سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سوچون سرها گل

صفحو :4

 

 

• دوها

*

منهنجا پيلا ڳل ڏسي، مون کي تون مايوس نه ڄاڻ،

آهي بسنت رُت اچڻ جو، پيلو رنگ اهڃاڻ.

پنهنجي مذهب، رنگ، نسل کي ڳنڍ ۾ رک ٻڌي،

باقي مون جيان پيار جي چاهين، مون ڏي آءُ وڌي!

اونداهين جو سينو ڦاڙي، جڏهن ڦُٽي ڪا باک،

اک نه ڪائي آلي رهندي، سنڌڙي! تنهنجي ساک.

سچ سمائي جڏهن اسان جا، گونجيا گهر گهر گيت،

تڏهن اسان جي جيت آ سائين، تڏهن اسان جي جيت!

ديپ جلي جئن انڌيارن کي روشنيون بخشيندو آ،

شاعر ڀي تئن جيءُ جلائي، گيت گلابي ڏيندو آ.

 

*

جوڀن تنهنجو ائين پرين! جيئن موجن ۾ مهراڻ،

ڀر ۾ ويٺين پيدا ٿي پئي، ساهن ۾ سرهاڻ.

ڦڪي ڦڪي جيون ۾ چاهت ڀري ڇڏي ٿي رنگ،

هونئن ته حياتي جو هر پل آ ڪاريهر جو ڏنگ.

پيچ اوهان جي پيار سان پائي، پيار اسان جو ڪُڏي پيو،

وڻ ۾ پينگهه وجهي جيئن ڪوئي، ننڍڙو ٻالڪ لڏي پيو.

رنگ برنگي دنيا جاني! مُرڪي مُرڪي ماڻ،

تنهنجي دم سان دنيا آهي، تون آن دنيا ڪاڻ،

سپ جي سيني منجهه اچي جئن، موتي بڻجي بوند

منهنجيءَ دل ۾ اچين ته تون ڀي، موتي ٿي پئين هوند!

 

• ترائيل

*

چُپ چپن تان سانت سڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!

مَن ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻڌڻ جي لاءِ،

گوندر- گهايل ڌرتيءَ کان منهن ائين نه موڙيو يار!

چُپ چپن تان سانت سڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!

 

تارڻ بدران ٻيڙي هٿن سان ڇو ٿا ٻوڙيو يار!

سور رهيو آ، ڪهڙو باقي، هاڻ سهڻ جي لاءِ.

چُپ چپن تان سانت سڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!

مَن ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻڌڻ جي لاءِ!


 

 

*

وِساريو، وساريو، نه ساريو اسان کي،

جيڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگ آهن

ڀلا ڪير ٿو چئي، پُڪاريو اسان کي؟

وساريو، وساريو، نه ساريو اسان کي.

 

ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،

اُميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن.

وساريو، وساريو، نه ساريو اسان کي،

جيڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگ آهن.

 

*

پيار ئي پيار ٿو گهرڻ چاهيان،

توسان گڏ ٿو جيئڻ، مرڻ چاهيان.

تنهنجو نالو وٺڻ بهانو آ،

پاڻ کي ياد ٿو ڪرڻ چاهيان.

هر خوشي توکي ڏئي زماني جي،

توکان هر درد ٿو ڦرڻ چاهيان.

آءٌ يادن جو ديپ آهيان پرين!

تنهنجي دل ۾ پيو ٻرڻ چاهيان.

منهنجي منزل اڳي، گهڻي اڳتي،

وقت آهيان، نٿو ورڻ چاهيان.

سچ جي سج جهڙي پيرن ۾،

ڪوڙ دنيا جو ٿو ڌرڻ چاهيان.

 

*

پيڙا، پور ۽ سور سهيڙي،

ڇا ڇا آيس موتي ميڙي.

 

پيارَ جو ٻج ڇٽي دل - ڌرتي،

هيرن جهڙو هاري کيڙي.

 

وقت وڏي مرهم آهي، پر

ياد ڇڏي ٿي ڦٽ اُکيڙي.

 

شال مان سج ٿيان جيڪو ٿو،

لهندي ڀي ڳاڙهاڻ پکيڙي.

 

جڳ پيو پوءِ جهومي، جنهن تي،

ساز ڪو اهڙو وڃبو ڇيڙي.

 

 

*

اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي،

رهي دل رڳو ٿي، اوهان لاءِ آتي.

اوهان ڀي ٻين جان برو چؤ اسان کي!

اوهان ڀي اسان جي حقيقت نه ڄاتي!

وفائن کي ويٺا جفائون سڏيو ٿا،

اوهان سڪ ڪڏهين نه ڪائي سڃاتي.

گهرن جا سڀئي در پيا بند آهن،

اسان لءِ ڪڏهن ڪين پائي ڪو جهاتي.

مرڻ ڪو مسئلو نه آهي او سهڻا!

وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي.

ڏکن ۽ بکن جي ذڪر کان سوا جنهن،

لکيو ليک، ليکڪ آ، ڄڻ ڌوڙ پاتي.


 

 

*

بادل ڀرجي برسي ويندا،

شايد پوءِ وڻجارا ايندا!

 

لُڙڪ مٽيءَ ۾ ملندا منهنجا،

ڪير انهن لءِ پاند جهليندا؟

 

ساهان وڌ سي ساهه – سهارا،

پري رهي ڪيئن پاڻ پليندا؟

 

هڪ اڌ ناهي، سوين، هزارين،

درد اسان جا ڪير ڳڻيندا؟

 

گل! ڀلي تون ڳالهه لڪاءِ،

شعر سمورا سُور سليندا.


 

 

*

شال جڳمڳ رهين تون ستارن جيان،

مون سان مِل ڪينڪي جڳ وارن جيان!

 

دل کي دردن جو ئي ڪو سهارو ڏيو،

ڪيسين ڀٽڪون پيا بي سهارن جيان.

 

دل ڊٺل شهر بڻجي وئي آهي يا،

پن – ڇڻ ۾ لٽيل ڄڻ نظارن جيان.

 

ويجها هوندي به ڄڻ دور ئي آهيون،

ريل جي بند جيان، ٻن ڪنارن جيان.

 

راهه ۾ دوست ڪوئي گڏيو هو مگر،

سو به گذري ويو هو بهارن جيان.

 

ذڪر وڇڙڻ جو جنهن وقت آيو هيو،

روئي هن، مون ڏنو ته هو ٻارن جيان!


 

 

*

ڪاري دونهين ۾ ٿي ويا ڪارا،

اُجرا اُجرا، سچا سندر جذبا.

 

من تن جا اُماس جون راتيون،

ريشمي ويس جن جا، چنڊ – چهرا.

 

روئڻو پوندوَ پوءِ اوڇنگارون ڏئي،

ڏينهن ڏٺي جو ڏسو نه ڙي! سپنا.

 

اَمن جي جيئري لاش تي ٿي ڏي،

جنگ جي کوڳ ڳجهه لامارا.

 

پيٽ سان پهڻ ٿا ٻڌن ماڻهو،

عيش بنگلن ۾ ڪن پيا ڪُتا!

 

ظلم جي تتل ڇانوَ جي هيٺان،

ڪيئن مسافر اچي ڪي ٿَڪ ڀڃندا؟

 

نيڻ ناهن او سونهن وارا سندءِ!

منهنجي مهراڻ – من کان گهرا.

 

*

هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءُ نه هاريو يارو!

ڇو ته ٿو جڳ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي.

جوش ۽ اڌ مُئي جذبي کي جياريو يارو!

هي ڊٺل شهر ڏسي هانءُ نه هاريو يارو!

 

ذهن جي قيد مان، سوچن کي اُڏاريو يارو!

ماٺ روئي يا ٽهڪ ڏئي ڀي ٿي ٽوڙي سگهجي.

هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءَ نه هاريو ياريو!

ڇو ته ٿو جڳ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي.


 

 

*

سڀ اڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو،

مان ننڍي ٻار جيان روئي پوندس.

منهنجو ننڍڙو هي مٺا! عرض مڃو،

سڀ اڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو!

 

پاڻ کان ڌار ڪري دل نه ڀڃو،

درد مان دانهن ڪري روئي پوندس،

سڀ اڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو،

مان ننڍي ٻار جيان روئي پوندس.

 

• ٽيڙو

 

* آئون ۽ سڄڻ،

هڪڙو ماڻهو، نالا ٻه،

پيوند ڪيل وڻ.

 

* مليو تنهنجو خط،

پڙهي هانءٌ ٺري پيو،

لکيل ”تنهنجي فقط“.

 

*”وارو ڙي وارو!“

ڪُوڪون ڪچي وارن جون،

بند ۾ پيو گهارو.

 

* ٽرئفڪ جو درياهه،

وڏي شهر ۾ ڳوٺاڻي جو،

مُٺ ۾ آهي ساهه.

 

* ماني اڄ مکيل،

پسي پورهيت جي پُٽ جا،

چمڪيا هيڊا ڳل.

 

* سانت اونداهي رات،

ريڊيي تان آواز ”لتا“ جو

ٽوڙي چُپ چپات.

 

* پنجون مهينو پيٽ،

لِڪي لڪي لوڪ کان،

ڇوري کائي ميٽ.

 

• بيت

 

جيءَ اسان جا جڪڙيل، جيئڻ مرڻ گڏ،

سڄڻ منهنجو سڏ، آءٌ پڙاڏو اُن جو.

 

تو در ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وجهان هير،

منهنجا ميرا پير، اڱڻ تنهنجو اُجرو.

 

 

نئون ڪو عاشق پيار کي، لڪائي ٿو جيئن،

اسان توکي تيئن، سوگهو ڪيو ساهه ۾.

 

آءُ پرينءَ جي وارن سان، گسي ڏکڻ، گهُل!

نئون ٿئي ڪو هل، هيل وري هٻڪار جو.

 

هلي پرين هيج مان، جيءَ جيءَ وڄن جهانجهه،

سانوري جئن سانجهه، موهي وجهي من کي.

 

جانيءَ جڏهن کان هنيو، خيالن کي کاٽ،

تڏهن کان گهر گهاٽ، سُڃ لڳي ٿو سرتيون!

 

ندوريءَ سان نينهن، لائي لڏي وئين هليو،

توريءَ ڏنگن روح کي، ڏينڀوءَ وانگي ڏينهن،

ملڻ سندا مينهن، وسئي ڪيئي ورهيه ٿيا.

 

ڪوڪو ماڻهو موتئو، ڪنهن ڪنهن ۾ هٻڪار،

هونئن ته ڪرڀن ڄار، ماڻهوءَ ماڻهوءَ من تي.

 

پوَن پارا پوههَ جا، مارو ٿا ٿڙڪن،

ڀڙڪيو ٿا ڀڙڪن، جذبا منهنجي جيءَ جا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org