سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

 

صفحو :7

چڱو جو عشق ۾ هستي وڃائي ويٺاسين،

حياتِ جاودان گويا ڪمائي ويٺاسين.

 

اڙانگي هنڌ اکين کي اڙائي ويٺاسين،

غمِ جهان کان دامن ڇڏائي ويٺاسين.

 

ڪڏهن ته جلوه نور آفرين ڪندو آخر،

تڏهن گذر گههِ دلبر وسائي ويٺاسين.

 

قدم قدم تي اسان جو جنون امام رهيو،

رههِ وفا ۾ جڏهن پير پائي ويٺاسين.

 

ستم ستم نه رهيو ۽ جفا جفا نه رهي،

جڏهن کان سر، سرِ مقتل جهڪائي ويٺاسين.

 

پڇو نه ترڇي نظر جو اثر اي بي خبرو!

جگر ڳڀا ٿي پيو ۽ دل ڦرائي ويٺاسين.

 

گهميو ڦريو ٿي جو تنهنجي اڱڻ تي هوشربا،

نگاهه روزنِ در ۾ کپائي ويٺاسين.

 

ڪڏهن نه ڪنهن جي نوازش جو انتظار رهيو،

نه ڪنهن جي در تي ڪو ديرو دمائي ويٺاسين.

 

هجن اصول سلامت، هي سر وڃي ته وڃي،

ائين ضمير لکن جو بچائي ويٺاسين.

 

ضرور ناهه اسان کي منات ولات مڃون،

خدا جي آڏو خودي کي گنوائي ويٺاسين.

 

رهون ٿا مست اي ”مدهوش“ صورت فقراء،

سراءِ قلب ۾ دونهون دکائي ويٺاسين.

پيار محبت کان بيگانا آهن جڳ ۾ اڪثر ماڻهو،

پرک ڪري سڀ کان پرکي ڏٺا مون پيار جا ويري پٿر ماڻهو.

 

ڪنهن کي نه ڪنهن جي غرض هتي آ، ڪنهن جو نه ڪو همدرد هتي آ،

هونءَ ته هيڪاندا مطلب وارا آهن دنيا اندر ماڻهو.

 

دانهن ڏيان پر ڪنهن کي ڏيان مان، سور سليان پر ڪنهن سان سليان مان،

ڪنهن کان تقاضا داد جي ڪريان، گونگو ٻوڙو آ هر ماڻهو.

 

تنهنجي محبت ترڪ ڪرڻ کان پوءِ به تنهنجي شهر جا شهري،

تنهنجون ادائون ياد ڏياري، ساڙڻ آيا ويتر ماڻهو.

 

مون سمجهيو هو ”مدهوش“ سڏائي، شهر ۾ ايندس چين وٺڻ پر،

شهر تنهنجي جا ساڙ سڙيا سڀ رهندو هڻي ويا نشتر ماڻهو.

 

نه سنوار وارَ ڪارا، متان ڪا نظر لڳيئي،

نه نپاءِ نانگ نيارا، متان ڪا نظر لڳيئي.

 

هيءَ سياهه مار وانگر جيڪي دوش تي لُڏن ٿا،

اهي بند ڪر خدارا، متان ڪا نظر لڳيئي.

 

ڪري ناز نئين طرح جا، نه ستاءِ عاشقن کي،

اي حسين، حسن وارا، متان ڪا نظر لڳيئي.

 

تون اڳيئي آهين، سڀني وصفين تمام سهڻو،

نه سينگار ايڏو پيارا، متان ڪا نظر لڳيئي.

 

نه بناءِ يار ايڏو ”مدهوش“ کي ديوانو،

اکڙين جا جهل اشارا، متان ڪا نظر لڳيئي.

ويون لڳي اکڙيون اکين سان، ٿي ويا اقرار يار،

ڪير ٽوڙيندو ڀلا هيءُ ٻن دلين جو پيار يار.

خوش نما آهي فضا ۽ روح افزا موسمِ گل،

ڏس صبا آهي پکيڙي چوطرف هُٻڪار يار.

آ ته ڪريون بادلن جي ڇانوَ ۾ ڪي واعدا،

هير ٿڌڙي، بوند سنهڙي، پئي وسي ڦوهار يار.

باغ باغيچا ٿا ٻهڪن، وڻ خوشيءَ مان ٿا لُڏن،

ٿي بهاري وئي چوڌاري، گل ٽڙيا گلزار يار.

ڪجهه ته اوريون حال دل جو پوءِ ملڻ آيا نصيب،

آءُ اوري چپڙا چوري، ڪر مٺي گفتار يار.

تون هجين ۽ مان هجان ۽ پيار جون ڳالهيون هجن،

ٻئي وڃون ”مدهوش“ ٿي، ٻي نه ٿئي درڪار يار.

دل ۾ رکندا ٿا رهن دانا خبر،

پر ديوانن کي نه آهي ڪا خبر.

روشني وانگر چُڪي آ ڇانئجي،

هن سڄي سنسار ۾ هر جا خبر.

عشق ڇاهي، عشق جو آ لطف ڇا؟

تون رکي سگهندين اي واعظ ڇا خبر.

بي خبر تي ناهي ٻي ڪائي ميار،

حيف تنهن تي جو رهي ٿو باخبر.

دشمنن جون ڪير ٿو خبرون پڇي،

جا گهران ٿو ڏيوم آڻي سا خبر.

ڪم ٻيا ڀي ٿيا گهڻا آهن مگر،

زندگي ۾ سڀ کان بهتر آ خبر.

سوچ سان گڏ لوچ شامل آ اگر،

سڀ ٽپائي ٿي ڏکيا ڏاڪا خبر.

دوستي ”مدهوش“ اُن سان ڪين رک،

پيار جي جنهن کي نه آهي ڪا خبر.

جيڏو انسان ڳهي ٿو،

تيڏو ئي مان لهي ٿو.

جيڪو سچ صاف ڪهي ٿو،

سو جڳ ۾ سور سهي ٿو.

ڪٽي ڪوهن جا ڪشالا،

ماڻهو مضبوط ٺهي ٿو.

جيڪو ٻئي جو گهر ڊاهي ٿو،

سو به وڃي نيٺ ڊهي ٿو.

نيڪيءَ جو عمل رهڻو آ،

باقي ڪجهه ڀي نه رهي ٿو.

تون ڀي “مدهوش“ وهي هلُ،

جيئن تڪڙو وقت وهي ٿو.

ڀلي ڪر وار ابرن جا سڄڻ تيرِ نظر سان گڏ،

ڪري ڇڏ چوُر دل منهنجي اي جانِ من جگر سان گڏ.

 

جيان توڙي مران جاني، هجان تنهنجي ئي ڀرسان گڏ،

حياتي ڀر هي منهنجو سر هجي، تنهنجي ئي در سان گڏ.

 

زمانو ڪيئن جدا مون کي ڪري سگهندو، اگر دلبر،

هجان توسان ائين، جيئن روشني آهي قمر سان گڏ.

 

جدائي ۾ مري جي مان وڃان، مون کي ڪفن ڏيئي،

خدارا پورجو نيئي سڄڻ جي رهگذر سان گڏ.

 

اگر “مدهوش“ جو ذڪرِ محبت ڪٿ به نڪري پيو،

ته تنهنجو نانءُ ايندو، داستانِ مختصر سان گڏ.

ڪيئن نه ڪيڏا عاشقن تي ڪِيس ٿو قاتل ڪري،

راهه ويندي، ڪئين مسافر روز ٿو بِسمل ڪري.

 

رمز سان ۽ راز سان، انداز سان ۽ ناز سان،

ڪيترن کي قيد ٿو دلبر سرِ محفل ڪري.

 

مال و دولت، شان و شوڪت، ڪين گهرجي اي سڄڻ،

بس فقط هڪڙي نِگهه جي ٿو صدا سائل ڪري.

 

بي وقوفن آ غلط سمجهيو جنونِ عشق کي،

جنهن حقيقت ۾ چرين کي ڀي ڇڏيو قابل ڪري.

 

تا حياتي سنئين لڱين “مدهوش“ ٿيندو ڪيئن وري،

روز ٿو محبوب جنهن کي گهُور سان گهايل ڪري.

مان تنهنجي ڪاڻ مرندو ٿو وتان،

تون پٿر کان به پڪو آن.

 

منهن ڦيري ڏٺو تو حال نه ڪو،

جيئن ڪنڌ ورائي ويو آن.

 

کولي کولي ڪجهه ته ٻڌا،

ڇو ۽ ڇا کان يار رُٺو آن.

 

ڪجهه قياس نه آ تنهنجي دل ۾،

هونءَ تون ڪيڏو نه سٺو آن.

 

ڀانئين توڙي تون نه ڀانئين،

مون کي ماکيءَ کان به مٺو آن.

 

“مدهوش“ پنهنجي سان من ايڏو،

ڇو بي پرواهه بڻيو آن.

 

پنهنجي هٿ سان اي دلبر ڀلي مار پر،

ماري ماري مُئل کي جيارڻ به سک.

اي ستمگر! ستم ۽ جفائون ڪري،

ڪنهن ڏي ٿورو ته مرڪي نهارڻ به سک.

 

هيئن جگر جان جيرو جلائي نه ڇڏ،

ڏور دوزخ برابر دُکائي نه ڇڏ،

لائي لائي وڏا مچ مچائي نه ڇڏ،

باهه ٻاري وري باهه ٺارڻ به سک.

 

تنهنجي غم جو نٿو  بار دل تان لهي،

هيئن جدائي ڪرڻ ڪين توکي ٺهي،

ظلم ايترو ڪر، جيترو دل سهي،

ڪجهه نه ڪجهه دلربا دل ڌُتارڻ به سک.

 

نينهن نازڪ جو ناتو نه ٽوڙڻ کپي،

ڪنهن کي ٻيڙي تي چاڙهي نه ٻوڙڻ کپي،

سيرَ سامهون ڪري منهن نه موڙڻ کپي،

تار تارڻ به سک، ڌُر اُڪارڻ به سک.

 

ويهه “مدهوش“ وٽ ڪا گهڙي دلربا،

چار ڳالهيون ڪري دل کي خوش ڪر ذرا،

جيئن پوي ڪين ڪي لوڪ کي ڪا لکا،

ڪنهن بهاني سان گڏ گذارڻ به سک.

 

چريائي کان گريبان چاڪ ٿو هر هر ڪيان پنهنجو،

نه آ ڪو وس، وڃي ٿي ٿو مون کان ازخود زيان پنهنجو.

 

فراقِ يار ۾ هر دم دلِ بيتاب تڙپي ٿي،

بصورت وحشت و سودا رهيو شيوو عيان پنهنجو.

 

گهڙيون غم جون نه ٿيون گذرن بسر اوقات آ مشڪل،

اڃا شايد وظيفو ٿي هلي، آه و فغان پنهنجو.

 

رهي ناساز ٿي دنيا، نه هي منهنجو نه هو منهنجو،

ڪريان ڪيئن راز جون ڳالهيون نه آ ڪو رازدان پنهنجو.

 

خداوندا سوا توکان ڪرم وارو نه آهي ڪو،

ٻڌايان ڪنهن کي غم پنهنجو، الم پنهنجو، بيان پنهنجو.

 

هميشه مان جهُڪائي سر ڪريان ٿو حسن جي پوڄا،

رُخ دلدار آ ڪعبو، عبادت آستان پنهنجو.

 

بڻيا “مدهوش“ ڪيئي دربدر هن عشق ۾ آخر،

ڏسان حالت جهان جي، ياڪِ حالِ بد ڏسان پنهنجو.

 

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي،

جنت جهڙو جلوو ڏسجي.

 

جنهن جي منهن ۾ نيمڪ ناهي،

جنهن جي اک چقمق ناهي،

ُان ماڻهوءَ ڏي ڪهڙو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي.

 

اُن سان گهمجي اُن سان ڦِرجي،

اُن سان اُٿجي، اُن سان ويهجي،

جنهن جي ڏٺي من سرهو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي.

 

ڪنهن جي نظر ۾ ٿو جادو ٿئي،

دل جان جگر قابو ٿئي!

توڙي هڪڙو ڀيرو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏمجي.

 

جنهن جي انگن ۾ انگڙائي،

جنهن ۾ قدرت جي گهرائي،

تنهن ڏي گهوري گَهِرو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي.

 

جنهن جي هوڪ پري کان ٻڌجي،

جنهن جي هاڪ هنڌ هنڌ ٻڌجي،

تنهن کي هڪلي ويجهو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي.

 

جنهن مان روح کي راحت پهچي،

جنهن مان دل کي فرحت پهچي،

“مدهوش“ تنهن ڏي ويٺو ڏسجي،

سهڻو سهڻو چهرو ڏسجي.

دل کسي ويو منهنجي دلبر، هورڙيان او هورڙيان،

ڏيئي ڏيئي ڍنگ سان ڍر، هورڙيان او هورڙيان.

سامهون ايندي ئي ويا، هيءَ چَپ چُرڻ کان چُپ ڪري،

ويو لڳي ڄڻ منڊ منتر،  هورڙيان او هورڙيان.

مون چيو دل ۾ ته چوندس يار کي ڪجهه روبرو،

گهُٽجي ويو هيءَ ساههُ ويتر، هورڙيان او هورڙيان.

جنهن مهل مُرڪي ڪڍيائين ڏند موتيءَ جي مثال،

گهورجي ويا گنج گوهر، هورڙيان او هورڙيان.

رفته رفته دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿيندي وئي، تڏهن،

گهُنڊ کوليائين جڏهن يَر، هورڙيان او هورڙيان.

پاڻ ۾ اکڙيون لڳيون ”مدهوش“، مدهوشي چڙهي،

نينهن ٿيندو ويو نشانبر، هورڙيان او هورڙيان.

رڳو ميڪدن ۾ نه مانڌاڻ آهي،

مگر مسجدن ۾ به ڇڪتاڻ آهي.

ڇو ديرو حرم جي درن تي ٿو ڀٽڪين،

پرينءَ جي ته وک وک ۾ واکاڻ آهي.

انهيءَ سنگدل کي نه انسان سمجهو،

اکين ۾ نه جنهن کي ڪا آلاڻ آهي.

انهيءَ جي حياتي سجائي نه ٿيندي،

رهيو جو محبت کان اڻ ڄاڻ آهي.

جيڪو ڪوڙ سچ کي نه پرکي سگهي ٿو،

ضرور ان جي نظرن ۾ ميراڻ آهي.

محبت ٿي ماري وجهي نه ته جهان ۾،

نه ڪنهن کي به ڪنهنجي رهي ڪاڻ آهي.

ڪراچيءَ کان ڪنڌڪوٽ ڪشمور تائين،

سڄي سنڌ هيرن سندي کاڻ آهي.

اي ”مدهوش“ توتي عجب ٿو لڳي جو،

سڃاتو نه تو پاڻ کي پاڻ آهي.

 

مئڪدي جي شام آهي، پر هٿن ۾ جام ناهي.

ڇا به آهيان، هُن جو آهيان، دوستي الزام ناهي.

ڪشمڪش ئي زندگي آ، زندگي، آرام ناهي.

ڪجهه ته چئو گوشه نشينو! خامشي پيغام ناهي.

دوستو ”مدهوش“ آهيان، هيءَ حقيقت هام ناهي.

 

ياد هُن جو پيو تبسم،

دُور ٿي ويو  عالمِ غم.

 

ڏينهن سارو، رات ساري،

روبرو آ يار هردم.

 

ٿي ٿئي محسوس اونده،

ياد آيم زلف برهم.

 

بوند اهڙي آ پگهر جي،

گل تي گويا آهي شبنم.

 

بي سبب ”مدهوش“ ناهيان،

ديد آهي ديدَ ۾ ضم.

 

جو ماڳ کان هٽائي سو خرد غلام ٿي وڃي،

جو ماڳ تي رسائي سو جنون امام ٿي وڃي.

بهارِ ڪوچهء صنم ڏسان، ڏسي ٺري پوان،

خيالِ گلشنِ ارم، خيالِ خام ٿي وڃي.

دلِ حزين ۾ نازنين ٿئي جو جلوه آفرين،

نديمٰ لشڪرِ الم، سُبڪ خرام ٿي وڃي.

بيان هُن اڳيان ڪيان مان درد جو داستان،

زهي نصيب! دلربا جو هم ڪلام ٿي وڃي.

صنم جي زلفِ تابدار ۾ ۽ وار وار ۾،

خدا ڪري هُماءِ دل اسيرِ دام ٿي وڃي.

چُڪو چکي شراب جو اي هم نشين ڏسي اگر،

جنابِ شيخ ميڪدي ۾ محو جام ٿي وڃي.

ديارِ ظلم کان ڀڄو، شراعِ شيخ ۾ جتي،

حلالِ خونِ آدمي ۽ مئي حرام ٿي وڃي.

شراب جو گلاس کڻ، مون کي به ڏي ۽ تون به پي،

غزل کي ڇيڙ ساز کڻ، اداس ايترو نه ٿي.

هي موسمِ بهار آ، سمو به خوشگوار آ،

خمار در خمار ڏي، خمار ۾ آ زندگي.

نه ايترو حجاب ڪر، نه ايترو حساب ڪر،

شراب بي حساب ڏي، ثواب ماڻ اي سخي.

خيالِ محتسب نه ڪر، جهان جو حذر نه ڪر،

مٽاءِ روح جي پياس، دُور ڪر اُداسگي.

شعور کي آزاد ڪر، حيات شاد باد ڪر،

وساءِ دُوڌ درد جو، اُجهاءِ آگ عشق جي.

براءِ نام ڏي مگر نظر  ملائي جام ڏي،

ڪِري اُٿان اُٿي ڪِران نه هوش ۾ اچان وري.


 

 

ايڏا سُور نه ڏي سهڻا يار سڄڻ،

ڪي ٽي چار گهڙيون گڏجي گهار سڄڻ.

 

ڏينهن رات اٿم تنهنجي تات طلب،

دم گذري ئي نٿو توکان ڌار سڄڻ.

 

مون لاچار کي ٻيو ڪجهه ڀي ڪين کپي،

هڪ ڏيکار جهلڪ جلويدار سڄڻ.

 

دل ٿي دانهون ڪري، پئي ٿي مفت مري،

ڏي هن کي دلاسو، دلدار سڄڻ.

 

تنهنجي سور سوا ٻيو ڪو سور نه آ،

آهيان برهه ۾ تنهنجي بيمار سڄڻ.

 

ڪنهن سان ڪين سگهان ٿو هيءَ ڳالهه ڪري،

تنهنجي تار لڳل آهي تار سڄڻ.

 

ڪر ”مدهوش“ مٿان پنهنجي مَهر نظر،

هئي محبوب مٺا او منٺار سڄڻ.

 

توبهه ڀڃي وڌم، ته به رحمت خفا نه ٿي،

ايڏي گناهه هوندي، نوازش قضا نه ٿي.

 

سو ڏينهن ياد ناهه جو مون کان خطا نه ٿي،

پر هيءَ به ياد ناهه جو توکان عطا نه ٿي.

 

منهنجا گناهه شمار ڪرڻ کان وڌي چُڪا،

تنهنجي عنايتن ۾ ڪمي ڪا به ڪا نه ٿي.

 

توکي ڪريم ڪير سڏيندو جهان ۾،

مقبول تنهنجي در تي اگر التجا نه ٿي.

 

وَهمن ۾ مبتلا ٿي گذاريو سدائين جنهن،

تنهن بدنصيب دل جي ڪٿان ڀي دوا نه ٿي.

 

سائل جي هڪ سوال سان جهول ڀري ڇڏيئه،

ڪنهن کان سگهي ڪڏهن به آ ايڏي سخا نه ٿي.

 

”مدهوش“ کان ڪڏهن به نه ٿي ڪا منافقي،

ها، ٿي ته نا نه ٿي، ۽ جي نا ٿي ته ها نه ٿي.

فرشتا کڻي ويا خطا اوستائين

ته تنهنجي به پهتي عطا  اوستائين.

 

نشان منهنجي قدمن جا ڌُر تائين هوندا،

اگر تنهنجو آ نقشِ پا اوستائين.

 

ٻڌم تنهنجي پازيب جو سازِ دلڪش،

سڏيم دلربا، دلربا اوستائين.

 

نظر تنهنجي پيرن جي دَز آئي جيسين،

ڪئي مون به تنهنجي پُڇا اوستائين.

 

پکيڙيل ڏٺم زلف عالم کان اڳتي،

ڇڏيم وا ڪري مدعا اوستائين.

 

کُليل فيض تنهنجي جو در جيسين رهندو،

گداگر جي رهندي صدا اوستائين.

 

محبت سان مُرڪي ڪندين ها نه جيسين،

ٽَنگيل رهندو دستِ دعا اوستائين.

 

قضا هوش ”مدهوش“ جا ٿي، ٿين ٿا،

وٺي آئي مون کي قضا اوستائين.

 

نظر کي آ نظر مطلوب ساقي!

نگاهون کڻ،نه ٿي محجوب ساقي!

 

اکين تنهنجن ۾ سڀ ڪجهه آهي، والله،

نظر جاذب سان ڪر مجذوب ساقي!

 

گلابي کان گلابي جام پيارج،

عطا ڪر خوبتر کان خوب ساقي!

 

پيان ٿو هن ڪري جو، خود پرستي،

متان مون تي رهي مغلوب ساقي!

 

نه دنيا ٿو طلب ڪريان، نه دولت،

ڀري ڪوثر جو ڏي مشروب ساقي!

 

پوي ٿي زندگي ساري سجائي،

رهي توسان اگر منسوب ساقي!

 

نشي ۾ چُور اهڙو اڄ ڪري ڇڏ،

ڏسان ڪائي نه شيءِ مرغوب ساقي!

 

اَيامن جي سهان ڪيئن صبر سان اُڃ،

نه آهيان حضرتِ ايوب ساقي!

 

نظر ”مدهوش“ سان اهڙي ملائج،

ڏسان جنهن کي لڳي محبوب ساقي!

 

در تان واپس گنهگار نه ڪر،

پنهنجي بخشش کي داغدار نه ڪر.

 

ڏي ڀري جهول اي سخي هٿ سان،

اڄ عنايت جو اختصار نه ڪر.

 

ڇيهون ڇيهون اڳي ئي آهي دل،

ويتر ئي اُن کي تار تار نه ڪر.

 

ڪو خطاڪار بدنصيب ڏسي،

اُن سان انڪار بار بار نه ڪر.

 

يا اُڪوئي جواب ڏي کولي،

يا ته ڪنهن کي اميدوار نه ڪر.

 

ڀل گلا خور پيا گلائون ڪن،

ڪنهن جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪر.

 

جنهن کي احساس درد جو نه هجي،

اُن اڳيان نيڻ اشڪبار نه ڪر.

 

تون طفيلي ڪرم نوازيءَ جي،

منهنجي عيبن کي آشڪار نه ڪر.

 

پنهنجي ”مدهوش“ سان رُساما ڇڏ،

رسم رنجش جي اختيار نه ڪر.

 

ڏي ڇڏي واعظ! اهو جهڳڙو نِفي اثبات جو،

آهي مون کي حوصلو پنهنجو نه پنهنجي ذات جو.

 

ڪجهه نه ڪجهه اهلِ جنون سمجهن ته سمجهي ٿا سگهن،

جو حقيقت ۾ نِهان آ راز موجودات جو.

 

خاڪِ آدم رُتبھ لولاڪ تائين ڪيئن پُڳي؟

ڪجهه ته آهي دوستو رشتو صفات و ذات جو.

 

جيستائين سلسلو جاري نه آهي جام جو،

تيستائين بند آهي باب الهامات جو.

 

هوش رُخصتياب ٿيندا ڪيئن نه آخر محتسب،

جام ٽڪرايا وڃن ٿا ميڪدي ۾ رات جو.

 

دوستو ميخوار آهيان، ڇيڙيون ذڪرِ شراب،

ڳالهه ڪريو ساغر و مينا جي موضوعات جو.

 

باده خوارو! پِي اُٿو حسبِ ضرورت کان مٿي،

محتسب آيو وٺڻ آ جائزو حالات جو.

 

هر طرف کان بت پرستي ٿي نظر مون کي اچي،

آ وري آيو زمانو ڇا منات و لات جو.

 

داد ڏيندا ڪيترا ”مدهوش“ کي اهلِ سُخن،

”قدر ٿيندو قدردان وٽ عشق جي جذبات جو“.


 

ڇا هُن جو مڪمل شباب الله الله،

بهارِ چمن جو گلاب الله الله.

خماريل خماريل شرابي نگاهون،

حَيا الله الله حِجاب الله الله.

اُڏاري ڇڏيائين عقل هوش منهنجو،

هٽايائين مُنهن تان نقاب الله الله.

هٿين پيرين بيهڪ ۾ سهڻن کان سهڻو،

لڳي ٿو سڄو لاجواب الله الله.

مٺا ٻول ماکي ۽ مصري برابر،

سندس گفتگو ۽ خطاب الله الله.

ٿيان ڇو نه ”مدهوش“ هڪڙي جهلڪ سان،

ڏسڻ شرط مِليمُ ثواب الله الله.

تنهنجي صورت کي چَيُم صبحِ غزل،

تنهنجي زلفن کي چَيُم شامِ غزل.

رنگُ ڳل جو ٿو لڳي نورِ سحر،

اک نشيلي ڄڻ ته اِلهامِ غزل.

جسم تي پوشاڪ آ اهڙي طرح،

جيئن گلن تي آهي احرامِ غزل.

گفتگو تنهنجي سندو اندازُ ڄڻ،

ٿي ورهائي مُطربا جامِ غزل.

آهه کاڌي دل جي پئماني اُٿل،

ڇلڪي پيو ”مدهوش“ پيغامِ غزل.

جي سچ ٿو چوان، ٿئي ٿي هيءَ خلقِ خدا ناراض،

جي چُپ ٿو رهان، ٿئي ٿو ايمان صفا ناراض.

 

يارن جي حقيقت جي، جي ڳالهه ڪندس پڌري،

پڪ آههِ ته ٿي پوندا هت يار گهڻا ناراض.

 

منصور کي هن سچ تي سنگسار ڪيو ويو هو،

ان وقت به هئي ڪيڏي دنيا جي هوا ناراض.

 

مون ڪوڙ ڪيو ڪوڙو ۽ سچ کي چيم سچ آ،

هن ضد ۾ اچي مون سان ٿيا ڀاءُ سڳا ناراض.

 

نادان سهي ليڪن سمجهين ٿو اگر پنهنجو،

توکي نه ٿيڻ گهرجي، محبوب مٺا ناراض.

 

پڇيو مون ٻڌي ٻانهون ڪاوڙ جو سبب هُن کان،

هُن مرُڪي چيو آخر ٿيان ڪنهن سان ڀلا ناراض.

 

جيڪي به هجي وس ۾ دل کولي ڏئي ڇڏجي،

در تان نه ڪرڻ گهرجي ڪوئي به گدا ناراض.

 

پيو لوڪ رُسي پرچي پرواهه نه آ ڪنهن جي،

”مدهوش“ رهي منهنجو مون کان نه خدا ناراض.

 

دلربا جي ياد ۾ ساري فضا روئي ڏنو،

هن جدا روئي ڏنو ۽ هُن جدا روئي ڏنو.

 

بلبلِ شعر و سخن جي هر صدا روئي ڏنو،

گل رنو، گلشن رنو، بادِ صبا روئي ڏنو.

 

آشياني تي جڏهن بجلي غضب جي پئي ڪِري،

برق کلندي ئي رهي، ڪاري گهٽا روئي ڏنو.

 

ماڳ تي موٽيو پکي جيئن پيار جو پڃرو ڇڏي،

چند ڏينهن جي قفس بي انتها روئي ڏنو.

 

ناز مان جو موڪلائي ناز پرور ٿيو روان،

ناز بردارن سان گڏ ناز و ادا روئي ڏنو.

 

يار جي اهڙي رضا کي وصل چئجي يا فراق،

جنهن رضا تي دامنِ صبر و رضا روئي ڏنو.

 

آرزو دل جي نه ٿي پوري سگهي يارو جڏهن،

حسرتِ ديدار سان گڏ مدعا روئي ڏنو.

 

باغِ دنيا مان قدم پنهنجا گهمائي جيئن وَريو،

پيار جي خوشبو رُنو، بُوءِ وفا روئي ڏنو.

 

زندگي جو قافلو بيساخته لُٽبو ڏسي،

رهه رُنو، راهي رُنو ۽ رهنما روئي ڏنو.

 

سير ۾ الفت جي ٻيڙي کي لُڏي ٻُڏندو ڏسي،

ساحلن روئي ڏنو ۽ ناخدا روئي ڏنو.

 

آخري هڏڪي مهل محبوب جي هڪ مُرڪ تي،

منهن چمي معصوميت جو خود قضا روئي ڏنو.

 

تربتِ ”مدهوش“ تي گل رُخ ڇٽڻ آيو گلاب،

تنهن به هاءِ دلربا چئي بي خطا روئي ڏنو.

 

ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا ٿا وڃن،

درس عبرت جو ڇڏيندا ٿا وڃن.

 

دل گهُريا، دلدار، دلبر، دلربا،

ڇو الائي منهن مَٽيندا ٿا وڃن.

 

دار تي منصور لٽڪن ٿا ته ڀي،

زيست جو پيغام ڏيندا ٿا وڃن.

 

رهروانِ شوق پنهنجي راهه سان،

نقش قدمن جا ڇڏيندا ٿا وڃن.

 

ڪي ته پنهنجي راهه جا پٿر بڻيا،

ڪي پهاڙن کي ٿڏيندا ٿا وڃن.

 

چنڊ تارا ريت اهڙي ٿا هلن،

ڄڻ ته ڏس ڏورڻ جو ڏيندا ٿا وڃن.

 

دوستيءَ جو دم ڀري اڄ دوست ڀي،

زهر الفت ۾ گڏيندا ٿا وڃن.

 

روشني گهٽجي وڃي ٿي جنهن گهڙي،

ساٿ پاڇا ڀي ڇڏيندا ٿا وڃن.

 

محب ڪاوڙجن ٿا جيئن جيئن، تيئن وڌيڪ،

جيءَ ۾ جايون اَڏيندا ٿا وڃن.

 

ڪر نه اي ”مدهوش“ تن تي ڀروسو،

جيڪي مشڪل ۾ ڇڏيندا ٿا وڃن.


 

 

هيءُ عقل اجائي جهڳ او جاني،

پويان انهيءَ جي نه لڳ او جاني.

 

هيڏي هوڏي ڪين نهارج،

هيءَ دنيا ٿيءَ ٺڳ او جاني.

 

آيو ڪهڙي واٽ سان آهين،

ساڳيو سارج دڳ او جاني.

 

پاڻ تي ڀاڙي ڪوئي عمل ڪر،

توهه نه ڪنهن جي تڳ او جاني.

 

منزل اُن جا پير چمي ٿي،

جيڪو پهچي اڳ او جاني.

 

موڳن ماڻهن وانگر تون،

ماري ويههُ نه مڳ او جاني.

 

پاڇولن جي پويان ڊوڙي،

ٿي ويا ڪيئي کڳ او جاني.

 

”مدهوش“ ڇڏي ڏي ٽيڳر بازي،

ڪهڙي ملندءِ پڳ او جاني.

 

جهان سارو حُباب وانگر،

سڄي حياتي آ خواب وانگر.

اچن ٿا ڪيئي وڃن ٿا ڪيئي،

رهي زمانو ٿو باب وانگر.

هتي فنا ٿيا هزار چهرا،

حسين تنهنجي شباب وانگر.

لحد ۾ ويڙهي مُهانڊو سمهندين،

سوا گهڙي رهه ڪتاب وانگر.

عمل جو ڦندو اُڇل جهان تي،

ڪمال ڪر بُوتراب وانگر.

حسد جي آتش ۾ پاڻ ساڙي،

ڪڙهي نه مر تون ڪباب وانگر.

نه وجهه ڳچيءَ ۾ گلا جو گانگهو،

نه ٿي ڪهين لئه عذاب وانگر.

صداقتن جو نه ٺاهه مقتل،

نه ڪات کڻ تون قصاب وانگر.

ڪڏهن به هرگز لڪي نه سگهنديون،

حقيقتون آفتاب وانگر.

هتي به ٿيندو حساب آهي،

خدا جي يوم الحساب وانگر.

سڄڻ جي دم سان هلائجي دم،

رڳُون وڄائي، رباب وانگر.

مرين ته ”مدهوش“ اهڙو ٿي مر،

هجنئي مُرڪون گلاب وانگر.

 

مدهوش رڳو مدهوش نه آ، عالم ئي سڄو ديوانو آ،

تعريف ڪريان ڇا تنهجي سڄڻ، هر شاهه و گدا مستانو آ.

مندر ۾ تون، مسجد ۾ تون ۽ دل جي ڪعبي ۾ ڀي تون،

هر هنڌ نظارو آ تنهنجو، ڄڻ سارو جهان بتخانو آ.

تنهنجي حسن جي شمع تي سهڻا، مشتاق هزارين مُون پارا،

هڪ مان نه مگر جنهن توکي ڏٺو، سو تنهنجي مٿان پروانو آ.

مخمور نظر سان پيارين ٿو، انداز ادا سان مارين ٿو،

اي هوشربا مستان سڄو، مئخاني جو ميخانو آ.

ڪي سرُڪيءَ ۾ سوگها ٿو ڪرين، ڪي پيئندا رهن ٿا رات سڄي،

ڇا ريس انهن سان جن کي حاصل، پئماني تي پئمانو آ.

ڪنهنجي نه سري ڪنهنجي نه چلي، ڪيئن هوش عقل تي هام هلي،

ڇا دين ڌرم ڇا شان شرم، هر چيز هتي نذرانو آ.

”مدهوش“ جي دل جو دلبر تون، دلدار به تون، دل به تون،

جنهن دل ۾ نه آ ديرو تنهنجو، سا دل نه مگر ويرانو آ.

زندگي وقفِ محبت، مون ڪئي مدهوش ٿي،

عمر ڀر اهڙي عبادت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

ميڪدن ۾ مندرن ۾، مسجدن ۾ روز شب،

حسن تنهنجي جي عقيدت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

اي صنم نقشِ قدم جاٿي ڏٺم، سجدا ڪيم،

هر گهڙي تنهنجي اطاعت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

شوقِ دل سان مصحفِ رُخسار کي چُمندو رهيس،

تنهنجي صورت جي تلاوت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

مان نظر تنهنجي ۾ ناهيان ڪجهه به ليڪن اي سڄڻ،

جا بجا تنهنجي آ شهرت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

تنهنجي فرقت جا ترانا ۽ غزل گانا لکيم،

پر نه ٻي ڪائي شڪايت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

تُهمتون الزام آيا ڪيترا مون تي مگر،

عشق جي حاصل سعادت، مون ڪئي مدهوش ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org