• اڻانگو سفر
پکيئڙا!
جڏهن آهين اُڏرڻ سکيو
۽ اڏامين پيو
تڏهن ساهه پنهنجي جو سانگو نه ڪر
اهو آهه ممڪن ته ڪنهن ڀي پهر
ڪنهن ظالم هٿن ۾ جهليل
ڪنهن غليليءَ منجهان ڪو غليلو اچي
اُڏامڻ ۾ توکي لڳي،
ڦٽ ڏيئي وجهي
(تڏهن تون ڪِري ۽ مري به سگهين ٿو)
يا اڻڄاڻ، بيڏوهي ڦاسي پوين ٿو
ڪنهن ماريءَ جي چالاڪ چنبن اندر
۽ راتيون گذارين ڪي پڃري اندر-
جي گهٻرائين، پڇتائين پيارا پکيڙا!
”ته اڳ۾ ئي جيڪر اڏامان نه ها“
(ته ڪانئر ۽ ڏوهي تون سڏبين، سڄي ساٿ ۾)
اُڏامڻ جو ڏاڍو اڻانگو سفر
ڪڏهن، ڪجهه ڀي ٿي ٿو سگهي، ڪنهن پهر
فضا ۾ اڏامڻ سکيو آن اگر
۽ پيارا پکيئڙا، اُڏامين پيو
تڏهن ساهه پنهنجي جو سانگو نه ڪر!.
•
توڏانهن……
مون کي آهن اکيون ڏسڻ لءِ
ڄڀ ڪڇڻ لءِ.
ڪن ٻڌڻ لءِ
هٿ لکڻ لءِ.
تون ٿو چاهين، تنهنجو ويٺو ڏاڍ ڏسان،
گهر گهر ڀنڀٽ باهه ڏسان،
چپ رهان ۽ ڪين ڪڇان.
”ديس سڄي تي ڌاڙا ڇو؟“
توکان ڪين سوال پڇان.
روح روح مان راڙ ٻڌان،
سانت سڳي سان چپ سبي،
اندر اندر ۾ پيو لڇان؟
پنهنجو قلم ڀڃي ڇڏيان،
ڪجهه ڀي ڪين لکان.
لکان ڀي جي، آءٌ تڏهن: تنهنجا گيت لکان
تنهنجيءَ ڪوڙيءَ شهرت جا ڪوڙين ڪوٽ اڏيان-
پر هي سڀ ڪجهه، مون کان ڪڏهن ٿيندو ڪو نه
آءٌ سدائين لکندو رهندس
ڏسندو، ٻڌندو، چوندو رهندس.
آءٌ لکڻ لاءِ قلم جي کڻندس
تنهنجو ڪوڙ تڏهن ڦيرائي، تنهنجي منهن ۾ هڻندس
ڇاڪاڻ ته
مون کي آهن اکيون ڏسڻ لءِ
ڄڀ ڪڇڻ لءِ
ڪن ٻڌڻ لءِ
هٿ لکڻ لءِ.
• آواز ئي آواز
ماٺ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي
ماٺ ڪرائڻ وارا!
تون جي مون تي
(ماٺ ڪرائڻ ڪارڻ)
سوٽن جو ڪو سٽڪو لائين
تنهن سان ڀي آواز ٿئي ٿو.
۽ جي ڌڪ لڳڻ تي ڪڻڪان
۽ جي ڪائي دانهن ڪيان ٿو
تنهن سان ڀي ٿي ماٺ ٽٽي.
۽ جي ٿو زنجير وجهين
سي ڀي ٿا جهنڪارون ڪن
منُڊُ – ماٺ جو ٿا ٽوڙن
سونهن، سڳنڌ ۽ سچ جتي
جرڪيل جذبا جتي، اتي
ماٺ ڪرائڻ وارا!
ماٺ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي،
ماٺ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي!!
غزل
*
رم جهم رنگ رچايا آهن،
ڪورا نينهن اُپايا آهن.
هيل به منهنجيءَ دل ۾ ايندا،
سُورن پور پچايا آهن.
ڪجهه ته تون ڀي هٿ ڊگهيڙ،
مون جي هٿ وڌايا آهن.
منزل پوءِ به ساڳي آهي،
رستا جي بدلايا آهن.
آءٌ وڏو ماڻهو ڪونهيان ڪو،
تنهنجا خيال اجايا آهن.
سچ جي سندر ناريءَ گُهوري،
گهوٽ گهڻائي گهايا آهن.
ڇير ٻڌي جذبن جي مون ڀي،
پنهنجا گيت نچايا آهن.
*
توسان نينهن نيارا ٿي پيا،
ڏينهن ته مُرڪڻ وارا ٿي پيا.
چاهت اهڙو رنگ رچايو،
چهرا چنڊ، ستارا ٿي پيا.
تنهنجو من ئي منزل منهنجي،
اکڙيون اکڙيون چارا ٿي پيا.
توکي دوست ڪيو سي، دلبر!
دشمن، دنيا وارا ٿي پيا.
ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو،
ڇاکان ٽوهه – ڪسارا ٿي پيا؟
يادون، سپنا، خط اوهان جا،
جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا.
ڏوراهين ڪنهن ڏيهه وڃن پيا،
خيال به هن وڻجارا ٿي پيا.
ڪن جون راتيون روشن هونديون،
پنهنجا ڏينهن به ڪارا ٿي پيا.
مُرڪي مرڪي ڏک ڏسياسي
ٻُڌندڙ روئڻ – هارا ٿي پيا.
جيڪي گل! ڌڪاريا دنيا،
سي ئي توکي پيارا ٿي پيا!
*
توکان پوءِ دل تي دلبر!
اڀري آيا ڄڻ ٿوهر.
جيئڻ ٿي سيکاري، سائين!
راهه ۾ کاڌل هر ٺوڪَر.
پنهنجي اکڙين منجهه لڪاءِ،
دنيا دشمن ٿي دلبر!
برساتين جو بکُ ويا ٿي،
ڪچيءَ مٽيءَ مان جوڙيل گهر.
گوڙ ۽ دونهين جا اُهڃاڻ،
شهري ماڻهو، هڙ شهر.
راهن تان راڪاس گهمي ويو،
هيسيل چهرا، ٻُوٽيل در.
هر شئي هيڻي ماڻهوءَ آڏو،
موت اڃا ڀي ڏاڍو پَر!
سنڌ سنوارڻ لاءِ ڪندس،
جيڪي پڄندو وَس – آهَر.
*
ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ لهڻ تائين،
جيئبو توسان پرين! ملڻ تائين.
سلسلو ياد جو ڊگهو هڪڙو،
منهنجي مرڪڻ کان آ رئڻ تائين.
ڪجهه مهينا ۽ سال وچ۾ هِن،
ڪنهن جي هٿڙن کان ڳل ڇهڻ تائين.
آءُ سپنن ۾ ڪي گهڙيون گهاريون،
ڏينهن ٿيڻ تائين، اک کلڻ تائين!
ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿڙيا آهيون،
گهر جي در تي اچي، پُڄڻ تائين!
ڪجهه ته پن – ڇڻ ۾ پن ڇڻدائي،
يَر! بهارن جي رُت اچڻ تائين!
گُهگهه اوندهه ڪڏهن نه ٿيڻي آ،
چنڊ چڙهي ايندو، سج لهڻ تائين.
*
ماڻهو مٺڙا پيارا وو!
جيئن ڪي چنڊ، ستارا وو!
نيهنهن اسان جيءَ دل- ڌرتيءَ تي،
ڀري ڪيا وسڪارا وو!
جيون! مون کي ڀي ڪي ڏي تون،
ٻٽڙي پلَ اُڌارا وو!
نفرت، ڪاوڙ، ٻول – ڪڙا ڄڻ،
پوهه جا آهن پارا وو!
جي ڪنهن کي به پيارا ناهن،
ڪيڏا سي ويچارا وو!
سورج آهيان، منهنجي آڏو،
ڪيئن رهن انڌيارا وو!
ٿورو ڏک مليئي روئي پئين،
حيف ٿي هيڏا سارا وو!
*
سچ مٿان جي سڀ ڪجهه پنهنجو واري ويندا آهن،
سي ئي ماڻهو ڳائڻ جهڙا ماڻهو ٿيندا آهن.
چاهيندي آ دل سُکن ۾ گُم ٿي وڃي پر،
ڏک ڌرتيءَ جا روئي روئي راهه جهليندا آهن.
کڻڻو هوندو آهه ڪلهن تي پنهنجي دوست! صليب،
سچ چوڻ تي وڏا وڏا الزام به ايندا آهن.
ساري جڳ جا سور سهيڙي، پنهنجيءَ جهوليءَ ۾،
شاعر ماڻهو گيت، غزل ۽ وايون ڏيندا آهن.
پاڻ ته پل ڀي پيارن کان پري نه ٿي سگهنداهُون،
خبر نه آهي ماڻهو دلڙي ڪيئن پليندا آهن.
*
سدا توکي ساري، سدا توکي ساري،
پيو ٿو جِيان ياد تنهنجيءَ سهاري.
ڏئي وَڍَ وري پاڻ ئي ڏڍ ڏئي ٿي،
ائين زندگي پئي ٿي ماري جياري.
ڪي ڳالهيون مسئلا ۽ مجبوريون هن،
ائين ٿو ڀلا ڪير ڪنهن کي وساري.
انهن کان نه ڌرتيءَ جي ڪا ڳالهه ٿيندي،
ڇڏي سوچ جن آهه اُڀ تي اُڏاري.
هلو مُرڪ مان سُرڪ ڀرجي هلي،
ڏسو ماڳ مُرڪي پيو ٿو نهاري.
*
ٽوڙي چاهت جا زنجيرَ،
ماڻهو ڪيڏا هن دلگير.
پٿر جهڙي دل وارن کان،
چاهت پاتا هِن سَوَ چيرَ.
جهيرون جهيرون جذبن تي،
اڄ به وڃن ٿا تاڻيا تير.
گذريل گهڙيون ياد ڏياري،
البم ۾ تنهنجي تصوير.
ڪڏهن نه ساري هاريان هوندءِ،
ناسي اکڙين مان ڪي نيَر.
تون ڀي ڪوئي سپنو آهين،
منهنجن سپنن جي تعبير!
روز ٿي آسون ٻوڙين، تارين،
منهنجي دل درياهه جي سير!
ڪيڏو جيءَ جهنجهوڙن ٿا،
تنهنجا گيت، غزل تنويَر!
*
گهنڊ ٿا دل جي گرجا جا وڄندا رهن،
ياد پيارا اچن، گيت رچندا رهن.
ساري جڳ جون برايون اسان ۾ پرين!
پاڻ ڏي هٿ دنيا جا کڄندا رهن.
منهنجي سوچن ۽ جذبن، خيالن جا گهر،
ياد تنهنجيءَ جي برکا ۾ ڀڄندا رهن.
قرب قائم، ته قائم رهن دوستيون،
قرب جيئن جيئن ٽُٽي، هانوَ ڇڄندا رهن.
ڳوٺ ۾ رات جي گُهگهه پوئين پهر،
ڪيترا ماڻهو لڪندا ٿا ملندا رهن.
شهر تنهنجي مان اڏري ويو آ امن،
پنهنجي پاڇي کان ماڻهو ٿا ڊڄندا رهن.
سَچ جي سِج جي تاوَ اڳيان سدا،
ڪوڙ جي برف جا ڪوٽ رجندا رهن.
*
سڏ آهي ڪنهن جو در تي، نڪو کڙڪو آهي،
هو متان ڪين اچي، دل کي هي ڌڙڪو آهي.
غزل اڄ رات پرين! واهه جو لکجي ويندو،
ذهن منهنجي تي سندءِ ياد جو ڪڙڪو آهي.
ڪيڏوبيڪار ۽ بڪواس ذهن آ، جنهن ۾،
ڪا نئين ڳالهه نه آهي، نه ئي ڀڙڪو آهي.
سچ وارن جي هٿن ۾ ڪي ٻريل ديپ ڏسي،
شهر اوندهه جي ۾ ٽاڪوڙو ۽ ٽڙڪو آهي.
تو چيو:”هاڻ ڪڏهن ڪينڪي ملنديس توسان“
گل مري پوندو جي سچ پچ جو هي ڌڙڪو آهي.
*
هر گهڙي هڪ گهاءُ آ، ويٺا سهون
نئين نموني روز ٿا ڊهندا رهون.
زندگي اي دوست! ائين گذري پئي
ڄڻ پيا ڀوتار جي بيگر وهون.
پاڻ ڄڻ ڪاغذ مٿان بيڪار نانءُ،
وقت جي هٿ سان ڏسيو پيا ٿا ڊهون!
جنهن ۾ پنهنجي سوچ ٿي سوليءَ چڙهي،
حالتن اهڙين سان آخر ڪيئن ٺهون؟
بس اهائي آس ٿي جيئرو رکي،
مَن وڃايل واٽ کي ڳولي لهون!
*
تون جي آئين، آس اگهاڻي
جلي پئي جا لاٽ اُجهاڻي،
منهنجي ياد ائين رهندئي جئن،
ذهنن تي ڪا لوڪ – ڪهاڻي!
ڪپ تي بيٺل ماڳ نه پهتا،
لڙهندي سهڻيءَ منزل ماڻي.
سوچ نئينءَ کان ڌار ڪَلا اِئن
ڌپ ڪيل، جئن بيٺل پاڻي.
ڏوڪڙ بدلي ڏات وڪيائون،
هئه اڻڄاڻن ڇائي ڇاڻي!
شاعر لاءِ ته شعر ائين ڄڻ،
ادڙو ادڙي، نينگر نياڻي.
مرڪن ۾ بدلايو مٺڙا،
هيءَ حياتي ڳوڙهن – هاڻي!
جيون ۾ ڪو جيون ناهي،
پوءِ به جيون ٿا ڄاڻي واڻي.
روز ٽڙون ٿا ٽهڪ ڏئي اڄ،
رئندا ها سي، ڳالهه پراڻي. |