سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سوچون سرها گل

صفحو :2

 

سوچون

سرها

گل-

 

 

اياز گل

وايون

*

دلبر! دير سوير،

ماڻينداسين ماڳ کي!

 

ڪين پٿون ٿيا پنڌ ۾، پٿر پنهنجا پير،

ماڻينداسين ماڳ کي!

ڏاڍي ڏاڍ ڇڏيو ڄڻ، ٻٻرن ڄڻيا ٻير،

ماڻينداسين ماڳ کي!

قسمت پنهنجيءَ راهه ۾، ٿيندي آهي ڪير؟

ماڻينداسين ماڳ کي!

ڪين اسان جي هانوَ کي، هارائڻ جي هير!

ماڻينداسين ماڳ کي!

 

*

ناهي دير سويرن ۾،

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

باک- ڦُٽي ٿي کاٽ هڻي، يارو، گُهگهه انڌيرن ۾!

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

ڪوڙ سموري دنيا جو، هوندو پنهنجن پيرن ۾،

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

ماڻڪ، موتي، لعل، ڪنول، ڦاٽل ڪپڙن ميرن ۾،

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

ڄاڻ پرين! ڦڙڦوٽ پئي، تنهنجي غم جي گهيرن ۾.

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

 

*

واهه وڻي ٿو گل،

وينگس وارن وچ ۾!

اُڏريو پکي پيار جو، تنهن ڏانهن ڏيئي بُل،

وينگس وارن وچ ۾!

ڇرڪي امن اُڏامندو، ڪين ڪيو ڪو هُل،

وينگس وارن وچ ۾!

پيار سمورو سچ آ،  ڪوڙ  ٻيو آ،  ڪُل،

وينگس وارن وچ ۾!

سسئي بڻجي سوچ! تون، راهون راهون رُل،

وينگس وارن وچ ۾!

ڏکڻ منهنجيءَ ڏات جا، گُهل گهڙي کن گُهل.

وينگس وارن وچ ۾!

 

*

گلن جيان چهرا،

ماڪَ – ڦُڙا ڄڻ موهيڙا-

نفرت ڏئي ٿي نينهن کي، گهاوَ گهڻا گهرا،

ماڪَ – ڦُڙا ڄڻ موهيڙا-

ڊهندا، لهندا نيٺ هي، پيار مٿان پهرا،

ماڪَ – ڦُڙا ڄڻ موهيڙا-

دٻيل، هيسيل هانوَ ۾، اُلڪا اٻهرا.

ماڪَ – ڦُڙا ڄڻ موهيڙا-


 

 

*

جيون جهڙي جُٺ،

پل پل پورَ نوان!

پيٽ بُکئي لءِ ڀڳڙن لپ آ، ڄڻ ڪي موتين مُٺ،

پل پل پورَ نوان!

مسڪينن جو جيئڻ جهڙو، جيئڙي پيڙا بُٺ،

پل پل پورَ نوان!

ڇيهان ڇيهان سورهيه ڇاتي، ڪانئر گهايل پُٺ،

پل پل پورَ نوان!

 

*

گهرا گهرا گهاوَ،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪ ۾-

درد – لهر ڪئي ٽڪرا ٽڪرا، جهوني جيون – ناوَ،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪ ۾-

شعر شعر ۾ شاعر جي، پيڙا جا پڙلاوَ،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪ ۾-

کيڏڻ وارا! شال کٽين تون، دل لڳائيه داوَ،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪ ۾-


 

 

نظم

• دعا

شال هي ديس ٺري

ڏاڍ ڏري، ڏاڍ مري.

کيت ۾ سنگ پچن،

رنگ رچن، انگ نچن،

پيارا پيغام کڻي،

ڪانگ اچن، مچ مچن،

سونهن سينگار ڪري،

ميت وري، مهر ڪري،

شال هي ديس ٺري،

ڏاڍ ڏري، ڏاڍ مري!

 

سچ اوچو ئي رهي،

سور سهي، ڪين ڊهي،

سچ جيان سنڌو امر،

تار وهي، ڪين لهي،

رُڃ جي اُڃ مري،

پار پري، ٿر ڀَري،

شال هي ديس ٺري،

ڏاڍ ڏري، ڏاڍ مري!

شال هي ديس ٺري،

ڏاڍ ڏري، ڏاڍ مري!

 

• آس

بادل برسن

ڪاٿي ترسن

جيءَ جيارا،

وڃڻ وارا،

سوئي سُک،

ڏيئي ڏک،،

ويا هليا،

ڪين سليا،

ڇوريءَ سُور،

پنهنجا پور،

ساجن ساري،

رات گذاري،

صبح سويلي،

هاءِ اڪيلي،

هيءَ ڳهيلي،

سور سهيلي،

روئي ڳائي،

من پرڀائي،

شايد ميت،

ٻڌي گيت،

موٽي اچي،

ميڙو مچي!

 

• اسان انسان

اسان جي اندر ۾ تون سرچي وڃين ڀل،

اسان کي سڄڻ پوءِ ڀي سمجهين نه سگهندين!

 

اسان پيار ڀريا مٺا گيت آهيون،

اسان مات آهيون، اسان جيت آهيون!

 

اسان ماڪ ڀنڙي ڪا پرڀات آهيون،

اسان پوهه پاري جي ڪا رات آهيون.

 

اسان ڌرتتيءَ ۾ ٿڌي ڇانوَ آهيون،

اسان ئي زهر سان ڀريل ٿانوَ آهيون.

 

اسان سڪ جي ڪا سڌي واٽ آهيون،

اسان ڪرڀ ڀريا ڪي سرٻاٽ آهيون.

 

اسان ڪنهن جي دردن جو درمان آهيون،

اسان درد ڏيندڙ ڪي ڌنوان آهيون.

 

اسان موتئي جي ته سرهاڻ آهيون،

اسان ذلتن جا به اُهڃاڻ آهيون.

 

 

اسان پيار جا پڪسرا ڪوٽ آهيون،

اسان ئي گناهن سندي اوٽ آهيون.

 

اسان عزتن جا سهارا به آهيون،

اسان لڄ لوئڻ وارا به آهيون.

 

اسان ڪن جي روئڻ تي رئندا به آهيون،

اسان خوش ڏسي ڪن کي جلندا به آهيون.

 

اسان ڪنهن لاءِ ڏاتار، ڀڳوان آهيون،

اسان ڪن جي نظرن ۾ شيطان آهيون.

 

اسان ڪن جي شعرن جا عنوان آهيون،

اسان قرب قاتل تکا ڪان آهيون.

 

اسان پيار جي ڪٿ ته پالوٽ آهيون،

اسان ڪن جي احساس تي چوٽ آهيون.

 

اسان ڪار، بنگلن جا سينگار آهيون،

اسان پيٽ بکيا ننگا ٻار آهيون.

 

اسان اتم سڀ کان ته انسان آهيون،

اسان ڪريل وحشي ۽ حيوان آهيون.

 

 

 

اسان جي اندر ۾ تون سرچي وڃين ڀل،

اسان کي سڄڻ! پوءِ به سمجهي نه سگهندين.


 

 

• جيون

جيون ڪنهنجيءَ ياد جو نالو

جيون ڪڙيءَ دوا جو پيالو

جيون سُر، سڳنڌ، اُجالو،

جيون اکڙين منجهه جهڙالو

جيون گل جئن ماڪ ۾ آلو

جيون جذبن تي ڪو تالو

جيون ڪوئي ٽهڪ نرالو

جيون ڄڻ ڪو من پورالو

جيون تيز اُڏام اپالو

جيون سستي، ڏک، ڏيوالو

جيون روشنين جو حوالو

جيون، غربت – بک جو ڀالو.

 

*

• شاعر

ديس جو شاعر غريب،

بک آ، جنهن جو نصيب،

سچ سٽ سٽ ۾ لکي،

ڏاڍ جي آڏو اچي،

سور ۽ سختيون سهي،

پوءِ به ارڏو ۽ اٽل،

ڄڻ ته ڪارونجهر جبل.

 

• گيت

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر-

ٽٽڻي ناهي رُسي وڃڻ تي

پيار جي پختي ڏوري-

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر!

 

قرب ڏئين نه، قرب وٺين ٿي،

ڳالهه ڪرين ٿي ڳوري-

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر!

 

کيٽو کيلُ ڇڏيندو ڊاهي،

رات بچي آ ٿوري-

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر!

 

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!

ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر-

*

واڪا واڪا

وڄ – وراڪا

منهنجا گيت اَلا!

سُر سنگيت اَلا!

سنڌڙي ساريو

هانءُ نه هاريو

مات به جيت اَلا

منهنجا گيت اَلا!

ماڻهو سهڻا،

هئا من-مهڻا،

منهنجا ميت اَلا!

منهنجا گيت اَلا!

واڪا واڪا

وڄ - وراڪا

منهنجا گيت اَلا!

سُر سنگيت اَلا!.

 

*

مينهوڳيءَ جي مند آ، من ۾،

مٺڙا، آڳ لڳائي!

ياد آ، تنهنجي آئي.

 

جيءَ ۾ جهيڻا ساز ڇڙيا هن،

خوشبو خوشبو گل ٽڙيا هن،

من من مند ملهائي،

ياد آ، تنهنجي آئي.

 

رات ٿيڻ ۾ پل ڪي ٿورا،

هينئڙو مُٺ ۾ هورا کورا،

تنهنجي ڪل نه ڪائي،

ياد آ، تنهنجي آئي.

 

رات ٿئي ٿي، چنڊ چڙهي ٿو،

گهرا گهرا گهاوَ گهڙي ٿو،

يادن ننڊ ڦٽائي،

ياد آ، تنهنجي آئي.

 

مينهوڳيءَ جي مند آ، من ۾،

مٺڙا، آڳ لڳائي،

ياد آ، تنهنجي آئي.

 

آزاد نظم

• ڄاڻ سڃاڻ

دنيا وارؤ!

سڀ سمجهان ٿو،

مون سان ڪيڏو پيار ڪيو ٿا!

ڏڍُ ته ڏيو ٿا…پر وَڍ ڏئي

منهنجي خاطر

هٿ کڻو ٿا، دعا پنو ٿا

جيئڻ بدران روز مرڻ جي-

سڀ سمجهان ٿو!

سڀ سمجهان ٿو!!

ڌرتتيءَ ۾ لڀندا ناهيو

ڇانوَ ته ٿيو ٿا،…پر سانجهيءَ جو

پنهنجو پيار ڏيکارڻ خاطر.

کير ته ڏيو ٿا…پر اَڪ جو

دنيا وارؤ!

سڀ سمجهان ٿو،

سڀ سمجهان ٿو،

مون سان ڪيڏو پيار ڪيو ٿا!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org