤلف تذڪره مخاديم کھڙا

٣- سندس ڪلام تصوف جي متن تي آھي ۽ مضمون رڳو معرفت ۽ حقيقت بابت آھي.

- مرزا علي قلي بيگ

٤- شاھ درازي جي شعر ۾ گھڻو ڪري سندس عشق جا اوچتا آلاپ ۽ الفت جا الست امنگ آھن.

- آغا غلام نبي صوفي مؤلف سچل سرمست

٥- سچل جي ڪلام ۾ واڪا ڪري سوليءَ کي سڏيو ويو آھي.

- ڄيٺمل پرسرام، مؤلف سنڌ ۽ صوفي

٦- جھڙو جوش ۽ جلال، جواني ۽ جمال سندس باڪمال ھستيءَ ۾ ھميشھ نمايان ھو. اھو ئي جوش جذبو، جمال ۽ جلال سندس شعر ۾ ظاھر آھي.

- عبدالرزاق ميمڻ رفعت، مؤلف گلزار نظم

٧- سچل جي ڪلام ۾ عرفان، حق ۽ تصوف کان سواءِ واردات عشق، ھجر و وصال جو ذڪر ۽ عاشقانھ پيار الفت جون ڳالھيون بھ ملن ٿيون.

- اردو شاعر نسيم امروھوي

٨- سچل سرمست دين ۽ بي ديني، ڪفر ۽ اسلام جي وچ وارا پردا عشق حقيقي جي آتش ۾ ڦٽا ڪري ڇڏي ٿو.

- محمد صديق ميمڻ، مؤلف سنڌي ادبي تاريخ

٩- سچل جو ڪلام معرفت جو شراب آھي، جنھن سان دل مست ٿيو پوي.

- رحيم داد خان مولائي شيدائي

١٠- سندس ڪالم عين بي باڪي جو آئينو آھي ۽ منجھانس رندي ۽ مستي پيئي بکي. ائين پيو ڀانئجي تھ گويا وجد ۾ اچي نچندي شعر چيو اٿس ۽ ذوق مان پڙھندڙن جي دل تي بھ اھڙي ئي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي.

- ڊاڪٽر دائودپوٽو

١١- ڪلام چوڻ وقت فقير صاحب حق جي سير ۾ مشغول ھوندو ھو، جتي فقط مستي ۽ محويت آھي.

- نماڻو فقير ھندستاني

١٢- سچل جو ڪلام توحيد ۽ معرفت الاھي جو وسيع ۽ بي نظير خزانو آھي.

- رحيم بخش ميمڻ

١٣- سچل جي ڪلام ۾ بي ڊپائي بي ڌڙڪي موجود آھي.

- سنڌي ادبي سنگت ڪراچي

١٤- سندس شعر اعليٰ خيال ۽ جذبي وارو آھي.

- ميران محمد شاھ، مؤلف گلزار خيال

١٥- سڄو ڪلام عشق و محبت جي سر مستين ۽ تصوف جي باريڪين سان معمور آھي.

- رشيد احمد لاشاري

١٦- (سچل سائين) مدھوشي ۾ ھوش جون ڳالھيون ڪندو ٿو رھي ۽ ھوش ۾ مدھوشي جا راڳ الاپيندو ٿو رھي.

- عثمان علي انصاري

١٧- ڪٿي ڪٿي شطحيات بھ آھن، ورنھ سموري ٻي تصنيفات سوز گداز، درد ۽ غم سان ڀرپور آھي.

- مولوي محمد صادق راڻيپوري

١٨- سندس ڪلام جي خاص خوبي اھا آھي جو نھايت آساني سان ھر خاص و عام جي فھم ۾ جلد اچي ستگھي ٿو.

- قاضي علي اڪبر، مؤلف دولھھ درازي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org