سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :4

اڃا ته عشق جي منزل پري پري آهي،

اڃا ته ڪنڌ ۽ ڪاتيءَ ۾ فاصلا آهن.

پيئن ٿا جيڪي ڀري جامَ خونِ ناحق جا،

فقيههِ شهر جي فتويٰ ته پارسا آهن.

رقيب هاڻي ٿو ٻولي پيار جي ٻولي،

الائي ڪهڙا نوان ناٽ هُن رٿيا آهن.

اُنهن سان آهي نه گوڏو گڏي وِهڻ واجب،

اسان جي لاءِ جي ڌُريان ئي ڌاريا آهن.

هاتف صاحب رباعيون ۽ قطعا به لکيا آهن، ۽ ڏاڍا سٺا لکيا آهن. اُنهن ۾ به حسن ۽ عشق جي مَئي مَتي مهراڻ جون مست ڇوليون نظر اچن ٿيون. مون کي سندس قطعن ۽ رباعين ۾ به ڄڻ چوسٽا غزل نظر آيا آهن. جيڪڏهن هڪ ٻن بندن جو واڌارو ڪجي ته اُهي به بهترين غزل ٿي سگهن ٿا.

مان اميد ڪريان ٿو ته هاتف صاحب جن پنهنجي شاعريءَ جي هن مجموعي کان پوءِ ٻئي ڪتاب جي به تياري شروع ڪري ڏيندا، ڇو ته سندن تازين تخليقن ۾ نج ٻوليءَ سان گڏ ڌرتي ڌِڪاڻن جا درد ۽ پنهنجي مِٽيءَ جي مَهڪ جو هڳاءُ هر پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو.

20 آڪٽوبر 1991ع                     عنايت بلوچ

     حيدرآباد

نصير  وٽان

شبير هاتف صاحب جي شعر جو هي پهريون مجموعو آهي، هن مجموعي کي ”مجموعو“ بنائڻ لاءِ منهنجي جاکوڙ جو داستان منهنجي عشق جو داستان آهي، هڪ هڪ صنف ۽ هڪ هڪ شعر کي مون ائين ڳوليو آهي، جيئن پوپٽ گُلن جا پارَ ڳوليندو آهي، جيئن محفل ۾ ماڻهو پنهنجا يار ڳوليندو آهي يا جيئن ڪا سِپَ ملهار جي لارَ ڳوليندي آهي. شبير هاتف صاحب وٽ پنهنجي شعرن جي جيڪا ”ڪليڪشن“ موجود هئي، اُن ۾ ته، آڱرين ته ڳڻڻ جيترا شعر مَس لکيل هئا، باقي ڪلام ته، ”شاعر“، ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“ ۽ ”سهڻي“ وغيره مان مون ۽ ادي نور الهديٰ شاهه ڳولي هٿ ڪيو آهي. جُون جي ڪاڙهن ۾، سائين خادم حسين شاهه پنهنجي گاڏيءَ ۾ اسان کي سنڌالاجي تائين پهچائيندو هو ۽ مان ادي نور سنڌالاجيءَ جي ڪتابن سان ٽمٽار ڪٻٽن ۾ اندر هليا ويندا هئاسين ۽ شبير هاتف صاحب جا شعر گڏ ڪري، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، شام جو گهر موٽندا هئاسين. هي مجموعو سهيڙيندي ۽ سنڌالاجيءَ جي باغ مان شبير صاحب جا ٽڙيل پکڙيل ”شعري گُل“ چونڊيندي خوشي پئي ٿيم ته منهنجو هڪ سپنو ساڀيان ٿي، منهنجي نالي جي وياکتا ڪرائڻ وارو هو. پنهنجي سپني جي ”گلدان“ ۾ گُل گڏ ڪندي، ڪن شعرن جا گل وقت سان گڏ مُرجهايل به لڳم پر، اُن اڳوڻي يُگ ۾ لکيل ڪِن ڪِن شعرن ۾ ته مون ڏٺو اڃان به تازگي بکندڙ هئي. ڪِن ڪِن شعرن جون پنکڙيون سُڪل هوندي به هُڳاوَ سان ٽمٽار لڳيون، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هي ڪتاب سهڙيندي مون کي نهايت گهٽ شيون (شاعر جي اجازت سان) ڊراپ ڪرڻيون پيون آهن.

هيءَ مان اُنهن شعرن جي باري ۾ راءِ ڏئي رهيو آهيان، جيڪي شبير صاحب بنهه ننڍي ڄمار ۾ لکيا هئا. تذڪره شعراء ٽکڙ ۾، سائين اسدالله شاهه حسيني، شبير هاتف صاحب لاءِ لکن ٿا ته: سندس ڪلام رنگين ۽ پختو آهي. هي نوخير ۽ نوعمر شاعر وڏن وڏن استادن ۽ قادر الڪلام شاعرن وانگر پخته ۽ شسته ڪلام چوي ٿو. ياد رهي ته اِها راءِ 1956 ۾ قائم ڪيل آهي.... 1991 تائين بلاشبه شبير هاتف صاحب جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعرن ۾ آهي.

1970 تائين واري شبير صاحب جي شاعريءَ برابر ته فارسي نالن وارن گلن ۽ ايراني باغن ۾ اکيون کوليون آهن. ۽ ان دور واري شاعريءَ ۾ هُن ڪٿي شمع ۽ پرواني سان سنگت ۾ جاڳي صبح ڪيو آهي، ڪٿي ساغر ۽ مينا ڇلڪايا آهن ۽ ڪٿي ساقيءَ جي اکين مان خمار ماڻيا آهن... ۽ مان شبير هاتف جي اِن لهجي کي به سنڌي شاعريءَ جي تسلسل جو هڪ ڏاڪو سمجهان ۽ شمار ڪريان ٿو. اوهان ترتيب وار سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪندا ته هُن جي لهجي جي آرسيءَ ۾ اوهان کي هوريان هوريان سنڌي ٻولي جا به متارا متارا لفظ ۽ تشبيهون، غزل جي روايتي دلڪشيءَ ۽ جادو بيانيءَ ۾ جهرڪندا نظر ايندا. سندس شاعريءَ جو اِهو سفر ڄڻ رات جو ڪشٽ ڪاٽي، پرهه تائين پهچڻ جو سنديش ڏئي ٿو. ٽکڙ جي ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ باعث هُن جي شاعريءَ ۾ ٽکڙ جو روايتي رنگ ۽ عڪس منعڪس ته ٿيڻو ئي هو، جيڪو ظاهر ٿيو ۽ جائز ٿيو. ڇو ته، جڏهن شاعر پنهنجي گهر کان قدم ٻاهر رکيو ته ٽکڙ جي شاعريءَ جو شاندار ۽ موهيندڙ قالين هر واٽ تي وڇيل هو. ڪتب خانن ۾ فارسي ڪتاب مطالعي لاءِ موجود هئا. اوطاقن ۾ طرحي مشاعرن جون محفلون جاري هيون. محفلن واري مجلسي گفتگوءَ ۾ حافظ شيرازي، سعدي ۽ عرفي جا شعر عام جام استعمال ٿيندا هئا.... خير گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن اسان جو شاعر اُن ماحول مان ٻاهر آيو ته، هُن جي شاعريءَ جو رنگ به ”اور“ ٿي ويو. هُن جي تخيل ۾ نواڻ به آئي ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جي نج سرهاڻ به جلوگر ٿي. وقت سان گڏوگڏ هو ٽکڙ جي روايت جو راوي بنجڻ بدران، پنهنجي Diction تي فتح پائيندو ويو آهي ۽ هوريان هوريان فارسيءَ جي هوائن مان نڪري سنڌ جي کُليل فضائن ۾ ايندو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ شبير هاتف جي شاعري، روايت ۽ جدت جي ”سنگم“ تي هڪ خوبصورت پُل جو ”ڏيک“ ڏئي ٿي.

”تذڪره شعراء ٽکڙ“ کان 35 سال پوءِ، ٽکڙ جي نهايت مانائتي شاعر شبير هاتف صاحب جو هي مجموعو سهيڙي مان ايتري ئي خوشي محسوس پيو ڪريان، جيتري خوشي شبير صاحب کي پهرين سِٽ يا پهريون شعر لکڻ مهل محسوس ٿي هوندي، ۽ اڄ هي مجموعو سهيڙڻ کان پوءِ اُن کي ڇپجندو ڏسي، ڪيڏو نه مسرور پيو ٿيان ته جتي مون هنن شعرن کي يڪجا ڪري، کين هڪ لازوال زندگيءَ جو تحفو ڏنو آهي اُتي هِنن شعرن به وري مون تي اِهو احسان ڪيو آهي جو ٽکڙ جي شاعرن سان گڏ منهنجي نالي کي به بطور مرتب تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيو آهي.

27 آڪٽوبر 1991ع حيدرآباد                   نصير مرزا

 

پنهنجي پاران

ٽکڙ جي حوالي سان منهنجو شاعر ٿيڻ ڪو حادثو نه چئبو. نانو ۽ ڏاڏو ٻئي وڏا شاعر هئا. ڏاڏو، قاضي اسدالله شاهه فدا ته پنهنجي وقت جو وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو. ٽکڙ مان ”بهار اخلاق“ ۽ ”توحيد“ ماهناما ڪڍندو هو. سندس شعر گهڻو ڪري حضور صلعم جي ثن ۾ هو. ان کانسواءِ تاريخ نويسي ۾ سندس شايد ئي ڪو مٽ هجي. نانو، حافظ شاهه ڪافي جو شاعر هو. سندس ڪافي ۾ سوز ۽ گداز کانسواءِ ٻولي پختي ۽ زوردار هئي. چون ٿا ته پاڻ جهونگاريندو ويندو هو ۽ عيسو شيدي، موٽيو شيدي، حاجياڻي بچي ۽ مائي سينتي ياد ڪندا ويندا هئا ۽ پوءِ کيس باقاعده ڳائي ٻڌائيندا هئا. رات جو روزانو اوطاق ۾ راڳ رنگ هلندو هو جتي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جا باذوق ماڻهو ۽ ڪمي ڪاسبي اچي دل جو ڪس لاهيندا هئا.

اسان جي ناناڻي نک ۾ هڪ ٻيو وڏو شاعر پيدا ٿيو. اسان جي شجري ۾ فقط ٻن ماڻهن جي نالن سان ”شاعر“ لکيل آهي. هڪ شاهه عبداللطيف ۽ ٻيو حبيب شاهه. حبيب شاهه جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي پر دل وڍيندڙ هئي. بدقسمتيءَ سان ايڏي وڏي شاعر جو ڪلام گم آهي. ساڳيو حال باقي ٽکڙائي ساداتن جي ڪلام سان به ٿيو. نورالهديٰ شاهه کي ڪنهن سچ چيو هو ته ٽکڙائي ڏات جي معاملي ۾ خوش نصيب آهن پر وڏن جي ڪاوشن کي سنڀالي رکڻ جي معاملي ۾ بدنصيب!. حبيب شاهه جي هڪ ڪافي اسانجن گهرن ۾ ڳائبي هئي جيڪا مهراڻ ۾ ”لافاني ڪلام“ جي عنوان تحت ڇپي هئي. اُن ڪافيءَ جا جيڪي ٻول ياد ٿا پون سي حاضر آهن:

ٿل- جهوريءَ جيءُ وڌو، راڻل روسامن سان.

ساٿي ساري چئو سوڍل کي ميان- مومل موئي کان پوءِ،

ڪندين ماڻا ڪن سان.

حبيب شاهه چئي حب مان- پرين کي پوريجو چوءِ،

پانڌي پارانڀن سان.

حبيب شاهه جي هڪ ٻي ڪافي جيڪا پڻ اسانجن گهرن ۾ اسان جون وڏيون جهونگارينديون هيون، ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هِت درج ڪجي ٿي:

 

ٿل- سا سُمهي سُک ڪيئن ڪري!

سائين اَلاَ! پُنهل سان جنهن جو پيچ پيئڙو.

 

1.                                                                         سُتڙي هُيڙيس سيج تي- بي غمي غفلت ڪري،

        هاڻ پئي هٿڙا هڻي- جنهن جو پارس پُنهل ٿيو پري،

سائين اَلاَ! جيءُ جڏو جند جان ٿيئڙو.

 

2.    هَلو پُڇون هلي هوتَ کان- هيءَ واٽ وندر جي ڪيئن وري،

       واهون ڏيو وڻڪارَ ۾- ڀينر ڏسيو ڏونگر پئي ڏري،

سائين الا! وس ويچاريءَ کان جو ويئڙو.

3.                      حبيب شاهه چئي حُبَ منجهاران- آيس دلبرَ تو دَري،

        ڏيارج پنهنجيءَ ڏات مان- سُهڻا بحر مان بحرو ڀري،

سائين اَلا! آءُ پياسي منهنجو پيچ پيئڙو.

 

ڏاڏا جو ڪلام ته پڙهيوسين تڏهن جڏهن ڪجهه سمجهه ڀرا ٿياسين پر نانا حافظ شاهه جون ڪافيون ته ڄائي ڄَم کان ڪن پيل هيون. شادين مُرادين ۾ گهڻو ڪري نانا جون ڪافيون ڳائبيون هيون.

ڪڏهن ڪڏهن ترنگ ۾ اچي ماسي (نور الهديٰ جي ماءُ) ۽ ادي به پيون ڳائينديون هيون. آئون اڪثر ٻنهي کي ويهاري نانا جون ڪافيون اصلي طرزن ۾ کانئن ٻڌندو هئس. ادي ته الله کي پرتي. ماسيءَ جي هڪ ته پيري ٻيو جوڙ ٽٽي ويو، تنهنڪري وري الاءِ اهي ٻول ٻڌڻ نصيب ٿين يا نه؟ نانا جون ڪافيون شايد شاعريءَ سان منهنجو پهريون تعارف هو.

بابا (سيد الله بخش شاهه) جي تعليم ته پوري ساري هئي پر فهم ۽ فراست ۾ نالي وارو هو. ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ ايندو هو ته ماسي ۽ پڦيءَ کي شاهه جي رسالي مان بيت پيو ٻڌائيندو هو ۽ تفصيل سان شرح ڪندو هو. مون کي سمجهه ته ڪانه هوندي هئي پر بابا جنهن روانيءَ سان ڳالهائيندو هو ۽ بيبيون جنهن محويت جي عالم ۾ هونديون هيون، اهو ڏسي مزو ايندو هو. ان کان پوءِ ڀٽ شاهه تي سالياني ڪانفرنس ۽ ٻين ادبي ۽ ديني مجلسن ۾ بابا هميشه مون کي پاڻ سان وٺي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بابا پنهنجن وڏن پُٽن سان سياست، ادب ۽ معاشري جي مسئلن تي دوستانه بحث مباحثو به ڪندو هو ۽ اُنهن کي حڪم هو ته پنهنجي راءِ جي اظهار ۾ ڪوبه لحاظ نه ڪن. ان گهرو ماحول شاعريءَ جو ٻج پوکڻ لاءِ کيڙي جو ڪم ڪيو.

ادا قاضي (ڊاڪٽر اسدالله شاهه بيخود حسيني) شاعريءَ جي ميدان ۾ اڳ ئي لهي آيو هو. مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سائين طالب الموليٰ سان به ڏيٺ ويٺ ٿي وئي هيس جا اڳتي هلي دل محرم دوستي ٿي وئي. سائين وٽ مشاعرا ۽ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون جن جو ذڪر ٻڌي منهنجي دل به هرکي. ادا قاضيءَ کي چيم ته ”مون کي به وٺي هلو“- چيئين ته ”شعر لک.“ اُن ڏينهن طرحي مشاعرو هو. طرح هئي، ”اڄ چشم زدن ۾ ڪجي صد ساله سفر طئه.“ طرح ڏکي هئي. پاڻ مون کي شاعريءَ جو پهريون سبق ڏنائين. مون جيڪي رنڍا روڙيا، سي وڃي محفل ۾ پيش ڪيم. اها منهنجي سائين طالب الموليٰ سان پهرين ملاقات هئي. پوءِ ادا قاضي مون کي غني صاحب وٽ وٺي ويو جنهن باقاعده عروضي قانون ۽ قاعدا سمجهايا. غني صاحب کي ڳوٺائيءَ جي حيثيت سان سڃاڻندو هئس پر شاعرانه تعارف پهريون هو. ان وقت سندس ڏنل مشهور طرح ”اُٺي جي اچي ٿي ٿڌي هيرَ ٿرَ کان“ تي لکڻ لاءِ حُڪم ڪيائين. مون چيو ته ”مون کي ته ٿرَ جي باري ۾ ڪا خبر ڪانهي“ پاڻ چيائين ”شاعري شروع ڪرڻ کان اڳ شعر جو مطالع تمام ضروري آهي. پُراڻي زماني ۾ اردو شاعر تيسين ڪنهن کي شاگرد نه ڪندا هئا، جيسين گهٽ ۾ گهٽ هزار شعر ياد نه هوندا هئس.“

پوءِ شاهه سائين جو سُر مارئي ۽ حافظ حامد جو ڪلام پڙهيم. حافظ حامد جي ڪلام جو گهڻو حصو ٿرَ جي باري ۾ آهي. ان کان پوءِ جيڪي لکيم سو غني صاحب کي وڻيو. پاڻ مناسب اصلاح کان پوءِ ”روحِ ادب“ ۾ ڇپيائين. غني صاحب کان اصلاح جو سلسلو جاري رهيو. امين منزل هيرآباد ۾ سائين طالب الموليٰ جن وٽ به حاضري جاري رهي. سائين وٽ رات جو مشاعرو ۽ راڳ ضرور ٿيندو هو. شاعرن ۾ گرامي صاحب، غني صاحب، محبوب سروري، آئون، ڀاءُ اسدالله شاهه مستقل شريڪ ٿيڻ وارا هئاسين. ان ۾ پوءِ امداد حسيني به شامل ٿي ويو. امداد کان ننڍي لائي جي عشقَ ڪجهه اڳ لکرايو، جنهن کي پاڻ شاعري چوندو هو. اها شاعري اڄڪلهه جي نثراڻي نظم کان مختلف نه هئي. اُن وقت اسان ٻئي سئوٽ 13-14 ورهين جا هئاسين. اُن عمر ۾ علم جي لحاظ کان لڳندو هو ته امداد ڪمال ڪري ڇڏيو. اُها ته پوءِ خبر پيئي ته رڳو جهنگ جهڙيو هئائين (تِن ڏينهين)- امداد اُهو لکڻ جاري رکيو پر باقاعده اُستاد تڏهن ورتائين جڏهن منهنجو بحر وزن تي پورو شعر ٻڌي شاعريءَ جي ڪچائي محسوس ڪيائين. پوءِ ته امداد جهلَ ئي ڪانَ ڏني. الا ڪيڏيون منزلون طئه ڪري ڪٿي وڃي پهتو. احسن الهاشمي به اڪثر امين منزل جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. تن ڏينهين شيخ عبدالعزيز قنڌاريءَ به پيريءَ ۾ ٻين کي ڏسي شاعري شروع ڪئي جا ٻڌڻ وٽان هئي. قنڌاري صاحب جي کِلَ بي مثال هئي. ڳالهه ٻڌڻ يا شعر پڙهڻ کان اڳ کِلڻ شروع ڪندو هو. ماڻهو منتظر هوندا هئا ته کِلَ پوري ٿئي ته قصو اڳتي وڌي. کِلَ به اهڙي جو رڳو وات کُليل هوندو هو ۽ ڪنهن به قسم جو آواز نه هوندو هو. قنڌاري صاحب جي شاعريءَ جو نمونو هي هو:

گرامي گرامي گرامي

چران نمي خرامي خرامي خرامي

سرشار عقيلي جڏهين حيدرآباد جو ڪليڪٽر ٿي آيو ته اُهو به باقاعده اچڻ لڳو. پوءِ ته مخدوم صاحب جن جو مريد به ٿيو ۽ آخر عُمر تائين پيري مُريدي جو سلسلو به جاري رهيو. ساڳيو حال ميرپور بٺوري جي خواجه محمد عيسيٰ مست جو هو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ غلام رباني به ڪڏهن ڪڏهن شرڪت ڪندا هئا. چاچا ميران محمد شاهه به اڪثر ايندو هو. ڳائڻ لاءِ مصري فقير ۽ حسين بخش خادم هر وقت سائينءَ سان گڏ هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن منظور علي خان به ايندو هو. راڳ جي محفل ۾ هارمونيم گهڻو ڪري سائين پاڻ وجھائيندو هو. سائين جو آواز نهايت مٺو آهي. راڳ جو وڏو ڄاڻو آهي. ستار به وڄائي ڄاڻي. منظور علي خان ۽ پاڻ اُستاد سينڌي خان کان سکيا ورتي هئائون. شاهه کان پوءِ شايد سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻو طالب الموليٰ جو ڪلام ڳايو ويو آهي. انهن سڀني ڪافين جون طرزون سندن پنهنجيون آهن.

امين منزل مان رات جو ٽين چئين وڳي پنڌ نڪربو هو. قنڌاري صاحب 75 ورهين جو هو ته به کڙو تڙو هو. قنڌاري صاحب کي، صدر ۾ ۽ گاڏي کاتي ۾ گرامي صاحب کي ڇڏي، آئون، ادا قاضي ۽ امداد قلعي تي ويندا هئاسون. ڊپ ڊاءُ ڪونَ هو. اڄ جي ماحول ۾ اُهي ڏينهن ۽ راتيون ياد ڪري روئڻ اچي ٿو. انهن محفلن ۽ مجلسن ۾ هڪ طرف مخدوم صاحب سان رشتو مضبوط ٿيندو ويو ته ٻئي طرف گرامي صاحب کان اصلاح وٺڻ شروع ڪيم پر پاڻ جلدئي چيائين ته هاڻي توکي اصلاح وٺڻ جي ضرورت ڪانهي.

مخدوم صاحب بذات خود هڪ ادارو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن لاءِ هڪ ڪتاب گهرجي. پاڻ جتي به هوندو هو اُتي خود بخود تَر جا شاعر ۽ راڳيندڙ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ مشاعرا محفلون پيون ٿينديون هيون. پوءِ اُها ناري جي مسافري هجي يا منڇر ۾ بدڪن جو شڪار، اهي محفلون اسان جهڙن لاءِ تربيت گاهون هيون.

منهنجو معمول هو ته نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ اُن کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج يا سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان موٽندي پهريون داٻو تلڪ چاڙهيءَ تي ”مهراڻ“ جي آفيس ۾ گرامي صاحب وٽ ٿيندو هو. اُت ابراهيم جويي صاحب ۽ شمشير الحيدري سان به ملاقات ٿيندي هئي. سراج الحق ميمڻ ۽ جمال رند به اڪثر ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌي به اچي نڪرندو هو. شيخ صاحب جو هندوستان جي سياست ۾ وڏو مقام هو. خلافت تحريڪ ۾ ڏاڏا اسدالله شاهه فدا جو خاص معاون هو، تنهنڪري کانئس ڏاڏي جي باري ۾ خاص ڪري پڇندا هئاسون. پاڻ نهايت عقيدت ۽ محبت سان ڏاڏي جو ذڪر ڪندو هو.

شامَ جو روز چاچا ميران محمد شاهه وٽ حاضري ٿيندي هئي. چاچا هڪ انجمن هو. سندس محفل ۾ ويهي جوان نوجوان ٿي ويندا هئا. پنهنجي سير سفر جو بيان اهڙي ته پيرايي ۾ ڪندو هو جو لڳندو هو ته پاڻ اُتي موجود آهيون. ٽکڙ جي باري ۾ اڪثر چوندو هو ”جيڪي ڏٺو سو مون ڏٺو سرتيون، اوهان نه ڏٺو.“ اصلي ٽکڙ ته اسان رڳو ٻڌي، جا ٽکڙ اسان ڏٺي ان ۾ ڪلر کاڌين ڀتين کان علاوه آخري نشاني حافظ عبدالله بسمل هو. کيس اُستاد الشعراء چوندا هئا، پر ويچارو وَنڊ تي گذارو ڪندو هو. سندس شاگردن ۾ سرشار عقيلي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ محمد خان غني شامل هئا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن خٿاب (مُلا مڪتب) ۾ اسان کي ٻه اکڙ پڙهائيندو هو. فارسي به پڙهائڻ شروع ڪئي هئائين. اسان کي اُن وقت ته ان ماڻهوءَ جي عظمت جي خبر ڪانه هئي. اسان جي لاءِ هو ٻين حافظن وانگر نماز صلات ڪرائڻ وارو مولوي هو. ورهاڱي کان پوءِ اسان به ٽکڙ ڇڏي اچي حيدرآباد ويٺاسون ۽ بسمل صاحب به جلد گذاري ويو، نه ته شايد بسمل صاحب جي شاگرديءَ جو شرف اسان کي به حاصل ٿئي ها.

چاچا ميران محمد شاهه وٽان ايندا هئاسين گرامي صاحب وٽ. پوءِ جي مخدوم صاحب حيدرآباد ۾ هوندو هو ته ان وٽ نه ته ڪراچي هوٽل ۾ وڃي ويهندا هئاسون. ڪراچي هوٽل اُن وقت دانشورن جو اڏو هوندي هئي. گرامي صاحب اڪثر مير محفل هوندو هو. چانهه جا دور پيا هلندا هئا ۽ گرامي صاحب جي واتَ مان علم جو درياء پيو وهندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪَ بنا ساهيءَ جي پيو ڳالهائيندو هو. لفظن لاءِ سوچڻو ئي ڪين پوندو هئس. مرحوم لکندو به انهيءَ روانيءَ سان هو. سائين حسام الدين راشدي به حيدرآباد ۾ هوندو هو ته ان محفل ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو.

امين منزل جي محفلن مان بزمِ طالب الموليٰ وجود ۾ آئي، جنهن جون جلدئي جهر جهنگ شاخون قائم ٿيون. بزم جي طفيل نوان شاعر پيدا ٿيا جن مان اڄ ڪئين نالي وارا شاعر آهن. هن وقت ٽکڙائي ساداتن مان ادبي دنيا ۾ فقط امداد، نُورالهديٰ ۽ آئون بچيا آهيون. آئون به تقريباً ماضي ٿي ويو آهيان. شايد ئي ڪو نوجوان مون کي سڃاڻندو هجي! باقي امداد حسيني ۽ نورالهديٰ شاهه ته اڄ ادبي اُفق جا روشن ستارا ۽ شعري چمن جون بهارون آهن. امداد جنهن ريت جدد سنڌي شاعريءَ جي ارتقا لاءِ پنهنجيون ذهني صلاحيتون استعمال ڪيون آهن اُنهيءَ جو يقيناً سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو مقام آهي. نورالهديٰ جيڪو ڊرامه نويسيءَ ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو آهي ان تي سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان کي فخر آهي. نورالهديٰ هڪ قابل جراح وانگر معاشري جي ناسورن کي جئن ڪوري ڪڍي ٿي، اهو صرف سندس ئي حصو آهي. ٻئي ڪنهن جي جاءِ ڪانهي. آئون نورالهديٰ جو ڀاءُ سڏائي جيڏو فخر ڪيان اهو گهٽ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org