توکي خيال رهندو جي بار بار منهنجو،
ٿي شاندار پوندو جڳ ۾ وقار منهنجو.
قخّشين ته هڪ نظر سان بخشي سگهين ٿو بيشڪ،
آرام، چين، فرحت، راحت، قرار منهنجو.
ٻيا در ڇڏي، وسايو در تنهنجو هن ڪري مون،
دنيا ۾ ڪير ڪونهي ٻيو غمگسار منهنجو.
ايڏانهن ايندي ويندي جي دم ٽٽو ته ڇاهي،
رهندو هي ڪارنامو ٿي يادگار منهنجو.
ناصح! نصيحتون سڀ تنهنجون درست ليڪن،
هرگز نٿو هلي دل تي اختيار منهنجو.
ڪوشش نه هوش جي ڪر، واپس وري نه ايندو،
مستن ۾ ڀل ڪري ڇڏ، هاڻي شمار منهنجو.
مهٽڻ لڳو هٿن کي اُن وقت ناز پرورَ،
جنهن وقت لاش آيو، سوءِ مزار منهنجو.
چرچن ۾ تو چيو هو “مدهوش“ تنهنجو آهيان،
هن قول تي يڪو ئي آ اعتبار منهنجو.
ليکو ڪريان ته ڪنهن سان ليکو ڪريان ڀلا مان،
آهي سدائين ارڏو دلدار يار منهنجو.
سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب،
اچي پنهنجن پراوَن کي ڦٽڻ ناهي مناسب.
حجاب آلود نظرن سان ڏسڻ ناهي مناسب،
اڳيان ڪنهن غير جي مرُڪڻ کلڻ ناهي مناسب.
ٿين ٿا ڪيترائي ايندي ويندي نيم بسمل،
اداوَ ناز سان ترِڇو تڪڻ ناهي مناسب.
سڄي محفل کي مقتل گاهه سمجهڻ ٺيڪ ناهي،
ڪُهي، ٻيهر وري اُن کي ڪُهڻ ناهي مناسب.
پراون ۾ ۽ پنهنجن ۾ رکڻ ڪجهه فرق گهرجي،
سڀن ڏي شوخ نظرن سان ڏسڻ ناهي مناسب.
ستايل غمزده، غمناڪ ڪوئي راهه ويندڙ،
مسافر مفت ۾ مارڻ سڄڻ ناهي مناسب.
الائي ڪيترا “مدهوش“ ٿيندا هڪ جهلڪ سان،
ائين سامهون اچي پردو کڻڻ ناهي مناسب.
تون هجين ۽ مان هجان، راتيون هجن،
بس نيازو ناز جون، باتيون هجن.
ساههَ سان سيتل هجين اهڙو سڄڻ،
لُونءَ لُونءَ ۾ تو سنديون لاتيون هجن.
دوبدو ديدون ملن، عيدون ٿين،
ڪاش، روزانو ملاقاتيون هجن.
ڌارجن اکڙيون ته اهڙيون ڌارجن،
جي سوا تنهنجي سڄڻ آتيون هجن.
عشق جي لطف و عنايت جي خبر،
پُڇ انهن کان جن دليون لاتيون هجن.
هڪ طرف “مدهوش“ مدهوشي هجي،
ٻئي طرف چوريءَ ڇپي جهاتيون هجن.
آيو بهار آيو، جهومو نچو ۽ ڳايو،
وڻ وڻ ڏيو واڌائي، گهر گهر اڱڻ سجايو.
گل ڦل کڙي ٽڙي پيا، ڀونرا مٿن مڙي پيا،
ڏک ٿاٻڙي ٿڙي پيا، پاسو سکن ورايو.
نغما خوشيءَ جا ڇيڙيو، من جي مراد ميڙيو،
سوغات هيءَ سهيڙيو، لايو ڪريو سجايو.
سرهيون ڦُلارجي ويون، خوشبو ۾ تار ٿي ويون،
دلڙيون بهار ٿي ويون، هٻڪار رنگ لايو.
اهل وطن سڀيئي، هٿڙا هٿن ۾ ڏيئي،
ننڍڙا وڏا هڙيئي، گڏجي خوشيون ملهايو.
رب جي وڏي ڀلائي، “مدهوش“ وئي برائي،
مٺڙي وٺي مٺائي، وارو ڪري ورهايو.
دلڙي دردن ماري وي،
آزارن آزاري وي.
پيار سندو اظهار ڪري،
تنهنجي خاطر سر تي سَٺم،
لونڙي اوهان سان لائي سڄڻ،
جهڙو تهڙو تنهنجو هان،
منٽن ۾ “مدهوش“ ڪيئي، |
ڪا نه ڪيئي پو واري وي.
لوڪ سڄي جي خواري وي.
پرکي ڏٺيسين ياري وي.
پنهنجي ڪريو سرداري وي.
ويئي مت هوشياري وي. |
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي،
لحظي، لحظي، دمبدم، بي موت ٿو مرڻو پوي.
برسرِ لب شڪوه بيداد ليڪن بزمَ ۾،
آ ادب مانع تڏهن خاموش ٿو رهڻو پوي.
تنهنجي حڪمن جي ڪبي تعميل دل سان هر گهڙي،
دلربا توڙي کڻي ڪنهن تار مان ترڻو پوي.
ڪشمڪش دست و گريبان جي ڏسي زاهد چيو،
”رات ڀر مئخاني ۾ مون کي به ٿو رهڻو پوي“.
چشمِ ساقي جي ڪرامت جو اثر “مدهوش“ ڏس،
بي خودي ۾ سر خمِ تسليم ٿو ڪرڻو پوي.
اڄ سوائي ڏي، سوائي ڏي، سوائي ساقي،
پنهنجي مينوش ٿي ڪر ڪائي ڀلائي ساقي.
تنهنجي نظرن ۾ بهشتن جا نظارا آهن،
هر اشاري ۾ سمايل آ خدائي ساقي.
اڄ سرِ بزم نه جهل پنهنجي عنايات جو هٿ،
ڏي اڃا ڏي، جي اٿم وات ۾ وائي ساقي.
حورِ فردوس نه گهرجي، نڪي جنت ئي کپي،
بس رڳو تنهنجي کپي جلوه نمائي ساقي.
تون اگر مست نگاهن سان پياريندين پيو،
زندگي ٿيندي اجائي به سجائي ساقي.
مئڪدي ۾ آ سڄي رات هليو پئمانو،
باقي “مدهوش“ رهيو تنهنجو گدائي ساقي.
هٿن پنهنجن سان هر هر ڏي ڀري اي دلربا ساغر،
اُڃايل کي سحر تائين پيارج پيار جا ساغر.
رهان ٿو غمزده، غمگين ۽ غمناڪ مان ڏاڍو،
ورائي ڏي، ورائي ڏي، ورائي غم ڪشا ساغر.
طفيلي دستِ نازڪ جي، مُهابي مست نظرن جي،
ڀري ڏي ڪوثر و تسنيم وارو بي بها ساغر.
سرِ محفل هنن سڀني جي گذري ٿي، مگر منهنجي،
رڳو هڪڙي گهڙي ساعت نٿي گذري سوا ساغر.
بلاشڪ محتسب ڏسندو رهي، پڇندو رهي ليڪن،
رهي “مدهوش“ کي شب روز ملندو بارها ساغر.
داستانِ عشق اهڙو داستان بنجي چڪو،
جنهن ٻڌو سو خود بخود آ بدگمان بنجي چڪو.
قطرو قطرو گڏجي ڳوڙها، نهر جي صورت بنيا،
وهندي وهندي نيٺ بحرِ بي ڪران بنجي چڪو.
آهيان تنهنجي ستم جو هر گهڙي ٿورائتو،
ڇو ته غم حد کان وڌي آرامِ جان بنجي چڪو.
ڪم نه آئي ڪنهن مسيحا جي مسيحائي مون کي،
ڪم سمورو هڪ نگاهِ مست کان بنجي چڪو.
ڪو ڪٿان ۽ ڪو ڪٿان منزل ڏي ايندو ٿي رهيو،
ريت اهڙي ايندي ايندي ڪاروان بنجي چڪو.
مان رڳو “مدهوش“ ناهيان جو ديوانو ٿو لڳان،
عشق ۾ آهي چريو سارو جهان بنجي چڪو.
کنيائين ناز مان مرڪي نظر آهسته آهسته،
وڌائي منهنجو گهائي هيءُ جگر آهسته آهسته.
حجابِ عشق هو مون کي، حيا حسن هو هُن کي،
مگر طرفين ٿيندو ويو اثر آهسته آهسته.
وڌي وئي دل جي ڌڙڪن ۽ ڪنبڻ ڇاتي لڳي هيڏانهن،
جڏهن هوڏانهن کليو درشن جو در آهسته آهسته.
شهيدِ ناز جي ميت مٿان ارمان مان بيهي،
اچي ويو نيٺ هُن کي ڀي پگهر آهسته آهسته.
هزارين تهمتون الزام آيا مون مٿان ليڪن،
سمورا سڀ ڪيا مون درگذر آهسته آهسته.
لڪايو مون گهڻو ئي پاڻ کي “مدهوش“ هو ليڪن،
سڄي دنيا کي پئجي وئي خبر آهسته آهسته.
سهي وڃجي، خوشيءَ سان دلربا دلدار جي ڪاوڙ،
“ اکڙين تي، رکي ڇڏجي مٺي منٺار جي ڪاوڙ.
دلِ نادان محبت ۾ رسڻ پرچڻ ته ڪم آهي،
وڏي دل سان سهڻ گهرجي سڄڻ سردار جي ڪاوڙ.
ڪري قتلام ڦٿڪائي وڌائين ته به نه نڪتي اُف،
خبر ناهي تڏهن ڀي ڇو رهي ٿي يار جي ڪاوڙ.
نه ڪنهن جو ٿا وٺون نالو، نه ڪنهن کي ٿا ڏُکايون ته به،
رهي ٿي عاشقن تي ڇو سڄي سنسار جي ڪاوڙ.
بوَقتِ مئي پرستي ناصحو! وڃجو ٽري آڏو،
مبادا جوش ۾ ايندي هجي سرشار جي ڪاوڙ.
سڃا آهيون، تڏهن ڀي شير آهيون وقت پنهنجي جا،
سهون “مدهوش“ ناجائز ڇو ڪنهن زردار جي ڪاوڙ.
سندءِ عشق راحت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
اها هڪ حقيقت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
ڏسي، هڪ دفعو جو، ٿئي صاف سوگهو،
اها ير ڪرامت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
ڪري زلف خم خم، ڪيئي قيد عالم،
مڪمل مهارت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
لبن تي تبسم بوقتِ تڪلم،
اداءِ محبت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
نگاهن ۾ تيزي، مثل خونريزي،
نشانِ شجاعت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
ڏهاڙي اشارا، نيارا نيارا،
محبت جي دعوت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
هيءَ “مدهوش“ تو در اچي روز هر هر،
اڃا يار الفت نه آهي ته ٻيو ڇا؟
خير خواه منهنجا سڀئي اهلِ گلشن ٿي پيا،
آرزوءِ گل ۾ ڪنڊا، زيبِ دامن ٿي پيا.
دشمنيءَ کي پردو ڏيندي نيٺ ٿيندا سڀ خوار،
دوستيءَ جو دم ڀريندي، جيڪي دشمن ٿي پيا.
التجا خاطر ٻه ٽي الفاظ هُن کي مون چيا،
فائدي بدران مگر سي رهندو تاوَن ٿي پيا.
غرق ٻيڙو ٿي وڃي ٿيندو ادب جو دوستو،
پارٽي بازي ۾ سوگها ماهرِ فن ٿي پيا.
هيءَ محبت ۽ مروت ٻئي سلامت شل هجن،
جن جي باعث ڪيترائي سينا روشن ٿي پيا.
هوش کان “مدهوش“ ويو ۽ غير ڀي ويو غرق ٿي،
دلربا جا دوبدو جنهن ويل درشن ٿي پيا.
نه ڪنهن سان عشق جو اظهار بهتر آ،
نه سمجهڻ غير کي غمخوار بهتر آ.
خيالِ گيسوئي دلدار بهتر آ،
جنونِ آرزوءِ دار بهتر آ.
لڳي ٿي قامتِ قابولي جي ڪج،
بناوت حسنِ قدِ يار بهتر آ.
مُشبهه ڏند هر هڪ سان نه موتي ڪر،
عدن جي دُرن کان گوهر بار بهتر آ.
ڇڏي ڏي نيم بسمل کي ته پيو تڙپي،
اي قاتل لذتِ آزار بهتر آ.
نه ڪر فردوس جون ڳالهيون ديوانن سان،
اُتان کان ڪوچهء دلدار بهتر آ.
رهڻ ڏي زخمِ دل اهڙي جو اهڙو،
نشانِ ناوڪِ خمدار بهتر آ.
هزارين يار مطلب جا ڪيا ڪاڏي،
مهل ۾ ڪم اچي سو يار بهتر آهي.
اجايا ورق اُٿلائڻ فضول آهن،
مطالعِ مصحفِ رُخسار بهتر آ.
پرائي ٻاجهه کان “مدهوش“ پنهنجن جو،
ستم جورو جفا، آزار بهتر آ.
ڏنو ساقي شرابِ ارغوان مون کي،
پيالن ۾ مليو ڪون و مڪان مون کي.
ڪندو ڇا زندگيءَ جو امتحان مون کي،
نصيب آ صحبتِ پيرِ مغان مون کي.
متاعِ دل نگاهِ ناز تان گهوريم،
عوض اُن جي مليا ٻيئي جهان مون کي.
غلط ناهي جو فرمايئي، مگر ناصح!
ٻڌڻ ڏي ميڪدي جي ڪجهه اذان مون کي.
گهران ٿو خير اُن هستيءَ جو، جنهن،
ڪيو آزاد هست و بود کان مون کي.
لبن تي جام ۽ ذڪرِ خدا دل ۾،
نظر ميڪش اچن ٿا، ڪجهه نوان مون کي.
سنڀاليان هوش ڪيئن “مدهوش“ محفل ۾،
ملي جو مئي نرالي ناز سان مون کي.
فنا پنهنجي ڪرڻ هستي بقا ناهي ته ٻيو ڇاهي،
اسان جي عشق جي هيءَ انتها ناهي ته ٻيو ڇاهي.
مٽائي نانءَ پنهنجو، مون ڪيو نالو بلند تنهنجو،
اڃا منهنجي سڄڻ توسان وفا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
نه جهل ناصح، ڀلي گذري حياتي بت پرستيءَ ۾،
صنم جي ياد ڀي يادِ خدا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
جتان گذرين، هزارين بت بنائي ٿو ڇڏين دلبر،
بتِ بي پير هيءَ ڪافر ادا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
وصالِ يار واري شب، اچي ٿئي موت ڀي وارد،
اها منهنجي مقدر جي خطا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
نظر جا تير غيرن ڏي ٿو اُڇلين روبرو منهنجي،
وڏي بي واجبي اي دلربا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
مسيحا بڻجي هو آيو ته واپس موت موٽي ويو،
اچڻ سان ٿيو قضا، تيرِ قضا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
ڪرين تيرِ نظر سان ٿو سوين “مدهوش“ مستانا،
نظر جادو ڀري تنهنجي ڀلا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
انهن ديدن ۾ هوندي آ محبت ڀي حقارت ڀي،
اتان معلوم ٿيندي آ عزازت ڀي عداوت ڀي.
عزيزو! عشق جون ڳالهيون ڪري ڪو ڪيئن سمجهائي،
اکين ۾ ئي لکيل آهي عبارت ڀي وضاحت ڀي.
ڄاڻي واڻي محبت ڪين آ ظاهر ڪري سگهبي،
کلي نظرن کان پوندي آ، حقيقت ڀي شهادت ڀي.
نگاهون دوست دشمن کي پري کان ئي سڃاڻن ٿيون،
انهن سان ئي ڪبي آهي حڪايت ڀي شڪايت ڀي.
اکيون موجود حق ٿيون ڪن، اکيون نابود تن ٿيون ڪن،
اکين ۾ ئي سمايل آ، فنايت ڀي بقايت ڀي.
اهو “مدهوش“ دنيا ۾ نه جي سڏبو ته ڇا سڏبو،
اکين سان جنهن مٿان ٿيندي مروت ڀي عنايت ڀي.
ساهه سوگهو سورهن ئي سينگار تنهنجا ويا ڪري،
دل کي ديوانو چريو ديدار تنهنجا ويا ڪري.
لب سٺا مرجان کان ۽ ڏند موتين کان وڌيڪ،
لال کي ليزم سڄڻ رُخسار تنهنجا ويا ڪري.
مون ڏٺو اهڙو نه هو وهنوار ۽ واپار ڪٿ،
جنهن نموني نيڻ ڪاروبار تنهنجا ويا ڪري.
قيد ۾ قابو ڪين ٿيو هوندو ڪڏهن قيدي ائين،
جيئن مفيد زلف خمخمدار تنهنجا ويا ڪري.
وارکائي ڪين ٿي، ٿيا وار وارن جي مٿان،
قهر ڪاريهر جان ڪيڏو وار تنهنجا ويا ڪري.
تو وڌي ايڏي ڦڪاوت تنهنڪري توکي خوار،
اي رقيبا روسيه پرڪار تنهنجا ويا ڪري.
تنهنجو ديوانو رڳو “مدهوش“ ناهي دلربا!
جڳ چريو جنسار جلويدار تنهنجا ويا ڪري.
سرِ بازار جيئن سامهون نظر جا وار ٿيندا ويا،
دلين جا دوبدو وهنوار ۽ ويچار ٿيندا ويا.
اشاري سان خردمندن جا دامن تار ٿيندا ويا،
مگر ديوانگي وارن جا ٻيڙا پار ٿيندا ويا.
ڏسو هيءَ ڪرشمو يارو! ايامن جا اُڃايل ڀي،
نگاهِ يار سان پيئندا صفا سرشار ٿيندا ويا.
چکي جن عشق جي سُرڪي، سي سارا ڪارگر ٿي پيا،
نه پيتو عشق جو جن جام، سي بيڪار ٿيندا ويا.
اهو پيرِ مغان جي فيض جو گهٽ ڪارنامو آ،
رڳو هڪڙي نظر سان عارفِ اسرار ٿيندا ويا.
توڪل ۽ يقينن جو جهلي دامن هلڻ وارا،
رهِ منزل کان اڻ واقف به واقفڪار ٿيندا ويا.
ڪرامت ناهه هيءَ ڪافي، رڳو دانشورن تائين،
مگر “مدهوش“ پارا ڪيترا هوشيار ٿيندا ويا.
ساري حياتي سورن ۾ گهاري،
مڃبو، جي پوءِ ڀي خوش ٿي ڏيکاري.
غم کي لڪائي ۽ مسڪرائي،
هن ريت ڪوئي کلندي گذاري.
ٿورو گهڻو جي جڳ ۾ جيان ٿو،
تنهنجي پناري، تنهنجي سهاري.
ثابت سلامت ڪيئن نيٺ رهجي،
جي عشق کاري ۽ سوز ڳاري.
تون ياد آهين ۽ ياد رهندين،
باقي ڇڏيو مون سڀ ڪجهه وساري.
ناهي رهي ڪا تو بن حياتي،
هلجي ته ڇا کي هلجي سڌاري.
جيڪو به تنهنجي نظر ۾ اٽڪيو،
هيڏي نه هوڏي سگهيو نهاري.
جڳ ۾ عظيم آ انسان سوئي،
جو پاڻ ماري، ٻئي کي جياري.
جنهن موت ماري ڇڏيو، انهيءَ کي،
“مدهوش“ سگهندو ڇا موت ماري.
اي هوشربا، اي ماهِ لقا، ڪجهه سوچ ذرا،
ائين ظلم نه ڪر، ڪجهه ڌيان به ڌر، تون نامِ خدا.
فرياد ٻڌي، بيداد نه ٿي، ڪجهه داد ته ڪر،
آباد هجين، شل شاد هجين، ڀل ياد نه ڪر،
پر منهنجي صدا، اي اهلِ جفا، ڪجهه ٻڌ ته ڀلا.
اي نازان پري، تنهنجي جلوه گري، ڪئي دل آ چري،
هيءَ تنهنجي نظر، جو ناهه اثر، ٻيو ڇاهي وري،
”من مست ڪري، پوءِ ڪر نه جدا، ايڏو نه ستاءِ“.
ائين پاس رهي، ڪو ناس ڪجي، ڇا دل جو چمن،
ڪجهه قياس ڪجي، احساس ڪجي، اي ڪعبه شڪن،
اي حورِ زمين، دستورِ وفا، اهو ناهه روا.
آواز غضب، انداز غضب ۽ ناز غضب،
گرفتار عجب، رفتار عجب، هر تار عجب،
پوءِ ڇو نه ڪيان، هر تنهنجي ادا تي جان فدا.
اي رشڪِ چمن، اي سيمي بدن، اي غنچه دَهن،
اهي زلف کلن، ڀل ڏنگ هڻن، يا ونگ وجهن،
“مدهوش“ کي آ، باذوق اها، منظور سزا.
ڏک ۾، سک ۾ توڙ نڀائي وينداسين،
ليڪن ڪنهن کي ڪين ميارون ڏينداسين.
تنهنجي خاطر شهر سڄو ئي ڪعبو سمجهي،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ وک وک سجدا ڏينداسين.
جستائين خير نه ڏيندين پاڻ اچي،
تنهنجي در تان مُور نه واپس ٿينداسين.
دل ۾ پختي تنهنجي اچڻ جي آس ڪري،
درشن ڪارڻ راهه تي ويهي رهنداسين.
هي مال مڏيون سڀ گهورَ ۾ گهوري،
نذراني ۾ ساهه ۽ سر به ڏينداسين.
هن دنيا ۾ جو دم جيئرا هونداسين،
تنهنجون ڳالهيون، تنهنجا ڳڻ ڳائينداسين.
تنهنجي سر جي خاطر ٿي “مدهوش“ اسان،
لوڪ سڄي جا طعنا تنڪا سهنداسين.
خدا ڪري ته جنون زير بار ٿي نه پوي،
اجايو هوش اسان تي سوار ٿي نه پوي.
بيانِ صحبتِ حورانِ گلعذار نه ڪر،
جنابِ شيخ جو تازو بخار ٿي نه پوي.
صبح سان آمد جو واعدو ئي سهي،
مگر دراز شبِ انتظار ٿي نه پوي.
حضور پاڻ کي اهڙو ته بي نقاب نه ڪر،
نثار گردشِ ليل و نهار ٿي نه پوي.
نگاهِ ناز سان مون ڏي وري وري ته نه ڏس،
هيءَ رازِ عشق ڪٿي آشڪار ٿي نه پوي.
ڪتابِ عشق اي “مدهوش“ توکي ساڻ هجي،
بروزِ حشر پڇا بار بار ٿي نه پوي.
سنگدل صنم سان پيار بي پناهه ڇو ڪيم،
زندگي سموري رائگان تباهه ڇو ڪيم.
هيتري ستمگري سٺم ته به وفا ڪيم،
دمبدم قبول اهڙي رسم و راهه ڇو ڪيم.
بي وفا جي واعدن تي اعتبار ڇو ڪيم،
بار بار هي عظيم تر گناهه ڇو ڪيم.
باوجودِ ترڪِ رسمِ عشق ڇو وري ڏٺم،
اُف، نگاهِ فتنه سازي ڏي نگاهه ڇو ڪيم.
سڀ خوشيون کسي هو راهه ۾ ڦري لٽي ويو،
راهزن کي راهبر ۽ سربراهه ڇو ڪيم.
توبھ گناهه اشڪبار ٿي ڪيم، مگر،
اُن جو منڪر و نڪير کي گواهه ڇو ڪيم.
دولتِ قرار و صبر مفت ۾ لٽايم،
هاءِ پاڻ کي خوار خواهه مخواهه ڇو ڪيم.
ڏکيو چاهي سکيو پيو وقت هر ڪنهن جو بسر ٿيندو،
اڳي يا پوءِ وڃي پورو حياتيءَ جو سفر ٿيندو.
هي ڪوههِ غم، بيابانِ الم زير و زبر ٿيندو،
جهان عشق ۾ مون سان صنم جو همسفر ٿيندو.
تمناءِ دلِ افسرده ۾ ٻيهر شباب ٿيندو،
گذر گاهِ محبت تان اگر هن جو گذر ٿيندو.
حضورِ سنگدل ۾ ڪجهه نه ٿيندو عجز سان حاصل،
بتِ مغرور جي شوخي جو اندازو مگر ٿيندو.
صنم جو هر ستم مون تي به اندازِ ڪرم آهي،
اهو ئي آشنائي جو وسيلو ڪارگر ٿيندو.
چراغ دل جلائي مان شبِ تاريڪ ڪاٽيان ٿو،
يقين آهي شبِ تاريڪ جي پويان سحر ٿيندو.
رڳو “مدهوش“ ماري ڇڏ گمان کي راههِ الفت ۾،
نه ڪوئي راهزن هوندو، نه ڪو خوف و خطرو ٿيندو.
سراسر خوش نظر ۽ خوبتر هو،
سڄڻ موهي وجهڻ ۾ ڪارگر هو.
گهڻي ئي حسن وارا ناز پيا ڪن،
مگر هو ڪل ادائن ۾ ڪثر هو.
جهلي تابش نه سگهيس حسن جي، جو،
تجلي تاب يا برق و شرر هو.
ڪيائين اڌ ڪٺو ڇا سان الائي،
تکي تلوار يا تيز و تبر هو.
مسافر رهِ گذر تي قياس ڇا جو؟
زوراور زور قاتل بي حذر هو.
ڪُهي ويو پاڻ پنهنجي ئي هٿن سان،
خبر هوندي به ڄڻ هو بي خبر هو.
پراڻي در، تڏي ڦاٽل ڀلايو،
خدا جو گهر به گويا منهنجو گهر هو.
وجهي گهورون ويو دل کي گهائي جهٽپٽ،
”نظر هُن جي ۾ جادو جو اثر هو.“
متان ڏوهي ڪرين “مدهوش“ ڪنهن کي،
سوئي قاتل جو منظورِ نظر هو.
هن دل جي حقيقت ڇا ڪريان، جا شاد به آ ناشاد به آ،
هيءَ غم ۽ خوشيءَ واري بستي آباد به آ برباد به آ.
ناصح جي نصيحت نيڪ مگر، ٿيو ديواني تي ڪو نه اثر،
انسان ته پنهنجي فطرت کان، پابند به آ، آزاد به آ.
هت پاڻ سبق نئون سکجي ٿو، ۽ پاڻ سبق ٿي رهجي ٿو،
انسان جهان جي مڪتب ۾ شاگرد به آ، استاد به آ.
هت ڏاڍ جو دامن ڀرجي ٿو ۽ راهه مسافر ڦرجي ٿو،
هن شهر کي سمجهان ڇا سمجهان؟ هت داد به، بيداد به آ.
مان ڪنهن جي شڪايت ڇو ڪريان، ڇو ڪنهن جي گلا تي ڪن ڌريان،
ڪجهه يارن جا احسان ٿيا، ڪجهه قسمت جي امداد به آ.
ٿو روز مران ۽ روز جيان، “مدهوش“ ڀلا مان ڪاڏي وڃان،
هر روز نئون ارشاد به آ ۽ يار ستم ايجاد به آ.
اسان جي زندگي تڙپي رهي آ،
مگر قاتل جي دل خوش ٿي رهي آهي.
سرِ مقتل ڏسو ڪهڙي نموني،
سسي ڌڙ کان جدا ڦٿڪي رهي آ.
نه ڪنهن جي دانهن ورنائي ٿو ڪوئي،
عدالت ڀي ڀلا ڪهڙي رهي آهي.
زباني دوستيءَ جا دم لڳن ٿا،
دلين ۾ دُشمني پلجي رهي آ.
نه پي ڄاڻن، نڪي هيراڪ آهن،
اُنهن جي سر تي مئي برسي رهي آ.
جواهر بي بها رلندا رهن ٿا،
۽ ڪوڏين جي بها ڪٿجي رهي آ.
اميري عيش ماڻيندي رهي ٿي،
غريبي زهر گهوٽي پي رهي آ.
ڪري چوري لکن ٿا شعر جيڪي،
اُنهن جي شخصيت چمڪي رهي آ.
لُٽي ويا ڪالهه هو “مدهوش“ جي دل،
مگر اڄ شاعري لٽجي رهي آ.
ختم ٿي روبرو تنهنجي سڄڻ هي ساهه پوءِ وڃجان،
نگاهن مان جڏهن نڪري وڃي ويساهه پوءِ وڃجان،
ڪرم پنهنجو ڪري جاني اڄوڪي رات ترسي پئو،
جڏهن اُڀري ستاويهين سدورو ماهه پوءِ وڃجان.
وري واپس وٿاڻن تي ڀلي وڃجان، مگر دلبر!
لهي لڇ پڇ، اُجهامي عشق جو آڙاهه پوءِ وڃجان.
پيارا آخري هڏڪي مهل منهن روبرو رکجان،
ڪفن پهرائي سينگاري ڪري سڀ ٺاهه پوءِ وڃجان.
جڏهن “مدهوش“ تنهنجي ديد ۾ ديدون وجهي دم ڏئي،
هٿن سان لوڙهه منهنجي کي لٽي لله پوءِ وڃجان.
ادا سمجهان ته ڇا سمجهان، وفا سمجهان جفا سمجهان،
روش سمجهان ته ڇا سمجهان، رضا سمجهان قضا سمجهان.
بتِ زيبا جي قدمن تي جهڪايو سرڪش ڀي سر،
ٻڌايو اهڙي هستيءَ کي صنم سمجهان، خدا سمجهان.
نوازش غير تي هر وقت ۽ مون تي عتاب آهي،
انهيءَ راه و رسم کي دلربا سمجهان ته ڇا سمجهان.
نظر ڦيري لنگهي ٿو ۽ هزارين درد بخشي ٿو،
سڄڻ جي هن عنايت کي بخل سمجهان، سخا سمجهان.
وٺن ٿا نام منهنجو يار جي نالي سان گڏ جيڪي،
اُهي اغيار يارن کان برا سمجهان، ڀلا سمجهان.
نظر جي مئي پيارڻ شرط مٽجي ٿي وڃي هستي،
پيارڻ ۽ پيئڻ اهڙو سزا سمجهان، جزا سمجهان.
اچي جو يار جي در تي ۽ مالا مال ٿي موٽي،
انهيءَ “مدهوش“ سائل کي غني سمجهان، گدا سمجهان.
جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.
ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا،
سڄڻ بيچين دل کي چين هڪڙو دم گهڙي ناهي.
ڪرين ٿو وار کولي وار سو سو وار او سهڻا،
لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، جنهن جو دنگ ئي ناهي.
دلاور، دادلا، دلدار دلبر، دلربا، دلڪش،
دلِ دلگير کان هر نام تنهن جي کي وِٿي ناهي.
ذرا سرڪي مون کي ڏي مئي جي هڪ سرڪي، مگر مرُڪي،
سرِ محفل سخي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.
ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ منهنجي ڪاڻ تون ڪافي،
ڀري “مدهوش“ کي ڏي جام تو وٽ ڪا ڪمي ناهي. |