مصحفِ رُخ جون آيتون ساڳيون،
عاشقن جون تلاوتون ساڳيون.
دشمنن تي عنايتون ساڳيون،
دوستن جون شڪايتون ساڳيون.
آهَ ساڳي، فصاحتون ساڳيون،
پر ڪٿي تنهنجون سفقتون ساڳيون.
نازڪن جون نزاڪتون ساڳيون،
۽ اسان جون به نيتون ساڳيون.
هُت بدستور مشقِ جور و ستم،
هِت بدستور فرحتون ساڳيون.
رند ساڳيا ازل کان ساڳي اُڃ،
دستِ ساقي ۾ برڪتون ساڳيون.
اڄ به مُرڪي نهاري هليو وئين،
مون تان گذريون قيامتون ساڳيون.
منهنجا چَپَ برفَ کان ٿڌا ساڳيا،
تنهنجي ڳَل جون تمازتون ساڳيون.
هيل نيڻن به ڪيا واهه جا آگمَ آهن،
مينهن جي مُندَ مٺا مون سان ملهائين ته چڱو.
تنهنجي جوڀن جي اُٿلَ ساوڻي دريا جهڙي،
دل کي پائي ڪنهن گردابَ ۾ پائين ته چڱو.
هن زماني ۾ سچا ٻولَ وجهيو ڇرڪَ ڇڏين،
ماٺ ئي ماٺ ۾ ماڻهن کي مڃائين ته چڱو.
تيغِ ابرو سان ڪُسڻ وارو زمانو گذريو،
هاڻ سوريءَ تي چڙهي ڪنڌ ڪپائين ته چڱو.
گلشن زِيست کي ڏئي خونِ جگر، خون دِل،
لب و رخسار سندا رنگ رچائين ته چڱو.
رُخ يار تان زلف هٽندا رهيا،
جهانن جا اسرارَ کُلندا رهيا.
وڇوڙي جا طوفانَ ايندا رهيا،
ڏيا تنهنجي يادن جا ٻرندا رهيا.
اسان جي نظر ۾ سي مُردا رهيا،
جا ماضيءَ جي يادن ۾ زندا رهيا.
کُليا در قفس جا به صد اهتمام،
دلين تي بدستور پهرا رهيا.
سرِ دار جيڪي ٿيا سُرخرو،
اُهي لاله و گل ۾ زندا رهيا.
قبائن ۾ هي اهلِ ڪذب و مريا،
اُگهاڙا هئا ۽ اُگهاڙا رهيا.
زمانو اُنهن کي لتاڙي ويو،
سندئي آسري ۾ جي بيٺا رهيا.
ڪئي حُڪمراني ٿي موجن تي جن،
سي ٻيڙا ڪنارن تي ٻُڏندا رهيا.
چون ٿا ساقيءَ جو فيض عام هو،
اسان جهڙا پياسا ته پياسا رهيا.
هيون جن سان ميخاني جون رونقون،
اُهي سُرڪَ جي لاءِ سڪندا رهيا.
جواني حسينن جي پويان ڪٽي،
اڇن ۾ به افعال ساڳيا رهيا.
(1990)
تعلقات جا ميعار بدليا آهن،
تڏهن ته وارَ کان ويجها به پرڀرا آهن.
جي سونَ کان به سچا قول فعل جا آهن،
اڄوڪي دورَ ۾ ٽامي جا ليکبا آهن.
اڃا ته عشق جي منزل پري پري آهي،
اڃا ته ڪنڌ ۽ ڪاتيءَ ۾ فاصلا آهن.
پين ٿا جيڪي ڀري جام خونِ ناحق جا،
فقيههِ شهرَ جي فتويٰ ته پارسا آهن!
هٿن ۾ جن جي هو قرآن ۽ بغل ۾ ڇُري،
انهن سان يار ڪيا ڪي مهاعدا آهن.
رقيب هڻي ٿو ٻولي پيارَ جي ٻولي،
الائي ڪهڙا نوان ناٽ هن رٿيا آهن!
انهن سان آهه نه گوڏو گڏي وهڻ واجب،
اسان جي لاءِ جي ڌُريان ئي ڌاريا آهن.
هٿن سان جن پئي ڪنارن تي ٻيڙيون ٻوڙيون،
اُهي به ضد ته اڃا تائين ناخدا آهن.
پرائي مار ڪا ماري سگهي ٿي مردن کي!
هي بدنصيبَ ته پنهنجن ئي ماريا آهن.
قدم سنڀالي کڻو اي سهي جي کل وارا!
رڍن جي روپَ ۾ هت ڪَئين بگهڙ پيا آهن.
خدا جو نالو فرشتن ۾ ڪو وٺي ته وٺي،
خدا جي خلق گهڙيا پنهنجا ڪَئين خدا آهن.
الائي ڪنهن جي نظر کائي وئي هاتف کي،
سندس ڪلامَ ڪتابن ۾ ڳولبا آهن.
(اپريل 1991ع)
مون کي ڪا اهڙي رمزِ محبت اچي وڃي،
غم ۾ سُرور، درد ۾ لذت اچي وڃي.
الله ڪري ته تون به اچين عشق جي اَري،
الله ڪري ته توکي اها مت اچي وڃي.
اهڙو وريو ڪو واءُ جو لُوساٽيون دليون،
اهڙو وري ڪو واءُ جو فرحت اچي وڃي.
هُن بي اراده مون ڏي نهاريو ته ايئن لڳو،
ڪنگال وٽ ڪا اوچتي دولت اچي وڃي.
اهڙو به شال حال نه ميخاني جو ٿئي،
پيرِ مغان تي پياس جي نوبت اچي وڃي.
ان آسري ۾ روز نوان ويسَ پيو مٽيان،
شايد ڪا بزمِ يار جي دعوت اچي وڃي.
چوڏهين صدي ته خير سان گذري وئي، مگر،
تون جي اچي وڃين ته قيامت اچي وڃي.
روزِ حساب پنهنجي ملاقات ٿئي نه ٿئي،
هڪ ڀيرو تون ته اچ پوءِ قيامت اچي وڃي.
شهپرَ وٽيو ڪُهاڙي ڪلهي تي کنيو وتي،
باقي جي هن کي ٿورڙي غيرت اچي وڃي.
مون کي پيار جي ته ڪڙي شئي پيار جي،
هاتف جي لاءِ کنڊ جو شربت اچي وڃي.
(مئي 1991ع)
پڪو ڪيوسين وفائن جو نصاب آهسته آهسته،
جفائن جو سهي وينداسون تاب آهسته آهسته.
رُخِ انور جڏهن ٿيو بي حجاب آهسته آهسته،
اسان ڀانيو ته اُڀريو آفتاب آهسته آهسته.
ڀلي هو ڪن اسان جو احتساب آهسته آهسته،
جي وقت آيو ته ڏينداسون جواب آهسته آهسته.
بڇيا اڄ جن اسان جي پويان ڪئين منڪر نڪير آهن،
اُنهن کان پاڻ وٺنداسون حساب آهسته آهسته.
ڏنيون جن ويهه جون وٽيون ڀري زم زم جي نالي ۾،
اُنهن چهرن تان لاٿوسين نقاب آهسته آهسته.
ڪڏهوڪا ڀيلجي ويا گلشنِ انسانيت جا گُلَ،
ٿيا مقبول ڪاغذ جا گلاب آهسته آهسته.
اسان هڪ ڀيرو جنهن کي دل جي دنيا جو ڌڻي مڃيو،
اهو عالم جو ٿي ويو انتخاب آهسته آهسته.
ٻڌون ٿا يار وٽ اڄ دعوتِ نظاره عام آهي،
مڙيا آهن اچي سڀ شيخ و شاب آهسته آهسته.
اسان جي عشق جو قائل ته ٿي ويو هو بُتِ ڪافر،
ٻڌي خاموش جذبن جو خطاب آهسته آهسته.
ٻه ٽي ڀيرا ڪِرياسون بام تي پهچي ته ڇا ٿي پيو،
هميشه ٿيبو آهي ڪامياب آهسته آهسته.
جتي چيهن چتن جا چهچها، بلبل جي ٻولي هئي،
اڏي گهر ويٺا اُت ڪارا ڪلاب آهسته آهسته.
”امين منزل“ جون راتيون ساز جون ۽ سوز جون راتيون،
اُهي راتيون ته بس ٿي وييون خواب آهسته آهسته.
اگر هن قوم جي مرده دلي قائم رهي هاتف!
اسان تاريخ جو ٿينداسون باب آهسته آهسته.
ويندي ويندي پياريو وڃ!
هيراڪن جي هير نه ڀڃ!
ڳل ڳراهٽي پائين نه پائين،
ڀوريءَ تان ڀيرو ته نه ڀڃ!
آسوندين اکڙين ۾ ويهه،
مُحبَ! مُٺيءَ جون منٿون مڃ.
نيٺ انهن ماڳن تي موٽس،
جيجل جت ڏني هئي ٿڃ.
رهزن کي ڪَيئون ساٿ جو سرواڻ ڀلا ڇو؟
منزل جون تمنائون ٿا ڪن هاڻ ڀلا ڇو؟
تقرير ۽ تحرير جا غازي ته گهڻائي،
سوريءَ جو ٿيو سڏ ته رڳو پاڻ ڀلا ڇو؟
هر دور ۾ ”سُقراط“ کي ڇو زهر ملي ٿو،
هر دور ۾ ڏاهن کي پوي ڏاڻ ڀلا ڇو؟
اهڙي ته صفائيءَ سان هو ڪاتي ٿو وهائي،
دامن تي هجي خون جي آلاڻ ڀلا ڇو؟
جي خون جي لالائي هجي هُن کي ميسر،
هٿ پنهنجا رڱي هاڻ حنا ساڻ ڀلا ڇو؟
منبر تي ويهي ڪفر جي فتويٰ ته ڏنائون،
ساقي جي بغل ۾ ٿا وهن پاڻ ڀلا ڇو؟
دل ۾ جو پيو مير سو ميٽي نه سگهياسون،
دامن تي لڳل ڌوئجي ڪاراڻ ڀلا ڇو.
باغن ۾ بهاريون ته به دستور اچن ٿيون،
گل ۾ نه اُها سونهن نه سرهاڻ ڀلا ڇو؟
الله جا ماڻهون ته بُکيا ڀينگيا آهن،
الله جي ماڻهن جي ڪڍون ڪاڻ ڀلا ڇو؟
صاحب سان سنگت ۾ ته سلامي به ڏبي آهه،
پوکي جي اٿئون پوءِ نه ڏيون ڀاڻ ڀلا ڇو؟
هاتف کي سڃاڻون ٿا، هو ماڻهو ته مٺو آهه،
ٻولي ۾ سندس ايتري ٻاڙاڻ ڀلا ڇو؟
(جولاءِ 1991ع)
”تدبير ڪاته اهڙي سندم غمگسار! ڪر،“
دردن جي لذتن کي بنهه پائدار ڪر.
هُن سنگِ در تي سر رکي سڀ ڪجهه نثار ڪر،
هي جي گناهه آهي ته پوءِ بار بار ڪر.
دل مان گذر صبا جيئن اي يادِ يار! ڪر،
زخمن جي لاله زار کي رشڪِ بهار ڪر.
بيشڪ رقيب ساڻ وفا ڪر، پيار ڪر،
منهنجي مري وڃڻ جو مگر انتظار ڪر.
انگور جي شراب سان پنهنجي پوي ئي ڪانه،
نيڻن جي ميڪدي جو مون کي ميگسار ڪر.
هڪڙي جهلڪ جي آس ۾ دم آهه اٽڪيل،
پردو مون کان نه ايترو اي پرده دار! ڪر.
هڪ پل جي لاءِ مصحفِ رُخ تان غلاف لاهه،
اسرارِ دو جهان کي مٿم آشڪار ڪر.
هر لڙڪ ٿو ٻڌائي نئون داستانِ غم،
رودادِ زندگاني جو ڪجهه اختصار ڪر.
ايفاءِ عهد حسن جي عادت ڪڏهن نه هئي،
شرطِ وفا هي آهه ته تون اعتبار ڪر.
صحرا نوردي ساڻ ڪڏهن منزلون مليون؟
جوشِ جنون کي ايڏو نه سر تي سوار ڪر.
تنهنجو ڦٽيل هجي ۽ اڃا ساهه پيو کڻي!
هاتف تي ڪو ڀري ڀري ابروُ جو وار ڪر.
(آگسٽ 1991ع) |