سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :7

 

 

 

چيٽ چِٽا

(نورچشم مريم مجيدي جي طرح مصرع تي)

 

ساوڪ ڏاڍي سونهن لڳائي

چوڌاري چانڊاڻ پسون

ساهن ساڻ رکون ٿا سانڍي

ساوا ساوا سنگ سٽا

 

 

هاڻي پيلا چهرا تن تان

ويندي هي پيلاڻ لهي

ڳڻتي ڳاراڻي جا ماريل

آڻيندا ڳاڙهاڻ ڳٽا

 

 

ڌرتي تان سِر ڏيندا سڀئي

ڌرتي جن جو دين ڌرم

ڳاڻيٽي ۾ ڳوٺاڻن جا

ايندا اوچا ڳاٽ ڳٽا

 

 

ڌڪي پنهن جي ڌرتي تان هي

ڌاريا گڏجي ڌار ڪبا

تن جون کڻتون کاتا کوٽا

ڇاجون رٽون ريٽ رٽا

 

 

تنهن جون گوليون توکي لڳنديون

لکن منجهه اڪيلو تون

ٻاکا تنهن جا ٻرگهل ڪڍندا

ٻاٻيهن جا ٻاڻ ٻٽا

 

 

دين ڌرم جا ويڇا وسريا

سنڌي آهيون سيڻ سڳا

دل سان دل، دلدار ملايون

ڇاکون آهيون يار ڇٽا؟

 

 

ڏاڍن جي ٿي ڏاڍي ڏسجي

هيڻن تي هڻ مار اڃا

ڳاڙهن ڳوڙهن سان ئي ڳاڙها

ڪيسين ٿيندا ڳٽ ڳٽا؟

 

 

ڌرتي تنهن جو منهن جو آهي

ساٿ سٽاڻو سالن کان

تنهن جي سينڌ سنوارڻ خاطر

ساري ساريون ساٿ سٽا.

 

 

تو ۾ مون ۾ سونهن به ساڳي

ساڳيو آه ساه سڳو

تنهن جون منهن جون يادون ساڳيون

پڊ پراڻا ڦاٽ ڦٽا.

 

 

ڌاڙيلن جو روپ ڌري هن

ماروئڙڻ جا مال ڦريا

هاڻ نه ڀربا تنهن جا ڀانڊا

ڀينگا تنهن جا ڀاڳ ڦٽا.

 

 

گُجري پاتو گج گلابي

گل ڦل ۾ گلزار سوين

”سِڪ جي آهي سره ڦلاري“

”چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا“

***

 

 

ڪير آئون سومرا؟

ڪين پوريون تنهنجون ٿيندوين

هي رضائون سومرا

ڪير آهين تون عمر ۽

ڪير آئون سومرا

 

 

تون وڏو ٿي، ڇو رکين تو

ڪينڪي نظرون وڏيون

ڇو لڄائين پنهنجون ڀيڻون

پنهنجون مائون سومرا

 

 

ڪونه هلندو زور تنهنجو

۽ نڪي زورا وريون

هت بلائن جي مٿان

آهن بلائون سومرا

 

 

ڇو الاجي ڇا منجهان!

ڇا ڇا ٿو سمجهين پاڻکي؟

ٿو ڪرين هيڻن تي هيڏيون

هي هلائون سومرا.

 

 

هت دعا ۽ بدعا جو

ٿو هلي تاثير نت

ڇو نه ٿو دل سان کٽين

منهنجون دعائون سومرا.

 

 

سومرن جون جي ستيون تن

وٽ رسايان دانهن ٿي

سور جون تن کي سڻايان

ٿي صدائون سومرا.

 

 

ڪنهن به حيلي سان نه تنهنجي

راڄ راڻي مان ٿيان

کيڄ سان آهن لڌيون مون

لاڳ لائون سومرا.

 

 

ڇا جهليندا ڪوٽ هو

اڻ موٽ ڪاهيندا اچن

ويل تنهن وهندين وساري

سڀ وڄائون سومرا.

 

 

راڄ راڻو ٿي ڪري ڇا کون

رينجائين راڄ کي؟

ڪنهن نه توکان اڳ ڪيون

ههڙيون هچائون سومرا.

 

 

راڄ پنهنجي ۾ نه راجا

ٿا رکن نظريون بريون

ڪين تنهنجي منهن تي سونهن

هي سٽائون سومرا.

 

***

 

سرواڻ اُٿيا

 

هو ڄايا سنڌ امڙ جا ڄاڻي،

سڏ سڃاڻي ڄاڻ اٿيا.

 

هو ڦٿڪي ڦٿڪي ڦاهي گهاٽ جا،

ڦندا ٽوڙي هاڻ اٿيا.

 

هو ڪکن پنن وانگر موري،

پٽجي سٽجي پاڻ اٿيا.

 

هو سنڌ امڙ سان سودا ٻولي،

سوڍا ۽ سرواڻ اٿيا.

 

هو سانگيئڙن جي ساٿ ۾ سڏجي،

ساٿي بنجي ساڻ اٿيا.

 

هو پاپي، تنهنجي پاڙ پٽڻ لئه،

مڪلي ۽ مهراڻ اٿيا.

 

هو سُر سان سر جي سين هڻن لئه،

ٻيجل وارا ٻاڻ اٿيا.

 

هو ڀينگ ڏسي سڀ ڀڙڪا کائي،

ڀٽ جا ڀاڳيا پاڻ اٿيا.

 

هو چوٽا کولي چارڻ بنجي،

چيٽا ۽ چرياڻ اٿيا.

 

هو بچو، پيرو، گلو جا سڀ،

وارث وير وساڻ اٿيا.

 

هو لوڏا کائي لاکا لاڏيون،

لاکاٽون، لوڊاڻ اٿيا.

 

هو قومي حق وٺڻ لئه اوٺا،

اَبڙا ۽ اعواڻ اٿيا.

 

هو مارون کائي منڇر ماڃر،

کانٽو، کارو ڇاڻ اٿيا.

 

جت چانديءَ جهڙا پٽ سڪن اُت،

ڊگهڙي ۽ ڊينگاڻ اٿيا.

 

هو دودن واري ڌرتي اڃ ۾،

ڏسندي کاڻ پراڻ اٿيا.

 

هو شاهه ڪپور جي ڌرتيءَ جا سڀ،

آڳاٽا اهڃاڻ اٿيا.

 

هو ريڻ، پٽيهل، گنگڙي لئه سڀ،

رُئندي نينهن نياڻ اٿيا.

 

هو بجليءَ جي ٽمڪاڻ ڏسي سڀ،

چانڊوڪيون چانڊاڻ اٿيا.

 

هو ننڊ ۾ ڌوٻياڻي کي ڇڏيندي،

اوٺي اُٺ پلاڻ اٿيا.

 

سڀ کائي ڍڳا ڍور ڪراچي،

هاري ۽ هارياڻ اٿيا.

 

هو پينشنر ٿيا پاهه سمورا،

حاڪم ڪنهن جي ڪاڻ اٿيا.

 

هو ڪوٺا ڪاري ڌن جا ڏسندي،

تن ڏي هٿڙا هاڻ اٿيا.

 

هو ماڻهو نيٺ ته ماڻهو بنيا،

اهڙا اڄ اوساڻ اٿيا.

 

اڄ جت ڪٿ ڏسجن دهشتگرديون،

ٿاڻا، ٿاڪ، وٿاڻ اٿيا.

 

هو ٿر جا وسندا ٿاڪ مڙيئي،

مينهن جا مانڊاڻ اٿيا.

 

***

 

 

غدار نه ٿي!

 

ڀلي يار اسان جو يار نه ٿي،

پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي.

 

هو ٻار به تنجڻ کولي پيو،

تون ان کان ننڍو ٻار نه ٿي.

 

هو آزاديءَ جا متوالا،

تون گولين جي وسڪار نه ٿي.

 

هو آزاديءَ جا نازڪ گل،

تون آزاديءَ لئه خار نه ٿي.

 

هو آزاديءَ جا گيت لکن،

تون آزاديءَ لئه گار نه ٿي.

 

هو قوم جو بوجو بار کڻڻ،

تون قوم جي سر تي بار نه ٿي.

 

هو سامهون آهن دشمن سان،

تون دشمن جي تلوار نه ٿي.

 

هو آزاديءَ لئه جنگيون ڪن،

تون ڪرسيءَ لئه بيمار نه ٿي.

 

هو آزادي جا سنگ سنوان،

تون تن لئه ٻوڙي جهار نه ٿي.

 

هو آزاديءَ جو عشق رکن،

تون تن کان هرگز ڌار نه ٿي.

 

ڪر قائم پنهنجي خود داري،

تون بيوس ۽ لاچار نه ٿي.

 

تون کيل تماشو ناهين ڪو،

جنسار عجب اسرار نه ٿي.

 

تون ماڻهون آهين، ماڻهو ٿي،

پرسودو ۽ واپار نه ٿي.

 

تون رهزن وارو روپ رکي،

ڪنهن ريت مصيبت مار نه ٿي.

 

رهه ڪامورو ٿي دفتر ۾،

پر مالڪ ۽ مختار نه ٿي.

 

جي سنڌ امڙ سان ڪين سچا،

تون تن جو لنگهو لار نه ٿي.

 

چڙهه محنت سان مسڪينيءَ مان،

پر دولت جو انبار نه ٿي.

 

هن ڌرتي صاف سچاري تي،

تون دوکي جي ديوار نه ٿي.

 

جو دشمن سنڌي ماڻهن جو،

ان جي ته گلي جو هار نه ٿي.

 

نت مانيءَ جو محتاج رهين،

هت اهڙو تون نادار نه ٿي.

 

مسڪين نه ماڻي گل ميوو،

تون اهڙو گل گلزار نه ٿي.

 

رک پنهنجن کي پنهنجائپ ۾،

تون پنهنجن کان بيزار نه ٿي.

 

جو وقت تي ڪنهنجي ڪم نه اچين،

هت اهڙو تون بيڪار نه ٿي.

 

ڪر پيار وفا تون پنهنجن سان،

ڪنهن پاپيءَ جو تون پيار نه ٿي.

 

لهه پنهنجن جي پرگهور سدا،

پر هرگز تون پرمار نه ٿي.

 

هل شاهه لطيف جي نظريه تي،

تون ٻي جو پيروڪار نه ٿي.

 

جا لاش اُماڻي شهرن مان،

ڪا اهڙي تون سرڪار نه ٿي.

 

ٿو وڪجي جنهن جو ڪين وکر،

ڪا اهڙي تون بازار نه ٿي.

 

جا سچ لڪائي ڪوڙ لکي،

ڪا اهڙي تون اخبار نه ٿي.

 

ڪر يار سياست خدمت جي،

پر نعرن جي ڀرمار نه ٿي.

 

بازار ڦرائي چورن کان،

ڪو اهڙو چوڪيدار نه ٿي.

 

جو مور اچي نه مڃتا ۾،

ڪو اهڙو تون ويچار نه ٿي.

 

جو چوري کاتا بدلائي،

ڪو اهڙو کاتيدار نه ٿي.

 

سڀ راڄائي ڇڙواڳ رهن،

ڪو اهڙو لٺ سردار نه ٿي.

 

هت جنگيون لڙجن پوٺن تي،

تون شهرين لئه آزار نه ٿي.

 

***

 

 

جاڳيو ڙي!

تون تان ننڊ اگهور ۾ آهين،

لوڪ سڄو ئي جاڳيو ڙي،

ساڳيا ڏوٿي، ساڳي ڏرڻي،

ڏاڍ ڏکن جو ساڳيو ڙي!

 

 

جت ڪٿ آهي، اُلٽي گنگا،

الٽي بازي، اونداهي،

ڍڳو ڇٽو، چور به ڇٽو.

قيد ۾ قابو ڀاڳيو ڙي!

 

 

ڪاڪ ڪڙهي وڻ ڪوماڻا سڀ،

ڪاڪ ۾ ڪاڪا ڪو نه پسون،

ماڳيتن جا ماڳ مٽي ويا،

ماڳ تي ناهي ماڳيو ڙي!

 

 

ناهه چنيسر ناهي دودو،

پنهنجن ۾ ته به جهيڙو ڇو؟

ڌاريا آيا ڌرتي تي اڄ،

پرزا پڳڙي پاڳيو ڙي!

 

 

سنڌ جي سانگيئڙن جو پاسو،

ڪيئن ڀلا تو ڪيرايو،

توکي سرمون پارائي هو،

لاڳ وٺي ويو لاڳيو ڙي!

 

 

تنهنجي مٺڙن محبوبن جو،

رت گڏاڻو ريتي سان،

رت جي گاري گچ ٺهڻ سان،

روڊ سڄو ئي راڳيو ڙي!

 

 

جانب تنهنجو جت کڻي ويا،

توکي سار نه ساٿين جي،

هاڻي هوتن پويان هيڏو،

جهنگ جبل تو جهاڳيو ڙي!

 

 

سنجهو ٽاري نڪتا جيڪي،

هاڙهو حب لنگهي ويا سي،

تون ٿي پٺ تي پيرا آڙين،

عالم سارو آڳيو ڙي!

 

 

ڇوٽ ڇڏيون تو ڇوري ڇاکون،

تنگ مهارون توڏن جون،

نيشن کي تو نيئر پائي،

وڳ نه واري واڳيو ڙي!

 

***



 

ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

ٻيلهاڙي ۾ ٻار وڌي جي

ڪيئن ڦري ٿي ڀانڊي مالهه

ڪرڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

ٻاجهر جي جن ٻڏ ڪُٽي ٿي

ڪهڙن ڪهڙن ٿاڪيا ٿالهه

ڪر ڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

 

ڪهڙا حال ۾ ٻيريون ٻٻريون

ڪهڙي حال ۾ ٽالها ٽالهه

ڪرڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

ڪهڙا پنهنجا پاڻ ڀرا ٿيا

ڪالهه هئا جي پالها پالهه

ڪر ڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

 

ڪهڙن مٿن تي هئي ويڙهيل

اڃا مياڻي واري مالهه

ڪرڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

ڪهڙن ڪهڙن ڪوچارن تي

ڪاريون ڪڪريون ڪڙڪيون ڪالهه

ڪر ڪا ڳوٺاڻن جي ڳالهه

 

***


قومي ڪمن تي لکان!

 

 

لکان ڪجهه ته قومي ڪمن تي لکان!

غريبن جي سورن غمن تي لکان!

 

رڳو کير جو رنگ باقي رهيو،

ملاوت جي ميرن ڊمن تي لکان!

 

جلايو هو جن ڪالهه جپان کي،

هٿيارن ۽ گولن بمن تي لکان!

 

حياتيءَ جا لوڏا لکڻ کان مٿي،

زماني جي لوڏن لمن تي لکان!

 

نه پورهيت کي پورو اجورو ملي،

ڏڪارين، ڏچارن، ڏمن تي لکان!

 

جتي روز ڌاڙيل ڌاڙا هڻن،

وٿاڻن ۽ ٿاڻن ٿمن تي لکان!

 

ڪمائڻ جون ڪرسيون ڀلاريون ڀليون،

سند تي لکان يا سمن تي لکان!

 

پراون تي پنهنجن گهڻو ئي لکيو،

سميجن ۽ سوڍن سمن تي لکان!

 

وٺڻ ووٽ آيا وڏيرا وري،

انهن جي دلاسن دمن تي لکان!

 

جتان سامراجي ڀڳا ڀيلجي،

گوا تي، ڊيوتي، ڊمن تي لکان!

 

رکي ساک قومي قدامت جي جن،

سڀاڳن، سچن سورمن تي لکان!

 

خدايا قلم کي ڏي طاقت گهڻي،

ڌماچن ۽ ڌونرن ڌمن تي لکان!

 

اسان وٽ نه اهڙا گلستان گل،

لکان ڇا ته سوسن، سمن تي لکان!

 

نڪو گل گلابي، نه بلبل هتي،

ڀلا ڇا اجاڙيل چمن تي لکان!

 

روانا ٿيا رات راڻا هتان،

پنارام، پيسو، پمن تي لکان!

 

سرن، سردرن تي سوين پيا لکن،

ممن تي شمن تي کمن تي لکان!

 

وسي رنگ، سارنگ ڏاڍا ڪري،

ته ڳاڱين، ڳنڍيرن ڳمن تي لکان!

 

ڪسن روز ماڻهو، جتي ڪوس گهر،

لکان ظلم تي ظالمن تي لکان!

 

بدن جو سڄو ماس روڙيو بکن،

هڏن تي لکان يا چمن تي لکان!

 

جتي عيد تي عيد پهچي نه ٿي،

سوالي جي خالي جمن تي لکان!

 

ڪيا ڪيس ڪيڏا يهودين جتي،

عرب، شام، اردن يمن تي لکان!

 

ڏني علم جي جن هتي روشني،

انهن عارفن، عالمن تي لکان!

 

جي ڌرتي ستي جون ستيون ليکجن،

انهن بي بها بيگمن تي لکان!

 

خزانا جي کربين کڻي ويا هتان،

انهن بي لڄن حاڪمن تي لکان!!!

 

***

 

 

ڳاٽي ۾

محنت ٻني ۾ نه ڪندين تون،

ٻج به پوندءِ ڳاٽي ۾.

 

آهي نفعي ۾ محنت وارو،

ٻيا سڀ ماڻهو گهاٽي ۾.

 

ساوا سلا سنگ سٽا سڀ،

نيٺ ته ايندا ڏاٽي ۾.

 

ٻج سڙيل ۽ سينواريل کي،

ڇٽ نه دلبر ڇاٽي ۾.

 

چور ۾ جيڪا ساڃهه آهي،

ناهي سا گهوٻاٽي ۾.

 

چوڌاري چرڙاٽ متا ڄڻ،

چور گهڙيا چو واٽي ۾.

 

ٻج ڇٽين ڇٽ آڳاٽو تون،

حال نه ڪو پاڇاٽي ۾.

 

هلر ڳاهي ان اڇو ڪر،

سٽ نه ساريون ساٽي ۾.

 

وڏا کاتا ٽٽندا ڦٽندا،

پتيون ٿينديون پاٽي ۾.

 

چاهيون چٽڻي، ٿوماري کي،

چاهه نه رکون چاٽي ۾.

 

کير ڪراچي کائي، ناهي،

مکڻ ماٽيءَ ماٽي ۾.

 

***

 

 

سنڌي پُٽڙا

پيار ۾ توکي پالڻ وارا،

ڀائر ڀيڻون، سيڻ سڳا.

 

هي سڀ چاڏيون گاڏيون تنهنجون،

ٻنيون، ٻارا، ڍور، ڍڳا.

 

سنڌ امڙ ٿي ساريو توکي،

تنهنجي اچڻ ۾ ڏينهن لڳا.

 

سنڌي ٽوپي اجرڪ تنهجي،

هي سڀ تنهنجا ويس وڳا.

 

تنهنجي، آئي سنڌ امڙ جا،

ويري دشمن دور ڀڳا.

 

توکي ڏسندي سي ته ڇڏي ويا،

ٽپڙ ٽاڙي ٽول ٽڳا.

 

طاقتور تون تاڪائو کان،

وٺندين طاقت توڙ تڳا.

 

سچي واٽ تي هلندا رهندا،

تنهنجا پڌرا پير پڳا.

 

جڳ سڄي کي جاڳائيندي،

تنهنجي جڳ مڳ جوت جڳا.

 

***

 

 

عيد مبارڪ

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جي ڪني ڪانه چڙهي

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جو ڪٽبن روز ڪڙهي.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ تيل نه بتي آهي

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جو چيٽ نه ڪتي آهي

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جا ٻچا بک مرن ٿا

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جيڪي ڳڻتين مَنجهه ڳرن ٿا.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ پڪو ناهي ڦڪو

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ ٽڪر نڪو ٽڪو.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جون دلڙيون سيرون سيرون

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جا لٽا ليرون ليرون.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ مور نه آهي مُوڙي

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ ناهي ڪوڙي چوڙي.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن کي ڪانه ملي مزدوري

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جي پانڌي ناهي پوري.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن کي لوڪ وساري ويٺو

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن جو ڄام نه ڄامن ڄيٺو.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن سان بُک بنايو ناتو

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

جن وٽ کيٽ نه آهي کاتو.

 

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

لڙڪ لڪائن مُرڪن ۾ جي

تن کي ڪهڙي عيد مبارڪ

زهر چُڪائن سَرڪن ۾ جي.

 

عيد ملهائڻ وارا گڏجي

خوش ٿي عيد ملهايو يارو

جلدي اڀرڻ وارو آهي

هن جي قسمت وارو تارو.

 

عيدون ميلاتن جا آهن

جن وٽ دولت مال خزانا

سُڃا سکڻا تن وٽ آهن

عيد مبارڪ وارا گانا

 

***

 

 

ويري

سنڌ سجي هن سيري آهي،

گهيري ۾ هُن گهيري آهي.

هو تان ويري ويري آهي.

 

هن جي منهن تي اڇو اٽو،

هن جي دلڙي ميري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

ڦوڪون ڏي ٿو ڦلهارن ۾،

ڀاڳ ۾ هن جي ڪيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

توکان مون کان ڏاڍو ناهي،

بازن سامهون ڳيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

تنهنجي منهنجي پنهنجي سمجهي،

هن وٽ تيري ميري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

چور نه هرگز لڪڻو آهي،

هن جي پويان پيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

ڏونگر ڏارڻ وارا تو لئه،

ڪهڙي ڳالهه ڏکيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

هن جي آڏو ارڏو اڻ ٽر،

گولو شاهه ڪهيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

هن جي سامهون سورهيه سنڌي،

دودو خان مهيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

هيرا ڦيري ڄاڻي ٿو هو،

هن جي سر ۾ ڦيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

موليٰ وٽ انڌير نه آهي،

باقي ٿوري ديري اهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

وانگين جي هڪ وانجهڻ سان ئي،

ٿيڻو آخر ڍيري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

لڪي لڪي جهٽ هڻي ٿو،

هن وٽ دل نه دليري آهي،

هو تان ويري ويري آهي.

 

***

 

 

 

وڪاڻا

ڪير وڪاڻا، ڪير وڪاڻا،

پائي پيسي ٻير وڪاڻا،

سنڌ جا ويري وير وڪاڻا،

ميرايون ۽ مير وڪاڻا،

ڏيراڻيون ۽ ڏير وڪاڻان.

 

 

 

ٺڪر ٺوٻر ٺير وڪاڻا،

ڍور ڍڳا سڀ ڍير وڪاڻا،

پرمٽ وارا پير وڪاڻا،

شربت وارا شير وڪاڻا،

پاءُ وڪاڻا سير وڪاڻا.

 

 

ڪيئن وڪاڻا، ڪيئن وڪاڻا،

جيئن ڪو وڪجي، تيئن وڪاڻا،

چانگي چڙهي، چيئن وڪاڻا،

مرچ مسالا جيئن وڪاڻا،

هُو ٿو وڪجي، هيئن وڪاڻا.

 

 

ڪهڙي ڪهڙي ريت وڪاڻا،

مورک ماٺ پريت وڪاڻا،

ڏيئي هڪڙي ڳيت وڪاڻا،

ڄاڻي پنهنجي جيت وڪاڻا،

سمجهي سر سنگيت وڪاڻا.

 

 

ڪهڙي ڪهڙي طور وڪاڻا،

ڏاڍي مشڪل دور وڪاڻا،

خاص طريقي طور وڪاڻا،

بي وس ٿي، بي غور وڪاڻا.

 

 

ڪهڙي ڪهڙي اگهه وڪاڻا،

ساري پنهن جي سگهه وڪاڻا،

جئن ٿا وڪجن ٻگهه وڪاڻا،

 

 

ڪهڙي ڪهڙي دام وڪاڻا،

آيو تنهن جي نام وڪاڻا،

مفت ٿيا بدنام وڪاڻا.

 

 

ڪهڙي ڪهڙي نرخ وڪاڻا،

پي پيالو سرخ وڪاڻا.

 

 

ڪهڙا ڪهڙا رات وڪاڻا،

جن جي ناهي ذات وڪاڻا،

جن جي وڪجي بات وڪاڻا،

جن وٽ پنهنجي ڏات وڪاڻا،

 

 

ڏسندي قهري ڪات وڪاڻا،

جن جن کاڌي مات وڪاڻا،

مومل جا محلات وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا ڪالهه وڪاڻا،

جن جي وڪجي ڳالهه وڪاڻا،

ورتا موتين ٿالاهه وڪاڻا،

جن جي سر تي مالهه وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا نيٺ وڪاڻا،

سهنجا سٻر سيٺ وڪاڻا،

محلاتن جي هيٺ وڪاڻا،

اَسو، ڪتي، ڄيٺ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا ليٽ وڪاڻا،

جن جا وڏا پيٽ وڪاڻا،

ورتا ڀيٽ فليٽ وڪاڻا،

جن جون گاديون گيٽ وڪاڻا،

کاڌي پيڄ پليٽ وڪاڻا،

جن جون ڪيٽيون ڪيٽ وڪاڻا،

جن ٿي چوايو جيٽ وڪاڻا،

بڊا، ڦڳڻ، چيٽ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا هاڻ وڪاڻا،

پير، مريدن ساڻ وڪاڻا،

اوٺي اُٺ پلاڻ وڪاڻا،

کاريون، کاروڇاڻ وڪاڻا،

جن جو ملهه نه ماڻ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا راڄ وڪاڻا،

جن جن کاڌي ڀاڄ وڪاڻا،

جن جا ڪوڙا ڪاڄ وڪاڻا،

کاڌا جن ٿي کاڄ وڪاڻا.

 

 

ڪهڙي ڪهڙي ريٽ وڪاڻا،

ڀوتارن جي ڀيٽ وڪاڻا،

آين، چپ، چپيٽ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا اڳ وڪاڻا،

جن به وڌائي پڳ وڪاڻا،

جن جو ناهي جڳ وڪاڻا،

ڪونه لڌو جن دڳ وڪاڻا،

جن تي پٽڪو پڳ وڪاڻا،

دهلي وارا ٺڳ وڪاڻا،

کاڌا جن ٿي کڳ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا اڄ وڪاڻا،

راڻا، ڪاڻا، رڄ وڪاڻا،

جن کي ليهه نه لڄ وڪاڻا.

 

 

ڪهڙا ڪهڙا هيل وڪاڻا،

ڊيڄاريا جي جيل وڪاڻا،

ٿي ويا جيڪي تيل وڪاڻا،

جن وٽ هٿ جو کيل وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا ڳوٺ وڪاڻا

جن تي قرضن ڪوٺ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا پوءِ وڪاڻا،

جن جي لٽجي لوءِ وڪاڻا،

 

 

ڪهڙا ڪهڙا روز وڪاڻا،

پيتا جن ٿي ڊوز وڪاڻا،

فوٽو وار، پوز وڪاڻا،

جن وٽ ساز نه سوز وڪاڻا،

 

 

ڇو ڇو ۽ ڇاڪاڻ وڪاڻا؟

پاڻيهي سي پاڻ وڪاڻا،

ڪاجاتن ۾ ڪاڻ وڪاڻا،

مڃي ٻي جي آڻ وڪاڻا،

 

ڏاڍي ٿي ڇڪتاڻ وڪاڻا،

هاڻي آهن وڪرا بند،

وڪرن وار، ڌنڌا گند،

اهڙا ماڻهو آهن چند،

جن تي هلڻا ناهن ڦند.

 

***


 

 

 

 

حاضري موت جي ميدان ۾

آه ٺوڙهي ڦاٽڪ جو حادثو ڪيڏو وڏو

جو رسائيندو رهي ٿو دانهن در در سنڌ جي

 

مراهي مرڪن امائون جن جگر گوشا ڏنا

پنهن جي اندر ۾ رکي جن اون هر هر سنڌ جي

 

خشڪ ڌرتي جي گهٽائي خشڪ خنڪي خون سان

مالڪي مالڪ ڪري ويو واه مادر سنڌ جي

 

سنڌ کي ملندو رهي ٿو، ريج دائم رت جو

خشڪ ٿي ناهه ڪا، ڇاتي سراسر سنڌ جي

 

اڳ به سنڌي سنڌ لئه ڪيڏيون قربانيون ڏنيون

اڄ به زڪريا رکي ويو ساک آخر سنڌ جي

 

مصطفيٰ جي باغ جو، هئه هئه گلابي گل ڇنو

دانهن دل مان ٿي ڪري بلبل برابر سنڌ جي

 

ننگ ڌرتي جو رکيو ڪيڏو امان الله هت

واه جا ڪئي وسطڙي وريام واهر سنڌ جي

 

شهر نوشهري جو نينگر نام نالي سان وڌيو

ڪاميابي سان ڪري ويو ڪار ڪونڌر سنڌ جو

 

هي به اهڙي حاضري هئي موت جي ميدان ۾

جيئن ڀري هئي هيج مان هيمون ۽ حيدر سنڌ جي

 

سال چوراسي جي سترهن آڪٽومبر ۾ هي

ويا وڏائي نينهن سان ناموس نينگر سنڌ جي

 

پنهن جي ڇاتي ۾ ڇپايا ڇوٽ ڇيرا ڇوڪرن

يارڙن ياري نباهي زور ظاهر سنڌ جي

 

رنگ لائيندو جوانن جو جوانو خون هي

خون سان ٿي خون تر چولي ۽ چادر سنڌ جي

 

هِت هتان دارا سڪندر هار کائي موٽيا

ڇا بگاڙي بات سگهندو نيٺ نادر سنڌ جي

 

ڪالهه جي ڪونڌر ڪٺا تاريخ جا هيرا بنيا

تن کي پهرايون هٿن سان پاڪ پاکر سنڌ جي

 

هت نه هڪ هوشو، مگر ايندا هزارين هيج مان

سوڀ سر ڏيئي ڪندا ڪوپا قداور سنڌ جي

 

هي شهيدن جو نه ٿيندو خون  هرگز رائيگان

ويڙه وڙهندا پيا اچن دودا ۽ ڏاهر سنڌ جي

 

مر موهن جي دڙي جا مور مرندا ڪينڪي

هي امر آهن رکي جن سار صادر سنڌ جي

 

ڇو نه مانجهند تو بچايا مور منهن جي ملڪ جا

تنهنجي ڪن پيئي نه جيڪر ڪوڪ ڪنهن پر سنڌ جي

 

آه قرباني ۾ يارو ڪاميابي قوم جي

سينڌ سينگاري ويا بانڪا بهادر سنڌ جي

 

قوم اهڙن ڪونڌرن تي ڇو نه مرڪي دائما

جان ڏيئي جن ملهائي ٿڃ جيڪر سنڌ جي

 

واٽ ويندن کي ائين مارڻ روا هرگز نه هو

بي وسي واري ٿي حالت هاءِ هيڪر سنڌ جي

 

جن به پاتي هت شهادت ۽ ڦٽيا قيدي بنيا

تن بنائي قوم طاقت ور، تونگر سنڌ جي

 

ڄام شورا تنهن جا ٿورا قرب ڪورا ڇا ڳڻيان؟

سوچ توکان ٿا سکن، شاعر تناور سنڌ جي

 

سو سلامن جا هجن سوڍن سپوتن تي سدا

جي رکي ويا اور ۽ پرگهور اڪثر سنڌ جي

 

جن ملهائي پنهنجي مٽي مرتبو تن جو مٿي

تن وڌائي روشني اندر ۽ ٻاهر سنڌ جي

 

سنڌ لئه سنڌي سدا سر ڏيندا پيا اچن

ان ڪري ڌرتي ڇڏي دارا سڪندر سنڌ جي

 

قوم ٻولي ملڪ تي آيو جي مشڪل وقت ڪو

هر حال ۾ برتري رهندي برابر سنڌ جي

 

هت نبيرو نينگرن جو نيٺ ٿيندو نوڪ سان

آر اوپارن ۾ ٿيندا اوٽ آڌر سنڌ جي

 

***

 

 

وَٺي جون وايون

وسي وسي هُو وري وسي پيو

ڪڪر ڪڪر سان، گسي، گسي پيو

وڄن جا ورڙا، ٽپن ۾ ڦرڙا

ٽمن ٿا گهرڙا، پُسن ٿا کرڙا

مزن ۾ مايون، وطن جون ڄايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

 

گجي گجي هو، گجن ٿيون گوڙون

مٿي ئي سانوڻ، ٻڏي ٿو موڙون

ڏسو هو سرگس سندس اچي پيو

کنوڻ سان گڏجي ڪڪر نچي پيو

اجهو هو آيون ڪڪر ڪڏايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

 

پکن جي سامهون، پٽڻ تي پکڙا

منهن تي مُکڙا، ٻکن ۾ ٻکڙا

مکڻ جا مٽڙا، هٿن ۾ آٽڙا

لسي جا وٽڙا، پڻاک پٽڙا

رتيون ۽ رايون سٻر ۽ سايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

 

ملير مارو سنگهار ساوا

وطن ۾ ڄاوا، وطن ۾ ياوا

وطن ۾ کائن، وطن ۾ پيئن

وطن ۾ وهسن، وطن ۾ جيئن

دليون ملايون، کلون کلايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

 

جهنگن ۾ جهوڪون، رکون نه روڪون

اجهاڳ اوڪون، ملير موڪون

ڀريا هُو ڀڏڙا، کڏون ۽ کڏڙا

ننڍا ۽ وڏڙا، سڏن تي سڏڙا

ڪنيون ورهايون، خوشيون ملهايون

وٺي جون وايون، سدا سڻايون

 

 

ڇنن ۾ ڇيليون چرن اڪيليون

سٻر سهيليون، اُٿن سويليون

ڪري صفائي، ڌُئن ٿيون ڪپڙا

رڌين ڪوٽا، چپن تي چپڙا

هليون هلايون، مليون مٺايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

 

وسن اباڻا، پکا پُراڻا

ڀٽن جا ڀاڻا، ٿرن جا ٿاڻا

ڪنڊن جا ويڙها، ڪکن جا سيڙها

مچن ڪي ميڙا، ڀلوڙ ڀيڙا

وسن سي جايون، دليون اُڃايون

وٺي جون وايون سدا سڻايون

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org