گيت
•
سَرنهن ڦُلاري، آءُ پياري!
ليئو پائي، من جهومائي،
وڃ تون هيڪر!
اُڀ مان سارا ڇني ستارا، تو لءِ واٽ سجائي ويٺس،
تنهنجا پير چمڻ لءِ پنهنجا، وک وک گيت وڇائي ويٺس،
هيءَ ڏکاري، دل پرڀائي؛
وڃ تون هيڪر،
ليئو پائي من جهومائي!
تون جي ناهين، ڪاريون راتيون، ڪاريهر جان ڦڻ ڪڍن ٿيون،
پل پل ياد جون تکيون ڪاتيون، من جي مکڙي ٻيرا ڪن ٿيون،
جندڙي ساري، گهائي گهائي،
وڃ تون هيڪر،
ليئو پائي، من جهومائي!
ٽمڪي ٽمڪي ڏات جا ڏيئا، توبن ويندا جوت جهڪائي،
من – مندر ۾ پائي ليئا، جيءُ جياري، وڃ گرمائي،
من بکياري، بکيا پائي-
وڃ تون هيڪر،
ليئو پائي، من جهومائي!
……
سرنهن ڦلاري، آءُ پياري!
وڃ تون هيڪر،
ليئو پائي، من جهومائي!
*
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
جڳ سڄو جوانيءَ جو ويري، ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي اک ميري،
جوڀن تان پئي تڙيان جهار!
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
وهي لٽن مان ليئا پائي، تنهنجون واٽون پئي واجهائي،
انگ انگ ۾ چنگ وڄن ٿا، جوڀن – ول جا ڦول کڙن ٿا،
سُرهي سُرهي رُت ته سارِ!
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
ڪانهن به نسريا واهه ڪناري، ڪانوَ به آيا آل اُٿاري،
پوکن ۾ پيا پيها پيها، نيڻ ڏين پيا سڪَ- سنيها،
آءُ پرين! ڪر اکڙيون چار!
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
ڀنڀرڪي جو کانڀاڻيءَ سان، گهر مان نيراني ئي نڪران،
سج- اوڀارو هيَر سَڏ ئي ٿي، منهنجي آس اُڪير سڏ ئي ٿي؛
جڳ کان اڳ ۾ مُنهن ڏيکار!
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
ٽاڪ – ٻپهرو، ڪاٺيون کوڙي، پوتي ويڙهي، گوندو جوڙي،
ڇانو ڪريان ٿي، ڇانو بڻي اچ، ڇڏ رسامون، هاڻ کڻي اچ!
نيڻ ته کڻ،
مون ڏي ته نهار!
پيهي تي پئي هڪليان جهار!
*
جوئر جا ڪانا ٿا جهومن،
هاريءَ جا جذبا ٿا جهومن!
سنگ سنگ ۾ سُت سمايل، پورهيت جو آ رت سمايل،
’هور…وهيو‘ پيها ٿا جهومن،
کانڀاڻي، ڳوڙها ٿا جهومن!
پوک- پڪيءَ جو پَنُ پَنُ سائو، شل نه تڪي تاڪو ڪارائو،
پنيءَ پنيءَ ۾ آس ستل آ، ڳنيءَ ڳنيءَ ۾ ساهه پيل آ؛
اڇا اڇا پٽڪا ٿا جهومن،
چَتيون چَتيون ڪپڙا ٿا جهومن!
کيرا سنگ، وَنيءَ جون آسون، ”ڄاڻ سڀاڻ نوان اَنُ کاسون“،
”ڪرڻو آهي ڪاڄ ٻچي جو“، ڪڙميءَ جو مُن سوچي ويٺو،
سوچون ۽ سپنا ٿا جهومن،
جيوت جا نقشا ٿا جهومن!
چِٽ گهُٽ ۾ ڄيرا ڄرڪيا، جيون جا پَلَ پوءِ به جرڪيا،
ڪَر کڻي ڪونجن جان ڪرڪيا، پرڙا ساهي، ڦڙڪيا، ڦڙڪيا،
نيڻن جا تارا ٿا جهومن،
جذبن جا جارا ٿا جُهومن!
غزل
•
انڊلٺ روپي تنهنجو نانءُ،
تنهنجون سارون ميگهه- ملار!
سپني مان ڇرڪايو تاج،
ڪنهن مڌ – ماتيءَ نيڻ- نهار!
سونهن، سچائي ۽ سرهاڻ،
منهنجي جيوت جا جنسارَ.
برکا – رُت، انگوري آس،
ساهه سنڀاريا وڇڙيل يار!
ڪوڪو ماڻهو مصريءَ سنگ،
جنهن جي سار به ماکيءَ لارَ،
ڪنهن جا ٻول ڪسارا ٽوهه،
ڪنهن جا چَپَ به ڇانهين ڦارَ.
سونهن – نگر جي سڌ نه رک،
وک وک واسينگن جا وارَ.
سَڌ سوکي آ، اوکو سنگُ،
سوريءَ – سڏ، پريت – پچار!
*
سنڌوءَ جَرتي تارن ڇانوَ،
ياد ڏياريا وسريل نانوَ!
ڇولي ڇلڪي، ڇلڪيا نيڻ،
ڪي ڪي ڪُنئرا ڪومل هانو!
ڪي ڪي ماڻهو مورَ – مثال،
ڪي ڪي ماڻهو ڪارا ڪانوَ!
ٽُڙڪي پونديون طعني ساڻ،
دليون، هي شيشي جا ٿانو!
لفظ رسائن گهرا گهاوَ،
لفظ ٿڌا ڄڻ ڇمَر- ڇانو!
حسن اسان جو آ معبود!
دنيا وارا سچ چوانَو!
سچ – سنيهو منهنجا گيت،
پر جي ڏيهي ڀانءِ پوانَو!
ڀيٽ اوهان کي ماروئڙا،
گيت ڏيان يا لڙڪ ڏيانوَ!
اچو اچو او هاري يار!
چيڪيءَ – هاڻا هٿ چمانو!
پورهيتن جو پگهر گلاب،
پوڄا جهڙا تن جا نانَو!
*
ڪومل مکڙا، مُکڙين جهڙا،
بکيا، پينو، ننڍڙا ٻچڙا.
فٽپاٿي انسان ڏسو ڙي!
هٿ ۾ ڪشتا، ڦاٽل ڪپڙا.
شهرن جو ماحول مشيني،
سوچون دونهون، ماڻهو ڇڪڙا!
چنڊ جڳهين مان ڦٿڪي نڪتو،
ڪڪرن ڄار وڇايا تڪڙا.
گٽرن جي ڪيڙن جي وچ ۾،
ماڻهو موتئي جي گل جهڙا!
گهگهه اوندهه ۾ ڏيئا ٽمڪيا،
نئين ٽهيءَ جا شاعر ننڍڙا.
نئين نسل جي سوچ سگهاري،
سون – سريکا سپنا سچڙا!
*
برکا – رُت اڃا ته نه آئي،
تاڙا! تنهنجي تانگهه اجائي.
مند – ملهاريءَ جو اوسيڙو،
سولي ڳالهه ته ناهي ڪائي.
ٺاهه ڪيون ڪئن اونداهين سان؟
پاڻ ته پرهن جا شيدائي!
اُڀ تي اڇڙي، هيکل ڪڪري،
ڪونج ولر کان ڪنهن وڇڙائي؟
پولارن ۾ ٿيو پڙاڏو،
ڪنهن ته ڏڪائي هيءَ خدائي!
ڌرتي – ڄاوا ماٺ مُٺا ڇو؟
دانهن مٽيءَ جي ڪنهن نه ڪنائي.
گهاٽي جهڙ ۾ سج ڏٺو مون،
ڪيئن چوين ٿو آس اجائي!
جڳ سڄي سودائي سڏيو،
تاج جڏهن ڪا وائي ڳائي!
*
سوچون، وڄ- وراڪا،
واڪا، واڪا، واڪا!
ويريءَ جي اک ميري،
ڌرتي روز ڌماڪا!
ڏيهه ۽ ڏٿ تي پهرا،
سڀ جا نيڻ چئاڪا!
ٻيرا، ٻيرا ڇاتي،
ڪهڙا لڳندا ٽاڪا؟
واءُ سڻائو وريو،
سڙهه جا ڇوڙيو ساڪا!
شاعر! تنهنجا سپنا،
خالي ناهن خاڪا.
اُبتي ڳالهه نه مڃبي،
ايڪا پوءِ ڏهاڪا!
*
ڳل پرهه جا چميا هير،
ڪوي! لکي وٺ ڪا تحرير،
سج، ڪرڻن جي ڪئي ڇٽڪار،
ڌرتي، مصور جي تصوير!
اونده جي سيني ۾ گهاءُ،
روشن روشن سوچ – لڪير!
ڪيڏو اونداهو ماحول،
ٽانڊاڻي جان ٽمڪ، ضمير!
ڌرتي! توکي دان ڏنم،
چانڊوڪيءَ – روپي تحرير.
*
اوهان پرهه تي پوش پاتا سدائين،
اسان پرهه تان پاند چاتا سدائين.
اوهان رات کي روشني چئو، ڀلي چئو،
اسان رات جا روپ ڄاتا سدائين.
اوهان ساهه آزاد ٻوساٽيو ٿا،
اسان گيت آزاد ڳاتا سدائين.
اوهان ڪوڙ کي ڀل سنواريو، سجايو،
اسان سچ جا رنگ سڃاتا سدائين.
اوهان نينهن نيئر ۾ بندڻ گهرون ٿا،
اسان پريت جا پيچ پاتا سدائين.
اوهان، جي وطن کان وڇوڙيا، انهن ڏي،
اسان سَوَ اُڏايا کنياتا، سدائين.
اوهان سورما سَوَ چکيا تي چڙهايا،
اسان جي لهوءَ رنگ لاتا سدائين.
اوهان جون هوائن ۾ سوچون اُڏامن،
اسان جا وطن ساڻ ناتا سدائين.
اوهان ڏيهه سارو ڏکايو، ستايو،
اسان خوش رکي سنڌ ماتا سدائين.
*
اڃا پيار تي وار ٿيندا رهن ٿا،
اڃا سچ تي مچ کورا ٻرن ٿا!
اڃا جاڳ کي آڳ ۾ ٿا جلائن،
اڃا ڏات تي ڪات ڪڙڪن، ڪرن ٿا!
اڃا ڏينهن تي شينهن ڪاهون به ڪن ٿا،
اڃا رات، سوغات، سياڻا چون ٿا!
اڃا ساز آواز تي آهي بندش،
اڃا هير تي تير تاڻيا وڃن ٿا!
اڃا سوچ ۽ لوچ تي آهه پهرو،
اڃا چپ تي چُپِ جا تالا چڙهن ٿا!
اڃا گهاٽ تي ڳاٽ گولين سان ڇلجن،
اڃا آس جا لاش گهاڻي گهمن ٿا!
اڃا ڏاڍ جي واڍ سوگهي سسين ۾،
اڃا نينهن وارا نظربند ٿين ٿا!
اڃا سونهن سختيون سهي پئي، سهي پئي،
اڃا ڪوڙ جا روز ڌوڙيا وسن ٿا!
اڃا ڪنهن قلم کي علم ناهه ٺاهيو،
اڃا ٻول گوليون نه ڪنهن جا ٻُرن ٿا!
اڃا تاج سوراج جو ٿيلهجي پيو،
اڃا ٽهڪ ۽ چهڪ ڌاريا ڏين ٿا!
*
اکين جا ڪنول شل نه ڪومائجن،
ٽڙيل گُل لُڪن ۾ نه لوسِاٽجن!
سدا سونهن ۾ ساهه سُرهاڻجن،
سدا سک جي ڇانوري ۾ جين!
سدا سچ جي سوچ ڦولارجي،
سدا نينهن جا مينهن وسندا رهن!
سدا ڀُونءِ جا ڀانَ ڀاڳيا رهن،
وطن لاءِ سرجون صدائون هڻن!
سدا سنڌ سان جند جڙيل رهي،
ڪڏهن نينهن جا هي نه ناتا ٽٽن!
فڪر ڀٽ – ڌڻيءَ جو پڪاري پيو،
عمر جا ڪڙا، ڪوٽ ڪيرائجن.
جتي نينهن نيزي تي سِر جي سدا،
اُها ڀُونءِ سنڌڙي اسان جو وطن.
جتي سونهن ۽ سچ جو ماڳ آ،
اتي تاج! تڪيا هلي ٺاهجن.
*
ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ،
گيت، سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ!
سوچ جا گل ٽڙيا، سونهن جو سج ڦٽو،
روشني، روشني، رات ٿيڻي نه آ.
اڄ قلم جي رکڻ لڄ وڏي ڳالهه آ،
سنڍ ذهنن ۾ پرڀات ٿيڻي نه آ.
باک جي ساک کڻ، پرهه ڏي پيروجهه،
سچ جي سونهن خيرات ٿيڻي نه آ!
نينهن نورا ٻڌايا، نچايا سوين،
ڪئن چوان، برهه – برسات ٿيڻي نه آ.
همسفر! تون سڪن تي ڇڪن ٿي پئين،
ڏات – ويڪوءَ سان بات ٿيڻي نه آ.
تو چپن کي سبيو، سوچ کي تو گهٽيو،
سوچ ساڄي سندم؛ گهات ٿيڻي نه آ.
*
ڪنهن سڪ اڳانجهيءَ ساهن کي، سرهاڻ – نگر جي واٽ ڏسي،
اڻ – تارو هوندي تري ويا اڄ، نيڻ نينهن جي تار ندي.
ٿا چانڊوڪيءَ جا چئاڪا ٽپڪن، نيڻ – ڇپر جي وٿين منجهان،
او چنڊ، اکين جي ننڊ نه کس، آرام ڪرڻ ڏي ڪاته گهڙي!
هن ڀت ڀُتيءَ کي ٽيڪ نه ڏي، هيءَ ڀت ڪرڻ تي آ پيارا،
هن ڀت جي چاپڙ چاپڙُ ۾، آ پوريل تنهنجي آزادي،
اوراڙَ، پراڙ، ڪٿان به ڪنن تي ڪو سڏ سُڃاپو پهتو آ،
مون ورنديءَ ۾ ورلاپ ڪيو آ، کاڌي منهنجي ساهه ڇِٻي.
اونده جي ڪاريءَ ڇاتيءَ ۾، ڪلهه ڪنهن ته اُماڙي کوڙي هئي،
اڄ پرهه – پريءَ جي پيشانيءَ تي، ڏس ته ڪڍي پيو سج ڪني.
*
منهنجي ڪَوِتا ڊيل – نويل،
ڪارونجهر تي کيلي کيل.
ڀٽَ ڀٽ، تي اؤٺا – پير،
ٿر – ڄاوا، اک پٽ سويل.
مورن تي ٿو تاڻين تير؟
ماري، هاڻ نه رَنبي ڊيل!
سنڌڙي! تنهنجي ميري سينڌ،
مان ڪئن ڪريان تيل- ڦليل.
نئين نسل جون تحريرون،
کنوڻيون، کنوڻيون، کجڪا، کيل. |