سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

 

صفحو :3

 

اهڙي ته ڪا اٽڪل ڪري وئين دل کڻي، دل جا ڌڻي،

ناوڪ نگاهُن جا سڌا  سامهون هڻي، دل جا ڌڻي.

 

ڪهڙي سبب ڪاتي مُڏي سان ٿو پرين ڀاڱا ڪرين،

واضح ڪري چئو ڳالهه ٿئي ڪهڙي ڳڻِي، دل جا ڌڻي.

 

اي جانِ من جنهن ڏينهن توسان اک اڙي ۽ دل جڙي،

اُن ڏينهن کان پوءِ چيز ڪا ناهي وڻي، دل جا ڌڻي.

 

والله مان سچ ٿو چوان، هاڻي جدا ٿيندي نه سا،

جا اک سان ٻکجي آ وئي اک جي اڻِي، دل جا ڌڻي.

 

کائڻ، پيئڻ، مرڪڻ، کِلڻ ۽ زندگي جي هر خوشي،

سڀ ڪجهه لُٽي وئين ديد سان ڌاڙو هڻِي، دل جا ڌڻي.

 

تيئن تيئن ڪري ٿو قيد ۾ قابو ڪڙي، جانب جڙي،

جيئن جيئن سنوارين وار ٿو ڏئي ڦڻي، دل جا ڌڻي.

 

مجبور هن ”مدهوش“ سان ٿي بي حَذر ليکا نه ڪر،

ڇاڪاڻ جو آهي سندءِ پيرن پڻِي، دل جا ڌڻي.

 

ڏٺم  تصوير مستاني، تڏهن دل آهه ديواني،

وڌو موهي اٿئي جاني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

کنيئي خوش ٿي کلي ديدون، ڪرايئه اڄ عجب عيدون،

پسايئه پاڪ پيشاني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

صدف جيئن وات کوليو تو، ياقوتي ٻول ٻوليو تو،

اوڳاڇئه لال لاثاني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

ڪريان ڇا ڳالهه کِيرن جي، ٻٽيهَن خاص هيرن جي،

سمورا ڏند مرجاني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

بلي بينِي، اکيون، ابرو، بلي رخسار ۽ گيسُو،

سڄي صورت آ سبحاني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

مخاطب آءٌ ٿي توسان، گهران توکان ٿو توکي مان،

ڪريان ويٺو هيءَ ناداني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

مون کي هيءَ ڏات ۽ ڏياري، اوهان جي سونهن سيکاري،

سخن گوئي سخنداني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

غلامن جو غلام آهيان، سدا سهڻي جي سام آهيان.

قبوليم در جي درباني، تڏهن دل آهه ديواني.

 

چڙهي ”مدهوش“ مدهوشي، نهوڙيم نيم بيهوشي،

وڪوڙي ويئي حيراني، تڏهن دل آهه ديواني.

ڪوئي همدرد يار ڪونهي ڪو،

غم سوا، غمگسار ڪونهي ڪو.

 

اُن تي ڇا اعتبار، جنهن کي خود،

پاڻ تي اعتبار ڪونهي ڪو.

 

دوست نالي جا ڪيترا آهن،

پر محبت شعار ڪونهي ڪو.

 

رونقِ انجمن وڌي ڇا تي؟

روبرو گل عذار ڪونهي ڪو.

 

مئي ڀي آهي، بهار ڀي آهي،

هاءِ! جانِ بهار ڪونهي ڪو.

 

غير سان حالِ دل نه ڪر هرگز،

غير تي اعتبار ڪونهي ڪو.

 

آزمائي ڏٺو اٿم يارو،

هِن زماني ۾ يار ڪونهي ڪو.

 

هوش ”مدهوش“ آ گهڻو ليڪن،

هوش تي اختيار ڪونهي ڪو.

 

 

 

 

وڻي ويئي اهڙي ادا دلربا جي،

جفا کي به سمجهي عطا دلربا جي.

 

سندس ناز نخري جو ڪاٿو ئي ڪونهي،

ڪريان سو ڪريان ڳالهه ڇا دلربا جي.

 

حجابي نگاهن جي معصوم شوخي،

تهه دل سان آهي بجا دلربا جي.

 

هُجان آءٌ جيتر به جيئرو جڳت ۾،

سُڻان صبح سانجهي ثنا دلبر جي.

 

خطا ڪار ٿي مون خطا جيتري ڪئي،

مٿم اوتري ٿي عطا دلربا جي.

 

ويهاري، ڌڪاري، جياري يا ماري،

اي ”مدهوش“ جيڪا رضا دلربا جي.

 

هي ويٺي ڪنهن جي ياد آئي، پري ٿي وئي اڪيلائي،

سڄڻ جي حسن آرائي، ڪئي شايد پذيرائي.

 

نه ڪئي ڪنهن آهه اڳرائي، نه ڪنهن ڪا ڳالهه ورجائي،

خبر مون کي نه پئي ڪائي، ته ڪيئن ٿي وئي شناسائي.

 

اي يادِ يار ڪو دم رهه، طبيعت آهي سودائي،

خدارا پنهنجي سودائي کي، ويتر ڪر نه سودائي.

 

نه تن ۾ آهه تازائي، نڪي سوچُن ۾ سرهائي،

مگر هُن جي تصور آ  ڀلائي پنهنجي دُهرائي.

 

خرد جا راههَ اُلجهائي، جُنون سا راهه سلجهائي،

ڏيو اُن دل کي واڌائي، چريائي جنهن جي ڪم آئي.

 

پسي ”مدهوش“ پنهنجائي، نه رک دلبر سان گهرائي،

اِهي يادون تماشائي به آهن وَجه رُسوائي.


 

جڏهن بلند صداءِ شڪستِ جام ٿئي،

تڏهن ٿو لشڪرِ دانش سُبڪ خرام ٿئي.

 

نگاهِ مست جي نظرن جو فيض عام ٿئي،

خرد غلام ٿئي ۽ جنون امام ٿئي.

 

وري وري ٿو پيان هِن ڪري ته هوش رهي،

متان سوار اچي ڪو خيالِ خام ٿئي.

 

نگاهِ هوشربا جو اچي ڪمال ڏسو،

جنابِ شيخ ٿو محفل ۾ محوِ جام ٿئي.

 

نشانِ منزلِ ذوقِ نظر قريب ڏسي،

سليم عزم جو مون کي ٿو احترام ٿئي.

 

انهيءَ سان منزلِ مقصود همڪنار ڏٺم،

جو راهگير ٿو رستي ۾ تيزگام ٿئي.

 

غلط آ راهِ محبت ۾ هوش ساڻ کڻڻ،

مسافرن جي تلاشي ٿي صبح و شام ٿئي.

 

حيات و موت جي ”مدهوش“ ڪا خبر نه رهي،

نگاهِ شوق کي حاصل اهو مقام ٿئي.

 

 

اوهان جي ذات سوا ڪجهه نه آ پسند مون کي،

مليو آ ذوقِ نظر ڪيترو بلند مون کي.

 

هزار ڍنگَ پيا ۽ هزار ونگَ لڳا،

سگهيو نه قيد ڪري، وقت جو ڪمند مون کي.

 

اوهان جي عشق ڇڏايا رواجَ ۽ رسمُون،

جهلي سگهيا نه زماني جا قيد و بند مون کي.

 

سڄڻ جي شربتِ ديدار جي پياس اٿم،

نه آڇ شير و شڪر، ۽ نبات و قند مون کي.

 

پهاڙ، جهنگ، جبل، بحر و بر تلاش ڪيم،

بجز اوهان جي ملي راهه ۽ نه رند مون کي.

 

انهيءَ عطا کان اي ”مدهوش“ ڇا وڌيڪ کپي،

بنايو عشق عجيبن جي سر بلند مون کي.

 

جو به ويو هوندو بُتِ ڪافر ادا جي روبرو،

پاڻ کي سمجهڻ لڳو هوندو قضا جي روبرو.

 

دل ۾ سوچيم هيئن به چوندس، هيئن به چوندس مان وڃي،

ويون مگر وسري هڙيئي دلربا جي روبرو.

 

هيءَ خدائي جون سموريون رنگتون، زيبائشون،

ڪجهه نه آهن، هُن جي هڪڙي ڪج ادا جي روبرو.

 

مُشڪ و عنبر، زعفران جي بُوءِ کي ڪهڙي آ مجال،

زلف جي خوشبو ڀري هلڪي هوا جي روبرو.

 

حالِ دل اورڻ نه گهرجي، بي خبر بي درد سان،

درد کي دُهرائجي، درد آشنا جي روبرو.

 

اُن جي شاهيءَ جي شرف جو ڇا ڪري سگهبو بيان،

بادشاهيون ٿيون جهُڪن، جنهن جي گدا جي روبرو.

 

تون به اي ”مدهوش“ آهين ڪو چريو، جو بار بار،

ڳالهه چورين ٿو وفا جي، بي وفا جي روبرو.

 

جڳ ۾ جيئندو ٿو رهان، خوش نام جو نالو وٺي،

گل عذارو گل بدن، گل فام جو نالو وٺي.

 

منهنجي دلڙي جي پکي اُڏري وڃي ورتي پناهه،

زلف جو نالو وٺي ۽ دام جو نالو وٺي.

 

هن جي چشمن جي ڪريو توهين ويهي ڪا متان،

ميڪدي جو ۽ صراحي، جام جو نالو وٺي.

 

ڀيٽ بيجا ٿي لڳي آهُو نظر جي اک اڳيان،

دل نه ساڙيو نرگس و بادام جو نالو وٺي.

 

روز اول کان وٺي ٿا هُن جي چوڌاري ڦِرن،

”ڏينهن راتيون“ گردشِ ايام جو نالو وٺي.

 

روزِ دلبر پنهنجي واعدي کي ٿو ٽاري، ناز مان،

صبح جو نالو وٺي ۽ شام جو نالو وٺي.

 

مِهر سان ”مدهوش“ جا سڀ عيب بخشيندو، جڏهن،

اُن جي در تي آءٌ ويندس سام جو نالو وٺي.

فنا جي ضرب کان اڳ ۾ ڪرڻ هستي فنا گهرجي،

جهان اندر مرڻ کان اڳ مري، ماڻڻ بقا گهرجي.

 

نظر ديد آشنا گهرجي ۽ دل درد آشنا گهرجي،

محبت جو ڀرم رهجي اچي، اهڙي ادا گهرجي.

 

اگر چاهين محبت ۾ رهي، ”تون تون نڪي مان مان“،

هلائڻ دم سان دم گهرجي، ملائڻ ها ۾ ها گهرجي.

 

محبت جي نگاهن سان نگاهن کي ڪجي قائل،

زبان پنهنجي مٿان آڻڻ نه حرفِ مدعا گهرجي.

 

سوا تنهنجي نه ڪائي چيز دنيا جي سڄڻ گهرجي،

اگر گهرجي ته مون کي چاهتن جي انتها گهرجي.

 

نشانو غير جي آڏو بڻائي منهنجي دل کي ويو،

نوازش يار جي گهرجي ته اهڙي بي بها گهرجي.

 

اکين تي هٿ رکي تنهنجا سمورا سور سهنداسين،

ڏکن تي جو هريل آهيون، ٿيڻ ڪهڙو خفا گهرجي.

 

رکي ”مدهوش“ من پنهنجو خدا جي ياد کان غافل،

بتن جي عشق ۾ دل کي ڪرڻ ڇو مُبتلا گهرجي.

سحر سان يار جو ديدار ڇا چئجي،

مطالعِ مصحفِ رخسار ڇا چئجي.

 

نشان ناوڪِ خمدار ڇا چئجي،

اي قاتل لذتِ آزار ڇا چئجي.

 

هي حسن و عشق جو وهنوار ڇا چئجي،

نياز  و ناز جو اظهار ڇا چئجي.

 

نه آئي سايھء طوبيٰ ۾ ڪا فرحت،

خيالِ گيسوءِ دلدار ڇا چئجي.

 

لڳي ٿي قيامت سرو و صنوبر ڪج،

بناوت حسنِ قد يار ڇا چئجي.

 

کلڻ سان ئي ٽڙي پئي، ڪهڪشان گويا،

دُر و موتي ۽ گوهر بار ڇا چئجي.

 

مچي ٿي عاشقن جي ڌوم روزانو،

هُجومِ ڪوچھء دلدار ڇا چئجي.

 

ملي ٿو فيضِ عرفان بزم رندان ۾،

حصولِ صحبت ميخوار ڇا چئجي.

 

بيانِ دلڪش ”مدهوش“ جي خوبي،

سراسر عشق جو اظهار ڇا چئجي.

تن من ۾ سڄڻ يار سندي تار لڳل آ، هئي تار لڳل آ،

جا تارلڳل آهي لڳاتار لڳل آ، هئي تارلڳل آ.

 

هڪ سهڻو سوايو ٻيو سينگار ڪرين ٿو، وهواهه وڻين ٿو،

مخمور نظر ڌار ڪجل ڌار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

دل چاڪ، جگر چاڪ، ڇٽل جان به ناهي، ارمان به ناهي،

سيني ۾ سِڌي ناوڪِ خمدار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

ڏي رقص ڪرڻ عاشق ناشاد جي ڌَڙ کي، تڙپي ته پيو تڙپي،

ڦٿڪي ۽ لُڇي ڇو نه جو آزار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

هيءَ زلف گِره گير جو ڇاتيءَ تي لُڏي ٿو، سيني تي ڪڏي ٿو،

سو خاص مثل مار خبردار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

ڇا صبح هجي، شام هجي، ميڙو متل آ، رستو ئي ڀريل آ،

شب روز ڳلي تنهنجي ۾ بازار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

توکي ٿي کپي حور مگر مون کي اي زاهد، الله آ شاهد،

دلدار جي ديدار جو آزار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

هن حسنِ خداداد جي تعريف ڪريان ڇا، تصوير چٽيان ڇا،

”مدهوش“ عجب جوڙ ۽ جنسار لڳل آ، هئي تار لڳل آ.

 

نگاهن جو نگاهن سان جڏهن وهنوار ٿيندو آ،

اشارن ئي اشارن ۾ وڏو واپار ٿيندو آ.

 

نه ظاهر ڪجهه نشانِ ناوڪِ خمدار ٿيندو آ،

جگر مان تير جيتوڻيڪ آروپار ٿيندو آ.

 

جڏهن ڪنهن کي خيالِ گيسوءَ دلدار ٿيندو آ،

ڏئي سر دار تي سوئي وڃي سردار ٿيندو آ.

 

جنونِ آرزوءَ دار منزل تي رسائي ٿو،

مگر ڪو ڀاڳ وارو سرفرازِ دار ٿيندو آ.

 

جيئڻ اُن جو، مرڻ اُن جو، جهان اُن جو، خدا اُن جو،

مٿان جنهن شخص جي، فيضِ نگاهِ يار ٿيندو آ.

 

جنابِ طالبِ حورانِ جنت کي خبر ڪهڙي؟

ته ڇا لطفِ مطالع مصحفِ رُخسار ٿيندو آ.

 

سرِ محفل، جگر سارو جلي ويندو اٿم دلبر،

جڏهن غيرن مٿان تنهنجي نظر جو وار ٿيندو آ.

 

حصولِ گل جي خاطر، خار اي ”مدهوش“ پيا سهبا،

محبت ۾ گريبان چاڪ، دامن تار ٿيندو آ.

 

ٿو پڙهان الحمد الله، آمدِ جانان ڏسي،

شڪر شڪرانا چوان، رب جا وڏا احسان ڏسي.

 

لوڪ سارو ٿو کلي هي عيب ۽ عِصيان ڏسي،

مان مگر خوش ٿو رهان پيو رحمتِ يزدان ڏسي.

 

اوج تي پهتي خوشي ۽ موج و مستي وئي وڌي،

ڪيئن نه خوش ٿيندس ڀلا مان دوست نيڻن سان ڏسي.

 

مون ندوري جي نصيبن تي ٿيڻ ريسُون لڳيون،

رحمتن ۽ برڪتن سان هي ڀريل ايوان ڏسي.

 

دل جگر جيرا ٺريا ۽ نيڻ روشن ٿي پيا،

پنهنجي اونداهي اڱڻ تي اڄ مَھ تابان ڏسي.

 

ڪيترو ئي ڪاوڙايو هو وڃي مون تي مگر،

مُرڪي ڏيندو دست منهنجا ٻئي درِ دامان ڏسي.

 

بي سهاري، بي وسيلي، بي ثمر ”مدهوش“ کي،

ٻاجهه پنهنجي سان نوازيئين، بي سرو سامان ڏسي.

اڱڻ منهنجي تي اڄ آيو، مٺو منٺار بسم الله،

ڪريان کيڪار بسم الله، چوان صد بار بسم الله.

 

وڏا احسان مولا جا، وو شڪرانا وو شڪرانا،

پسائي پاڪ پيشاني، پرين پڳدار بسم الله.

 

اونداهي رات ۾ ڄڻ ڪو خوشيءَ جو چنڊ اُڀري پيو،

وريون عيدون مليون ديدون، ٿيا ديدار بسم الله.

 

گهُمايئين پير جت جا ڀُون سموري واسجي وئي،

غريباڻي اَجهي ۾ ٿي وئي هٻڪار بسم الله.

 

رهيل ”مدهوش“ جي دل ۾ هئي جا آس پوري ٿي،

عنايت ڪئي عجيبن اڄ، اکين جي ٺار بسم الله.

دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري،

ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري.

 

منهنجي تصور ۾ تون هجين هر دم،

هڪڙي ساعت قضا خدا نه ڪري.

 

تنهنجي در جو بڻيو ته آهيان فقير،

ٻئي جي در جو گدا خدا نه ڪري.

 

منهنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي وڃي،

تير تنهنجو خطا خدا نه ڪري.

 

روزِ محشر سواءِ تنهنجي، ٻي،

ڪائي مون کان پُڇا خدا نه ڪري.

 

توکي ويهاري سامهون ”مدهوش“

ڇا ڪري؟ جي، خدا خدا نه ڪري.

 

نه هُو دل کان پري آهي، نه هُن کان دل پري آهي،

سمُونڊن کان نه جيئن ٿيندو ڪڏهن ساحل پري آهي.

 

حياءِ حسن ڀي مانعِ، حجابِ عشق ڀي مانع،

تڏهن ٿيو ”هم نشين“ مون کان سرِ محفل پري آهي.

 

جُنون جن جو امام آهي، خِرد تن جو غلام آهي،

و ليڪن هِن عظيم اعزاز کان عاقل پري آهي.

 

اسان جي ناخدائي ناخُدا ڪهڙي ڪندا، جيڪي،

ڪنارن جي مٿان بيهي چَوَن ساحل پري آهي.

 

حذر ڇا جو؟ ڪشي هڻ ڪانَ نظرن جا ته پيو ڦٿڪان،

متان سمجهين اي قاتل سينھء بسمل پري آهي.

 

زباني جا به ڏيڻي ٿئي! اُها جلدي ۾ ڏئي ڇڏ،

اڃا ٿورو نڙيءَ کان خنجر ِقاتل  پري آهي.

 

ستارا زيرپا آيا ته  اي ”مدهوش“ ڇا ٿي پيو؟

”نه ڪر تون چنڊ تي تڪيو اڃا منزل پري آهي.“

جا دوست جي ديدار جي دنيا نظر آئي،

سا واههَ جو اسرار جي دنيا نظر آئي.

 

ڇا هن جي تبسم ۽ تڪلم جي ڪريان ڳالهه،

ڄڻ خلد جي گلزار جي دنيا نظر آئي.

 

ڪيئن گلشنِ فردوس جي منظر کي قبولي؟

جنهن چشم کي رُخسار جي دنيا نظر آئي.

 

محسوس حواسن کي وري ٿي نه ٻي خوشبو،

جيئن زلف جي هٻُڪار جي دنيا نظر آئي.

 

سچ پچ ته انهيءَ عشق کي آ عشق نه سڏبو،

جنهن عشق ۾ وهنوار جي دنيا نظر آئي.

 

تخليق خدا جي ڏي ڏنم جيڪو توجھ،

”مدهوش“ رڳو پيار جي دنيا نظر آئي.

نظر نظر سان ملائي، ڦُريون هليو ويو دل،

نقاب رُخ تان هٽائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

نرالي ناز وچان هُو، نشيلا نيڻ کڻي،

لبن تي مُرڪ نچائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

اکين جا ڪانَ اُلاري، چکائي چوٽ وڏي،

جگر ۾ تير کُپائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

ڪيان ته نيٺ ڪيان ڇا، وڃان ته ڪاڏي وڃان،

اندر ۾ آگ لڳائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

سوا گهڙي جي ملاقات ۾ ڪري قابُو،

اُتيئي ڪنڌ ورائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

نگاهِ شوخ سان ”مدهوش“ جو قرارُ کسي،

ديوانو مست بنائي، ڦُريون هليو ويو دل.

 

 

 

بيداد جي اڳيان وڃي، فرياد ڇا ڪجي،

دردن جي داستان جي رُوداد ڇا ڪجي.

 

نه آرزو رهي، نه تمنا، نه ڪا خوشي،

ويران دل جي بستيءَ کي، برباد ڇا ڪجي.

 

پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪَٽي کنڀ، هُن چيو،

اهڙي پکي کي قيد مان، آزاد ڇا ڪجي.

 

جاٿي زبان بند رکڻ لازمي هجي،

اُن در تي دانهن اي دلِ ناشاد ڇا ڪجي.

 

هن جا قصا ڪهاڻيون، هُن جون حڪايتون،

اي دل چري وسارجي ڇا؟ ياد  ڇا ڪجي.

 

”مدهوش“ کي بنائي چريو هيئن سڄڻ چيو،

هن کان وڌيڪ ٻيو ستم، ايجاد ڇا ڪجي.


 

 

رابطو دلدار سان دل جو سڌو رهندو اچي،

”تون ۽ مان“ جو درميان ڇو فاصلو رهندو اچي.

 

هو رسي پرچي پوي، پرچي وري مُون سان رُسي،

ريت اهڙي عشق جو، هيءُ سلسلو رهندو اچي.

 

ڪا ته هُن  سان آهه نسبت، ڪو ته رشتو آ ڳنڍيل،

ورنھ مون کي هيترو ڇو آسرو رهندو اچي.

 

ڪير ٿو هُن کي چوي، تون اورتي آ ڪجهه وڌي،

خوش رهي پنهنجي جڳهه تي، پر سچو رهندو اچي.

 

غير جي موجودگيءَ ۾ آ ملي سگهبو نه مور،

ڀل ته ڪيڏو ئي کڻي ڪو ويجهڙو رهندو اچي.

 

منزلِ مقصود تي انسان پهچي ٿو مگر،

پاڻ تي هر وقت پورو ڀروسو رهندو اچي.

 

آرزو ”مدهوش“ جي لب تي اچي موٽي وڃي،

حسرتِ اظهار جو سارو مزو رهندو اچي.

هن بي وفا جهان ۾، جيڪو وفا کي ڳولي،

سو ٿو صنم ڪدي ۾، گويا خداکي ڳولي.

 

روزِ ازل کان جنهن سان آ منهنجي آشنائي،

هاڻي به هيءَ نظر ٿي، تنهن آشنا کي ڳولي.

 

هيءَ ذوقِ بندگي جو عالم نه آ ته ٻيو ڇا؟

سجدي جي آرزو ۾ سر نقشِ پا کي ڳولي.

 

رحمت کي ڪير چوندو رحمت، بروز محشر،

يارب اگر نه رحمت، لهندي خطا کي ڳولي.

 

هٺ هوڏ ۽ وڏائي وارا مري فنا ٿيا،

”مُوتُو“ مري چڪا جي، سي ويا بقا کي ڳولي.

 

اک، اک نه آ، نه جيڪا لختِ جگر کي چيري،

دل، دل نه آ، نه جيڪا تيرِ قضا کي ڳولي.

 

ڪنهن کي خدا جو غم آ، ڪنهن کي صنم جو غم آ،

هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.

 

”مدهوش“ ڀي چريو آ، سمجهايو هن چرئي کي،

دل جي ڳلِي کان ٻاهر ٿو دلربا کي ڳولي.

جا جدائيءَ جي گهڙي آهي سڄڻ،

سا گهڙي گويا صدي آهي سڄڻ.

 

هيءَ رواجي آشنائي ڪين آ،

پر ازل جي دوستي آهي سڄڻ.

 

تون ته تون، پر مان به تون، باقي اڃا،

درميان ڇا جي وِٿي آهي سڄڻ.

 

اڄ سُڀان جي آسري ٽاري نه ڇڏ،

آرزو ئي ٿورڙي آهي سڄڻ.

 

حسن آڏو عشق کي سجدو ڪرڻ،

هر طرح سان لازمي آهي سڄڻ،

 

دانا دانا ڀي ديوانا ٿي چُڪا،

هڪ نه منهنجي دل چري آهي سڄڻ.

 

ليڙون ليڙون دل جي دامن کي ڪري،

دل نه ڪنهن جي ماپبي آهي سڄڻ.

 

هيءُ هجي يا هوُ هجي،سڀ ڪنهن اڳيان،

پنهنجي پنهنجي آرسي آهي سڄڻ.

 

جي نباهڻ جي نه هوندي آ ته مُور،

ڪين دل هِرکائبي آهي سڄڻ.

 

توکي آهي پئي لڳي سينگار جي،

مون کي پنهنجي ساهه جي آهي سڄڻ.

 

خير خواهه سمجهي نه ڪنهن سان حال اور،

ڳالهه ڪنهن وٽ ڪا رَهي آهي سڄڻ.

 

هوش ۾ ”مدهوش“ واپس ڪيئن اچي،

چوٽ ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ.

 

هيڏي رنگين جهان ۾ آ مسرت نه ملي،

جي ملي آ ته ڪڏهن حسبِ ضرروت نه ملي.

 

منهنجي هن پاڪ محبت جو خدا خير ڪري،

ڪهڙي پرواهه زماني ۾، جي عزت نه ملي.

 

هر ستم کي مون ڪرم سمجهو، فرشتن کان پڇو،

منهنجي هُن شوخ کي، ڪڏهن به شڪايت نه ملي.

 

بدنصيبي ته ڏسو  ايڏي حياتيءَ ۾ مون کي،

ڪا گهڙي پل به ڪڏهن درد کان فرصت نه ملي.

 

آهي دنيا جي پرستار کي ڇا ڇا نه مليو،

”زر ملي، زور مليو، درد جي دولت نه ملي.“

 

مون چيو دل ۾ ته دلبر جي اڳيان حال ڪبو،

پر اڳيان هُن جي مون کي حرف جي مهلت نه ملي.

 

هن ڪيو اهڙو ته قابو، زلفن سان ونگي،

تِر برابر به آ تڙپڻ جي اجازت نه ملي.

 

آهي ”مدهوش“ انهيءَ ڪاڻ فقط موت ڀلو،

جنهن کي محبوب کان خيراتِ محبت نه ملي.

 

 

ڪيا ناز مون سان سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا،

ڪريان ياد پرچڻ رُسڻ ڪهڙا ڪهڙا.

 

محبت ۾ ڇا ڇا ڏنوسين وتوسين،

سنڀاليان کٽڻ، هارجڻ ڪهڙا ڪهڙا.

 

پرين جايون جوڙيون اکين ۾ ۽ دل ۾،

اُجاريان سنواريان اڱڻ ڪهڙا ڪهڙا.

 

محبت جي مچ کي دُکائي دُکائي،

پگهاري ڇڏياسين پهڻ ڪهڙا ڪهڙا.

 

وڻي خوب مصرع هي ناظم جي مون کي،

”حياتي لنگهي وئي پتڻ ڪهڙا ڪهڙا.“

 

جين ٿا جهان ۾ ڪي ”مدهوش“ جهڙا،

مٺا مور ماڻهو مکڻ ڪهڙا ڪهڙا.

 

خبر و حشتِ دل جي ”مدهوش“ کان پُڇ،

ڏنا ڇال دل جي هَرڻ ڪهڙا ڪهڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org