سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :3

انهيءَ دور ۾ حيدرآباد ۾ وڏو ادبي مرڪز هو. چاچي غنيءَ جي هاشمي پريس، گرامي صاحب جو گاڏي کاتي وارو گهر، ڪراچي هوٽل، سائين ميران محمد شاهه جو بنگلو، امين منزل (پهرين هيرآباد، پوءِ گاڏي کاتو) ۽ مخدوم صاحب جو سول لائنز وارو بنگلو ادبي ۽ ثقافتي مرڪز هوندا هئا. سلطان هوٽل ۽ افضل هوٽل (گاڏي کاتو) ۾ به اهڙيون ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، جن ۾ علي محمد مجروح، شفيع محمد علوي به شريڪ ٿيندا هئا. عبدالله ”خواب“ صاحب جو تلڪ چاڙهيءَ وارو دڪان ”انتخاب ٽيلرز“، ٽه- ماهي ”مهراڻ“ جي تلڪ چاڙهيءَ واري آفيس به ادب جي اڃايلن لاءِ پاڻيءَ جي ڪنهن ٿڌي ۽ مٺي چشمي واري حيثيت رکندا هئا. بزمَ طالب الموليٰ، جميعت الشعراء، بزمَ خليل ۽ سنڌي ادبي سنگت به مُتحرڪ ۽ فعال هيون، پر اڄ اهو سڀڪجهه خواب ٿو ڀاسي:

”امين“ منزل جون راتيون سوز جون ۽ ساز جون راتيون،

اُهي راتيون ته بس ٿي وييون خواب آهسته آهسته

انهن ئي صحبتن، محفلن ۽ ڪچهرين ۾ شبير جي تربيت ٿي. قبله طالب الموليٰ سائينءَ سان تعلق جي ڪري اهو سلسلو پوءِ رڳو حيدرآباد تائين محدود ڪونه رهيو، پر اهو سلسلو ڀٽ شاهه، هالا، ڊُٺڙو، ميرپور بٺورو، محمد کٽياڻ، ڄام ڏاتار... تائين پکڙندو ويو. اتي جون راڳ رهاڻيون، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا، رديفي مشاعرا، في البديهه مشاعرا. انهيءَ پوري دور تي گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهجي ٿو، پر ايترو وقت نه آهي، مجموعو پريس ۾ آهي. انهي ڪري سڌو سنئون شبير جي شاعريءَ تي اچون ٿا، جنهن جي لاءِ شاعر پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته: ”منهنجي شاعري گهڻو ڪري جمالياتي شاعري آهي. انسانذات جي مشڪلن ۽ مسئلن جي حوالي سان ۽ خصوصا سنڌي سٻاجهڙن جي سورن جو سوچي حسن ۽ عشق، يا گل ۽ بُلبل جو ذڪر شايد بي معنيٰ لڳي.“

شبير جي ناني سيد محمد حافظ شاهه وٽ ڪافيءَ جي صنف اظهار جو وسيلو هو ۽ اهي ڪافيون شبير جي ڪَنَن ننڍي لاڪون جهٽيون به هيون، پر شبير انهيءَ صنف ڏانهن لڙيو به ڪونه! خود قبله طالب الموليٰ سائين وٽ ٺيٺ غزليات کان علاوه غزل نما ڪافي يا ڪافي نما  غزل جي روايت سان گڏوگڏ نج ڪافي ڪلام جي روايت به موجود آهي، پر شبير کي ڀانءِ پئي ته غزل جي ئي صنف ڀانءِ پئي. غزل شبير جي مزاج سان ميل کائيندڙ صنف آهي.

منهنجي راءِ ۾ ته ”تغزل“ شاعريءَ ۾ هڪ رويي جو نالو آهي. توڙي جو انهيءَ رويي کي سنڌي شاعريءَ ۾ خود شبير جي دور ۾ ئي رد ڪيو ويو هو، پر شبير نه رڳو انهيءَ رويي کي رد نه ڪري سگهيو، بلڪ هن انهيءَ رويي/ اسلوب کي هڪ نئين معنيٰ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي. اهو سچ آهي ته سندس ڪلام ۾ واوعطفي ۽ زير اضافت جو بي دريغ استعمال آهي. هن پاڻ به انتهائي سچائيءَ سان مڃيو آهي ته سندس ڪلام جو بنيادي محرڪ حسن و عشق آهي:

سراغِ منزلِ هستي رموزِ عشق ۾ ملندو

خرد وارن کي ڪهڙي حق و باطل جي خبر پوندي

اها ساڳي ”اوڏاڪين آيا، عقل وارا عشق کي“ واري پر آهي، جنهن کي هر دور جي شاعرن پاريو آهي. حسن ۽ عشق، شاعريءَ ۾ جيترو ئي پراڻو موضوع آهي، اوترو ئي تازو توانو پڻ آهي.

خالص غزل جي صنف ان ڪري به هڪ مشڪل فن آهي، جو ان ۾ هر جذبي ۽ احساس کي اشاري ڪنائي ۾ ئي بيان ڪرڻ جڳائي:

هي عشق ۽ حسن جا افسانا چئبا ته نگاهن ۾ چئبا

اي ڪنهن جي محبت جا ماريل محفل ۾ ويهي فرياد نه ڪر

۽ انهيءَ روايت کي نڀائڻ لاءِ سخت مشق ۽ رياضت جي ضرورت هي. شبير وٽ مشڪل پسندي به انهيءَ مشق ۽ رياضت جو ئي نتيجو آهي، پر ان ڏس ۾ هن نه ته ڪنهن جي تقليد ڪئي آهي، نه ئي وري هو پنهنجي دور جي بدلجندڙ حالتن کان بي خبر رهيو آهي:

جي ڪلهه چمنِ زيست جا سينگار ڏٺاسون

اڄ دوشِ خزان تي به اُهي بار ڏٺاسون

ڪئين چنڊ کان موچارا ستان کان سونهارا

گيسوئي شبِ غم ۾ گرفتار ڏٺاسون

 

ڪلين جئن هئا. جي تبسم تبسم

گلن وانگي افسرده افسرده آهن

خزان وانگي جن ڪيئي گلشن اُجاڙيا

اڃا تائين پائينده پائينده آهن

 

اها صورتحال، جنهن جو ذڪر انهن قطعن ۾ ڪيو ويو آهي، سا اڄ به ائين جو ائين اسان جي آسپاس موجود آهي. ها البت اسين اهو چئي سگهون ٿا، ته شبير انهيءَ حقيقت جو اظهار پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪيو آهي؛ هن وٽ طنز جو به پنهنجو هڪ خاص لهجو آهي:

ڪانگن جي ڪانءِ ڪانءِ ۾ ڪوئل نه ڪوڪندي

چٻرن جي هوندي باغ ۾ چيها نه چهڪندا

آدابِ گلستان ۾ هي ترميم ڪئي اٿئون

بلبل نه ٿيندي نغمه سرا گُل نه مُرڪندا

پر ان سان گڏ شبير جي شاعريءَ ۾ اسان کي نج سنڌي محاورا به ملندا:

تون لڪڻ ساڻ ڪو لڪي سگهندين؟

منهنجا محبوب سائين موچارا!

رخ تان لاهي نقاب زلفن جو

سِجَ کي سُپ ڏئي ڍڪڻ وارا

 

جيڪو ٻرندو سو ڪنجهندوَ ”هاتف“

آه تي اختيار ڪير ڪري

 

ورهه ۾ تنهنجي وسايان واري

واڳڙيون وصل جون وارين جاني

اڄ ته ڪا سُرڪ پيارين جاني

مانَ مئلن کي جيارين جاني

 

شيخ، زاهد، واعظ... غزل گو شاعرن وٽ سدائين ڏاميج رهيا آهن. زاهد، واعظ... اهڙا منفي ڪردار/اهڃاڻ آهن، جن جي لاک لاهڻ جو فرض هر غزل گو شاعر پئي نڀايو آهي.

شبير جي شاعريءَ ۾ به انهيءَ منفي ڪردار/اهڃاڻ جو ذڪرِ خير موجود آهي:

نگاههِ مست هر ڪنهن ڏي نه ڪر

ڪرم کي ايڏي ارازاني نه ڏي

ڪٿي زاهد ڪٿي صهبائي ناب

ڪُتي کي ڪڻڪ جي ماني نه ڏي

هن مجموعي ۾ شايد اُهو غزل هجي، جنهن جي طرح هئي:

زلف ڄڻ شام، رخ سحر آهي

 

انهيءَ غزل جو هڪ شعر مون کي اڄ به ياد آهي:

شيخ صاحب کي هت متان آڻيو

پنهنجي ڀت پوت کان ٻهر آهي

 

ڪنهن به شاعر لاءِ تجربو ئي هڪ اهڙي واٽ آهي، جنهن تان هو لُهولهان پيرا ڇڏيندو اڳتي وڌي ٿو. پر انهيءَ لاءِ لازمي آهي ته، اهو تجربو مسلسل هئڻ گهرجي. شبير به انهيءَ واٽ تي وک وڌائڻ جو سوچيو ضرور آهي. هُن کي اها سُڌ ضرور آهي ته، جيڪڏهن مدي خارج سماجي جوڙجڪ ۾ شاعريءَ وسيلي ڪابه مثبت ۽ دور رس تبديلي آڻڻي ئي آهي ۽ اهو ڪنهن به سچي شاعر جو بنيادي فرض به بڻجي ٿو، ته پوءِ اهڙي تبديلي پهرين هن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻڻي پوندي:

هاڻ رسمِ چاڪ دامان کي ڇڏي

عشق ۾ آڻيون نئون ڪو انقلاب

۽ اهڙي انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳجڻ لازمي آهي:

نيٺ انهن ماڳن ڏي موٽيس

جيجل جت ڏني هئي ٿڃ

منهنجي خيال ۾ ته ٽکڙ کي شروعاتي عمر ۾ ڇڏڻ به ان جو هڪڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، جو شبير انهيءَ ڳوٺاڻي ماحول کان ٿاڏارجي ويو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ڳوٺاڻو ورلي لڀي ٿو:

ڳل ڳرهاٽي پائين نه پائين

ڀوريءَ تان ڀيرو ته نه ڀڃ!

شبير ”هاتف“ جي هن مجموعي ۾ ڇهه نظم، ٻه سهرا، هڪ لوڪ صنف ”هفتو“ ۽ هڪ ڪافي به آهي. نظم ”غم حسين“ ۾ اُهائي رواني ۽ زورِ بيان ملي ٿو، جيڪو حافظ ”دلگير“ ۽ حافظ ”بسمل“ جي نظمن ۾ موجود آهي. ”هوتن ريءَ هفتو“ توڙي جو فارسي بحر تي آڌارڪ آهي، پر انهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڳاءُ موجود آهي:

جمع- جانبن سان اکيون اٽڪيون

ڀلارن ڀلي ڏينهن ڀلايون ڪيون

پرين پرت جا پيچ پختا وڌا

محبت جون من منجهه ميخون کُتيون

 

نظم ”ڏورانهون سفر“ ۾ آزاد نظم جا گُڻ موجود آهن. ان ريت ”ڪافي“ جي صنف ۾ به شبير ”هاتف“ لاءِ تجربي جو هڪ وسيع ميدان موجود آهي:

ڇوڙي ڇڏين جي ڇيڪ ڇتن کي

ونگ وجهن هوند واٽهڙن کي

روز هزارين ٿين ويچارا، توتان صدقي صدقي صدقي

ڪيفي ڪاريون ڪجليون اکڙيون

آهن ڏاڍيون ڏاهيون ڏنگڙيون

ڪن ٿيون مشتاقن تي مارا، توتان صدقي صدقي صدقي

انهيءَ سموري عرصي ۾ ذاتي، توڙي قومي ۽ بين القوامي سطح تي، ڪيترائي اهڙا سانحا ۽ حادثا ٿي چڪا آهن. پر شبير لڙڪ کي لفظ بڻجن نه ڏنو آهي. هو انهيءَ سموري عرصي ۾ ”فڪرِ فردا“ ۾ ئي گرفتار رهيو:

خدا ڪنهن کي شل فڪر فردا نه ڏي

گلن جهڙي چهري تي افسردگي!

يقيناً شبير جي انهيءَ رويي کي ته، شاعريءَ کي ڪيريئر بڻائڻ (۽ اُهو به سنڌيءَ ۾) عقلمندي نه آهي: پر جڏهن توهان شاعري ڪريو ٿا، ته پوءِ توهان ته پنهنجي ٻوليءَ جون ۽ ساهت جون ڪجهه ذميواريون به عائد ٿين ٿيون.

شبير جو هيءُ سمورو ڪلام، سندس تربيتي ۽ تجرباتي دور جي تخليق آهي. اهو سلسلو ڪٿي ۽ ڪيئن ٽُٽو، ان سان بحث نه آهي؛ بلڪ چوڻ جي ڳالهه رڳو اها آهي ته، اهو سلسلو ٻيهر ضرور ”جڙڻ“ گهرجي ۽ اهو انهيءَ ڪري به ضروري آهي ته، شبير ”هاتف“ پنهنجي دور جو، پنهنجي مخصوص انداز ۾ به هڪ وڏو شاعر آهي:

خبر نه آهي ته ”هاتف“ ڪٿي وڃايوسين

سندس ڪلام جي رنگينين کي ساريون ٿا

غزل جي جان هو جن جو جمالِ هوشربا

انهن حسين پري زادين کي ساريون ٿا

امداد حسيني

ڄام شورو، سنڌ

پيار جو پانڌيئڙو

آڪٽوبر 1991ع جو مهينو مون کي پنج سال پوئتي وٺي ويو آهي جڏهن 1976ع جي ساڳي مهيني ۾ منهنجي ملاقات محترم شبير هاتف سان جدي (سعودي) ۾ ٿي. مان آمريڪا ۽ انگلينڊ کان ٿيندو ”ڪائنات جي ڪارڻيءَ“ جي پوتر سرزمين تي پهچي پنهنجو سر جهڪائي عقيدت ۽ احترام جو سلام ڪيو.

عمرو ادا ٿيو الائي نه، قبول به پيو يا نه، پر هتي اچي جيڪو قلبي قرار، روحاني سڪون ۽ سرور پهتو، اُن جو ڪاٿو هرگز ڪري نه سگهندس. سٻاجهي سائين سگهه ڏني ته ان ڪيفيت ۽ احساس کي ٻين صفحن ۾ جڳهه ڏبي.

12 آڪٽوبر 1986ع تي جدي جي هڪ هوٽل ۾ سنڌي ادبي سنگت، جده پاران مون سان هڪ ادبي شام ملهائي وئي جتي ٻين اديبن ۽ شاعرن سان گڏ شبير هاتف جن به اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا. مون کي وڌ ۾ وڌ خوشي، هاتف صاحب جن جي موجودگيءَ سبب ٿي ڇو جو سينئر ۽ تمام سٺي شاعر هئڻ جي حيثيت ۾ مون کين ڪافي پڙهيو هو، ذاتي ڄاڻ سڃاڻ هڪ ٻئي سان اڳ ايتري ڪانه هئي. بس رڳو ڀاڪر پائي ملڻ جي دير هئي ڄڻ ورهين جا واقف ۽ ديرينه دوست هئاسين.

ادبي شام ۾ هونئن ته گهڻائي اديب ۽ شاعر هئا پر اُنهن ۾ نمايان ميرل جويو، خليل لاکير ۽ شبير هاتف ئي هُيا. محفل جي خاص مهمان هئڻ جي ناتي، مون کي ٻڌڻ لاءِ ته هرڪو پابند ۽ مجبور هو پوءِ چاهي ڪنهن کي منهنجي شاعري وڻي يا نه وڻي باقي سچي ڳالهه اِها آهي ته ميرل جويي، خليل لاکير ۽ خاص طرح سائين شبير هاتف کي ڏاڍو داد مليو.

محفل ۾ پڙهيل هاتف صاحب جو هڪ قطعو مون کان اڃا تائين وسري نه سگهيو آهي:

ووڊڪا، وسڪي، برانڊي، ڪنترو، چنزانو، رَم،

تنهنجي نيڻن جي نشي جا روپ آهن بي حساب،

مون سڄي دنيا ڏٺي، دنيا جا ميخانا ڏٺا،

پر اِهي اکيون، انهن اکين جو ڪونهي ڪو جواب!

سال ڏيڍ گذري وڃڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس ته رسيپشن تان ٽيليفون آيو ته ”شبير علي شاهه هاتف اوهان سان ملڻ چاهي ٿو“ ساڻس ملي ڏاڍو خوش ٿيس. ڪافي ڪچهري ٿي. پر شبير هاتف جهڙي شخصيت سان ڪچهري سا به آفيس جي ماحول ۾، گهڙي گهڙي ٽيليفون جي گهنٽي، ماڻهن جي اچ وڃ، آفيس جا فائيل، بس اڃا ڪو لذيذ جملو واتان نڪري ئي مس ته پوري ٿيڻ کان اڳ ٽيليفون جي گهنٽي يا ماڻهن جي اچ وڃ تي بي مزو ۽ ٻاڙو ٿيو وڃي. سائين شبير هاتف به شايد اهو محسوس ڪري ورتو ته آفيس واري ڪچهريءَ مان ادبي ٻاڙَ پوري نه ٿي هئي سو حڪم ڪيائين ته ”منهنجي غريب خاني تي اچو، ماني به گڏجي کائون ۽ ڪا دل کولي ڪچهري به ڪجي.“ سائين قمرالزمان شاهه ۽ شبير هاتف صاحب گڏ ساڳي بنگلي ۾ رهندا آهن. دل ۾ چيم ”الله سائين اهڙا غريب خانا جي سڀني کي عطا ڪري ڇڏي ته اميري به شرم کان ڪنڌ مٿي نه کڻي سگهي.“ بهرحال ڏنل وقت ۽ ڏينهن تي سندن دولت خاني تي پهتاسين جتي امداد حسيني، سيد خادم حسين شاهه، نورالهديٰ شاهه، غلام رسول سوز ٽکڙائي ۽ ٻيا دوست موجود هئا. ادبي ڪچهري وري به دل وٽان ڪانه ٿي سگهي، پر پوءِ به ڪافي ڪجهه هڪٻئي سان حال احوال اورياسين ۽ دل جو غبار ڪڍيوسين. اُن کان پوءِ به ٻه چار ملاقاتون ٿيون. مٺو ۽ لذيذ ڳالهائڻ ته ڪو هاتف صاحب کان سکي، سندس اٿڻي ويهڻي ۾ وڏائي يا خواهه مخواهه واري آڪڙ بازي جي بوءِ بانس ئي ڪانهي، صاف، سٺو ۽ سهڻو ماڻهو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر. البت آفيس ۾ اچڻ جي جڏهن به عنايت ڪندو آهي ته پاڻ سان گڏ ٿورو تڪلف جو بار به کنيو ايندو آهي؛ چَوندو ”عنايت صاحب! تڪڙا آهيون فقط پنج منٽ ويهبو“ مان سمجهي ويندو آهيان ته منهنجي مصروفيت ۾ خلل نه وجهڻ خاطر هر دفعي ائين چوندو آهي. مان کين چوندو آهيان ”سائين! صبح کان ڪم ڪري ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اوهان آيا ته ٿوري relaxation ملي اٿم. ڪجهه وڌيڪ ويهندا ته وڌيڪ ٿڪ لهندو“ ان جملي ورجائڻ تي تڪلف برطرف ٿي ويندو آهي ۽ شبير هاتف صاحب پوءِ ڪجهه گهڙيون وڌيڪ ويهڻ لاءِ آماده ٿي ويندو آهي. گفتگو نهايت شائسته، نرم ۽ نفيس ڳالهائڻ سندس شيوو هوندو آهي. سندس هر لفظ محبت جي ميٺاج سان پُر هوندو آهي. تنهنڪري جيڪي به لمحا، مختصر ئي سهي، شبير هاتف سان ڪچهريءَ لاءِ مليا اٿم، اُنهن لمحن کي مون هميشه مانائتو، ڪارائتو ۽ سجايو سمجهو آهي. انسانن جي اَڻاٺ جي هن دور ۾ شبير هاتف جهڙيون پُر بهار شخصيتون، انسانيت مان کڄي ويل اعتبار ۽ اعتماد کي ٻيهر بحال ڪن ٿيون. شال الله پاڪ اهڙن انسانن کي وڌائي ۽ کين شاد آباد رکي، آمين.

پنهنجي آفيس ۾ جيڪا اڳ ملاقات ٿي هئي ۽ جنهن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي، ان وقت مون کين عرض ڪيو هو ته ”اوهان سان هڪ يادگار انٽرويو رڪارڊ ڪري نشر ڪرڻ چاهيون ٿا.“ محبت جي موٽ محبت سان ڏيندي هڪ ڏينهن قرب ڪري آيا ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ تفصيلي انٽرويو رڪارڊ ڪري نشر ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪلامِ شاعر به زبان شاعر جي چاشني پڻ موجود هئي ريديو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ هن ادبي ملاقات ۾ مون کي شبير هاتف جو هي غزل ڏاڍو وڻيو. توڙي جو انتخاب ڪرڻ جي گنجائش بنهه ڪانه آهي جو هر بند پنهنجي جڳهه تي موتين جي مالها جيان جڙيل آهي پر تنهن هوندي به ٻه چار بند لڙهيءَ مان ٽوڙي پيش پيو ڪريان:

 

وڃي شهر ۾ هُل هلايو وري،

ڪو سرمد سردار آيو وري.

 

پرين کي اسان پنهنجو ڀانيو وري،

اکين جي اشارن ڀلايو وري.

 

متان آسرن ۾ رهايو وري،

اسان تان نه ماڻهو کلايو وري.

 

اسان عادتاً بس اوهان جا آهيون،

اوهان عادتاً مُنهن مَٽايو وري.

 

19 جون 1991ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ سائين تنوير عباسيءَ جي صدارت هيٺ ڪُل سنڌ سنڌي مشاعري جي محفل جو اهتمام ڪيوسين. جنهن ۾ پروانو ڀٽي، اياز گُل، ادل سومرو، تاج جويو، اُميد خيرپوري، محبوب سروري، ذوالفقار سيال، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، ميرل جويو، بلاول پرديسي، آسي محمود زميني، مير عبدالرسول مير، اسحاق راهي، محمد حسن ساز، تاج صحرائي، شبير هاتف ۽ سيد منظور نقوي حصو ورتو. هر شاعر کي خوب داد مليو پر جڏهن مشاعرو ختم ٿيو ته ٻن ٽن برک شاعرن کان ائين ٻڌو ويو ته شبير هاتف مشاعرو کڻي ويو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته شبير هاتف کي سندس غزل تي سڀني کان سرس داد مليو. هڪ ٻه بند ته ٻه ٽي ڀيرا کيس دهرائڻا پيا ڇو ته ڪجهه بندن ۾ شاعريءَ جو حُسن ايڏو ته نکريل هو جو سڀني کان هڪ ئي آواز واهه واهه تي نڪتي.

 

الله ڪري ته تون به اچين عشق جي اري،

الله ڪري ته توکي اها مَت اچي وڃي.

 

هُن بي ارادهه مون ڏي نهاريو ته ائين لڳو،

ڪنگال وٽ ڪا اوچتو دولت اچي وڃي.

 

اِن آسري ۾ روز نوان ويس پيو مَٽيان،

شايد ڪا بزمِ يار جي دعوت اچي وڃي.

 

چوڏهين صدي ته خير سان گذري وئي، مگر

تون جي اچي وڃين ته قيامت اچي وڃي.

 

شبير هات پيار جو پانڌيئڙو آهي. پرت جو پينار به آهي ته پڳدار ڀي. حسن و عشق جي گرداب ۾ گهيريل رهيو آهي. مٿس محبت جي مهميز ۽ دلفريبين جي گرفت ايتري ته پڪي ۽ پختي ٿي ڏسجي جو کيس عشق جي اري ۾ اچي وڃڻ کان پوءِ ڇوٽڪارو نصيب ئي ڪونه ٿيو آهي. يا وري شايد هاتف صاحب ڇوٽڪاري جي تمنائي نه ڪئي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪا پَٽي پاڻ پڙهي ۽ ٻين کي پاڙهي سگهيو آهي ته به گهڻو ڪري گل و بلبل ۽ حسن و عشق جي ئي آهي.

بقول حافظ شيرازي:

ما قصهء سکندر و دارا نه خوانده ايم

از ما بهَ جُز حکايتِ مهر وفا مَ پُرس.

يا خود بقول هاتف:

ميڪدي جي در سوا ٻي پاڻ کي ڪانهي پروڙ،

اي حرم وارا اوهين ڄاڻو اوهان جون جنتون.

 

هاتف صاحب جي شاعريءَ جو ڳچ حصو گل و بلبل واري دور جي شاعري جي نمائندگي ڪري ٿو. جنهن ۾ فارسي رنگِ تغزل وڌيڪ حاوي هو. پر جڏهن پراوا پهريل چوغا لاهي سندس شاعري ديسي ويس وڳا اوڍي ٿي ته اُن جو حُسن وڌيڪ نکري نروار ٿي وڃي ٿو، سندس سونهن سرس ۽ سوائي ٿئي ٿي.

 

شبير هاتف جو اهو ڪمال آهي ته جڏهن هو شاعريءَ جي ڪنهن رنگ مان نڪرڻ ٿو چاهي ته ايترو ته آسانيءَ سان نڪري نئون رنگ ڍنگ اختيار ٿو ڪري جو گمان به نه ٿو ٿئي ته هو پراڻي طرز جي شاعري ڪڏهن ڪندو به هو. سندس ٻولي صفا نج، ڪا زير اضافت ڪانه، ٺيٺ پنهنجا ديسي محاورا جيڪي بيحد رواني ۽ پختگيءَ سان بيحد خوبصورت شاعريءَ کي جنم ڏين ٿا. اهڙي شاعريءَ جا ڪجهه بند پڙهڻ لاءِ پيش ڪجن ٿا:

 

هاءِ اُهي رنگين بهاريون!

تو جي مُرڪي ياد ڏياريون.

تنهنجي آئي من ۾ هوليون،

تنهنجي وئي نيڻ ۾ ڏياريون.

تو لئي سو سينگار ڪيائون،

آسون جهڙيون ڳاڙهيون ڪُنواريون.

اکين ساڻ اکيون ملايو وري،

نئين سر نئون نينهن لايو وري.

اُهو، جنهن سان ڪي روح رَچنديون هُيون،

اُهو راتَ خوابن ۾ آيو وري.

ورڻ جا ته ويساهه ڏاڍا ڏنئين

وڃڻ وارو موٽي نه آيو وري.

 

محبت، امن، سڪون ۽ پيار جي واٽ تي هلندڙ شاعر کي راهه ۾ ڪٿي ڌڪو ٿو اچي، هو ٿاٻو کائي بيهي رهي ٿو. هيڏي هوڏي واجهائي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڪير هو جنهن کيس ڌڪو ڏنو؟ هو شايد دل ئي دل ۾ دشمن جي فتني کي سڃاڻي ۽ پُرجهي وٺي ٿو. اُن وقت سندس شاعريءَ جو پيچرو غير محسوس ٿيندڙ نموني سان بدلجي ٿو وڃي ۽ هو چوي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org