نوان پلٽيل سڪا
(اياز گل جي شاعريءَ تي مهاڳ)
ٿيوڊورروسين، مشهور فنڪار ”ذان“ جي تعارفي مضمون ۾ لکيو آهي ته
”هر دور جي ماڻهن کي ڪن شين جون عادتون پئجي
وينديون آهن ۽ انهن شين کي هو پنهنجي چوڌاري ڏسڻ
چاهيندا آهن.“- اها ڳالهه شاعري لاءِ به صحيح آهي.
هر دور ۾ شاعريءَ جي پڙهندڙن کي ڪي ’خاص عادتون‘
پئجي وينديون آهن ۽ هو هر شاعر، ۽ هر شعر ۾ ان
عادت جي پورائي لاءِ اهڙيون ئي شيون ڳوليندا آهن،
جيڪي سندن عادتن کي تسڪين ڏين.
مثال طور اڄڪلهه شاعريءَ جو هر عام پڙهندڙ، شاعريءَ ۾ سولي سپڪ
ٻولي، مترنم بحر ۽ لفظ، ڳوٺاڻو ماحول، سماجي
مسئلا، طبقاتي ڪشمڪش ۽ قوميت يا قوم پرستي جو
ڳولائو آهي. اسان جي پڙهندڙن جي عادت جي تسڪين
لاءِ رُڃ، اُڃ هٻڪار، ڊيل، ڪونج، وغيره جهڙا لفظ
ڪافي آهن.
ڪنهن ڏاهي نقاد جو قول آهي ته ”لفظ به سڪن وانگر هلندي هلندي
گسي ويندا آهن ۽ سندن اکر ڊهي ويندا آهن.“ جيڪو
لفظ گهڻن شاعرن گهڻا دفعا استعمال ڪيو، ته ان جي
معنويت جو مزو ختم ٿيو، اهو پراڻي فلمي ريڪارڊنگ
وانگي احساس ۽ جذبي کي اوچتو اُڌمو نٿو ڏئي، جيئن
ڪا نئين ڌن يا ڪو نئون ريڪارڊ.
اياز گل، نئين ٽهيءَ جو اڳرو شاعر آهي. هن جي شاعري، ان موڙ تي
پهتي آهي، جتان اڏام شروع ٿي ٿئي. ائين به آهي ته
اياز گل اُڏام جي شروعات ڪري چڪو آهي. سندس هيءُ
شعر پڙهو:
”وارو ڙي وارو!!“
ڪوڪون ڪچي وارن جون،
بند ۾ پيو گهارو.
هن شعر ۾، ٽيڙوءَ جون فني ضرورتون ته پوريون آهن، پر اڃا به
اڳتي، هن شعر ۾ گٺل ڊٺل اکرن وارا سڪا نٿا ملن.
ائين ٿو لڳي ته اياز گل، نئين ضرب خاني جي شروعات
ڪري، نوان سڪا پلٽيا آهن. هن ٽيڙوءَ ۾ اهڙا لفظ
آهن، جيڪي اڄڪلهه عام شاعر استعمال نٿو ڪري ۽ هيءُ
شعر ان واقعي ڏي ڌيان ٿو ڇڪائي، جيڪو شاعريءَ ۾
نئون نئون آيل آهي. ڪنهن نئين ريڪارڊ جان ڪا نئين
ڌن آهي.
اهڙا ئي ٻيا شعر:
ٽريفڪ جو درياهه،
وڏي شهر ۾ ڳوٺاڻي جو
مٺ ۾ آهي ساهه.
پنجون مهينو پيٽ
لڪي لڪي لوَڪ کان
ڇوري کائي ميٽ –
---
راهن تان راڪاس گهمي ويو،
هيسيل چهرا، ٻوٽيل در.
---
گذريل گهڙيون ياد ڏياري،
آلبم ۾ تنهنجي تصوير.
مٿين شعرن ۾ نئين ڍاليل سڪي وارو جرڪو آهي. انهن ۾ سماجي شعور
به آهي پر اها روايتي پينو نينگر ناهي، جنهن جي
مرڪ تي ڪشتي ۾ رپيا ٿا پون.
ازرا پائونڊ لکيو آهي ته ”هر فنڪار، پنهنجي شروعاتي دور ۾، ڪنهن
نه ڪنهن وڏي فنڪار کان متاثر ٿيندو آهي.“ اياز گل
ان دور ۾ به سٺا سٺا، پڪا ۽ پختا شعر ڏنا آهن.
انهن شعرن ۾ جيتوڻيڪ ”عام پسند وارين عادتن“ کي
تسڪين ڏيڻ واري شاعري آهي، پر تڏهن به فني پختگي ۽
نواڻ سان ڀريل آهن ۽ اهڙي قسم جي عام پسند وارن
گهڻن شاعرن کان اياز گل اڳڀرو نڪري ويو آهي، توڻي
جو سندس عمر کانئن گهڻي ننڍي آهي.
رچرڊس جي عملي تنقيد
(Practical Criticism) جي اصول موجب هيٺيان شعر، شاعر جي نالي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪن
ماڻهن کي ڏجن ۽ سندن خامين ۽ خوبين تي بحث ڪرائجي
ته اهي پڙهندڙ هي شعر اياز گل جا نه، پر ڪنهن چڱي
Established
شاعر جا سمجهندا.
چاهت اهڙو رنگ رچايو،
چهرا چنڊ، ستارا ٿي پيا.
*
يادون، سپنا، خط اوهان جا،
جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا.
*
ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿڙيا آهيون،
گهر جي در تي اچي پڄڻ تائين.
*
جي ڪنهن کي به پيارا ناهن،
ڪيڏا سي ويچارا وو!
*
منهنجي ياد ائين رهندئي جئن،
ذهنن تي ڪا لوڪ ڪهاڻي!
*
سچ جي سج جي تاؤ اڳيان سدا،
ڪوڙي جي برف جا ڪوٽ رجندا رهن.
*
غزل اڄ رات پرين! واهه جو لکجي ويندو،
ذهن منهنجي تي سندءِ ياد جو ڪڙڪو آهي.
*
پيٽ – بکئي لاءِ ڀڳڙن – لپ آ، ڄڻ ڪا موتين مُٺ،
ڇيها ڇيهان سورهيه ڇاتي، ڪانئر گهايل پُٺ.
*
ڇڏ ڇڏ، ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!
---
اسان جي مشرق ۾، اڃا مسئلا آهن. سماجي مسئلن جو ذڪر مغربي
شاعريءَ ۾ ان ڪري ختم ٿي ويو، جو اتي هرڪو پيٽ ڀري
کائي ٿو، بيماري، غلاظت ۽ گندگي ناهي، سياسي ۽
قومي آزادي آهي، اسان اڃا اتي نه پهتا آهيون، پر
اسان انهن مسئلن کي روايتي انداز ۾ شاعريءَ ۾ رائج
ڪري شاعريءَ توڙي مسئلن ٻنهي کي بي اثر ڪري ڇڏيو
آهي. اياز گل ان ڏس ۾ انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن
انهن مسئلن کي روايتي نه بڻايو آهي، پر دل جي
سچائي سان، فنائتي نموني ۾، نواڻ سان ڀري پيش ڪيو
آهي – جيئن:
نفرت، ڪاوڙ ٻول ڪڙا ڄڻ،
پوهه جا آهن پارا وو!
*
امن جي جيئري لاش تي ٿي ڏئي،
جنگ جي کوڳ ڳجهه لامارا.
هتي لفظ ”کوڳ ڳجهه“ شاعريءَ لاءِ نئون آهي ۽ ڪيترن پڙهندڙن کي
غير شاعراڻو لڳندو – پر ايليٽ ڪنهن به لفظ کي
شاعري مان نيڪالي نٿو ڏئي – رڳو شاعر کي لفظ ڪتب
آڻڻ جو ڍنگ هجي. اياز گل کي اهو ڏانءُ آهي. ”کوڳ
ڳجهه“ نفرت پيدا ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي.
اياز گل وٽ نظم، غزل، آزاد نظم، ترائيل، دوها، بيت، ٽيڙو سڀ آهن
پر گهڻن نظمن ۽ آزاد نظمن ۾ روايتي انقلاب پسندي
مٿس غالب اچي وئي آهي ۽ ترائيلن ۾ اڄڪلهه جي مقبول
ڌنن جو پڙاڏو ٿو ٻڌجي. اڳتي هلي کيس انهن ڳالهين
کان مٿڀرو ٿي سوچڻ گهرجي.
جديد سنڌي شاعري، جتي ٻوليءَ ۽ ادب کي ڪي نيون ۽ سهڻيون ڳالهيون
ڏنيون، اتي ڪي، عام پسند جون عادتون، پڻ پيدا
ڪيائين. شمشير، امداد، انور پيرزادو، الطاف، نعيم
۽ ٻيا شاعر، انهيءَ ”عام پسند“ واري جادوءَ کي
ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. اياز گل به انهن جو ساٿ
ڏنو آهي ۽ اڏام جي شروعات ڪري چڪو آهي. اميد ته هو
جيئن تمام تڪڙو وڌي رهيو آهي، ان ئي رفتار سان اڃا
به اڳتي وڌندو رهندو. آخر شاعريءَ کي اڳتي وڌڻو ته
آهي، پوءِ فارسي زده غزل جي روايت هجي، يا اڄوڪيءَ
شاعريءَ جون ”عام پسند“ واريون روايتون، انهن کان
اڳتي وڃڻو آهي.
تنوير عباسي –
سرمد جو گهر،
خيرپور سنڌ. |