غــــزل
دلبر سندي ديدار ۾، اسرار ئي اسرار آ،
وَهه جو اکين ۾ عشق جو، اظهار ئي اظهار آ.
سرُمي سندي سينگار ۾، ڪاري ڪجل جي ڌار ۾،
رُخسار جلويدار ۾، جنسار ئي جنسار آ.
هن حسن جي بازار ۾، واپار جي گفتار ۾،
وهنوار ۾ ويچار ۾، دلدار ئي دلدار آ.
ڇو بحر و بر ۾ دربدر، ڀَٽڪي مرين ٿو بي خبر،
پنهنجي اندر ۾ ڌر نظر، ديدار ئي ديدار آ.
سهڻي سڄڻ واري اچڻ، واسي ڇڏيو سارو اڱڻ،
دل جي درو ديوار ۾، هُٻڪار ئي هٻڪار آ.
محبوب جي ڪنهن سان ملي، ڪنهن سان ملي خوش ٿي کلي،
سنسار جي درڪار ٻي، بيڪار ئي بيڪار آ.
”مدهوش“ ٿيو مدهوش آ، ويتر وصالِ يار ۾،
پر ڌار گهارڻ يار کان، آزار ئي آزار آ.
خودي کائي فنا في الله ٿي پَئو،
انهيءَ کان پو بقا باالله ٿي پَئو.
سڄڻ پنهنجو سدا موجود سمجهي،
حقيقت حال کان آگاهه ٿي پَئو.
اڳيان هُن جي وڃائي پاڻ پنهنجو،
هميشه واسطي ويساهه ٿي پَئو.
نڪي تون ڪُنڇ، نڪي تون پُڇ، نڪي لُڇ،
پچي پنهنجي اندر ۾ پاهه ٿي پَئو.
ڦُڙي جي حيثيت ڪائي به ڪانهي،
ملي درياهه سان درياهه ٿي پَئو.
نه هن رنگين جڳ تي موهجي رَههُ،
گرفتِ غير کان، گُمراهه ٿي پَئو.
سوا سڪ جي نه ساٿي راهه ۾ کڻ،
تون پنهنجو پاڻ خود همراهه ٿي پَئو.
اڇو اُجرو ڪري ”مدهوش“ دل کي،
محبت جو مُنور ماههُ ٿي پَئو.
رَوش موجب اسان کان دائما تقصير ٿيندي آ،
و ليڪن رحمتِ يزدان اچي اڪسير ٿيندي آ.
خطا پوشن کان هر دم بخششِ تقصير ٿيندي آ،
اِها رسمِ نوازش لائقِ تشهِير ٿيندي آ.
جهان وارن جي محنت، تابعِ تدبير ٿيندي آ،
خدا وارن جي محنت، حاصلِ تقدير ٿيندي آ.
ويچارن عاشقن جي رائگان تدبير ٿيندي آ،
جڏهن سامهون اچي معشوق جي تصوير ٿيندي آ.
حقارت جي نظر سان عشق وارن کي نه ڏس هرگز،
بدولت عشق جي خود حسن جي تعمير ٿيندي آ.
زبان سان لفظِ ”بسم الله“ پڙهي قاتل ڪُهي جنهنکي،
دوبالا زندگي اُن جي، دمِ تڪبير ٿيندي آ.
اها طرزِ خمِ ڪاڪل، اها آرائشِ گيسُو،
گرفتارِ محبت محبت واسطي زنجير ٿيندي آ.
حسينن جو وڌي ٿو حسن، عاشق جي نگاهن سان،
مگر عاشق جي اُلٽو زرد تر تصوير ٿيندي آ.
هواس و هوش غائب، عقل گم ٿي آهي ويندو، پر،
مٺي محبوب آڏو خوش دلِ دلگير ٿيندي آ.
جنون انگيز لهجي ۾ چيو مدهوش مُفتيءَ کي،
خلافِ عشق فتويٰ، قابلِ تعزير ٿيندي آ.
غزل پنهنجا پڙهي ”مدهوش“ دل بهلائيندو آهي،
جڏهن تنهنجي اچڻ ۾ دلرپا تاخير ٿيندي آ.
مان ڪري ويٺس خطا، تنهنجي عطا جي آسري،
دامنِ شفقت ۽ رحمت جي هوا جي آسري.
ڪجهه دوا جي آسري ۽ ڪجهه دُعا جي آسري،
درد کي آيُس کڻي درد آشنا جي آسري.
زهد و تقويٰ جي، نه ڪي ڪنهن پارسا جي آسري،
هي گُنهگار آهه دلبر تنهنجي ها جي آسري.
مان رڳو سائل نه آهيان، تنهنجي در جو اي سخي،
جڳ گداگر ٿو رهي تنهنجي سخا جي آسري.
ڀروَسو ان تي ڀلا ڪهڙو ڪري ڪهڙو ڪريان،
قافلو لُٽجي وڃي، جنهن رهنما جي آسري.
وقت جي طوفان سامهون، عزم جو سندرو ٻڌي،
سير ۾ ٻيڙو ڇڏي ڏيان ٿو خدا جي آسري.
مُدتن کان ڪاروان منزل تي پهچي آ چُڪو،
تون اڃا راهن تي ويٺو آهين ڇا جي آسري.
تو ته ڏاڍي آ ڪئي، پر لوڪ آڏو ڪيئن چوان،
”رات ساري مون گذاري بي وفا جي آسري“.
ڄاڻ آيو ڄاڻ آيو، جا دلاسا دل کي ڏئِي،
”رات ساري مون گذاري بي وفا جي آسري“.
شيخ کي پنهنجي مڳيءَ تي ناز آ ”مدهوش“ پر،
آءٌ آهيان شافعِ روزِ جزا جي آسري.
شاعر هُجي ته پيار جو پيغامبر هجي،
پيشِ نظر نه جنهن جي اگر ۽ مگر هجي.
مُرشد هجي ته فيض ڀريو فيضورَ هجي،
جنهن جو ڪرم ڪثير، ڪريمي ڪثر هجي.
عالم هجي ته اُن ۾ عمل جو اکر هجي،
سهڻي صلاحيت جو وِهايل وکر هجي.
رهبر هجي ته رُوحِ روان راهبر هجي،
منزل جو آشنا هجي، خضرِ سفر هجي.
افسر هجي ته سَهوَ ڪندو درگذر هجي،
جنهن جي عنايتن جو کُليل خاص در هجي.
قاضي هجي ته داد سندو دادگر هجي،
انصاف جو امين، امانت جو گهر هجي.
ليڊر هجي ته ملڪ جو ڪو معتبر هجي،
جنهن جو عمل عظيم هجي، پُر اثر هجي.
حاڪم هجي ته اهڙو مڪمل بشر هجي،
خوش خُلق، نيڪ نام هجي، ناموَر هجي.
قاصد هجي ته گفتگو جو ڪارگر هجي،
جنهن جي زبان صاف سڌي سربسر هجي.
پورهيت هجي ته ماهرِ فن، باهُنر هجي،
مشغُول پنهنجي هاجَ ۾ شام و سحر هجي.
سائل هجي ته، سائلِ دولت نه زر هجي،
پنهنجي خدا جي در جو گداگر مگر هجي.
سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي،
پنهجي خبر هجي، نڪي ٻئي جي خبر هجي.
چاهيان اهو نٿو ته ڪو جنت ۾ گهر هجي،
دلبر جو در هجي ۽ سندس در تي سر هجي.
هاريو کٽيو نه آهه محبت ۾ ساربو،
مون کي لڳي ڀلي ڪَس توڏي ڪثر هجي.
هرگز نٿي ڪڏهن به محبت لڪي سگهي،
ڪيڏو کڻي حجاب هجي يا حَذر هجي.
ٻيو ڪجهه هُجي هُجي، نه هجي راهه عشق ۾،
پر جي هجي، فقط غمِ دلبر ثمر هجي.
ڪوئي بغير عشق جي پهچي نٿو سگهي،
توڙي مفاصلو ئي کڻي مختصر هجي.
ساقي نگاهِ مست هجي، رند ڀي هُجن،
محفل ۾ مئي ڪشي جو مزو رات ڀر هجي.
بيشڪ ڏجي انهيءَ کي ”مدهوش“ دل کڻي،
جنهن جي نگاهِ ناز ۾ ڪوئي اثر هجي.
مرُڪي ڏسي ته بزم سڄي مبتلا ڪري،
شوخي ادا ڪري ته قيامت بپا ڪري.
نَهه نَهه ڪري، اُتيئي يڪدم ٿو ها ڪري،
ماري وجهي ٿو دلبر نازو ادا ڪري.
حاسد ڪري ڪري به ڀلا نيٺ ڇا ڪري،
ڪم هن جو آ گِلا سو ڀلي پيو گلا ڪري.
ناحق گهڙي گهڙي ٿو وٺي محتسب سان،
مئي هوش ۾ پيان ته بلاشڪ پُڇا ڪري.
هو آ خدا پرست ۽ مان بُت پرست هان،
جنت ڏسون ته ڪنهن کي خدا ٿو عطا ڪري.
دل ۾ صنم صنم، ۽ زبان تي خدا خدا،
مسجد مان شيخ نڪتو خدا سان دغا ڪري.
دستار ڳهه رکي ٿو، پئي شيخ ڀي شراب،
خانو خراب ڪنهن جو نه اهڙو خدا ڪري.
بيشڪ غمِ جهان کان آزاد ٿو رهي،
جنهن کي اسير يار جو زلفِ دوتا ڪري.
ترڇي نظر سان طائر دل ٿو ڪري شڪار،
صياد پنهنجو تير، ڀلا ڇو قضا ڪري.
بيتاب هجر ۾ ۽ پريشان وصل ۾،
”مدهوش“ اهڙي دل کي ٻڌايو ته ڇا ڪري؟
پيار جي منزل ۾ پُوري انتها پيدا ڪجي،
انتها کان پوءِ وري ٻي ابتدا پيدا ڪجي.
بي بقا جڳ ۾ رهي پنهنجي بقا پيدا ڪجي،
ڪارنامو ڪو ته اهڙو لافنا پيدا ڪجي.
زندگي جي ڪشمڪش ۾ دل نه هاري ويهجي،
حوصلو غم جي سهڻ جو بارها پيدا ڪجي.
واٽ اهڙي ڪائي وٺجي، يار پنهنجو ٿي وڃي،
غير سان اٽڪي اجايو ڇو گلا پيدا ڪجي.
يا نظر سان پاڻ مرجي، يا نظر سان مارجي،
زندگي ۾ زندگي
جي ڳالهه ڪا پيدا ڪجي.
بارگاهِ ايزدي ۾ پيش رکجي التجا،
پر دعا کان اڳ ۾ تاثيرِ دعا پيدا ڪجي.
سر کي قدمن تي جهڪڻ جي جيڪڏهن ٿئي آرزو،
ڪنهن نموني ڳولي ڦولي نقش پا پيدا ڪجي.
منزلِ مقصود پيرن کي چميون ڏيندي، اگر،
پاڻ ۾ خود اعتمادي جي فضا پيدا ڪجي.
هو سراپا شفقتون ئي شفقتون آهي، مگر،
شفقتن جي لاءِ دستِ التجا پيدا ڪجي.
جيڪڏهن ”مدهوش“ ڪنهن سان پيچ دل جو پائجي،
پهريائين دل ۾ احساسِ وفا پيدا ڪجي.
بچائڻ پاڻ مشڪل آ، نظر جي وار جي ويجهو،
عجيبن جي انهن ويڙهين اکين جي آر جي ويجهو.
وڌايان پنهنجا هٿ، هن جي گلابي ڳل ڏي جيڪر،
مگر واسينگ ڪارا ٿا لُڏن رخسار جي ويجهو.
هلايئون کوڙ حيلا، پر ڏنگائي ڏور کان ويٺا،
سپيرن جا کُتا پيرا نه اهڙي مار جي ويجهو.
گهڻو ئي پاڻ سينگاري اچن حورون بهشتن جون،
مگر سڀ هيچ پيون لڳنديون سندس رخسار جي ويجهو.
حجابِ عشق جو هُن تي اثر اهڙو رهيو آخر،
عيادت واسطي آيو نه هوُ بيمار جي ويجهو.
سمورن خوش نصيبن کان، ڀلو سو ڀاڳ وارو آ،
رهي ٿو روز شب جيڪو ديارِ يار جي ويجهو.
جو اُڀريو آ لهي سو نيٺ ويندو قصر تنهنجي تان،
نه ايندو پوءِ ڪوئي سائهء ديوار جي ويجهو.
لحد ۾ حضرتِ شرسار اڄ ڀي هيئن پڪاري ٿو،
”دلِ بيتاب گستاخي نه ڪر ڪا يار جي ويجهو.“
اگر اي دوستو تڙپي مري ”مدهوش“ فرقت ۾،
خدارا پُورجو نيئي درِ دلدار جي ويجهو.
وڃي ڪر حال اي قاصد مٺي منٺار جي ويجهو،
ته ٿي ڀيڙو اچي اڄ عاشقِ لاچار جي ويجهو.
آسان متان سمجهو تڪبير محبت جي،
مهميز جهليندا ڪي مهمير محبت جي.
ڪجهه رنگ رياضت سان، ڪجهه ڪلڪِ تصور سان،
شب روز چٽيان ويٺو تصوير محبت جي.
آ هُن کي ڪڍان ٻاهر هِن هُن جي اڳيان ليڪن،
ڦٿڪڻ به نٿي بخشي زنجير محبت جي.
قدمن ۾ اچي هُن جي پيو ڪنڌُ ڪِري منهنجو،
اهڙي ته وهي ويئي شمشير محبت جي.
جيئن جيئن ٿو ڪري دشمن تجويز ڦٽائڻ جي،
تيئن تيئن ٿي رهي ٿيندي تعمير محبت جي.
رُخسار هجن توڙي، چپ، وات، اکيون ۽ نڪ،
چهرو ئي سڄو آهي تحرير محبت جي.
هو ڪنڌ کي ڌوڻو ڏئي، نهڪر ٿو ڪري تاهم،
زلفن مان اچي ٿي پئي ڄڻ هير محبت جي.
”مدهوش“ انهيءَ دل جي اميد ڏٺم روشن،
جنهن دل جي مٿان آهي تنوير محبت جي.
ابتدا توکي چوان يا انتها توکي چوان،
جو چوين سو بارها منهنجا مٺا توکي چوان.
گل چوان، گل رخ چوان، گل بُو چوان يا گلبدن،
تون ئي چئه رشڪِ گلستان ڇا ڀلا توکي چوان.
جانِ جان، جانان چوان، يا جانِ من توکي چوان،
دل چوان، دلبر چوان يا دلربا توکي چوان.
دلر جگر تون، ساههُ سر تون، چين تون، آرام تون،
تون ئي چئه جانِ تمنا، ڇا نه ڇا توکي چوان.
مان سراپا عشق آهيان، تون سراپا حُسن آن،
لازمي آ پيڪرِ نازو ادا توکي چوان.
ٿورڙي ئي تنهنجي مُرڪڻ چوطرف چانڊاڻ ڪئي،
ڪهڪشان توکي چوان يا مهلقا توکي چوان.
پاڻ کي ”مدهوش“ سمجهڻ ڳالهه ناهي ڪا وڏي،
”پر وڏي ويچار ۾ آهيان ته ڇا توکي چوان“.
جانِ غزل جي چشمِ غزالان جي ڳالهه ڪر،
ڪيفِ نظر جي شربتِ عرفان جي ڳالهه ڪر.
دلبر هلي ته نازو خرامان جي ڳالهه ڪر،
بيهي رهي ته سروِ گلستان جي ڳالهه ڪر.
پردو کڻي ته نيرِ تابان جي ڳالهه ڪر،
ٿورو کلي ته صبحِ درخشان جي ڳالهه ڪر.
مهمان ٿي اچي ته بزمِ چراغان جي ڳالهه ڪر،
هن جي قدم قدم تي گل افشان جي ڳالهه ڪر.
گذري وڃي ته حسرت و ارمان جي ڳالهه ڪر،
ترسي پوي ته عيدِ فروزان جي ڳالهه ڪر.
پهريائين هُن جي ناوڪِ مزگان جي ڳالهه ڪر،
۽ پوءِ منهنجي هن دلِ نادان جي ڳالهه ڪر.
جنهن جڳ سڄي کي عشق ۾ مجنون ڪري ڇڏيو،
اُن خوبرو جي زلفِ پريشان جي ڳالهه ڪر.
ڪافر ادا جي ڳل تي جو خال آهه، تنهن،
توبھ شڪن ۽ دشمنِ ايمان جي ڳالهه ڪر.
دلبر جي لعل لب جو ڪرين ذڪر ٿو اگر،
تشبيـھ طور لعلِ بدخشان جي ڳالهه ڪر.
گل قند نبات مثل وات ٿو لڳي،
شيرين زبان جي لطفِ نمايان جي ڳالهه ڪر.
حيران ٿي نه حُسنِ خداداد کي ڏسي،
اي ديندار! قدرتِ يزدان جي ڳالهه ڪر.
مذهب جي ڇيڙڇاڙ وڃي ڪنهن ٻئي سان ڪر،
”مون سان ڪرين ته عظمتِ انسان جي ڳالهه ڪر.“
کولي ٻڌاءِ ڪوثر و تسنيم جو بيان.
ساقي جي، مئي جي، صحبتِ رندان جي ڳالهه ڪر.
حورو قصورو خلدِ برين ڪير ٿو گهُري،
جنت جي ڳالهه ڇڏ، درِ جانان جي ڳالهه ڪر.
”مدهوش“ پيچ پائي، محبت جو يار سان،
”تون تون“ جي ڳالهه ڪر نڪي ”مان مان“ جي ڳالهه ڪر.
حياتي ريت اهڙي حسرتن ۾ آزمائي وئي،
هٿن ۾ ڄڻ ته ڪا شيءِ ڏئي، وري واپس ورائي وئي.
مسيحائي جي خاطر ديد ديدُن سان ملائي وئي،
مگر يارو! ڏکايل زندگي ويتر ڏکائي وئي.
سڄڻ جنهن کان ڦِريو، تنهن جي ڪمائي ڄڻ ته آئي وئي،
سڄڻ ٿيو جنهن جي پاسي، تنهن جي پاسي ٿي خدائي وئي.
ڪيو قتلام هُن تاهم، چيو ڪجهه ڀي نه ڪنهن هُن کي،
اسان کان آههَ مس نڪتي ته واويلا مچائي وئي.
عقيدت مان، اوهان جي شهر کي ڪعبو مڃيوسين، پر،
چريو سمجهي، اسان تي شهر جي خلقت کِلائي وئي.
متان مُرڪون پسي لب تي، ائين سمجهو ته هيءُ خوش آ،
غمن کي دل ۾ دفنائي، خوشي آهي ملهائي وئي.
اڱڻ منهنجي تي هو مهمان ٿي آيو ته ڇا آيو،
نه اظهارِ تمنا ٿيو نه محفل ئي رچائي وئي.
اسان ماڻيون ته آخر عشق جو معراج ڪيئن ماڻيون؟
اسان مان عظمتِ انسانيت جي آشنائي وئي.
زمانو ناهه بي قدرو، زماني جي حسينن مان،
ادا وئي، دلڪشي وئي، دلبري وئي، دلربائي وئي.
نه مجبورن تي هيئن الزام هرجائي هُجڻ جا هَڻ،
جِبين دَر دَر تي تنهنجي ئي ڪري آهي جهڪائي وئي.
چيو مرجهائجڻ کان پوءِ گلن پنهنجي مقدر کي،
”ٽڙياسين گلشنِ صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي“.
اڙي ”مدهوش“ ڪيڏو خوش نصيب آهين، جو دلبر جو،
ديوانو چئي، سڄي دنيا تماشائي بنائي وئي.
هر وقت منهنجو يار جي چانئٺ سار سر ملي،
درجو ملي ته بندگيءَ ۾ ڪارگر ملي.
ڀل شيخ خوش نصيب کي جنت ۾ گهر ملي،
اي ڪاش مون غريب کي دلبر جو در ملي.
نابين ناهيان جو مون کي راهبر ملي،
يارو ملي ته عزم فقط همسفر ملي.
ذوقِ قصد سليم ۽ دل پخته تر ملي،
جيڪو خوشي سان چوٽ سهي، سو جگر ملي.
بي انت بي حساب نه دولت نه زر ملي،
ٻيو ڪجهه ملي ملي نه ملي هو مگر ملي.
مئي خاني جو قسم ته بلانوش رند کي،
مئي جي ڪري ٿي وسعتِ فڪر و نظر ملي.
بيشڪ شهر جو محتسب مون کان وٺي حساب،
بدمست مئي گسار کي مئي رات ڀر ملي.
صد شڪر راهِ عشق ۾ تنها نه آهيان،
تنهنجو غمِ عزيز ٿو شام و سحر ملي.
دلبر ته بي نقاب ئي سامهون ملي ويو،
باقي حذر وڃي ته نظر سان نظر ملي.
ان جي ستمگري کي ستم آ چوڻ غلط،
جنهن جي جفا ۾ لطفِ وفا سربسر ملي.
هر هڪ حڪيم آهه ڇڏيو لادوا ڪري،
ڪنهن کان دواءِ درد نٿي ڪارگر ملي.
صد احترام سان تون وٺي آ جوابِ خط،
جهڙو به توکي يار کان اي مامھ بر ملي.
ڳوليان وڃي ٿو شهرِ وفا جي ڳلي ڳلي،
هن بي وفا نگر ۾ نٿو شيشه گر ملي.
”مدهوش“ کي نه مسجد و مندر ۾ ڳوليو،
شايد حريم، حسن ۾ آشفته سر ملي.
ويهي بُتن جي آڏو يادِ خدا ڪري ڪو،
هِن حال ۾ خدا جو سجدو ادا ڪري ڪو.
برقِ جمال ڪنهن آ ڏئي ڇڏي بُتن کي،
اي ڪاش هر جڳهه تي اُن جي پڇا ڪري ڪو.
روزِ جزا کِلي ڏئي خود رحمت خدا ڀي،
اهڙو گـُنـهه ڪري ڪو، اهڙي خطا ڪري ڪو.
ڪنهن کي مجال ناهي هُن فتنه ساز وانگر،
محشر کان اڳ هتيئي محشر بپا ڪري ڪو.
مقتل ۾ رقص بسمل قاتل ڏسي چيو هيئن،
منهنجي قبول عاشق اهڙي سزا ڪري ڪو.
آيل قضا نِگهه سان، بيشڪ قضا ٿئي ٿي،
ليڪن انهيءَ ادا سان شوخي ادا ڪري ڪو.
زر مال جاه و دولت آسان آ لُٽائڻ،
راهِ خدا ۾ ليڪن سر جي سخا ڪري ڪو.
الله جو فقط گهر ڪعبو نه آههِ زاهد!
ويندو ملي هتيئي، گر کوجنا ڪري ڪو.
”مدهوش“ ناز نخرا سڀ لاجواب آهن.
هن پيڪر وفا جي ڪهڙي ثنا ڪري ڪو.
مٺا منهنجي تمنا تون، طلب ۽ تارَ تُون تُون تُون،
سوا تنهنجي نه آ آرام، اي منٺار مون مون مون.
برن ۾ بات آ تنهنجي، جهنگل ۾ جهات آ تنهنجي،
چمن ۾ ٿا چتون چهڪار ڪن، چوڌار چُون چُون چُون.
سندءِ ڳولا آ ڳوٺن ۾، پچارون پاڪ پوٺن ۾،
رڻن ۾ ڪن رهاڻيون تو سنديون، ريڍار رُون رُون رُون.
لڳن جهولا تپي ڌرتي، توڙي سردي پوي سڙڪي،
هلي پئي هوت تنهنجي ڪاڻ، هي هونگار هُون هُون هُون.
حياتي آهه حيرت ۾، هميشه هن ئي حسرت ۾،
ڏهاڙا ڏيهه ڏورڻ جا، ڏنئه ڏاتار ڏُون ڏُون ڏُون.
رهي ”مدهوش“ ٿو ماندو، ملڻ جي ڪاڻ هيڪاندو،
جڏهن سانوڻ ۾ ٿي ڪويل ڪري ڪوڪار ڪُون ڪُون ڪُون.
بنايو توکي آهه پرور لذيذ،
مٿي هيٺ سارو سراسر لذيذ.
چمان چاهه مان ڇو نه هرهر عجيب،
ٻئي تنهنجا چپ، آبِ ڪوثر لذيذ.
مٺا مُرڪ هڪڙي سان موهي وجهين ٿو،
کلڻ تنهنجو اهڙو آ دلبر لذيذ.
جهڪائي اکين کي جا نهه نهه ڪرين ٿو،
لڳي ٿي نماڻي سا نهڪر لذيذ.
وجهي گهنڊ ڪاوڙ ٿو فرمائين جنهن دم،
لڳين ٿو اڃا ڀي تون ويتر لذيذ.
ڏيان تنهنجي وارن جي تشبيهه ڪنهن سان؟
سندءِ زلف جو آهه وَر وَر لذيذ.
ايامن کان آهيان مان اهڙو اڃايل،
پيارج محبت جو ساغر لذيذ.
نه ”مدهوش“ سان ڪر وڃڻ جون هي وايون،
ويهي يار ڳالهيون ٻه ٽي ڪر لذيذ.
ڪٿيان ڪهڙي سڄڻ جي مهرباني،
مٺي ماڻهو، مکڻ جي مهرباني.
ادائن سان رُسڻ جي مهرباني،
رُسي پرچي پَوَڻ جي مهرباني.
ويندي ويندي مٺا گردن ورائي،
وري ٻيهر ڏسڻ جي مهرباني.
کڻي نظرون جهڪائڻ جي عنايت،
کِلي شرمائجڻ جي مهرباني.
ادا سان وات ۾ آڱر دٻائي،
”الا اُف اُف“ چوڻ جي مهرباني.
مليو بخشش ۾ گويا آبِ ڪوثر،
انهيءَ مُرڪي ملڻ جي مهرباني.
پراوَن جيئن ڌڪارڻ جي نوازش،
وري پنهنجو ڪرڻ جي مهرباني.
اٻوجهن جي لڌائن سار پهچي،
ڳُڻن واري جي ڳڻ جي مهرباني.
گره واتان ڪريو، اک ڀي ڦَرِي پئي،
سدوري هِن سَوَڻ جي مهرباني.
اگر لاهي ته ڪيئن ”مدهوش“ لاهي،
اِها قدمن ڀرڻ جي مهرباني.
ابتداءِ عشق جي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر،
ڪيئن اسان جي دل لڳي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
هڪ ٻئي جي ساٿ جي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر،
اي سندم ديوانگي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
جا به ٿي، جيڪا به ٿي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر،
تو ڪئي توکي ڦٻي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
حال دل جو دلربا، ڪنهن کي ٻڌايان تون ئي چئه،
سُور منهنجي جي سڄي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
ٿي متان تنهنجي پوي رسوائي سهڻا تنهن ڪري،
دل جي دل ۾ ئي رهي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
تون جدا مون کان ۽ مان توکان، ٻنهي جي هجر ۾،
ڪيئن ٿي گذري زندگي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
هِن اڳيان يا هُن اڳيان ڇا لئه ڀلا وا وا ڪجي،
ڳالهه هيءَ ناهي ڪبي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
وقت جي سمجهي رَوِش، مون پنهنجي دل کي هيئن چيو،
”ماٺ ڪر اي دل چري، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.“
وئي قيامت سر مٿان گذري، تڏهن ڀي ڳالهه ڪا،
وائکي مون کان نه ٿي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
ڪنهن چيو ”مدهوش“ آهي، ڪنهن چيو آهي چريو،
ڳالهه ڪيئن آهي سهي، هڪ توکي ٻي مون کي خبر.
ڪيڏو کڻي به عشق ۾ نقصان ٿي پوي،
ليڪن اي دوست ڪائي خبر ڪا نه ٿي پوي.
هن جي اچڻ جو جيڪڏهن احسان ٿي پوي،
منهنجي بچڻ جو ڇو نه پوءِ امڪان ٿي پوي.
هڪ رات لاءِ يار جي مهمان ٿي پوي،
بيمار دل جي درد جو درمان ٿي پوي.
پيرا ڀري اچڻ جي عنايت اگر ڪري،
معطر سڄوئي دامنِ ايوان ٿي پوي.
دلبر جي تِر جون ڪهڙيون ٻُڌايان ڪرامتون،
ڪافر ڪٽو ڏسي ته مسلمان ٿي پوي.
والله هُن جي مصحفِ رُخسار کي ڏسي،
تازو توانو روز ٿو ايمان ٿي پوي.
شوخي ادا ڪري ته تباهيون مچي وڃن،
مُرڪي ڏسي ته موت به آسان ٿي پوي.
جنهن لاءِ هُن جا زلف پريشان ٿا رهن،
سو هُن جي لاءِ ڇو نه پريشان ٿي پوي.
ڪوئي شفاف ديد ادب سان کڻي ڏسي،
صورت سڄڻ جي، صورتِ قران ٿي پوي.
پهري قباءِ عشق نه ”مدهوش“ لاهجي،
توڙي هزار چاڪ گريبان ٿي پوي. |