غزل
قتيلِ خنجر ابروءِ فتنه بار آهيان،
جئان ٿو، ڇو ته شهيدِ جمالِ يار آهيان.
جمالِ تيرِ نظر داغ دل جا خندان ڪيا،
خدا جو شڪر! خزان ۾ به لاله زار آهيان.
جنابِ شيخ نه ڄاڻان ٿو ڇا هي دير و حرم،
دوئي کان دور پرستار چشمِ يار آهيان.
گلن ڇڏي ڏنو، ڪنڊن اچي جهلي دامن،
مان تنهنجي حسنِ نوازش کان شرمسار آهيان.
خزان رسيده دلِ زار ۾ اچي ويٺين،
تون آهين جانِ بهار ۽ مان خود بهار آهيان.
ڀلا ٻڌاءِ ته مون کان سواءِ ڪيئن سرندئي،
تون آهين منهنجو سڄڻ ۽ مان تنهنجو يار آهيان.
اجل به آيو ته آيو شبِ فراق اي دل!
تهه مِزار به مضطر ۽ بيقرار آهيان.
پري پري وڃي پهتو سڄڻ فسانئه عِشق،
خطا معاف! سراپا ٿيو اشتهار آهيان.
نه ٿو وساري سگهان ۽ نه توکي ساري سگهان،
يقين اٿم ته اي شبير يادِ يار آهيان.
(جون 1957)
تنهنجي يادن جون بهارون، تنهنجي غم جون لذتون،
دل جي دنيا ۾ ته آهن راحتون ئي راحتون.
اي غمِ جانان! خدا بخشئي حياتِ جاودان،
زندگي ڀر ياد رهنديون دل کي تنهنجون قربتون.
تنهنجي ديوانن جي قسمت ۾ ڪٿان آئي بهار!
بس، چئون پيا ياد ڪريو ڪي سکن جون ساعتون.
ڪو تونگر منهنجي چشم نِم سان مَٽ ڪئن ٿي سگهي؟
ڪير لڙڪن جي خزانن جون لڳائي قيمتون.
ميڪدي جي در سوا ٻي پاڻ کي ڪانهي پروڙ،
اي حرم وارا، اوهين ڄاڻو اوهان جون جنتون.
تنهنجو حسنِ دلنواز آماده مهر و ڪرم،
تنهنجي شوخين ۾ نگاههِ شوق لئه ڪيئن دعوتون.
تون اهو ساڳيو ئي بيگانن جيان هلندو اچين،
عشق ويچارو اڃان ساري ٿو تو ۾ حُجتون.
تنهنجي نيڻن ۾ طهورا جو شراب،
پيار ڪو جام، اٿئي ڪارِ ثواب.
ڪنهن جي مرگان تي عطارد ۽ شهاب،
ڪنهن جي جهوليءَ ۾ جُهلي پيو مهتاب.
تنهنجي عارض ۾ عجب رعنائي،
تنهنجي عارض ۾ بهارن جو جواب.
تنهنجا هٿ، دستِ صبا جهڙا هٿ،
اورتي ڪر ته چمي دل جو گلاب.
حسن تي ايترو بانور نه ڪريو،
عشق هن دور ۾ آهي ناياب.
هٿ ۾ خنجر ۽ اکين ۾ پاڻي!
تون نه ٿو ڄاڻين ستم جا آداب.
تنهنجو ڪم ناهي ڪُهڻ ڦٿڪائڻ،
تنهنجي هٿ ۾ ٿو سُنهي جامِ شراب.
شيخ پارا جي ويا جنت ۾،
پوءِ خدا کان ته وڙهي وٺبو عذاب.
سچ چئون ٿا ڪو مڃي يا نه مڃي،
پنهنجو ٿيو آهي، نه ٿيندو ڪو جواب.
هاتفِ خسته جي گستاخ نظر،
تنهنجي عارض کي چمڻ لئه بيتاب.
عشق منهنجو ٿيو راهبر آهي،
منهنجي منزل ته تنهنجو در آهي.
ساقيا پيارڻو هجئي ته پيار!
زندي پنهنجي مختصر آهي.
شال محبن اڳيان ٿئي مقبول،
نذرِ تيغِ نظر جگر آهي.
ڪجهه ڏسي وائسي ٿُڏا هڻجن،
تنهنجي در تي ته منهنجو سر آهي.
ڀر ۾ ويهي رقيب کي ڀانئڻ،
هي به مارڻ جو هڪ هنر آهي.
ڪيئن نڌڻڪو ڪريو ڦٽائين ٿو،
منهنجي دل ناهه، تنهنجو گهر آهي.
محتسب آهه مستقل آزار،
ميڪشن لئه ته دردِ سر آهي.
سر ڏيئڻ کان گُريز ڪنهن ٿي ڪيو؟
هيءَ ته پنهنجي پراڻي پر آهي.
شوق سجده کان ٿي جبين تڙپي،
يار شايد ٿيو جلوه گر آهي.
هاڻ هاتف تون سر تان سانگو لاهه،
چشمِ جانان ٿي عشوه گر آهي.
بزم طالب الموليٰ، شاخ قلعو، حيدرآباد جي هفتيوار
ڪچهري جي في البديه مشاعري ۾ چيل
1958-04-06
هي ڪنهنجي حُسن بهار آفرين جو آهه اثر،
دمن دمن تي گلستان، چمن ۾ بهار.
جنابِ پيرِ مغان جي سخا کي رات ڏٺم،
قدح قدح ۾ شراب ۽ نظر نظر ۾ خمار.
شراب تنهنجي نگاههِ ڪرم جون ممنون آهه،
ڀري ڀري ته ڏنئي پر کِلي کِلي ڪو پيار!
خبر اٿئي شههِ خوبان اڳيان نه ڪنڌ کڻبو،
ادب ادب دلِ مضطر! وري وري نه نهار!
جلوه گر آهي خطِ جامِ شراب،
ذره ذره ۾ ڏسان ٿو آفتاب.
اڄ ته پياريو ساقي عزت مآب!
آهي پيري ۾ وري آيو شباب.
هِيئن نه ٿي پيرِ مغان سان بي حجاب!
ڪجهه ادب ڪر اي دلِ خانه خراب!
تلخيِ غم کي مٽائڻ واسطي،
قطرهِ خونِ جگر آ لاجواب.
خانهء ويران جو شان آهي بلند،
منهنجي گهر آيو هلي اڄ ماهتاب.
هاڻ رسمِ چاڪِ دامان کي ڇڏي،
عشق ۾ آڻيون نئون ڪو انقلاب.
مون وسايو ميڪدو ۽ هن حرم،
تون ئي چو ڪئن آهي منهنجو انتخاب.
(30 اپريل 1958ع)
رُوءِ تابان تان نثار،
شعله و برق و شرار.
مستي جوش بهار،
دامنِ گل تار تار.
تيغِ ابرو ساڻ مار!
خاتمو ٿئي شاندار.
حُسنِ جانان جي بهار،
زخم ٿي ويا مشڪبار.
عشق آهي نغمه سنج،
حُسن ٿيندو اشڪبار.
چشمِ ساقي جو ڪرم!
شيخ و واعظ ميگسار.
رند زاهد ڪئن ٿئي؟
رخش ڪو ٿيندو حمار!
دستِ قاتل تي لَهُو!
ڄڻ تريءَ تي لاله زار.
تون ڀلي هڪ ڀيرو اچ،
آئون ايندس بار بار.
اڄ وڃڻ واري نه ڪر،
ڪنهن کان ٿيندو انتظار؟
اي طبيبِ دردِ اُلفت اي حبيبِ جانِ من!
اي سرور دل، علاجِ حشرت و رنج و محن!
اي نگارِ نازنين، اي زينتِ بزمِ چمن!
گل رخ و گلفام و گل اندام گل بوء گلبدن!
تون جي مُرڪين ٿو ته ڪليون دل سنديون ٽڙيو پون،
حُسنِ گل توکي ڏسي ٿو پاڻ تي ٿئي خنده زن.
چشمِ گل گون جيئن کُلي، آباد ٿيا دشت ودمن،
تنهنجي زلفِ عنبرين تي مست آهوءِ ختن.
تو اڳيان آهن بتانِ ماهه وش سجده فگن،
بيشڪ آهن اي صنم تنهنجون ادائون بت شڪن.
تنهنجا ابرو عاشقن کي ٿا اشارن سان ڪُهن،
تنهنجا چپ، تنهنجي جبين، تنهنجون اکيون، موهيو
وجهن.
تون اميرِ حسن ۽ تون شاههِ خوبانِ زمن،
ڪيئي ڪوهن تان ڪهيو توکي اچيو پيرين پون.
توتان جي قربان ٿيا سي ٿا سدا زنده رهن،
تنهنجي در تي روز ڪيئي ٿا مرن ڪيئي جيئن.
پاڻ کي ڇا ڇا ٿا سمجهن عاشقان خسته تن،
تن کي ڪنهنجي ڪاڻ هوندي جن کي تو جهڙا ملن.
پيڪرِ حسنِ مڪمل آهين اي سيمي بدن،
تون يقين ڄاڻج ته هي منهنجو نه آهي حسنِ ظِن.
آتش عشق شعله ريز نغمهء جانگداز ۾،
سينهء ني نواز ۾، مرڪزِ سوز و ساز ۾.
ساقيِ ماه وش ٻيو باده ڪشن کي ڇا کپي؟
ڪيف هو، بي خودي هئي تنهنجي نگاههِ ناز ۾.
وقتِ سحر، نسيمِ صبح، فصلِ بهار، گلستان،
ڪجهه ته پيار ساقيا! ساعتِ اهتزاز ۾.
راز و رموزِ حُسن و عشق ڳولهي لڌم سکيم هتي،
تنهنجي حريمِ ناز ۾ سجده گهه نياز ۾.
هي جي کليون ته قهر و غيظ، بند ٿين ته مرده گي،
ساري جهان جون قسمتون ديدهِّ نيم باز ۾.
هُنن سان قربت اڃا به آهي، مون کان حقارت اڃا به
آهي،
تڏهن به ڪم بخت دل کي توسان اُها محبت اڃا به آهي.
اي ساقي دلنواز ڪيڏا نه جام و مينا جا دور هليا!
مگر مون کي تنهنجي دستِ فياض سان شڪايت اڃا به
آهي.
اوهان جي جورو جفا گوارا، اوهان جون سڀ نازشون
اکين تي،
مزاجِ نازڪ کي بيڪسن ساڻ ڪا شڪايت اڃا به آهي؟
ڪڏهن به گلشن ۾ زلفِ مشڪين کي هيئن نه ڇوڙي ڇڏج
ڪلهن تي،
نسيمِ صبح بهار اي دوست! بي ديانت اڃا به آهي.
مان تنهنجي عطائن تان صدقي تون منهنجيون خطائون
ياد نه ڪر!
محبوب هلي آءُ، دل ۾ ويهه، هئن پنهنجو گهر برباد
نه ڪر!
هي عشق ۽ حسن جا افسانا چئبا ته نگاهن ۾ چئبا،
اي ڪنهن جي محبت جا ماريل محفل ۾ ويهي فرياد نه
ڪر!
هر شاخ تي چٻرن جو مسڪن، هر ڪنجِ چمن هڪ ويرانو،
هن حال ۾ بلبلِ زار کي اي صياد اڃا آزاد نه ڪر!
هت ڪيئي ڪليون کِلندي کِلندي خون ۾ ڳاڙهيون ٿي
وينديون،
بهتر ته اهو آهي جاني ويرانهء دِل آباد نه ڪر.
تون مون سان پيار ڪرين نه ڪرين، مُنهڙو ته
پسائيندو رهندين!
دنياء دِل برباد سهي دنياء نِظر برباد نه ڪر!
غم جانان، غمِ جهان، غم دِل،
پنهنجي دنيا ته آهه غم ئي غم.
چشمِ گريان ۾ ٻاريو قنديل،
ظلمتِ غم کي پيا ڪريون برهم.
ڪو وفا ڪيش در تي بيٺو آهه،
سائين هيڏانهن به ڪا نگاههِ ڪرم!
هِن جهان ۾ خوشي ڪٿي ٿي ملي،
گُلِ خندان به آهه چشم نِم.
غم دوران کي ڪير ڪونَه پڇي،
مون کي ماري ٿو دوستن جو غم.
چشمِ نم ۾ عجيب مستي آهه،
ڄڻ ته گلَ پيا پين مئي شبنم.
تون بهرحال منهنجو آهين سڄڻ،
پوءِ آهه و فغان جو ڪهڙو ڪم؟
منهنجون محروميون پيون جوڙين،
روز نئين شان سان نئون عالم.
عاشقِ زار جو متاعِ زيست،
دردِ دل، داغ هجر، اشڪِ غم.
ترس! ظلم و ستم جي ڪر تڪميل،
غمِ جانان! ڇو ايتري تعجيل؟
ڪهڙي تفريقِ حسن و عشق ڪجي،
نڪهت و گل جو رشتو بي تفصيل.
يار جو در ڇڏڻ محال آهي،
فطرتِ عشق ٿيندي ڪئن تبديل؟
شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم!
چشمِ گريان ۾ ٿا ٻرن قنديل.
هر ادا لاجواب، لاثاني،
حسنِ محبوب حسن جي تڪميل.
آه و زاري کي ڇڏ اي حالِ زار!
شڪوهّ حسن عشق جي تذليل.
بادهّ ناب پي ۽ ڪُسجي وڃ،
ساقِي برق وش جي ڪر تعميل.
صحبتِ يار ۽ هي تلخِي غم،
شهد ۾ زهر ٿي ويو تحليل.
رند و واعظ جو ڪئن نباه ٿئي،
مختلف روح مختلف تشڪيل.
1958/5/11 |