انتساب
منسوب ڪريان ٿو، اُن واهڻ جي گهٽ پڙهيل، پرهيزگار وينگسن جي
نالي،
جنهن جي دامن مان وفا ۽ خلوص جي خوشبو ايندي رهي،
جنهن جو پيار منهنجي من کي اجرو ڪندو رهيو،
جنهن جي نظر منهنجي دل کي ڌوئندي رهي
جنهن جي سچائي روح کي تسڪين بخشيندي رهي،
جنهن، انسانذات جي محبت ۾ وسعت آڻي، مون کي شاعريءَ
جي ڏات ڏياري ڇڏي.
---- احمد خان ”مدهوش“
ڪجهه پنهنجي متعلق
بندي جو نالو احمد خان، تخلص مدهوش، ذات (کٽي) سومرو آهي. والد
محترم جو نالو ”حاجي خان“ مگر حاجي فقير شغلي جي
نالي سان معروف هو. وڏڙن جي روايت موجب شجرو يا
نسب ”سگهڙ جلال کٽي“، (مزار پير ترهو لڳ دادو) سان
منسوب ٻڌايو وڃي ٿو: ولادت 15 اپريل 1931ع ڳوٺ
سلطان چانڊيو لڳ خيرپور ناٿن شاهه (دادو) ۾ ٿي.
1932ع کان جوهي شهر ضلعي دادو ۾ سُڪونت نصيب ٿي،
والد جي انتقال سبب، ننڍپڻ کان ئي تعليم اڌوري
رهجي ويئي. تاهم سنڌي فائينل 1949ع ۾، انٽرميڊٽ
ڊرائينگ (آرٽ) 1957ع ۾، اديب فاضل سنڌيءَ ۾ 1965ع
۾ مڪمل ڪيم. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ (ٽيچر) استاد ٿي
رهيو آهيان.
شاعري ۽ موسيقي ننڍپڻ کان ئي مٿم اثرانداز رهندا آيا، ويتر سيد
نجف علي شاهه لڪياري (جهانگارا) جي صحبت رنگ لاتو،
جنهن شاعريءَ طرف لاڙي ڇڏيو.
لاتي تو اچي آهه، جوهيءَ منجهه بهاري،
درويش خدا مست نجف شاهه لڪياري،
مدهوش کي مدهوش محبت سان ڪيو تو،
سڪ سوز جي سُرڪي، تو هٿن ساڻ پياري.
وڌيڪ شاعريءَ جي لوازمات سکڻ لاءِ، حضرت فيض بخشاپوري کي استاد
قبول ڪيم.
رهان ”مدهوش“ خوش ٿو فيضيابيءَ ۾،
جو استادي جنابِ فيض جي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي شاعرن کي اها دانائي (ڏات) ورثي ۾ ملي آهي ته
جيئن سندن مسلڪ جستجو، نظريو انسان دوستي، مقصد
قلب و نظر جي پاڪيزگي هئڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ محنت ۽ سچائي اختيار ڪرڻ، لوڀ لالچ، بڇڙايون،
بدڪاريون ترڪ ڪرڻ، هوڏ ۽ هٺ کان پاسو ڪرڻ، ادب ۽
اخلاص اپنائڻ، صبر شڪر سان گذارڻ، ڪروڌ ڪاوڙ ۽ حسد
کان بچڻ، نوڙت ۽ نياز کي شيوو بنائڻ، اڳرائي ۽
کاند نه ڪرڻ، مظلوم جي طرفداري ڪرڻ، پاڻ سان جنگ
ڪرڻ، شاعر لاءِ اهم ۽ ضروري آهي. انهن کان علاوه
مشاهدي جي گهرائي پڻ لازمي آهي. جو ڪجهه منهنجي
مشاهدي ۾ آيو آهي، سو لکيو اٿم. ڪلام ۾ حق مجاز جي
رنگ چاڙهڻ جي ڪوشش ورتي اٿم، تاهم ڳپل ڪلام نجي
طور مجازي مهميزن جو نذرانو ٿي ويو، لهرن لوڏن کان
دامن بچائي نه سگهيو آهيان.
”پئي جا پاتال، پُسڻ کان پالهي ڪيئن رهي.“
باوجود ڪوشش جي ڪٿي ڪٿي وزن جون اوڻايون به نظرانداز ڪيون ويون
آهن، ڇو ته خيال ۽ آمد جو احترام ڪيو ويو آهي.
غزلن وارو مواد گهڻي ڀاڱي طرحي ڪلامن تي مشتمل
آهي، انهيءَ ڪري ڪن شاعرن جون مصراعون ٽڪرائجي ويل
به ٿي سگهن ٿيون، پر اهو اتفاق تمام گهٽ ٿيو آهي.
خاص طور غزلن ۾ سنڌي ۽ پارسيءَ جو امتزاج ۽ زبان
جي صحت جو وڏوخيال ڪيو ويو آهي. ڪافين، واين، گيتن
۾ سليس سنڌي ٻولي استعمال ڪئي ويئي آهي.
ناظرين آڏو هيءَ دکدائڪ ڳالهه به پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته
1975ع واري ڪاڇي جي ٻوڏ ۾ هڪ ڪتاب قلمي جنهن ۾ سوا
سو کن سنڌي ڪافيون ۽ ڪجهه غزل هئا، سي لڙُهي ويا.
لاچار سر بچائي نڪتس، نه ته منهنجو لاش به منڇر جي
حوالي ٿي وڃي ها.
هڪ طرف مفلسي ۽ غربت جو گهيرو، ٻئي طرف عزيزن مائٽن جون
عقوبتون، انهيءَ صورتحال ۾ شاعريءَ سان نباهڻ تمام
وڏو مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به شاعر سان
زماني گهٽ نه ڪئي هوندي، مون سان به ساڳيو قلم
لاڳو رهيو آهي.
”لکيل هڪڙو خوشيءَ جو حرف، جنهن جي ورق ۾ ڪونهي،
ڪتابِ زندگي ۾ سو غمن جو داستان آهيان.“
جيڪي اونهائي ۾ ٽٻيون هڻندا آهن، سي ڪجهه ماڻڪ به آڻيندا آهن،
جن جي چمڪ اونداهين کي اجالن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي
آهي. اهڙا اُجالا ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪري سگهن
ٿا. انهيءَ ڪري ايتري اميد رکي سگهان ٿو ته منهنجو
ڪتاب ”دل جون ڳالهيون“ ٻين لاءِ شاعريءَ جي راهه
کليل رکندو ۽ پڙهندڙن ۾ سچي محبت، محنت، ٻوليءَ جي
خدمت جو احساس ضرور پيدا ڪندو.
زندگي وقف محبت مون ڪئي مدهوش ٿي،
عمر ڀر اهڙي عبادت مون ڪئي مدهوش ٿي.
احمد خان ”مدهوش“
جوهي
ناشر پاران
پيشڪش
بشير مورياڻيءَ، علي محمد ”مجروح“ ۽ محمد علي ”جوهر“ جي شاعراڻن
مجموعن جي اشاعت کان پوءِ، ”سنڌي ادبي بورڊ“ پاران
هلندڙ سال 1993ع دوران حيات شاعرن جي ڪلام جي هيءَ
چوٿين پيشڪش آهي، جيڪا سنڌيءَ جي معروف شاعر احمد
خان ”مدهوش“ جي تصنيف آهي.
”مدهوش روايتي انداز جو هڪ بيحد باهوش، برجستو، پڪو ۽ پختو شاعر
آهي. سندس ڪلام ۾ ٻوليءَ جي سلاست، لفظن جي چونڊ
جو سليقو، بيان جو زور، ندرت ۽ نواڻ آهي.
سندس ڪلام جي هن مجموعي، ”دل جون ڳالهيون“ ۾، دماغ جون ڳالهيون
به شامل آهن، جن جي ڪري هنڌ هنڌ تي سندس فڪري
اُڏام جي جهلڪ به نظر اچيو وڃي.
هن گهڻي ڀاڱي غزل ۽ پوءِ ڪافيون چيون آهن ۽ سنڌيءَ سان گڏ
سرائڪيءَ ۾ به سٺي شاعري ڪئي آهي.
اُميد ته احمد خان ”مدهوش“ جي ڪلام جو هي مجموعو سٺي موٽ
ماڻيندو.
26- سيپٽمبر، 1993ع - شمشير الحيدري
ڄام شورو، سنڌ
دل جون ڳالهيون
ڪنهن سان اوريان، دل جون ڳالهيون،
چوريان پوريان، دل جون ڳالهيون.
پنهنجي ليکي پنهنجي منهن سان،
ڏوريو ڏوريان، دل جون ڳالهيون.
تنهنجن نازن ۽ نخرن تان،
گهوريو گهوريان، دل جون ڳالهيون.
نيٺ ته تون ڀي سمجهي ويندين،
هوريان هوريان، دل جون ڳالهيون.
سوچون پنهنجي من مان ميڙي،
سوريو سوريان، دل جون ڳالهيون.
”مدهوش“، تن جي تارازيءَ ۾،
توريو توريان، دل جون ڳالهيون.
مناجات
پنهنجي ڪر تون ٻاجهه او سائين،
پنهنجي ڪر تون ٻاجهه او سائين.
ميرا آهيون منڊا آهيون، گدلا آهيون گندا آهيون،
آخر تنهنجا بندا آهيون، مهر اسان تان مور نه
لاهين.
جڳ جا پالڻهار او مولا، اڻ تارن کي تار او مولا،
آرو پار اُڪار او مولا، هن ڀر کان وو هن ڀر تائين.
هر سو خطرو خوف ٿو ماري، اونداهيءَ جو ڏيل ٿو ڏاري،
طوفانن کان پار اُڪاري، ٻاجهه سان ٻيڙو ٻنڙي
لائين.
ڪنهن جي در تي جهاتيون پايون، سور اندر جا ڪنهن کي سڻايون،
حال حقيقت ڪنهن کي ٻڌايون، حال جو محرم تون ئي
آهين.
دوڌ دغا ۽ هيري ڦيري، ويئي وڪوڙي تيري ميري،
انسان بڻيو انسان جو ويري، ڏيئي پاند پناهه
بچائين.
تو ريءَ ناهي واهر وانگي، تو ريءَ ناهي ساٿي سانگي،
راهه سمجهي ٿي سخت اڻانگي، توهه سان پنهنجي توڙ
رسائين.
”مدهوش“ ڏسان ٿو دل جي تنگي، تون تون، مان مان، جنگا جنگي،
ديکا ديکي، دنگا دنگي، ديس منجهان شل دور هٽائين.
حمد
تنهنجي اي جانِ جان، خبر ئي نٿي پوي،
اهڙو ته آن نِهان، خبر ئي نٿي پوي.
سڀ کان وڌيڪ آن، تون لاشريڪ آن،
لاريب لامڪان، خبر ئي نٿي پوي.
تنهنجو وجود آ، موجود جا بجا،
سجدو ڪٿي ڪيان، خبر ئي نٿي پوي.
بازار ۾ به تون، ڪُنهسار ۾ به تون،
اسرار جي ڪٿان، خبر ئي نٿي پوي.
هر گام گام تون، جڳ ۾ مدام تون،
جٿ ڪٿ ۽ جاودان، خبر ئي نٿي پوي.
آن باڪمال تون، ۽ بي مثال تون،
مان حمد ڇا لکان، خبر ئي نٿي پوي.
آهين قريب تر، ”مدهوش“ کي مگر،
ڪهڙو ڪريان بيان، خبر ئي نٿي پوي.
نه دنيا جي تمنا آ، نه دولت جي ضرورت آ،
رڳو تو رب جي رحمتِ عنايت جي ضرورت آ.
نه ڪنهن جو ڀروسو ڀانيان، نه ڪنهن جي آسري آهيان،
مگر تنهنجي سهاري ۽ حمايت جي ضرورت آ.
سوا تنهنجي سڌو رستو، نه ڪنهن کي ڪو مليو هوندو،
حقيقت ۾ تو هاديءَ جي، هدايت جي ضرورت آ.
مرڻ کان اڳ ۾ يا پرور، بديون سڀ بخش منهنجون ڪر،
مون عاصيءَ کي مٺا تنهنجي، مُروت جي ضرورت آ.
سوا تنهنجي ڪرم ڪائي، مسيحائي نه ڪم آئي،
شفاعت جا ڌڻي تنهنجي، شفاعت جي ضرورت آ.
ڪرين شل ٻاجهه ٻاجهارا، مٿان ”مدهوش“ جي پيارا،
نوازش جي، ڪرم جي، دستِ شفقت جي ضرورت آ.
ديدن جي دلفريبي ديدار ۾ تون شامل،
اکڙين جي آر واري اسرار ۾ تون شامل.
هر جا نظارو تنهنجو، هر هنڌ تنهنجي قدرت،
جلون جي جوڙ ۾ تون، جنسار ۾ تون شامل.
قالو بليٰ جي قولن موجب قريب آهين،
اصلي الست واري اقرار ۾ تون شامل.
موجود آهه بيشڪ، هر جا وجود تنهنجو.
هر شهر بحر بر ۾، بازار ۾ تون شامل.
گلشن جي رنگ و بو ۽ ساوڪ ۾ تون سمايل،
هر گل ۾ تنهنجي خوشبو، هر خار ۾ تون شامل.
روزي نماز ۾ ۽ حمد و ثنا ۾ آهين،
”مدهوش“ جي عبارت، اذڪار ۾ تون شامل.
سازن جي سوز ۾ ڀي آهي سُرور تنهنجو،
اشعار ۾، غزل ۾، سُرتار ۾ تون شامل.
دُعا
پروردگار عالي، ساري جهان جا والي،
ستار ڪر ستاري، جهولي ڀري ڏي خالي.
هر جاءِ تي ڏسان ٿو، رحمت سندا اشارا،
تنهنجا عجب نظارا، قدرت سندءِ نرالي.
تنهنجو نه ڪوئي مٽ آ، تنهنجو نه ڪوئي ثاني،
ڌر پنهنجي مهرباني، ڪر ڪو ڪرم ڪمالِي.
تنهنجا ڪِروڙ ٿورا، منهنجا نه تور تورا،
آقا نه ڦول ڦورا، ڪر مهر بي مثالي.
مان عيبدار آهيان، تون عيب پوش آهين،
تنهنجي حضور سائين، ”مدهوش“ آ سوالِي. |