سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :5

منهنجي شاعريءَ جي ارتقا ۾ بزمِ طالب الموليٰ جي رهاڻين جو وڏو اثر آهي. غزل منهنجي پسنديده صنف آهي. غزل کانسواءِ رباعيون ۽ قطعا به لکيم پر انهيءَ تي تغزل حاوي رهيو. منهنجي شاعري گهڻو ڪري جمالياتي آهي. انسان ذات جي مشڪلن ۽ مسئلن جي حوالي سان خصوصاً سنڌي سٻاجهڙن جي سورن جو سوچي حسن ۽ عشق يا گُل ۽ بلبل جو ذڪر شايد بي معنيٰ لڳي پر عشق به انسان لاءِ ايڏو ئي ضروري آهي جهڙو کاڌو. جيستائين حسن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي، تيستائين هن دنيا جون قباحتون ڪيئن نظر اينديون؟ ٻين جي پيڙا تڏهن ڏکوئيندي جڏهن پاڻ به ڪجهه گهاءَ کاڌا هوندائين. هن هڻ هڻان جي دور ۾ جتي چوپاسي خون جو رنگ ۽ بارود جي بوءِ آهي، حُسن جي به ڪمي ڪانهي. پر جنهن کي نظر اچي! مون کي گهڻو ڪري دنيا سهڻي لڳي آهي. اهائي شاعريءَ ۾ پيش ڪئي اٿم، پر چؤپاسي جيڪي وهي واپري پيو، اُن کان به بيگانو ڪونه آهيان. تنهن ڪري ڪٿي ڪٿي گُل و بُلبل جي ذڪر ۾ انهن ارڏائين جا اشارا به ملندا جيڪي اسان سان ٿينديون رهنديون آهن. جيئن، وطن ۾ هڪ واءُ وريو هو، اُن تي لکيو هئم:

ڪانگن جي ڪانءَ ڪانءَ ۾ ڪويل نه ڪوڪندي

چٻرن جي آئي باغ ۾ چيها نه چهڪندا

دستورِ گلستان ۾ هيءَ ترميم ڪئي اٿئون

بلبل نه ٿيندي نغمه سرا گُل نه ٻهڪندا

 

مون شعر تمام گهٽ لکيو آهي پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو ”حديثِ دلبران“ ئي آهي. منهنجي شاعريءَ لاءِ محرڪ هميشه ”سونهن“ ئي رهي آهي، پوءِ اُهو سهڻو ماڻهو هجي، سهڻو منظر هجي يا سهڻو شعر.

مهينن جا مهينا ڪونه لکندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته جهڙوڪر آئون شاعر ئي ڪونه آهيان، پوءِ اوچتو دل جون تارون ڇڙي پونديون آهن ۽ ذهن پرواز ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ڪو غزل يا قطعو تيار ٿي ويندو آهي.

هي مجموعو سهيڙڻ لاءِ به دوستن جي پيار ڀري صلاح همٿايو. اِن لاءِ خاص ڪري عنايت بلوچ جو ذڪر ڪندس جنهن سان پهرين ملاقات جده جي هڪ مُشاعري ۾ ٿي. وڏا ڀاڪر پائي وڏي چاهه سان مليو، ائين ٿي لڳو ڄڻ ورهين جا وڇڙيل يار آهيون، دل ئي دل ۾ شرمسار پئي ٿيس ته ايڏي پراڻي سنگت جي باوجود اهڙي مٺي ماڻهوءَ کي نه پيو سُڃاڻان! اها ته پوءِ خبر پئي ته عنايت هر ڪنهن سان اهڙي ئي محبت سان ملندو آهي. پوءِ ته ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن به موڪلن ۾ حيدرآباد ايندو هئس ته عنايت جي عنايتن مان پيو فيضياب ٿيندو هئس. هڪ دفعي پراڻي زماني جي محفلن ۽ مجلسن جي ذڪر سان پئي دل وندرائي سون ته نصير مرزا آيو. نصير کي چيائين ته ”سائين آيو آهي پکي آهي وري اُڏامي ويندو، سندس انٽرويو ۽ ڪلام رڪارڊ ڪر.“ ان انٽرويو ۾ به منهنجي زندگي وانگي ڇڙيل وڇڙيل ورق ڏسي نصير وعدو ورتو ته ”پنهنجو ڪلام ضرور ڇپرائيندس“- نصير کي جس هجي جو پاڻ ڪلام سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو بار کنيائين ۽ مهراڻ ۽ ٻين رسالن مان ڪلام گڏ ڪري ترتيب ڏئي موجوده صورت ۾ پيش ڪيو اٿس. منهنجو ان ڏس ۾ رتيءَ برابر به حصو ڪونهي.

وقت جيڪي لڙڪ ڏنا انهن ”نيڻن ۾ ڏياريون“ ڪيون، انهن ڏيئن جي اوهان جي روح جا اڱڻ ٿورا به اُجرا ڪيا ته منهنجا سوڻَ سجايا ٿيا.

1990-12-06 حيدرآباد.                شبير هاتف

 

نعت

حياتيءَ ۾ گهڻائي گردش دوران جا حملا ٿيا،

محمد مير جي صدقي سَڀئي ڪم پنهنجا سولا ٿيا.

 

جڏهن هُت داورِ محشر اڳيان پرڪار پڌرا ٿيا،

جهليوسين پاند پرور جو ته پنهنجا پاند آجا ٿيا.

 

جهان ۾ ڪيترائي سونهن جا سردار پيدا ٿيا،

اهي سڀ سرورِ ڪونين جي گولن جا گولا ٿيا.

 

پرينءَ جي پار جي پانڌين جا مون ڀوريءَ تان ڀيرا ٿيا،

ڀلايون ڀال بي حد، وڙ وڏا، ٿورن تي ٿورا ٿيا.

 

مديني جي موالين کي مئي ڪوثر جا نشا ٿيا،

جڏهن مستي چڙهي، دارين جا اسرار افشا ٿيا.

 

جهانِ رنگ وبو آباد جنهن دم قدم سان ٿيو،

اُهي آيا، اکين جا آستانا ڪيڏا اُجرا ٿيا.

 

چيو هاتف متان گهٻرائجان طوفانِ هستيءَ ۾،

محمد ناخدا جن جو انهن جا پار ٻيڙا ٿيا.

 

پهرين توتي هجي ايمان رسولِ عربي!

پوءِ ڪعبو، پوءِ قرآن، رسولِ عربي1

اهلِ يثرب جو اُهو شان رسولِ عربي!

جنهن تي جبريل به حيران رسولِ عربي!

ڇا سندم شان، سندم مان رسولِ عربي!

تنهنجو آهيان جو ثنا خوان رسولِ عربي!

پوءِ منهنجو ڪو ڏسي شان رسولِ عربي!

تنهنجي در جو ٿيان دربان رسولِ عربي!

سجدهِّ عشق روا آهه سنئي چانئٺ تي،

هي به هڪ نقطِهء ايمان رسولِ عربي!

مون کي اغوا ڪري تو وٽ ڪو پڄائي سائين!

زندگيءَ جو ڏيان تاوان رسولِ عربي!

احد احمد جي وچان ميم جو ويڇو نڪتو،

عرش وارن ڪيو اعلان رسولِ عربي!

تو چيو آهه ته مڃيون ٿا ڪلام الله آهه،

ورنه ڪاغذ آهي قرآن رسول عربي!

تنهنجي گولن جي غلامي به شهنشاهي آهه،

تنهنجو دربان به سلطان رسول عربي!

جن جو اجرو هو اندر تن کي نظر آيو نور،

باقي انڌن لئي انسان رسولِ عربي.

تنهنجو حبدار وڏو طالب مولا آهي،

هُن جا مشڪل ڪجان آسان رسولِ عربي!

مون کي آداب گهرڻ جا ته ڪڏهن ڪونه آيا،

ري گهريو مون کي ملي دان رسولِ عربي!

زندگانيءَ جي سفيني ۾ سوين ڏار آهن،

۽ گناهن جو هي طوفان! رسولِ عربي!

جن حوالو ملڪ الموت کي تنهنجو ٿي ڏنو،

تن جي سڪرات ٿي آسان رسولِ عربي!

پنهنجي پيرن جي پڻي، پنهنجي پسيني جا ڦڙا.

منهنجي دامن ۾ وجهو دان رسولِ عربي!

جي رنڍا روڙهيا مون تنهنجي ثنا خوانيءَ ۾،

شل هجن شان جي شايان رسولِ عربي!

محفلِ نعت ۾ جي لڙڪ اکين ۾ آيا،

آخرت جو اُهي سامان رسولِ عربي!

هاتفِ خسته جي هڪڙي ئي تمنا آهي،

تنهنجي پيراندي ڏيان جان رسولِ عربي!

رباعيون

 

دوشيزه ۽ بدمست بهارن ٿي نچيو،

يا بحرِ شفق ۾ هو ڪو طوفان اُٿيو،

حيران ٿي ڏٺو رنگ ۽ بو جو عالم،

اي منهنجا شهِ ناز متان تو مُرڪيو!

(25 نومبر 1965)

رنگين بهارن کان، فضا کان شفاف،

پاڪيزه بدن، دامنِ مريم کان صاف،

هر انگ مان فردوس ٿو جهاتيون پائي،

هر عشوي تان قربان پرستانِ قاف.

(25 نومبر 1965)

 

هي روپ جي مُرڪي ته بهاون ٻهڪائي،

ڇرڪي ته سوين نور جا ساغر ڇلڪائي،

چال اهڙي زماني کي به سهڪائي ڇڏي،

قامت کي ڏسي اوجِ ثريا شرمائي.

(26 نومبر 1965)

 

مون صبحِ بهاران سندو اُڀرڻ به ڏٺو،

امرت سان ڀريل جام جو ڇلڪڻ به ڏٺو،

تارن جو کڙڻ، وڄ جو کِنوڻ، گُلَ جو ٽڙڻ،

مون تنهنجو قسم تنهنجو مُرڪڻ به ڏٺو.

(26 نومبر 1965)

 

ڇوليون ٿو هڻي تو ۾ امرت ساگر،

بيمار فضائن به جهلي تنهنجي ڀر،

جئن منهنجي نگاهن کي حياتي بخشئي،

تئن حسن جي عالم کي وري زنده ڪر.

(26 نومبر 1965)

 

مخمور فضائون ۽ بهارون سرشار،

گردش ۾ هئا نور جا ساغر ٽمٽار،

مُرڪي مُرڪي ناز ڀريا نيڻ کنيئي،

مون ڀانيو ته اُڀري ٿو لکن جو ڏاتار.

(12 ڊسمبر 1965)

 

قطعا

محبت بي سبب ڪنهن جي ٿئي ٿي؟

محبت بي سبب بي سُود آهي،

محبت ان ڪري تو سان ڪجي ٿي،

محبت تو وٽان مقصود آهي.

(1958)

جهڙا تهڙا به ته تنهنجا آهيون،

ايڏو بيزار نه ٿي منهنجا ڌڻي،

يا ته پنهنجن تي رکج پيار جا هٿ،

يا ته هٿ سان ئي وري مار کڻي.

 

 

مونسان هن خسته حال جي نسبت!

منهنجي غيرت سجاڳ ٿي نه پوي!

ڪير هن نامراد کي سمجهي؟

مُرڳو منهنجي هٿان مري نه پوي!

 

قصهء رنج گر تمام نه ٿيو،

پنهنجو قصو کڻي تمام ڪبو،

جي نه خنجر وهيو ته خود مربو،

دستِ قاتل جو احترام ڪبو.

 

ڇو نه ٿو تير مون کي هڻين،

توکي آهي جي شوقِ شڪار؟

جهڙي تهڙي جي پٺيان نه هل،

مارڻو ٿئي ته ڪو مير مار.

 

حرمِ ناز مان جو ٿي آيو،

سو ته چئبو اسان جي ٿي آيو،

غير کي ڇو نه بار بار چمان،

ڇا ڪريان، تو وٽان جو ٿي آيو.

 

منهنجي دل جي مڪين اکين کان پري!

ايترو قرب، ايتري دوري!

شيوهّ حُسن آه جورو جفا،

هاءِ تنهنجي ڪرم جي مجبوري!

(29 جنوري 1959 هالا)

 

تيغ و خنجر جي ڪا ضرورت ناهه،

مون کي ماڻن سان ماريو سهڻا!

سر ڏيئڻ ۾ ته دير ئي ڪانهي،

رڳو مُرڪي نهاريو، سهڻا!

(8 فيبروري 1959 هالا)

 

بزمَ جانان ۾ حالِ دل اوريم!

واءِ، منهنجو ڪمالِ بي ادبي!

سنگدل سان شڪايت و شڪوه؟

ايڏي حُجت ڪڏهن به ڪان ڪبي!

(8 فيبروري 1959 هالا)

 

ڇا چوان تنهنجي شانِ رفعت کي!

مهر و ماه و نجوم گردِ راه،

تنهنجي پرن جي خاڪِ اقدس تي،

آسمانن کي رشڪ ٿيندو آه.

(1959 حيدرآباد)

 

تنهنجي هر نازش بيجا جو قسم!

مون کي توسان ڪا شڪايت ڪانهي،

بيرخيءَ کي به تعلق چئبو،

ڇا اها تنهنجي عنايت ڪانهي؟

(جنوري 1959 هالا)

 

منهنجي نيڻن کي تنهنجو غم گهرجي،

تنهنجي دامن کي چشم نَمِ گهرجي،

پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جا حاجتمند،

پاڻ کي هڪ ٻئي جو دم گهرجي.

(1961 ٽنڊو محمد خان)

 

دلڙي ويچاري درد کان ماندي،

منهنجو محبوب اڄ بهم گهرجي،

چشم ديوانه وار فرشِ راه،

ڪو سعادت ڀريو قدم گهرجي.

(1961 حيدرآباد)

 

تيغِ ابرو جي هر تقاضا جو،

منهنجي دل کي جواب ٿيئڻو هو،

عشق ناڪام ڪئن نه ٿئي هاتف؟

حسن کي ڪامياب ٿيڻو هو.

 

· مخدوم ظهيرالدين عُرف جميل الزمان جي ولادت تي سندس والد مخدوم محمد امين فهيم ڏانهن لکيل

 

اڄ توکي اڳي کان گهڻو مسرور ڏسان ٿو،

اڄ تنهنجي نگاهن ۾ نئون نور ڏسان ٿو،

ڪنهن ماه جبين پير سعادت جا گهمايا،

جو خانهء دل روشن و معمور ڏسان ٿو.

(25 آگسٽ 1961)

 

آه کي ايڏو شعله بار نه ڪر!

عشق ويچارو شرمسار نه ٿئي،

دل ازل کان ئي داغدار آهي،

دامنِ حُسن داغدار نه ٿئي.

 

تون حسينن کان حسين آهين مگر توکان حسين،

منهنجا محبوب اٿئي منهنجي اُميدن جي ڪنوار،

ڪير ڄاڻي ته گهڻا ڏينهن سندس رهندو سهاڳ!

ڪير ڄاڻي ته متان هي به هجي تنهنجو پيار!

(2 ڊسمبر 1961)

 

ڪلين جئن هئا جي سراپا تبسم،

گلن وانگي افسرده افسرده آهن،

خزان وانگي جن ڪئي گلشن اُجاڙيا،

اڃا تائين پائنده پائنده آهند.

(27 جولاءِ 1961)

 

اوهان جو پيار ته سنڀرون ئي ڪونه مدت کان،

اوهان جي جورو جفا کان به آهيون بيگانا،

ستم به آه اکين تي، ستم ڪريو ته سهي!

اسين ته ساڳيا آهيون اوهان جا ديوانا.

(ڊسمبر 1961)

ڪٿ بلبلن جا نغما ڪٿ منهنجو نالهء غم!

مولا رکي سلامت هيءَ منهنجي آه و زاري،

هن چشمِ خونچان کان شرمنده آه گلشن،

ڪن جو روئڻ به راحت، ڪن جو کلڻ خواري.

(1961)

اسان وٽ ته حسرت ڀري دل ئي آهي،

اوهان وٽ ستم کانسواءِ ڪجهه ته هوندو؟

سنها چَپ، اکيون مست، رخسار ڳاڙها،

اُنهن وٽ اسان لئي ڀلا ڪجهه ته هوندو؟

(ڊسمبر 1961)

 

جي ڪڏهن ياد نه پيا ڪير اُهي ساريندو؟

ڪير هڪ خسته جگر لاءِ هنجون هاريندو؟

اي دلِ زار تون ڪنهنجي به تمنا ئي نه ڪر،

ڪير ويران مزارن تي ڏيئا ٻاريندو؟

(ڊسمبر 1961)

 

نگاههِ مست ڪنهن ڏي نه ڪر،

ڪرم کي ايڏي ارزاني نه ڏي،

ڪٿي زاهد ڪٿي صهباء ناب،

ڪُتي کي ڪڻڪَ جي ماني نه ڏي.

(1961)

عشق ويچاري اڃا چکيو ئي ڪونهَ،

تنهنجي نيڻن مان شرابِ زندگي،

مطربِ غم اهڙو نغمو ڇيڙيو،

پئي ٽٽي تارِ ربابِ زندگي.

 

جيسين چراغ دل ۾ سهڻا، خونِ تمنا باقي آهي،

تنهنجي محفل رنگين رهندي تنهنجون راهون روشن رهنديون،

جيسين اکڙين ۾ آب آهي، جيسين ٿڌڙيون آهون آهن،

تنهنجي صحنِ بهاران جون آکاڻيون گلشن گلشن رهنديون.

(جنوري 1962 حيدرآباد)

 

ٻڌوسين اڱڻ تي اچڻ وارا آهيو،

هيون رات اکيون چراغان چراغان،

مگر صبح جو هاءِ دستور موجب!

سندءِ زلف وانگي پريشان پريشان.

(جنوري 1962)

 

چمن وارن گهڻئي ٽيڙيو چپن کي،

ڪڏهن ڪنهن کي نه آيو تنهنجو مُرڪڻ،

مگر تنهنجو قسم هن دل جي زخمن،

سدائين پئي نڀايو تنهنجو مُرڪڻ!

(جنوري 1962)

تنهنجا چَپ غيرتِ تسنيم سهي!

منهنجي قسمت ۾ رڳو تشنه لبي،

تون ته فياض گهڻئي پيو سڏجين،

ڪا اسان تي به عنايت ٿيندي!

 

جڏهن ملنديون نگاهن سان نگاهون،

دلين جا ساز هم آهنگ ٿيندا.

عجب بزمِ فلڪ ۾ رنگ هوندو،

قمر بربط، ستارا چنگ ٿيندا.

(جنوري 1962)

 

آئون ساڳيو گداءِ بوسهء لب،

منهنجون آهن گذارشون ساڳيون،

تون به ساڳيو سخاوتن جو بحر،

تنهنجون گهرجن نوازشون ساڳيون.

 

ڪيڏيون معصوم تمنائون ڪُهي ڇڏيونسين!

بزمِ جانان کي نئين رنگ ڏيڻ جي خاطر،

ڪيترا ڀيرا انهيءَ در تي مُئا هونداسين!

رڳو هڪ ڀيرو جيئڻ وانگي جيئڻ جي خاطر.

(جنوري 1962)

 

سينڌ ۾ حسرتن جو خون وجهي،

ياس جي سيج تي اچي ويٺي،

هاءِ معصوميِ عروسِ دل!

ڪنهن نه اچڻي جي انتظار ۾ هئي.

(جنوري 1962)

 

اسان ڪجهه آزمايو پنهنجي دل کي،

اسان ڪجهه آزمايو تنهنجو مُرڪڻ،

اڃا ڦٿڪن ٿا دارا ۽ سڪندر،

ڇڏي ٿو نَر نمايو تنهنجو مُرڪڻ.

(جنوري 1962)

 

جي ڪلهه چمن زِيست جو سينگار ڏٺاسون،

اڄ دوشِ خزان تي به اُهي بار ڏٺاسون،

ڪئين چنڊ کان موچارا ستارن کان سونهارا،

گيسو ۽ شبِ غم ۾ گرفتار ڏٺاسون.

 

مُرڪَ لئي سڪندا رهيا زخمن جا گُلَ،

فصلِ گل اچڻي هئي، آئي، وئي!

ڪن جا گلشن تنهنجي دم سان گلفشان،

مون کي تنهنجي ياد ئي کائي وئي.

 

هر طرف ياس ۽ حسرت جا جنازا ڏسبا،

منهنجي دل گور غِريبان کان سواءِ ڪجهه ناهي،

عشق ڇا آهي؟ ڪَلي، سا به خزان جي ماريل،

زندگي گلشنِ ويران کانسواءِ ڪجهه ناهي.

 

تون لڪڻ ساڻ ڪو لڪي سگهندين؟

منهنجا محبوب سائين موچارا!

رُخ تان لاهي حجاب زلفن جو،

سج کي سُپ ڏئي ڍڪڻ وارا!

(جنوري 1963)

 

هي نيڻ ناز ڀريا شل خماريا ئي رهن!

سدا گلاب چپن ۾ سدا بهارون نچن!

خدا ڪري ته سلامت هجي جُڳن تائين،

انهن جي آسري مون جهڙا ڪيترا ٿا جيئن.

 

هئا گهڻيئي فروزان چراغ زخمن جا،

سهائي کان دلِ برباد بي خبر ئي رهي،

هزار مهر درخشان رهيا رِ مزگان،

شبِ حيات ته بيگانهء سِحر ئي رهي.

(جون 1963)

 

هُت مٿي بندِ قبا کوليو عروسِ ماهتاب،

هِت هٽايو ڪنهن سراپا نور چهري تان نقاب،

روشنين پنهنجا پکيڙيا پَر سڄي عالمَ مٿان،

دل جي ويرانين مگر ڇڏيو نه پنهنجو آب و تاب.

(اپريل 1964)

 

تنهنجا چپ تسنيم، اکيون سلسبيل،

منهنجي نيڻن ۾ ازل کان تشنگي!

هاءِ مون بدبخت جي قسمت تي حيف!

تنهنجي در تان هِئن اُڃيو ويندس مري.

(اپريل 1964)

 

هي ٿڌيون راتيون ٿڌيون چانڊوڪيون،

هن گهڙيءَ جو پي وڃي سو جي وڃي!

ساقِي فياض چشمِ فيض کڻ!

اڄ ته مولا جي ڏني مان ٿي وڃي.

 

تنهنجي عارض ۾ هجي شال بهارن جو رنگ،

دل جون ويرانيون آباد ٿين يا نه ٿين.

تنهنجي نيڻن جي مسيحائي مبارڪ توکي،

تنهنجي رندن جو کٽي ڀاڳ جئن يا نه جئن.

(اپريل 1964)

مئي به آهي هزار قسمن جي،

۽ پيئڻ جو حساب ئي ڪونهي،

تو جا نيڻن منجهان پياري هئي،

تَنهن جو سهڻا جواب ئي ڪونهي.

(1972)

 

مون سندئي موهڻي مورت تي ٽڪايون اکيون،

هڪ گهڙيءَ لاءِ اکين ساڻ ملايون اکيون،

جهڙو تون پاڻ، حياتي ٿي لڳي اهڙي حسين،

تو جڏهن مُرڪي ۽ شرمائي جُهڪايون اکيون.

(1972)

تو نشيلي نگاهن سان ڪجهه هو پياريو،

آئون هڪ مستي جاودان ۾ جيئان پيو،

تو زمانو ٿيو مون ڏانهن مُرڪي نهاريو،

آئون اڄ تائين گُل جئن کلان پيو، ٽڙان پيو.

(1972)

تو جيئن شال! جئن دل ۾ تشريف فرمائي آهي؛

منهنجي هر آس ۾ تنهنجي عارض جي رعنائي آهي؛

آرزوئن، اُميدن ته ايڏيون ڪيون گلفشانيون،

موسمِ گل به اڪثر ڪري مون کان شرمائي آهي.

(1972)

اڄ اهلِ چمن ۾ ٿا هلن تنهنجا فسانا،

ڏسجن ٿيون گل و لاله ۾ تنهنجون ئي نشانيون،

مون کي به ته ڏيکار اُهو شوخ تبسم،

تڙپايو ڇڏين جنهن سان بهارن جون جوانيون.

 

مخمور نگاهن جا سوين مست اشارا،

معصوم ادائن ۾ عجب شوقَ جا پيغام!

بيساخته مُرڪڻ ۽ وري مُرڪي نهارڻ،

ڪنهن ڪنهن کي مليا هوندا اهي عشق جا انعام!

 

تنهنجي نازڪ هٿن جو آهه خيال!

قاتليءَ جو ڀرم کلي نه پوي!

تيغ آهسته ۽ سنڀالي کڻ!

دشمنن کي متان ڪي ٿي نه پوي!

 

هي ادائون جناب ڇا چئجي!

اي نزاڪت مآب ڇا چئجي!

حُسن ۽ سو به تنهنجو حسن، سڄڻ!

پاڻ پنهنجو جواب، ڇا چئجي!

 

ووڊڪا، وسڪي، برانڊي، ڪنترو، چنزانو، رم،

تنهنجي نيڻن جي نشي جا روپَ آهن بي حساب.

مون سڄي دنيا ڏٺي، دنيا جا ميخانا ڏٺا،

پر اهي اکيون! انهن اکين جو ڪونهي جواب.

Rock Hotel عدن (جون 1980)

مون ڏٺا آهن جهان ۾ حُسن وارا بي شمار،

ڪِن تان چانڊوڪيون فدا، ڪن تان فدا رنگِ بهار،

ڪِن ۾ پَرين جا مهانڊا ڪِن ۾ حورن جا نشان،

پر مٺي محبوب جي هڪڙي ادا تان سڀ نثار.

(آگسٽ 1984)

ڪانگن جي ڪانءِ ڪانءِ ۾ ڪوئل نه ڪوڪندي،

چٻرن جي هوندي باغ ۾ چيها نه چهڪندا.

آدابِ گلستان ۾ هيءَ ترميم ڪئي اٿئون،

بلبل نه ٿيندي نغمه سرا گل نه ٻهڪندا.

(1987)

خبر نه آهه ته هاتف ڪٿي وڃايوسين،

سندس ڪلام جي رنگينين کي ساريون ٿا،

غزل جي جان هو جن جو جمالِ هوشربا،

انهن حسين پري زادين کي ساريون ٿا.

(جون 1991)

آخري عرض آخري ڀيرو،

ڪر ڪو ڀوريءَ مٿان اچي ڀيرو،

زندگي جو ته سج لهي ويندو،

تون نه آئين سڄڻ جي هي ڀيرو!

(18 ڊسمبر 1991ع حيدرآباد) 

مون کي سڙڻ ڏجو، سورن جي باهه ۾ جي سڙان،

مگر متان پڇو، هي ڪنهن جي ٻاريل آهي،

مران ته منهنجي قبر تي بس ايترو لکجو،

هي يار پنهنجي پيارن جو ماريل آهي.

(24 جنوري 1992ع حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org