سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سوچون سرها گل

صفحو :5

 

 

سوچون

 

سرها

 

گل

 

تاج جويو

 

 

سوچ جا گُل ٽڙيا، سُونهن جو سِج ڦُٽو،

روشني، روشني، رات ٿيڻي نه آ!

 

وڄ – وراڪا سوچ

(تاج جويي جي شاعريءَ تي مهاڳ)

• نه تاج جويي جي شاعري گهڻو پراڻي آهي ۽ نه تاج جويي سان منهنجي ملاقات گهڻو پراڻي آهي. منهنجي لاءِ سندس شاعري ۽ ملاقات، ٻئي ذري گهٽ گڏوگڏ هليون آهن. هن 1967ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو، ۽ 1969ع کان ادبي ميدان ۾ باقاعدي متعارف ٿيو. مون ۽ مون جهڙن ٻين ڪراڙن اديبن سندس پيڇو بروقت ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهو دور اسان لاءِ پيڇي ڪرڻ جو دور هو. انهيءَ دور ۾ الائي ڪٿان ڪٿان، ڪيترائي نوان آواز اچڻ لڳا هئا. نئين ٽهيءَ جا الاهي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خودرو ٻوٽن جيان پاڻمرادو اُپڙي رهيا هئا. ادبي روايتن موجب، اهي اسان جي پويان آيا هئا، تنهنڪري هوئي اسان جو پيڇو ڪري رهيا هئا. پر مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو لکڻ جي ميدان مان گم ٿي ويو هو، اهو اصطلاح ڪم جو ڪونهي. تنهنڪري ئي مون چيو ته اسان جهڙن اديبن انهن نون آوازن جو پيڇو ڪيو. لکڻ بند ڪري، ڇپ هڻي جو ويهي رهياسين، ته سانت ۾ هرڪو آواز چٽو ۽ صاف پئي ٻڌوسون. آءُ ته وري تن ڏينهن ”نئينءَ زندگيءَ“ ۾ هوس، تنهن ڪري ڄڻ وائرليس تي ويٺو هوس. جيڪي به نوان شاعر مختلف رسالن ۾ ڇپيا ٿي، ڪنهن مجلس ميلي جي موقعي تي مليا ٿي، تن کي ”اک ۾ رکڻ“ سولو هو. تنوير عباسيءَ جي خبر ڪانهيم ته هن اسٽيٿسڪوپ جي وسيلي آوازن جي رفتار جاچڻ جو ڪم ڪيتري قدر ڪيو.

باقي مون پنهنجي وائرليس تي ڪافي من - پسند آواز جهٽيا.

تاج جويو انهن من پسند آوازن مان هو، جنهن جو پيڇو مون شروع کان ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي ساڻس ملاقات به ٿي وئي. انهي ئي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي اٿم، جو اڄ سندس ڪلام جو مجموعو ڇپجي رهيو آهي، ۽ آءٌ سندس باري ۾ ٻه اکر لکي رهيو آهي.

……

منهنجي خيال ۾، شاعريءَ کي شاعر کان الڳ رکي نه سوچجي. ساڳئي وقت، ضروري ڪونهي ته شاعر جنهن ماحول جي پيدائش هجي، تنهن ماحول جوئي فقط اثر يا عڪس سندس شاعري ۾ هجي. شاعر جو پنهنجو ذهني ماحول به ٿيندو آهي، جيڪو هميشه سندس ٻاهرئين ماحول کان مختلف ۽ اڳڀرو هوندو آهي. سچ پچ ته اهو ئي مخصوص ذهني ماحول شاعر جي شاعري جو مقصد به متعين ڪندو آهي ۽ سندس ادبي درجو به اتي ئي ڪنهن شاعر جي پسند ڪيل موضوعن ۽ استعمال ڪيل لفظن جو مسئلو به سامهون اچي ٿو.

تاج جويي جي ذهني ماحول واري دنيا اهائي آهي، جيڪا شاهه لطيف جي ”ملير“ واري دنيا آهي. اها هڪ تصوراتي دنيا آهي، جيڪا شاعر کي سندس ڌرتي تي مستقبل جا منظر ڏيکاري ٿي. امن ۽ آسودگي جي آرزوئن سان گڏ عملي جدوجهد جي ترغيب ۽ تلقين جا مخاطب سندس پنهنجي زماني جا ماڻهو آهن، هن وقت جيڪي ڪجهه موجود آهي، يا وجود ۾ اچي رهيو آهي، تنهن تي کيس بي اطميناني ۽ برهمي آهي، پر ان جي ابتدا گذريل زمانن کان ٿي آهي. ان ريت، شاعر جي ذهني ماحول واريءَ دنيا ۾ ماضي، حال ۽ مستقل جو هڪ سڌو سلسلو موجود آهي. اها ڳالهه فقط تاج لاءِ مخصوص ڪانهي، هر ڪنهن انهي سنڌي شاعر سان لاڳو آهي. جنهن جي تصور ۾ ”ملير“ جي جنت آباد آهي. تاج نئين ٽهيءَ جي ان شاعرن ۾ گهڻو اهم آهي. جيڪي ماضي جي بي انصافين تي برهم آهن. جن کي حال جي حالتن تي بي اطميناني آهي ۽ جن وٽ مستقبل لاءِ جدوجهد جو پيغام آهي.

گذريل ڏهن ٻارهن سالن دوران اسان وٽ خاص ڪري اهڙي شاعري پيدا ٿي آهي، جيڪا حالتن جي ترت رد عمل جو نتيجو آهي، تنهن کان ڏهه ٻارهن سال اڳ واري دور ۾ به اهڙي ئي قسم جي شاعري ڪئي وئي آهي. ٻنهي دورن جي شاعري ”نظريه ضرورت“ هيٺ ڪئي وئي آهي. ٻنهي دورن جي شاعري وقتي حالتن جي خلاف جوابي ڪارروائيءَ طور ڪئي وئي آهي. پر تنهن هوندي به ٻنهي ۾ واضح فرق آهي. اهو فرق آهي ثقافتي سونهن جو، جيڪا پوئين دور ۾ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي آهي ئي ڪانه، انهيءَ ڪمي جي ڪري، شاعري هوريان هوريان خاص پروپئگنڊا جي درجي تائين پهچي ويندي آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ جذباتي ۽ فڪري اثر وڃائي ويندي آهي. ان لاءِ آءُ وري به شاهه صاحب جي ”ملير“ جو مثال ڏيندس، جنهن ۾ ثقافتي سونهن پنهنجي انتهائي شان سان سمايل آهي. مٿي ذڪر ڪيل پهرئين دور ۾ به اياز، تنوير، نياز توڙي ٻين جي شاعريءَ ۾ اها خوبي نمايان آهي.

انهي سلسلي ۾، جيتريقدر تاج جويي جي شاعري جو تعلق آهي، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته سندس هي مجموعو انهيءَ ٻواٽي جو نشان آهي، جتي نه خالص پروپئگنڊا آهي ۽ نه وري ثقافتي سونهن جو ڀرپور پس منظر، ظاهر آهي ته اهو اعتدال، پسنديءَ جوڳو ڪونهي، پر تاج اڪثر هنڌن تي پنهنجي وڄ – وراڪا سوچ جو اهڙو ڏيکاءُ ڏنو آهي، جيڪو تمام ڇرڪائيندڙ آهي:

 

 

* ريٽو رت اَڏيءَ تي، پرهه ڦٽڻ جا پار!

 

* تنهنجي وارن کي چانديءَ جو پاڻي وقت ڏنو،

اڌ صديءَ جا او آئينا! ڇا ڇا تو نه ڏٺو.

 

* ويريءَ جي اک ميري،

ڌرتي روز ڌماڪا.

 

* اُبتي ڳالهه نه مڃبي.

ايڪا، پوءِ ڏهاڪا.

 

*   موتين مالهائون،

ڳوڙها ڳوڙها ڳل تي،

انڊلٺ ريکائون:

هنج لٿا ڄڻ تل تي،

اُجري اُجري جل تي.

 

”تاج“ داخلي نوعيت جي شاعري اڻهوند جي برابر ڪئي آهي. وٽس نغمگيءَ جي اها کوٽ آهي، جيڪا سندس گروهه جي سڀني شاعرن وٽ آهي. اهو دراصل موضوع ۽ لفظن جي چونڊ ۽ استعمال جو مسئلو به آهي. نوان مسئلا، نوان لفظ ۽ لفظن جا نوان مفهوم گهرن ٿا.

 

اهو هن دور جي سڀني شاعرن جو مسئلو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا مهارت گهربي، سا وقت جي ڳالهه آهي. تاج فقط ڏهاڪو سالن اندر جنهن تيزي سان اڀريو ۽ مقبول ٿيو آهي، سا پنهنجي سر سندس شاعري تي ساکي آهي. مون کي يقين آهي ته سندس ٻيو مجموعو تمام خوبصورت ٿيندو، جنهن جو اندازو سندس بنهه ويجهڙائي وارين تخليقن مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هو ڌرتيءَ جي مسئلن کي انهن جي ثقافتي سونهن جي پس منظر ۾ پيش ڪرڻ لڳو آهي:

 

*    جوئر جا ڪانا ٿا جهومن،

هاريءَ جا جذبا ٿا جهومن.

سنگ سنگ ۾ ست سمايل، پورهيت جو آ رت سمايل،

هور وهيو، پيها ٿا جهومن،

کانڀاڻي، ڳوڙها ٿا جهومن.

……

*    پيهي تي پئي هڪليان جهار!

 

جڳ سڄو جوانيءَ جو ويري، ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي اک ميري،

جوڀن تان پئي تڙيان جهار…

لفظن جي چونڊ، انهن جو مفهوم ۽ ترنم، تاج وٽ هاڻي سڀڪجهه موجود ٿي ويو آهي.

اچو ته سندس شاعري جو خلاصو هُڳاءُ وٺون ۽ نئين ٽهيءَ کي سلام ڪريون:

 

* نئين نسل جون تحريرون،

کنوڻيون، کنوڻيون، کجڪا کيل!

 

* نئين نسل جي سوچ سگهاري،

سون – سريکا سپنا سچڙا!

 

* جتي سونهن ۽ سچ جو ماڳ آ،

اتي ”تاج“ تڪيا هلي ٺاهجن.

 

 

* اوندهه جي ڪاريءَ ڇاتي ۾، ڪلهه ڪنهن ته اُماڙي کوڙي هئي!

اڄ پرهه – پريءَ جي پيشانيءَ تي، ڏس ته ڪڍي پيو سج ڪني!

* ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ،

گيت سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ.

شمشير الحيدري

ڪراچي سنڌ.

10- 12- 1978ع

 

• بيت

*

آزاديءَ جي آس ريءَ، جي ڪو کڄي ساهه،

اهڙو شال گناهه، ٿئي نه اسان جيءَ اڍ کان!

 

آزاديءَ جي آس ريءَ، جيڻ جُٺيرو ڄاڻ!

سچ جو مک سڃاڻ، وڙهي جنگ وجود جي!

 

سچ سڃاڻڻ سوڀ آ، پر جي سچ پسين،

اُڀري شال اچين، آزاديءَ جي اُڀ تي!

 

سچائي جي سونهن، قيدن ڪاراٽي ڪڏهن؟

ورهه نه آهه ورونهن، سودو آهي سچ جو!

*

اڄ به سوچ صليب تي، اڄ به سوگهو سچ،

ڪانئر آڇي ڪڇ، ايندڙ ويندڙ کي پيو!

 

اڄ به سوچڻ ڏوهه، ڪانئر جي قانون ۾،

آزاديءَ جو موهه، پوءِ به پنهنجي من ۾!

 

اڄ به قيدي ڪوٽ ۾، سنگهارن جو ساهه،

چانڊوڪي ۽ چاهه، پوءِ به وسن بند ۾.

 

• وايون

*

ڳوڙهن ڀنڙا ڳَل،

آئي اڄ اُٿل: نيڻن جي درياهه ۾!

ڪنهن جيءَ سار سريَر جا،

ڪومايا ڪنول:

نيڻن جي درياهه ۾!

سونهن – نگر جي سير لءِ،

کاڌي ساهه اُڇل:

نيڻن جي درياهه ۾!

هي چانڊوڪيون چيٽ جون،

چڪيا چاڪَ ڇُٽل:

نيڻن جي درياهه ۾!

*

بسنت – هيرون،

جذبا  جهيرون-! پها پرت جا ڪير رکي؟

پها پرت جا ڪير رکي!

 

ساههَ اسان جو، چاهه اسان جو، چيرون چيرون!

پها پرت جا ڪير رکي!

 

چانڊوڪيءَ ۾ سونيون ڪڻڪون، آس- اُڪيرون!

پها پرت جا ڪير رکي!

 

شاعر، سپنا ٽوڙي سِرجيون، بت- بهيرون!

پها پرت جا ڪير رکي!


 

 

*

اَوجل جَر سمان، سپنو منهنجي سوچ جو!

جنهن ۾ جيئڻ جوت آ، آزاديءَ ايمان:

سپنو منهنجيءَ سوچ جو!

 

مارڳ ۾ وڙهندي مران، منهنجو موت مهان!

سپنو منهنجيءَ سوچ جو!

آزاديءَ جي آس ريءَ، مور نه مان انسان!

سپنو منهنجيءَ سوچ جو!

*

پورهيت پگهر- واسئان، منهنجا گيت- گلاب!

سارو لوڪ سڳنڌئو!

 

آهه صحيفو سونهن جو، ماڻهوءَ مُکُ – ڪتاب!

سارو لوڪ سڳنڌئو!

 

انسانيت جي عشق جو، نيارو آهه نصاب!

سارو لوڪ سڳنڌئو!

 

ڌرتيءَ سينڌ سنوارَ ريءَ، ساريون سوچون خواب!

سارو لوڪ سڳنڌئو!

*

 

جيسين جڳ جو نانءُ آ، رهندي ڏات امَر:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

 

سدا جهرڻو سونهن جو، سُڪڻو ناهه سڄرُ:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

 

آمِرُ ڀورو ڀينڊَ آ، پورهيت آهه پٿر:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

 

جُوءِ- جياپو جا ڏسي، سائي سوچ سٻر:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

 

ڀٽ – ڌڻيءَ جو نانءُ آ، اڄ به ڇانو – ڇپر:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

 

پرهه – ڦُٽيءَ ڦولار ۾، گهليو واءُ اُتر:

گهوريو، ڀوريو، جندڙو!

*

 

ڪاري ڪاري رات، الو ميان،

جرڪي پئي جذبات!

 

دونهان دونهان سوچ اوهان جي، ڏياٽي منهنجي ڏات!

الو ميان! جرڪي پئي جذبات.

 

ڪاتن سامهون ڏات نه وڪبي، شاعر ناهي ذات.

الو ميان! جرڪي پئي جذبات.

 

من جون مکڙيون، ٽڙيون، کڙيون، ناهه فڪر جي مات.

الو ميان! جرڪي پئي جذبات.

 

ريٽي رت جون ڇاٽون، لاٽون، ڇيهون ڇيهون ڇات!

الو ميان! جرڪي پئي جذبات.


 

 

 

*

 

آيا آيا يار، سڏ سڃاڻي دار جو!

 

کيري آڀونءَ جي وَهي، مکڙا ڦول ڦلارَ،

آيا آيا يار!

 

ظاهر گل گلاب جا، جهيڙي ۾ جهونجهار،

آيا آيا يار!

 

مُرڪون مقتل سامهون، ڪانئر لاءِ ڪٽار!

آيا آيا يار!

 

ريٽو رتُ اڏيءَ تي، پرهه ڦٽڻ جا پارَ!

آيا آيا يار!

*

 

سوچون کاڻيون، ڪين وساڻيون،

جذبا ڇار نه ٿيا،

ٻڙڪي، ڀڙڪي پيا!

 

ڪوڙ – ڪُمڪ ۽ وک وک ڪوڙڪ، سوگها ساهه نه ٿيا!

جذبا ڇار نه ٿيا!

 

اونده ڇانئي شهر سڄي تي، ٻريا ڏات- ڏيا!

جذبا ڇار نه ٿيا!

 

چنڊ کڙيو من- ڦلواڙيءَ تي، پائي روز ليا!

جذبا ڇار نه ٿيا!

*

 

باک - مهلَ،

وڻ وهنتلَ: اُڀريون سوٽون سوچ جون!

 

اکيون اوجاڳي ٻکيون، ڳل ڀنل!

اُڀريون سوٽُون سوچ جون!

 

تالا، ڀالا، ڪوڙڪيون، ساهه – اُڇلَ!

اُڀريون سوٽون سوچ جون!

 

آهون، دانهون بند ۾، پوءِ به اُٿل!

اُڀريون سُوٽون سوچ جون!

 

پوتيءَ پوتيءَ پاند ۾، آس سُتل!

اُڀريون سوٽون سوچ جون!

*

 

گهگهه راتين ۾ گيت اسان جا،

چوڏس چانڊاڻا،

- ٽم ٽم ٽانڊاڻا!

 

چنگون چنگون چُپ اسان جي، مُرڪون مانڊاڻا

- ٽم ٽم ٽانڊاڻا!

 

ٻول اسان جا، قول اسان جا، ڀانءِ نه ٻاراڻا!

- ٽم ٽم ٽانڊاڻا!

 

لاٽون لاٽون، جذبا، جُوالا، سرجي ساماڻا!

- ٽم ٽم ٽانڊاڻا!

 

جڳ سڄي جي سوڀيا سوڀيا، هٿ – مٽيءَ هاڻا!

- ٽم ٽم ٽانڊاڻا!

 

• دوها

ڏيئا ٻريا، تارا ٻريا، ٻريا منهنجا نيڻ،

ڪڏهن ورندا اڱڻ ولهيءَ جي، هو وڻجارا سيڻ!

 

رات به ٿيندي، ماڪ به پوندي، ڏات به ايندي ڊوڙ،

احساسن جا ڏنڀ ڪويءَ کي، ڏيئي ويندي کوڙ.

 

جُڳ گذريا ٿئي دڳ تي وئي، ڪنهن جي لاءِ مڙها؟

روئين ٿو تون ڇا لءِ، تو سان ڪهڙا ويل اُڙها؟

 

تنهنجي وارن کي چانديءَ جو پاڻي وقت ڏنو،

اڌ صديءَ جا او آئيا، ڇا ڇا تو نه ڏٺو!

 

قوم اسان جيءَ وٽ ڏاڍي آ، مئلن جي مڃتا،

قوم اسان جي ٽوڙيندي آ، جيئرن سان رشتا!

 

پورب- سر تي ڪالهه پکيئڙا، ڊڙيا ويا هئا جام،

ڄار وڇاڻا اڄ منڇر تي، مارو ٿيندو عام.

 

سينو تاڻي جو به اُڏاڻو، جنهن به پکيڙيا پک،

ڪشي ڪماڻون ان تي ماري، سينڱ سڃيندا لک.

*

 

بيقدرن جي بستيءَ ۾، ڪلهه آيو وڻجارو،

ڪنهن به ڏنو پاٻوهه نه ان کي، موٽيو ڏکيارو.

 

سچ جا موتي ساڻيهين وٽ، جهول ڀري آيو،

پارس جي ڪنهن پرک نه ورتي، هر ڪنهن ٺڪرايو.

 

سچ جا ويري، ڪچ جا ڪوڏيا، هن نگريءَ ۾ کوڙ،

بُک ٿيا سوريءَ جو سورهيه، ڪانئر مُک تي موڙ.

 

بُريل جي چنبي ۾ ڏوري، نينگر ڍر ڏني،

ڀوري سمجهي ويٺي ”ڦڙڪي“ آهي آزادي!


 

 

 

جذبا منهنجا ڄانڀي جا گل، ڦولاريل سرنهون،

ساين ڪڻڪن جهڙيون سوچون، سياري ۾ نه سڙيون!

 

سياري ساڙيا پن وڻن جا، پيار پلي نه سگهيو،

کيت سنهرا، سر سر، سر سر، ساهن جو سهڪو!

 

چيٽي چنڊ چرين جي چاهت، تو ته ڏٺي هوندي،

ساهن جي سرهاڻ هوا ۾، ماٺ مٺي هوندي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org