سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :9

 

ڪاوش اخبار جو ڌاڙو

 

 

لڳو لاڙڪاڻي ۾ ڪاوش جو ڌاڙو،

رکيو ويو صحافت سان ڪيڏو نه ساڙو،

مليو آهي ڪاوش کي خدمت جو ڀاڙو،

اڃا تائين آهي پڇا هيٺ پاڙو،

نتيجي تي پهتو ڪو آهي نه ٿاڻو،

صحافت کي ڪيڏو نه ڇيهو رساڻو.

 

***

 

چور نه توکي چورائي ڪو

 

سائي سهڻي ۽ من مهڻي، نيلي پيلي صاف سفيد،

رنگ رنگيلي، ڳاڙهي ڳوڙهي، ڳوري ڳوري منهنجي سنڌ.

 

ٻالجتي ۽ ٻالاپڻ کان، منهنجو توسان ٻولون ٻول،

سادي سودي، ڀولي ڀالي، ڀوري ڀوري منهنجي سنڌ.

 

منهنجي مارن تي اڄ آهن، ٻيڻا گوندر، ٻيڻا سور،

ٻيڻن پئسن ساڻ ملي ٿي، ان جي ٻوري منهنجي سنڌ.

 

دل ۾ آهي، آس اهائي، مولا جي در آهي سوال،

چور نه توکي چورائي ڪو، چوري چور منهنجي سنڌ.

 

ٿوري ٿوري لالچ تي جن، ماري پنهنجي مٺڙي ماءُ،

لڄ حيا ۽ غيرت تن جي ٿوري ٿوري منهنجي سنڌ.

 

***

 

 

لکن جا هيرا

لطيف تنهنجا لکن جا هيرا، اسان جي ليکڻ لٽڻ جا ناهن،

ڏنا خزانا اسان کي تو جي، کڻون کپايون کٽڻ جا ناهن.

 

مري مري هي وري جيئن ٿا، مرڻ کان هاڻي مٿي چڙهيا هي،

گهٽن مان گهٽجي دمن تي پهتا، اسان جا گهاتو گهٽڻ جا ناهن.

 

اسان ته سورن  ڏکن جا ساٿي، ڏکن ۾ پلجي وڏا ٿياسون،

اسان جا ڪنڊن مٿان هي رستا، نوان ڪي ڪنڊا ڦٽڻ جا ناهن.

 

وڏا جي ڏونگر انهن کان ڏاڍا، پڪا ۽ پختا اٽل انوکا،

اسان ۽ تنهن جا هزار کاتا، نبار ناتا ٽٽڻ جا ناهن.

 

دلير دودا گڏي سڏي تون، لڙين لڪن تي لطيف سائين،

اسان جا ڪونڌر، دنيا جي طاقتورن جي مارڻ ڪٽڻ جا ناهن.

 

اسان جي ٻولي ٻٽي لٽي جو، ڪٽي گهٽي ٿا انهيءَ کي ماريون،

اسان جي ٻولي سدا ڌڻولي، اسان جا ٻوليا ٻٽڻ جا ناهن.

 

ڦٽن تي ڦٽڙا، ڳٽن تي ڳٽڙا، ڦٽن ڇٽن پيا، وڌن کٽن پيا،

ڦڪيون ۽ ڦيڻا، عذاب ٻيڻا، اڃا به ڦٽ ڪي ڇٽڻ جا ناهن.

 

ابي امان جي زبان سان ئي، دنيا جون قومون سڃاڻجن ٿيون،

اسان ته هڪڙي زبان وارا، اسان جا ڄاڻو ڄٽڻ جا ناهن.

 

***

 

ٻِڪا

 

قومي گيتن ۾ سرمد

تنهن جو آهي اوچو قد.

***

 

پنڌ ڪرڻ سان کٽندا پنڌ

ٽوڙڻ سان ئي ٽٽندا بند.

***

 

سالن کان هُو ويڙهون ڪن پيا پاڻ ۾ ڪابل جا افغان

قوم ثقافت تن جي ساڳي، ساڳيو مذهب ۽ قرآن.

***

 

هر ڪنهن ڪم ۾ رشوت جا ٿيا ريٽ جدا،

هاءِ دلين ۾ ناهه اڳوڻو خوف خدا.

***

 

جيڪي جيڪي ملڪ رکن ٿا ساڳي ٻولي ساڳيو دين

تن جا ماڻهو پاڻ کي ساڳي قوم چوائن هرگز ڪين.

***

 

عبدالواحد آريسر جو ملڪ ۾ مُلهه نه آهي ماڻ

سنڌ به هن جي سنڌي هن جا هنجو مهراڻو مهراڻ.

***

 

آريسر هت ٻيا پڻ هوندا، عبدالواحد واحد تون

آزاديءَ جي تحريڪن جو آهين مرد مجاهد تون.

***

 

جان محمد خان جمالي جو هو استادن جو شان

جان محمد همت، حڪمت، هلچل هو يا هو طوفان.

***

 

رکن ملڪ جيڪي ٿا ساڳي زبان

اهي قوم ساڳي سڏائن ٿا ڪان.

***

 

ات ڌاريان نظريا ڪين هلن، جت نظريو شاهه ڀٽائي جو

اُت زهر جو چوراڪين چلن، جت آهي ملڪ مٺائي جو.

***

 

ڌرتي آهه اسان جي، هن سان آهي پراڻو ناتو يار

مالڪ آهيون، آهي اسان وٽ هن جو پڪو کاتو يار.

***

 

تو ناتو ٽوڙيو ڌرتي سان مون ناتو جوڙيو ڌرتي سان

تو گهوريو پنهنجي ڌرتي کي مون اوريو اوڙيو ڌرتي سان.

***

 

سنڌي بنجي سنڌين سان گڏ، سنڌ ۾ توکي رهڻو پوندو

نه ته هي ديس اسان جو توکي، روئندي کلندي ڇڏڻو پوندو.

***

 

تاريخن ۾ ڇو نه پڙهيو تو، قومن جي تقديرن کي؟

تو نه سڃاتو ڪوڙن کي ۽ ملڪي قومي هيرن کي.

***

 

سترهن ڏهه چوراسي جي، نحس گهڙي ۾ گهوٽ ڪُٺا

مفت ۾ ماريا مور امڙ جا، ساجن سهڻا صاف سُٺا.

***

 

رستي ويندي ڪيئي ماريا، مالڪ منهنجي ڌرتي جا

صدقي جا ٿيا ٻڪرا ڪيئي، ٻالڪ منهنجي ڌرتي جا.

***

 

تاريخن ۾ اچڻا آهن، ڪونڌر ٽوڙهي ڦاٽڪ وارا

ڦاسي گهاٽ کان بچڻا ناهن نادر خوني ناٽڪ وارا.

***

 

ڇو اوهان آيل هتي ٿا، سنڌ وارن سان لڙو؟

بي سبب ڇا کون هڻو ٿا ياد ککرن ۾ کڙو.

***

 

امتحانن ۾ هلي ڪاپي گهڻي

محنتن کان ٻار ويا دلڙيون کڻي.

***

 

تو سان ڪهڙا ليکا سنڌ

تو سان منهنجي ريکا سنڌ.

***

 

غيرت واريون قومون پنهنجي ڌرتي ڪين ڇڏينديون آهن

اُڄڙي اُجڙي جاءِ انهي تي ٻيهر ڪوٽ اڏينديون آهن.

***

 

منهنجي ڌرتي هن تي تنهنجا پيرا هرگز ٽڪڻا ناهن

سچي ڌرتي هن تي دل جا ميرا هرگز ٽڪڻا ناهن.

***

 

هي پنهنجو گهر، هي پنهنجو در ڇاڪاڻ وڃين ٿو ٻي جي در؟

نت پنهنجو گهر آزاد ڪرڻ، هي آهي اسانجي پنهنجي پر.

***

 

زنده قومون اڏري اڏري عرشن تائين رسنديون آهن

زنده قومون بادل بنجي ويرانين ۾ وسنديون آهن.

***

 

زنده قومون ڪوشش ڪاوش محنت سان ئي ٺهنديون آهن

زنده قومون همٿ، هشمت غيرت سان ئي رهنديون آهن.

***

 

زنده قومون گاج سان گڏجي گجگوڙن سان وهنديون آهن

زنده قومون لهريون بنجي لهنديون، لڙنديون چڙهنديون آهن.

***

 

زنده قومون لڏنديون ڪڏنديون لاڳ هزارين لهنديون آهن

زنده قومون ماڳ وطن مان مور نه ڀڄنديون ٽهنديون آهن.

***

 

زنده قومون ساٿ سفر جا صدما مور نه سهنديون آهن

زنده قومون ڳاراڻڻ ۾ مور نه ڳرنديون ڳهنديون آهن.

***

 

ڪين سکيو اڄ تائين آهين، ڌرتي سان تون پرکا پارڻ

ابي ڏاڏي واري ڌرتي، يار ڇڏي تو ڪهڙي ڪارڻ.

***

 

هيڏيون جنگيون هيڏا جهيڙا، منهنجا مارو پاڻ ۾ ڀيڙا

ڪين ڇڏيا تن متل ميڙا، سندا سيڙها وانڍيون ويڙها.

***

 

حق نه حقدارن کي ملندا، ان تان ڏاڍا جهيڙا ٿيندا

ماڻهو گڏجي وڙهندا، سڀرن کي سي سيکت ڏيندا.

***

 

گهر جا صاحب ٿر جا صاحب، روپ مٽائي ٿيا سر صاحب

قوم جي آڏو ڪرندي ڪرندي نظرن کان سي ٿي ويا غائب.

***

 

وڻ جي هيٺان وقت گذارڻ وارا ماڻهو لک هزار

جن وٽ کاڌي جي لئه ناهي گهر ۾ داڻو لک هزار.

***

 

جت ڪو رهبر رهزن بنجي ڪهڙو آهي  خير اُتي

جت ڪو پنهنجو دشمن بنجي هر ڪو آهي غير اُتي.

***

 

تنگ ڪرڻ سان جنگ ڪندا مظلوم دنيا جا طاقتور سان

سوڀارا ٿي پنهنجي ڌرتي تي سي رهندا ساٿ ثمر سان.

***

 

ڪرڙا ڏونگر ڪرڙو ناهين، توکان ڪرڙا منهنجا ڪونڌر

چوٽ چڙهي سڀ چوٽيون تنهنجون ڀونگا ٺاهي ويٺا ڀونگر.

***

 

ڪپڙي کي ٿي لڳي اڳڙي، اُڀ کي اڳڙي لڳندي ڪانه

واءُ کي لگڙي لڳندي پر، طوفان کي لڳڙي لڳندي ڪانه.

***

 

پاڇي پويان ڊوڙڻ وارا، پاڇو توکان گم ٿي ويندو

پنهنجي پيرن تي جو ناهي، توکي ڪهڙي راهه ڏسيندو؟

***

 

رڍن جو ٿو خير گهُرين ۽ بگهڙن سان ٿو رکين ياري

بگهڙ آخر بگهڙ، تنهن جي ڪهڙي ياري چوڪيداري؟

***

 

هو جي ساٿي هن ڀر آهن پار سڀيئي ڪرڻا پوندا

جن وٽ پورو پتڻ ناهي تن جا پئسه ڀرڻا پوندا.

***

 

دشمن آخر دشمن، تنهن سان ڪهڙي ياري ڪهڙو ٺاهه؟

دشمن تنهن کي پنهنجو ڀائڻ سڀ کان وڏو آهي گناهه.

***

 

ٻالڪ ڄڻ ڪو نازڪ ٻوٽو، پوڙهو ڄڻ ڪو سکڻو سوٽو

مست جواني آهي، يارو ڄڻ ڪو تيز هوا جو جهوٽو.

***

 

رهندين ڪيسين ڌرتي تي تون ڌاڙيلن ۽ ڌارين وانگر.

رهندين ڪيسين ڌرتي تي تون مارڻ وارو بنجي مانگر؟

***

 

ڪيڏي آهي تيزي تڪڙ، ڪيڏي آهي ڊوڙ هتي

ڪيڏي اهي هر جا هلچل ڪيڏو آهي گوڙ هتي.

***

 

دولت يڪ جاءِ رهڻي ناهي، واهڙ وانگر وهڻي آهي

ڇال ٽپا هو ڏيندي ويندي هرڻي وانگر ٽهڻي آهي.

***

 

سوري تي سچ چوڻ وارا تن تي قبضو ڪير ڪندو

قومي راهون کولڻ وارا تن تي قبضو ڪير ڪندو.

***

 

ادب ۾ ”پريمي“ جو اوچو مقام

اديبن ۾ ڳڻبو سو دائم مدام.

***

 

پريمي نه وسري سگهي ٿو ادا

ادب ۾ سندس نام رهندو سدا.

***

 

پريمي ڪي وقتي ٿا پيدا ٿين

ادب جي دنيا ۾ ٿا سڀ ڪجهه ڏين.

***

 

پريمي ڏني ڄاڻ قومي هتي

پريمي هو اهڃاڻ قومي هتي.

***

 

پريمي ادب ۾ هو آندو اُڀار

پريمي هو پنهنجن جو پنهنجو پيار.

***

 

رهيو ناهي ناقص ۽ ساقي هتي

مجيدي ۽ سرويچ باقي هتي.

***

 

ٻه موتين جا داڻا قريشي حفيظ

نه هرگز وڪاڻا قريشي حفيظ.

***

 

تون راڳن جي راڻي زرينا بلوچ

تو سنڌين ۾ آندي سجاڳي ۽ سوچ.

***

 

رهيو صاف ثابت قدم نت سڌير

بهادر ۽ بانڪو قريشي بشير.

***

 

قمر سومرا توکي ڳوليون ڪٿي

سريلا سڻون ٻول ٻوليون ڪٿي.

***

 

پوک پرائي ڀيلڻ وارو ڍڪ ۾ پوندو آهي مال

ٻوڙ وڃائڻ وارو ٻلو تنهن سان ٿيندي آهي ڌمال

***

 

ڪي ڪي ماڻهو سوري تي پڻ سچي ڳالهه سليندا آهن

ڪي ڪي ماڻهو پاپ ننگر جا پورا پاپ پليندا آهن.

***

 

پاڻمرادو حق نه ملندو حق وٺڻ لئه مڙسي گهرجي

حق نه غاصب موٽائي ان حال ۾ ان کان زوري ڦرجي.

***

 

قوم سڄي جو هيڏو سارو بار اوهان تي پئجي ويو

ڌڪجي آيو ڌاريون سو پڻ ڌار اوهان تي پئجي ويو.

***

 

ويٺي مان ڪجهه ورڻو ناهي، هلندن کي ٿا هوت ملن

جيڪو کيڙي سوئي ميڙي، کيڙيندڙ جا کيٽ کلن.

***

 

اڄ تون ننڍو نينگر آهين، وڌي ٿيندين نيٺ جوان

توکي ڏسندي ڏيهه ڇڏيندا کاتن وارا کوٽا خان.

***

 

ڏنگ هڻين ٿو زهريلا تون سچ پچ آهين ناگو نانگ

تنهنجي سر تي وسڻي آهي هاڻ اسانجي ڏاڍي ڏانگ.

***

 

مسڪين جي حقن تي، ڇو هيڏا ڌاڙا روز لڳن

ڪنگالن ڪمزورن تي ڇو ڪات ڪهاڙا روز لڳن.

***

 

وٽا سٽ اوٽ ملائي، کوڙي کي هو ڪو ڏيندو گهمرو

کوڙ نه ڀربو کوڙي مان جي جوڙي کي هو ڏيندو گهمرو.

***

 

تيز هوائن طوفانن سان ڊوڙ پاڄائي وينداسون

بارودن بم گولن سان لٺ لوڙ پڄائي وينداسون.

***

 

تو جا حالت ڪالهه ڏٺي سا هاڻ نه هرگز رهڻي آهي

مومل واري مڪر ماڙي هاڻي ڄاڻ ته ڊهڻي آهي.

***

 

ڪونه رهي هت رهندو ڪوئي ڌاريو منهنجي ڌرتيءَ تي

جوئي آيو ڌاريو، منهنجن ماريو منهنجي ڌرتيءَ تي.

***

 

ٻهراڙين ۾ بنگلن جهڙيون گرلس اسڪولن جون جايون

پيون آهن خالي يارو، ڪونه ملن ٿيون ڄايون مايون.

***

 

گڏرن سنگ گُري کان کائي آندو هت ست سال ڏڪار

ويتر مينهن طوفانن جو، وانگين تي هو وارو وار.

***

 

جي مائون پٽ ڄڻينديون آهن ڏينديون آهن ڀيٽا ۾

۽ پاڻ به بنجي، بختاور سي وينديون آهن ڀيٽا ۾.

***

 

مارڻ ۽ مارائڻ سان هي قوم نه هرگز کٽڻي آهي

ويري توسان وڙهندي رهندي جند نه تنهنجي ڇُٽڻي آهي.

***

 

ناهه شهيدن جو ڪو ليکو، ڏينهن ملهائيون ڪنهنجا ڪنهنجا

ڏينهن، مهينا خالي ناهن مرثيا ڳايون ڪنهنجا ڪنهنجا.

***

 

تنهنجي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙها ميڙي ميڙي مٽ ڀري

مون ته ورهايا جيجل تنهنجي وانگيئڙن ۾ وٽ ڪري.

***

 

سنڌي پٽڙا کٽڻا ناهن، تون ڇا ماري مات ڪندين

ماريندين هڪ ڄمندا سؤ تون ڪهڙا ڪهڙا گهات ڪندين.

***

 

سنڌ نه آهي مال غنيمت، ڀينڊ نه ڪنهن کي ڏينداسون

سڏوراڪو سو ته پري پر سينڊ نه ڪنهن کي ڏينداسون.

***

 

بُکن ۾ هو، عيشن ۾ تون ڪيڏي تنهنجي بي رحمي

ڪين برابر ڄاڻين ڪنهن کي ڪيڏي تنهنجي هي ڪم فهمي!

***

 

اڌرو پڌرو خوني آهي، ان جو ڪيس کڻين ٿو يار

آهي وڪالت ڪهڙي، ڪهڙو آهي وڪالت جو وهنوار.

***

 

ايڊوڪيشن آفيسر سڀ ڏاڍا آهن اڄ غمگين،

موڪل ناهي، مرضي موجب چپراسي جي جاءِ ڀرين.

***

 

باقي به هتي باقي نه رهيو ارغون نه ڪو ترخان رهيو

هت سنڌ رهي، مهراڻ رهيو ۽ سنڌي مرد مهان رهيو.

***

 

لکن سالن کان ٿي سڏجي، سنڌ اسان جي پنهنجي نالي

هر ڪو سنڌي ساهن ۾ ٿو تنهن کي سانڍي پالي.

***

 

ڪالهه وطن هو جن جو، تن جو اڄ ڪو حصو هوندو يار

ڪالهه لڙيا جي ڪونڌر تن جو اڄ ڪو قصو هوندو يار.

***

 

ڪالهه اسان جون ديهون وييون اڄ ڪو نقشو هوندو يار

ڪالهه اسان وٽ ڪُل سواريون اڄ ڪو رڪشو هوندو يار.

***

 

پٻڻ کي پڻ پتو آهي، هن کي پتو هوندو يار

جيجل کي جو ڪين سڃاڻي سو تان ڇِتو هوندو يار.

***

 

قومن آڏو شاهه جهُڪن ٿا، قومون تن جا ڪنڌ مٿي

شاهه سفر ۾ ٿڪجي ويهن، قومون تن جا پنڌ مٿي.

***

 

آزادي جي آڻڻ وارا قومي قائد هوندا آهن

تقديرون بدلائڻ وارا مرد مجاهد هوندا آهن.

***

 

حق جمهوري گهرنداسون، پر ڪانه گهرون ٿا غنڊه گردي

درد مٽائڻ گهرنداسون پر گهر جي بُک نه ڪا بي دردي.

***

 

هاڻ نه ڪوئي ظالم ڪنهن جي آزادي سان راند ڪندو

هاڻ نه ڪوئي پاپي ڪنهن سان هرگز پاپ پلاند ڪندو.

***

 

جنهنجون پاڙون ڌرتيءَ تي سا قوم سدائين رهڻي آهي

نادر جي ناپاڪ هٿن سان قوم نه اهڙي ڊهڻي آهي.

***

 

تنهنجي ڌرتي، تنهنجي پيرن هيٺان ڄاڻ ته نڪري پيئي

باقي جيڪا تو وٽ آهي ڄاڻ اها پڻ ويئي.

***

 

وڏا ماڻهو وڙهندا رهندا ٺهندا ڊهندا رهندا

ويلي ويلي وٿين مان سي واري وانگر وهندا رهندا.

***

 

يار ڇڏيو تو ڇاکون، جيڪو تنهنجو ملڪ اباڻو هو

جنهن نه مٽايو پنهنجو مارڳ توکان سو ته سياڻو هو.

***

 

پنهنجي ڌرتي پاڻ ڇڏي تو منهنجي ڌرتي تو لئه بند

مارو منهنجا ملڪ ڌڻي، ڇو تن کي ڏيکارين پيو ڏند.

***

 

چوري چوري چالاڪيءَ سان چور اچي ويو چوري تي

ڍنگي ڍنگ رچائي پهتو ڍاٽيئڙن جي ڍوري تي.

***

 

قومن تي ڪن وقتن تي، ڪي مشڪل ڏينهن به ايندا آهن

مشڪل ٽارڻ ڪارڻ ميدانن ۾ شينهن به ايندا آهن.

***

 

هيڻا جهيڻا هيٺ ڪرڻ لئه، نظريا بنجن روز نوان

هرهڪ نظريو مسڪينن کي زهر جا ڏي ٿو ڊوز نوان.

***

 

مال مئن ۽ جيئرن جا سڀ ميڙي هو ٿيو شاهوڪار

ڪاري کاڌي ڪاري ڌن مان ورتي پنهنجي ڪاري ڪار.

***

 

جنهن کي رهبر سمجهيوسين تنهن رهزن وارو ورتو روپ

ان جي ڪُڌن ڪرتوتن سان قوم سڄي تي آيو ڪوپ.

***

 

کائين کائين جو به بچائين، سو ٿا کائن تنهنجا ٻار

ڪيسين تائين هوندا سائين تنهنجا پنجو وارا پارا.

***

 

رڌو پڪو پاٽ ۾ پاڻيءَ پيٽ ۾ پاتو پيجو خان

نار نمائي، ننڍا ٻار تن لئه رڳو رُکا نان.

***

 

نينگر ويٺي نيڻ ٽماڻي، ڪانڌ اچي ٿو ڪهڙي ويلي

آڌي ٽاري اسري آئيو، ڀينگا پاڙا سارا ڀيلي.

***

 

پٽڪو هن جو پنج پُرهه ۽ سٿڻ هن جي سورنهن وال

اڳڙيون ڳنڍي انگ ڍڪي ٿي هئه هئه هن جي سُندر زال!

***

 

دم دم روئي دم دم کلي، هن کي ڇئجي تيرهن تالي

وڄت واڄي واري هرڪا گاگهر هوندي آهي خالي.

***

 

تنهنجو رُسڻ روز ڏسون پر تنهنجو پرچڻ ڪونه ڏسون

ٻي کي خرچ ڪرائين ٿو پر تنهنجو خرچڻ ڪونه ڏسون.

***

 

ٻني جي ٻن ٻارن تان هي هيڏا سارا ڪونڌر ڪُٺا

پاڻي جي ٻن وارن تان هي هيڏا سارا مانجهي مُٺا.

***

 

جادوگر هت تنهنجو هاڻي، جادو جنتر هلڻو ناهي

ڀوپا تنهن جو ڀيد کُلي پيو انتر منتر هلڻو ناهي.

***

 

ماڻهن کي چورائڻ مارڻ ڀنگ وٺڻ آهي ڪيڏو ڏوهه

ڪنهن جي ٻُل تي ڌاڙيلا هي قوم سان ڪن ٿا هيڏو ڊوهه.

***

 

ڪالهه سجايون سوريون سڄڻن، ويرين جو اڄ وارو اهي

دشمن دهليا دور ڀڄن پيا، هاٿين ۾ هانبارو آهي.

***

 

پيرن ۾ زنجيرون اهن، هٿن ۾ پڻ هٿڪڙيون

سخت ڪڙيون ڄڻ زهر ڳڙيون، هت گهاريون ويٺا يار گهڙيون.

***

 

جيڪي قومون محنت ڪنديون، سيئي ماڻينديون معراج

جيڪي ماڻهون سختيون سهندا بنبا قومن جا سرتاج.

***

 

روئڻ پٽڻ واريون قومون، ڪهڙا ڪاڄ سڪارينديون

ڪهڙا ڦاڙا مارينديون، ۽ ڪهڙا ٻوٽا ٻارينديون!

***

 

اَڀرن جون اُڀ ڏاريندڙ، مون تو وٽ آنديون آهون لال

درد وندن ۽ دکيارن جون دل سان سُڻ تون دانهون لال.

***

 

مڇي ماري ڪُني ۾ جي رڌي ماني کائن ٿا

اهڙو کاڌو کائيندي هو توکي روز سڪائن ٿا.

***

 

تنهن جو هڪڙو هڪڙو ٿورو لاهي مور نه سگهنداسون

تنهن جي صدقي ٻيڙا تاري لڪيون لانگها لنگهنداسون.

***

 

هي شهر اسان جو شان ڀريو نت شهرن جو هو شاهه اڳي

هن شهر جو مٽ ڪو شهر نه آهي تارن ۾ هو ماهه اڳي.

***

 

ڪين مٽ نوري جي ٿيندي ڪابه ناري سنڌڙي

هر تماچي کي ته تنهنجي تات تاري سنڌڙي.

***

 

جو وطن تان ساهه سر اولاد جو صدقو ڪري

جاءِ اهڙي جُنگ جي هرگز نه ٿو ڪوئي ڀري.

***

 

مون خزانو قيمتي هت قوم پنهنجي کي ڏنو

جي نه ٿو ڇپجي سگهي ته به ڪين ٿيندو ڪو ڪنو.

***

 

ڦوڪ هڪڙي ساڻ سڀ ويندا اُڏامي ڦوڪڻا

نيٺ هن ڌرتي تان ڌڪجي ڌارا ٿيندا ڌوڪڻا.

***

 

ٿي سگهي ٿو ڪو وٺي واپس وڃايل تخت کي

ڪنهن به قيمت تي نه موٽائي سگهي ٿو وقت کي.

***

 

ڳورا ماڻهو اٿندا آهن دير ڪري

دير سبب ڀل مفت ۾ ڪو مسڪين مري.

***

 

سٺ لکن کان به وڌ، ماڻهو جنازي ۾ شريڪ

ڊائنا تو موت کي آهي ڏني ڪيڏي نه ليڪ.

***

 

واهه گُل غيبي جو ميلو جاڙڪي جي ديهه ۾

اڳ نه اهڙو مون ڏٺو مشهور ميلو ڏيهه ۾.

***

 

انگريزن جي غلامي ۾ گذاريا سال تو

مُلڪ جا مارو ڦري ٺاهيا مڏيون ۽ مال تو.

***

 

زندگيءَ جون سڀ خوشيون، ويئي مهانگائي ڦُري

آهي جنهن وٽ جيترو پيئي مهانگائي گهُري.

***

 

راهه ويندي ڪيترا هي قافلا لُٽجن پيا

ڪيترا معصومڙا موذين هٿان گهُٽجن پيا.

***

 

سنڌڙي تنهنجا سڀيئي ڳوٺ ڳوٺاڻا وسن

سڀ پراڻا پڊ پوٺا ڏيهه ڏاڏاڻا وسن.

***

 

هار تي هن هار کاڌي هاءِ ڪونرو جي هٿان

ڇپ هيءَ ڪيڏي ڳري، پيئي ڪري هن جي مٿان.

***

 

دائما سودو دلين جو ٿو هلي دلدار هت

ڪو وٺي، وڪڻي، ڦري ڪو دل ڦرائي يار هت.

***

 

جي اچين منهنجي اڱڻ تي، رات روشن ٿي پوي

راهه منزل گاهه راتو رات گلشن ٿي پوي.

***

 

زندگيءَ جي قيمتي آهي هتي هر ڪا گهڙي

زندگي سهڻي بنايو هر مصيبت سان لڙي.

***

 

هي نارجا لوٽا هتي ڀرجن، هُتي خالي ٿين

والي هتي قيدي ٿين، قيدي هتي والي ٿين.

***

 

کير ڀت ٻاجهر جي ماني ساڳ سان

ڀاڳ وارن کي ملي ٿي ڀاڳ سان.

***

 

محبت زندگي آهي، محبت بندگي آهي

محبت سونهن انساني محبت تازگي آهي.

***

 

سياست جي دنيا ۾ پير جنهن پاتو اهو ڦاٿو

سياست جي مريضن جو دنيا ۾ ناه ڪو ڪاٿو.

***

 

خرابي جي رکي نيت هتي آيا جي ٻاهر کان

اهي وانجها رهيا وڇڙيا سدا ڌرتي جي واهر کان.

***

 

متان ڇاري ڏسي ڀُلجو، اندر کامي پچي کُورو

وڌو جنهن پير کوري ۾، پچي ٿيندو اهو پورو.

***

 

اسان کي رنڊڪون روڪون نه روڪينديون ڪڏهن يارو

هٽائي ڏاڍ جا ڏونگر ڏري تن کي ڪبو ڏارو.

***

 

اسان جو پيچ ڌرتي سان، اسان جو پيار ڌرتي سان

اسان جو ڪار ڪم، وهنوار ۽ واپار ڌرتي سان.

***

 

اسان ڌرتي جي گولي تي، رکون درجو حقيقت جو

اسان منصب مڃايو آهه، طاقت جو صداقت جو.

***

 

اسان ڌرتيءَ سان گڏ، ڌرتي جي مٽي مان ٺهيا آهيون

ايامن کان اسان ڌرتي سان گڏجي هت رهيا آهيون.

***

 

حقيقت کي لڪائي ڪين سگهبو

حقيقت کي نه هرگز خواب چئبو.

***

 

ڌرتي نه آهي ڪوس گهر

ماڻهو نه آهي جانور.

***

 

تصوف محبت جو پرچار آهي

تصوف صداقت جو اظهار آهي.

***

 

وسامي جي ويئي وري ٻار بي

مٿس ٻاٽلي تيل جي هاربي.

***

 

جتي سونهن سينگار ناهي سڄڻ!

اتان يار گهرجي سويرو ڀڄڻ.

***

 

هتي نيٺ ٿيندا نبيرا وطن جا

هتان لوڌبا سڀ لٽيرا وطن جا.

***

 

وڙهڻ ڪاڻ دلدار دل ٿي کپي

انهيءَ ساڻ دشمن کي وجهبو ڪپي.

***

 

حياتي ٻه ٽي سال ڌاڙيل جي

اجها ٿي پڄاڻي سندس کيل جي.

***

 

سوين سور سختيون ڀلي هت سَهان

وطن کان نه هرگز وڇوڙيل رهان.

***

 

اسان بار پنهنجو نه سر تي کڻون

سڄو بار هيڻن ڪلهن تي هڻون.

***

 

هي آهه نوٽن تي ووٽن جو وڪرو

سڄي گهر جي سيڻن ۽ سوٽن جو وڪرو.

***

 

محبت جي ناهي ته ڪجهه ڪين آهي

محبت دنيا جو سچو دين آهي!

***

 

اڄ جي سياست اسڪولن کي آهي رسايو ڌڪ وڏو

حالت هن ۾ قومي ڍانچو ٿيڻو آهي يار جڏو.

***

 

ڳوٺاڻن جا بند سوين اسڪول ڏسون ٿا يارو اڄ

ڳوٺاڻن جي قسمت وارو، ڏسجي تارو ڪارو اڄ.

***

 

سا ڪري ۾ تنهنجون يادون دائما رهنديون نگار

ساڪري کي رهندو حاصل، نت پرين تنهنجو پيار.

 

***

 

ٽِڪا

تو وٽ ماڻهو پرکڻ جي پوري ڪا پرکا ناهي يار

جو به ڇڏي ٿو تنهنجي جماعت، ان کي ڪوٺين ٿو غدار

ساڳيو ماڻهو موٽي آيو، ان کي پارائين ٿو هار!

***

 

ڏاهپ اڇلي ڪيئي ڏاهيون

ملڪي ميدانن ۾ آيون

وڙهندي وڙهندي کائن ڦاهيون.

***

 

اڀريو سورن جو هو سج

گهر ۾ اٽو ان نه آهي

ٻنيءَ ڄي لئه ناهي ٻج.

***

 

ڪَتِي، آنڌائون ۽ چيٽ

ڀاڄيون، ميوا ان اپائن

سڀڪجهه کائي ويندو پيٽ.

***

 

غير به وقتي يار ٿين ٿا

اهڙا وقت به ايندا آهن

پنهنجا ٽٽي ڌار ٿين ٿا.

***

 

عبدالستار شاهه جا فرزند نيڪ نام

امداد ۽ ارشاد، فدا رند خوش گرام

هن بزم سندو تن رکيو وه واه انتظام.

***

 

هي جو ناڻو، ناڻو آهي

اچي وڃي، رُسي پرچي

مومل وارو راڻو آهي.

***

 

ڪيس بنايو اهڙو بابو

هيڏن خرچن هوندي سوندي

چور ڇٽي ويو، ڀاڳيو قابو.

***

 

هيڏا ڌاڙيلن جا ڌاڙا

اتر سنڌ جي ڳوٺن جا اڄ

خالي پسجن ڪيئي پاڙا.

***

 

رات جو ساري رات گهمي ٿو

پائي جو ڪم ڪين ڪري ٿو

ڏينهن جو سارو ڏينهن سمهي ٿو.

***

 

مور کان واڌو آهي وياج

وياج گهڻيي ماڻهو ماريا

باقي مُلا جي آ هاج.

***

 

هرگز ڏاڍا ناهن پربت

ڏاڍا ڏونگر مور نه ڏاڍا

سڀ کان ڏاڍا آهن پورهيت.

***

 

هاڻي سيمنٽ وٺندو ڪير؟

هيڏو سارو اگهه چڙهي ويو

ڄڻ ڪو سون جو آهي سير.

***

 

اگهه وڌي ويو هيڏو هاڻ

ڀاڻ وٺڻ جي طاقت ناهي

ماڻهو سارا ٿي ويا ڀاڻ.

***

 

تون اچين وڃين ڀاڙن تي

تون راهي رستن روڊن جو

هت منهنجا پنڌ پهاڙن تي.

***

 

هت گاڏي ۾ ٿو ڏاند هلي

هو ڪارون شاهوڪارن جون

هت پئسي جي ٿي راند هلي.

***

 

ڀانڊي جو ٻج، ٽوپ جي پاڙ

اهڙا جي ٿيا با اختيار

ٿيندو سارو ملڪ اُجاڙ.

***

 

ڍلون ۽ محصول وڌي ويا

ڍل نه اُڳڙي ڪامورن کان

ڪيئي ماڻهو ڪالهه ٻڌي ويا.

***

 

هوڏس ڪپڙي جو شوقين

زال ٽٽل ٿي ٽوپي پائي

گهر  وقتي رڌجي ڪين.

***

 

ڏوهي آهين، چوري جو تون

ڪورٽ ۾ ڇو ڪوڙ بڪين ٿو

ڏوهي قوم سموري جو تون.

***

 

تنهنجو منهنجو رستو ڌار

مان ته تران پيو تانگها تار

تنهنجو پنڌ نديءَ کان پار.

***

 

جنهن ملڪ کي ناهي ڌرتي ڪا

۽ جنهن کي پنهنجو قوم نه آ

تنهن ملڪ جو آهي ڪهڙو بقا.

***

 

 

 

چونڪا

اسان پيا بنايون سمونڊن ۾ بندر

چون ٿا هتي اڳ هو آيو سڪندر

سڙن پيا ڪي ميمبر هو جيلن جي اندر

بنايو نٿا ڇو دُکي دل جو مندر.

***

 

ڪي ڪي ماڻهو پاڻ کي ٺاهڻ کائڻ پائڻ وارا آهن

ڪي ڪي ماڻهو پيارا پيارا، ڏاڍا ڀائڻ وارا آهن

ڪي ڪي ماڻهو پروانا ۽ پاڻ پچائڻ وارا آهن

ڪي ڪي ماڻهو خالي پنهنجي پڳ بچائڻ وارا آهن.

***

 

ڏاڍا هڻندا ڏنگ جڏ هن هت ماڻهو ٿيندا تنگ جڏهن هت

راڻا ڪندا رنگ جڏهن هت، جوٽيندا ڪا جنگ جڏهن هت

پاڻ تڏهن مظلومن پاران ڏاڍ سان ڏاڍو لڙنداسون هت

ڏاڍ جي سرتي چڙهنداسون هت ڏاڍيون بازيون کڻنداسون هت.

***

 

هاڻ دنيا ۾ رهڻي ڪانهي، ڪنهن پرڪائي قوم غلام

آزاديءَ جي اڳواڻن جا پهتا سهسين سڏ سلام

آزاديءَ جي ويڙهه وڙهڻ لئه، گڏ ٿيا دودا جوڌا جام

دام غلام جا سڀ ٽوڙي، آجا ٿيندا ملڪ مدام.

***

 

آهه رهڻو تنهنجو نالو سيد عبدالرحيم

تو سجاول ۾ بنايو مدرسو پڙهايا يتيم

مدرسو هي هاشمي آهي گهڻو مشهور يار

هت پڙهي پُرجهي هتان نڪتا گهڻا فائق فهيم.

***

 

زندهه ماڻهو زندهه رهندا، جيڪو ٺهندو تنهن سان ٺهندا

جيڪو وڙهندو تنهن سان وڙهندا پنهنجا ليکا لهڻا لهندا

ڀل ته هجن ڪي تن جا ويري، آخر ٿيندا ڪيري ڍيري

واهڙ وانگر وهندا وهندا وهندا ڊهندا ڊهندا ٻيهر چڙهندا.

***

 

هاڻ هلڻو ناهه هرگز، يار هت ڏنڊي جو راڄ

قهر وارن قيدخانن جو نه هلندو ڪوبه ڪاڄ

ڪونه هلندا ڪوس گهر جا، ڪوڊ ۽ قانون يار

جي هڻن ڀاڳين کي ڀالا، نيٺ ٿيندي تن جي ڀاڄ.

***

 

محبت سان دشمن به پنهنجا ٿين ٿا

محبت سان اهنجا به سهنجا ٿين ٿا

محبت سان ماڻهو ڏکن ڏاکڙن ۾

مددگار ڪنهن جا نه ڪنهن جا ٿين ٿا.

***

 

اچن ٿا روز لاشا جت، اتي عيدون ڀلا ڪهڙيون

بنا پئسن تماشا جت، اتي عيدون ڀلا ڪهڙيون

ڪڏهن ڪنهن جو ڪڏهن ڪنهن جو هلي ٿو روز ماتم هت

مري ٿي من جي آشا جت، اُتي عيدون ڀلا ڪهڙيون؟

***

 

زماني جا صدما سهون ٿا گهڻا

تڏهن پيٽ جا ٿا ملن ان ڪڻا

پتو نوڪريءَ جو پڙهيل پيو پڇي

چٻاڙيا انهيءَ ڪالهه رُڪ جا چڻا.

***

 

اوهان کي اڳي هو اسان آزمايو

نڪي آهيو پتل نڪي سون آهيو

جڏهن آيا پتل جي پالش لڳائي

اوهان کي هو ڀلجي اسان سون ڀانيو.

***

 

ڪڏهن جوڙين، ڪڏهن ٽوڙين

ڪڏهن تارين، ڪڏهن ٻوڙين

ڏٺي تنهنجي مون ياراني

سدا مشڪل ۾ منهن موڙين.

***

 

هاري ۽ مزدور جي ٻڌي

هاڻي ويئي آهي وڌي

مقصد جي تن لائي لڌي

آجائي جي کچڻي رڌي.

***

 

هيروئن جو ڌنڌو يارو

آهي ڏاڍو گندو يارو

سو ته سُڪائي نيٺ ڇڏيندو

قوم سڄيءَ جو کنڌو يارو.

***

 

ويئي وٿ نه هرگز واري

پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري

اڪن تي جو اٽا هاري

اهڙو ڪيئن حياتي گهاري؟

***

 

پوک پڪي ڏي يار نهار

تنهن کي کائي پيئي جهار

پيهي سان رک پختو پيار

کانڀاڻي سان جهار اُڏار.

***

 

ٿو بنائين ڊيم ڪالا باغ تون

سنڌ وارن جي دلين تي داغ تون

ٿي ڪرائي توکان ڪرسي ڪم جڏا

سمجهه ڪر، ڪيڏو نه آهين لاغ تون.

 

***

 

ڇَڪا

حسين ابن علي

کُلي ويو ڪربلا ۾، خوش نما اسڪول ايماني

مطالعه ڪن پيا اُن ۾ مجاهد درس قرآني

پيا ڪن خون سان رنگين تر نقشو مسلماني

لکن ويٺا اسان جي شان جي تاريخ لافاني

ٿيا داخل مجاهد جي نه تن کي ڀو قيامت جو

حُسينؑ ابن عليؑ کان سک سبق سچو شهادت جو

 

 

تُرپ جا پَتا

 

پهريائين تُرپ جا سارا پتا نڪري ويا

بعد ۾ سڀ بد جا وڏا پتا قابو ٿيا

نيٺ آيا بد جا ننڍا پَتا ميدان ۾

جن مان ڪي ڦاٽا ٽُٽا پٽجي پيا پرزا ٿيا

ڪم وٺون هاجوڙ کان يا کوڙ کائون ها چڱو

موت جي منهن ۾ هُئاسون موڙ کائون ها چڱو

 

 

ايم - آر - ڊي

جابر توسان جنگ اسان جي سالن تائين جاري رهندي

دادو، موري، هالاڻي ۽ هالن تائين جاري رهندي

ٻارن، ٻُڍن، مردن توڙي زالن ڀالن تائين جاري رهندي

بندقون، بم گولن توڙي ڀالن تائين جاري رهندي

جت ڪٿ ٿيندي سوڀ اسان جي جابر پويان پيرا ڪندين

ڀڙڪو کاڌو ڀاڳيتن تون خالي سارا ديرا ڪندين

 

 

فيصلا

سنڌ ڌرتيءَ جا سڀئي فيصلا سنڌي ڪندا

بند ڌارين جي اچڻ جا سلسلا سنڌي ڪندا

سنڌ مان تن جا روانا قافلا سنڌي ڪندا

پاڻ ۾ سنڌين سندا ڪم فاصلا سنڌي ڪندا

ناهه سنڌين کان مٿي ڪنهن ۾ سچائي سنڌ جي!

آهي هر هڪ دل ۾ تن هلچل مچائي سنڌ جي!

 

 

 

 

تاريخ جو اِمام

واهه جو هت راشدي، سائين حسام الدين هو

ڄاڻ ۽ تاريخ ۾ جهڙس هتي ٻيو ڪين هو

لائق تعريف هو ۽لائق تحسين هو

علم ۾ پختو پڪو ۽ قلب جي تسڪين هو

علم ۽ تاريخ ۾ ان جو مٿاهون هو مقام

هر نظر ۾ سنڌ جي تاريخ جو سو هو امام.

 

 

موت جو کيل

هيڏا سارا هي ڌاڙيل

هوڏي ڦُرجي پيئي ريل

هيڏي مسڪينن جا بيل

ماڻهو سارا ٿي ويا تيل

ڀاڳين جي ڇو هيڏي ڀيل؟

بند ڪريو هي موت جو کيل!

 

 

شهرن جو شاهه

ڪاٿي ٺٽا تنهنجو ٺاٺ

مون کي ماري تنهنجي ماٺ

چور پٽي ويا تنهنجا ڪاٺ

جن به پٽيا، تن پٽبا لاهه

شهرن جو تون آهين شاهه

ميلا تو ۾ ماه به ماهه

 

 

سِنڌ

اي زمين بهترين هر نگاهه ۾ زرين

باليقين نازنين ۽ حسين کان حسين

دل نواز دل نشين، مرمرين مہ جبين

عنبرين مشڪبار، پُرسڪون خوش گوار

اي زمين زيب دار، توتان جان دل نثار!

دل نثار دل نثار دل نثار دل نثار!!!

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org