نظم
غمِ حسين
ظالم! جفا شعار! ستم گار! فتنه باز!
ٻڌاڄ سراپا گوش ٿي گردونِ دون نواز!
اڄ آئي آهي يادِ شهيدان ڪربلا،
ڪريان ٿو ذڪر دِشت و بيابانِ ڪربلا.
اڄ داستانِ ڪرب و بلا ڇيڙڻو اٿم،
اڄ داستانِ جور و جفا ڇيڙڻو اٿم.
اڄ دستانِ ظلم و وستم ڇيڙڻو اٿم،
اڄ داستانِ درد و الم ڇيڙڻو اٿم.
اڄ داستانِ تيغ و سنان ڇيڙڻو اٿم،
اڄ داستان آه و فغان ڇيڙڻو اٿم.
اڄ ديدهِ تر ڇيڙڻو اٿم،
اڄ داستانِ سورِ جگر ڇيڙڻو اٿم.
اڄ داستانِ جانِ علي ڇيڙڻو اٿم،
اڄ داستانِ سبطِ نبي صه ڇيڙڻو اٿم.
المختصر بيانِ امامِ حسين آهه،
هردم سندم زبان تي نامِ حسين آهه.
جانِ رسول صه، جانِ علي، جان فاطمه،
عالي جناب، عالي مقام، عالي مرتبه.
زهره نگاه، ماه جبين، مشتري بدن،
شعله نوا، و برق وش و آتشين دهن.
تصويرِ عشق و حسن مڪمل حسين هو،
هر ذي شعور جو جگر و دل حسين هو.
ساري جهان جي شمعِ ولايت حسين هو،
يعني ظهورِ نورِ هدايت حسين هو.
بي آسرن اڙين جو سهارو حسين هو،
هرهڪ بني بشر کي پيارو حسين هو.
خوش خلق، خوش ڪلام ۽ خوشخو حسين هو،
انسانيت جو پورو نمونو حسين هو.
راهِ خدا جي اولين منزل حسين هو،
جو مومنن جو مُرشدِ ڪامل حسين هو.
تاريڪي الم ۾ سراجِ منير هو،
مسڪين، مفلسن جو وڏو دستگير هو.
باغِ خزان رسيده جي حضرت بهار هو،
غمخوار و غمگسار دِل بيقرار هو.
هئي بي مثال عظمت و شوڪت حسين جي،
بيچون و بي نظير شجاعت حسين جي.
اُٿيو ته دشمنن لئي شمشير ٿي اُٿيو،
ڪفار لئي سنان، تبر و تير ٿي اُٿيو.
هليو ته برو دشت و بيابان ڏڪي ويا،
دريا و موج و ساحل و طوفان ڏڪي ويا.
اهڙو بشر ڏٺو تو اي چرخِ ڪهن ڪٿي؟
اهڙا وري فرشته صفت ٿا ملن ڪٿي!
پر تون ئي چو ته ڪيڏا مصائب سٺا حسين،
گهر ٻار، جان مال به قربان ڪيا حسين.
توکي ته ياد هوندو ته ڇا ڇا ڪيو يزيدَ،
ڪهڙيون نه شخصيات ڪهائي ڇڏيون پليدَ.
تنهنجي اڳيان امام ڪُٺا تو ته ڪجهه نه ڪيو!
جانِ وطن شهيد ٿيا تو ته ڪجهه نه ڪيو!
شبير کي ڪُٺائون ته انسانيئت ڪُٺي،
هڪ حُرِ سرفروش ڪٺو حُريت ڪُٺي.
عباس ويو ته دين مان سا زندگي وئي،
قاسم ويو، جهان مان نشاط و خوشي وئي.
يعني اسانجا مذهب و ملت تباهه ٿيا،
مرسل جا اهلِ بيت ۽ اُمت تباهه ٿيا.
يادِ حسين ۾ ٿي رهي قوم نوح خوان،
هر وقت آهي ديدهِ انسان خون چڪان.
مُرغانِ گلستان و گل و لالهء و بهار،
آهن فراقِ سيدِ شهدا ۾ بيقرار.
سيارا، تارا، شمس، قمر، قطب، ڪهڪشان،
ڪن ماتمِ حسين زبانِ خموش سان.
اي شر پسند! تنهنجي ادا کي ڏسي ڇڏيم،
اي چرخَ! تنهنجي حُسنِ وفا کي ڏسي ڇڏيم.
هاڻي ڪريان ٿو آئون وري قوم کي خطاب،
اي منان دين و غلامانِ بو تراب!
هاڻي اسان کي آهي مصيبت وڌي وئي،
هرهنڌ ڪسمپرسي و افلاس وبي ڪسي.
هر شخص حالِ زار و دل بيقرار آهه،
هر شخص ڪشتهء ستمِ روزگار آهه.
اي مومنو! اچو ته ڪريون ڪربلا کي ياد،
پيدا ڪريون ڪو پاڻ ۾ اڄ جذبهء جهاد.
هاڻي اسان کي آهه ضرورت حسين جي،
گهرجي اسان کي همت و طاقت حسين جي.
هاتف خدا کان گهر سحر و شام هي دعا،
روحِ حسينيت دلِ مُرده کي ڪر عطا.
(1958ع)
ڀٽائيءَ جي حضور
اسلام اي مشعلِ راههِ خدا!
اسلام اي عاملِ قرآن لطيف!
اسلام اي ماهتابِ معرفت!
اسلام اي پيڪرِ ايمان لطيف!
اسلام اي محرمِ اسرار حق!
اسلام اي ناسخِ باطل لطيف!
اسلام اي دستگيرِ عاجزان!
اسلام اي مرشدِ ڪامل لطيف!
اسلام اي آشناءِ رازِ حق!
اسلام اي وارثِ حيدر لطيف!
اسلام اي دين جا وارث ولي!
اسلام ي سنڌ جا رهبر لطيف!
اسلام اي شاعرِ آتش نوا!
اسلام اي واقفِ فطرت لطيف!
اسلام اي صاحبِ فضل و ڪمال!
اسلام اي حاملِ عظمت لطيف!
ساقِي فياض چشمِ فيض کڻ!
بادهءِ عرفان جو ساغر ڀر لطيف!
تنهنجو ميخانو سدا قائم هجي،
تنهنجي وٺيو ويٺا آهيون ڀر لطيف!
تنهنجي هستي تي ادب کي ناز آهه،
تنهنجي هستي آهه لاثاني لطيف!
رومي و حافظ ٿو سڏجين سنڌ ۾،
شعرَ جا بهزاد ۽ ماني لطيف!
تون ئي آهين عارفِ پارس نگاه،
دل جي ڪٽ کي سون خالص ڪر لطيف
ڏي امان ۽ دولتِ ايمان ڏي،
هاتف عاصي جي جهولي ڀر لطيف!
(1959)
هوتن ريءَ هفتو
جُمع جانبن سان اکيون اٽڪيون،
ڀلارن ڀلي ڏينهن ڀلايون ڪيون،
پرين پرت جا پيچ پُختا وڌا،
محبت جون من منجهه ميخون کُتيون.
سوين ٻولَ ٻانهيءَ سان ٻهڳڻ ٻڌا،
سڀئي سڱ سياڪا سي ڇنڇر ڇنا،
الائي ڪٿان اهڙو وريو ڪو واءُ،
ذرو ڪين زابَر جڏيءَ وٽ جٽيا.
مون ڀانيو ته آچر تي ايندا ضرور،
ڏکيءَ کي اچي ڏڍ ڏيندا ضرور،
وري پرت پيالا پياريندا پاڻ،
وري محب سان ميلا ٿيندا ضرور.
اُڏايام ڪوڙين ڪبوتر ڪلاب،
مُڪو ڪونه سومر تي سهڻن جواب،
ڪي خاطوءَ نيا خط، ڪي پانڌيءَ پيام،
اُنهن جو الائي ٿيو ڇا حساب؟
اڱاري تي اکيون بنهه بيقرار،
عجيبن اچڻ جون اُميدون اپار،
گهڙي ڪانهَ گوندر ۾ گهاري ٿئي،
الائي ڪڏهن ٿيندا ڀيڙا ڀتار؟
اندر ۾ ٿي اربع تي ڏاڍي اُداس،
پرين جي پسڻ جي هئي پلپل پياس،
ڪُڇي ڪائنلي ڪان روئي گهڻو،
وڪوڙي ويو ويسليءَ کي وماس.
اُميدن ڀري آئي آهي خميس،
متان اڄ اچن منهنجا نازڪ نفيس،
اڱڻ کي اکين سان ٻهاريان پئي،
اجهو ٿا نوازين خادم خسيس.
(1962ع)
وڇوڙي جو ورق
فضائون اڄ وري آهن خماريون،
نئين انداز سان آيون بهاريون،
پيارڻ ۽ پيئڻ جا ڏينهن آيا،
هلي آ پاڻ هڪ ٻئي کي پياريون.
وري رنگين آهي بزمِ گلشن،
وري گردش ۾ آيو ساغرِ گل،
وري جهومڻ لڳيون مستيءَ ۾ شاخون،
وري ڇيڙيا سُريلا گيت بلبل.
وري گردش ۾ آيو ابرِ رحمت،
وري هر دشت ٿيو رشڪِ گلستان،
وري ويرانين جو موت آيو،
وري ٿيا غيرتِ جنت بيابان.
وري ڪئي مشڪ بيزي زلفِ سنبل،
وري نرگس کي بينائي ملي وئي،
وري مرڪڻ سکيو ريحان وسوسن،
وري ڪلين کي رعنائي ملي وئي.
اجهو! بادِ صبا پيغام آندو،
وري مرڪي ملڻ جا ڏينهن آيا،
اجهو قمرين وري ڇيڙيا ترانا،
وڇوڙي جي وڃڻ جا ڏينهن آيا.
چمن وارن تي سيني سان لڳايون،
گلن جي ويس ۾ ڳاڙهيون ڪنواريون،
رڳو مان نامراد آهيان اڪيلو،
اوهان واڳون ورڻ واريون نه واريون.
گهڻئي بزمِ چمن رنگين آهي،
سڄڻ توکان سوا بي رنگ، بي ڪيف،
زمانو وصل جا پيو گيت ڳائي،
مگر حيف آهه منهنجي بخت کي حيف!
اتي زنده رهڻ جو لطف ڪهڙو؟
جتي تنهنجو رخِ خندان نه آهي،
بهارن جو تبسم ڪهڙي ڪم جو؟
بهارن ۾ به دل شادان نه آهي.
هلي آ گهوٽ هي گوندر جون گهڙيون،
عروسِ دل الائي ڪيئن گذاريون!
وڇوڙي جو ورائي ورق جاني،
پيارا اچ پراڻا قول پاريون.
نظر جي مي هجي ۽ دل جو ساغر،
پوءِ سهڻا سائين ٻي دنيا وساريون،
وري اڄ قرب جون ڪي چار گهڙيون،
زماني کان ٿي بيگانا گذاريون.
(28 آگسٽ 1962ع)
هاڻ ديريون نه ڪر
مون کي اهڙي سدا سهڻي محبوب جي هئي تلاش،
حسن جي عظمتن جو ڪو اعليٰ نمونو هجي،
جنهن جي آغوش جون نرميون برگِ گل کان گداز،
جنهن جي نازڪ خراميءَ تي بادِ صبا کي به ناز؛
جنهن جي هڪڙي جهلڪ چشمِ فطرت کي تسڪين ڏئي:
توکي ڳولي لڌو منهنجي ذوق نظر،
هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!
آءُ هاڻي ته آهن بهارون به سامائيون،
نرگس ولاله و گل به جوڀن جي نشي ۾ چُور،
تون جوان، مان جوان، تنهنجون منهنجون اُمنگون
جوان،
آرزوئون، تمنائون، آسون، اميدون جوان،
پوءِ سهڻا سڄڻ ڪيئن ٿو ايڏو رهين دُور دُور!
اچ ڪريون عهدِ رنگين کي رنگين تر،
هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!
اڄ عجب شوخ شنگ آهي ڪلين جي دوشيزگي،
اڄ مگن مست آهي نسيمِ سحر جو خزام،
اڄ هي ريحان، سوسن، سمن، نسترن، ياسمن،
ساري اهلِ چمن جئن خوشي ۾ نه پيا ماپجن،
اڄ سندئي راهه ۾ بيٺا آهن به صد اهتمام
رنگ و بُو جا سوين قافلا منتظر،
هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!
هونءَ ته هن شهر ۾ حسن وارا ڪَئين ٿا رهن،
چنڊ جن تي ٿو مَرڪي انهن جي به ناهي ڪمي،
جي گلابن جي رعنائين جو سبب، سي گهڻا،
پر دِل راز ڪمبخت کي ڇا ڪريان، تو سوا
ڪنهن حسين، مهه جبين، ناز نين تي ٽڪي ئي نٿي؛ |