سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :2

 

منهنجو خدا

 

 

مون ڏٺو مُنهنجو خُدا

ٿر جي ڀٽن ڀاڏن مٿي

جت نڪي نهرون نديون

پالي سنڀالي پيو سدا

 

مون ڏٺو منهنجو خُدا

ڪانُپو جبل جي ڪوڀ ٿي

جت مليا ٿي راڄ راڻا

گاد گولا ۽ گُدا

 

مون ڏٺو منهنجي خُدا

مڪلي جي ٽڪري جي مٿان

روز روز ٿا لهن جت

مَنڊڙا مورا مَدا

 

مون ڏٺو منهنجو خُدا

هر هنڌ تي، هر پنڌ تي

جو سُڻي پُوري ڪري پيو

هر سوالي جي سدا

 

مون ڏٺو منهنجو خُدا

فرعون واري ديس ۾

واه جا ويئي وکڻي اُت

اُن کي موسيٰ جي ادا

 

مون ڏٺو منهنجي خُدا

تن جي واهر پيو ڪري

ناهه جن جو ڪو دنيا ۾

واهرُو اَبو اَدا

***

 

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون ساهه ۾ توکي ڏٺو

ويساهه ۾ توکي ڏٺو

مون ڄاڻ ۾ توکي ڏٺو

اُهڃاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون آر ۾ توکي ڏٺو

مون تار ۾ توکي ڏٺو

مون موج ۾ توکي ڏٺو

مهراڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون جال ۾ توکي ڏٺو

مون خال ۾ توکي ڏٺو

مون لال ۾ توکي ڏٺو

لالاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون هوءَ ۾ توکي ڏٺو

مون خوءَ ۾ توکي ڏٺو

خوشبوءِ ۾ توکي ڏٺو

سرهاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون کنڊ ۾ توکي ڏٺو

سر کنڊ ۾ توکي ڏٺو

مون چنڊ ۾ توکي ڏٺو

چانڊاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون پد ۾ توکي ڏٺو

لاحد ۾ توکي ڏٺو

مون داڻ ۾ توکي ڏٺو

پرماڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون راڳ ۾ توکي ڏٺو

ويراڳ ۾ توکي ڏٺو

ڪاموڏ ۾ توکي ڏٺو

ڪلياڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون چٽ ۾ توکي ڏٺو

هر سٽ ۾ توکي ڏٺو

مون ڀٽ ۾ توکي ڏٺو

مون ڀاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون هاج ۾ توکي ڏٺو

سوراج ۾ توکي ڏٺو

آفاق ۾ توکي ڏٺو

اوچاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون خواب ۾ توکي ڏٺو

تعبير ۾ توکي ڏٺو

تصوير ۾ توکي ڏٺو

طلباڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون ڪار ۾ توکي ڏٺو

وسڪار ۾ توکي ڏٺو

سارنگ ۾ توکي ڏٺو

ساواڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون غور ۾ توکي ڏٺو

هر دور ۾ توکي ڏٺو

ورجاڻ ۾ توکي ڏٺو

واکاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون رات ۾ توکي ڏٺو

پرڀات ۾ توکي ڏٺو

باکاڻ ۾ توکي ڏٺو

ڳاڙهاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون لوڪ ۾ توکي ڏٺو

مون جهوڪ ۾ توکي ڏٺو

مون کاڻ ۾ توکي ڏٺو

کٽياڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون گيت ۾ توکي ڏٺو

سنگيت ۾ توکي ڏٺو

مون ميت ۾ توکي ڏٺو

ميراڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون مُلهه ۾ توکي ڏٺو

مقدار ۾ توکي ڏٺو

ماحول ۾ توکي ڏٺو

مانڊاڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون نُور ۾ توکي ڏٺو

مسرور ۾ توکي ڏٺو

مخمور ۾ توکي ڏٺو

چرياڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

مون راه ۾ توکي ڏٺو

اتساهه ۾ توکي ڏٺو

مون ساٿ ۾ توکي ڏٺو

سرواڻ ۾ توکي ڏٺو

مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو

 

انقلاب

 

ماڻهو ماڻهو هو مجبور، هيڻا تن تي ٻيڻا سور،

ڏاڍن وٽ هو ڏاڍ غرور، قهري تن جا ڪيس ڪلور،

 

 

خوف خدا هو بلڪل، ڪين، نڪو اوهي، اوٽ امين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، امت جي اڳواڻ امام.

 

 

گهر گهر ۾ هو جهيڙو جنگ، ماڻهو ماڻهو کان هو تنگ،

نه ڪو الفت جو هو انگ، نڪو ننگاوت جو ننگ.

 

 

هر جا حالت هئي سنگين، ريٽي رتولي، رنگين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، آيو عالم ۾ اسلام.

 

 

رولن ۾ هو سارو راڄ، ڀونگا ڀينگا ڀاڄڙ ڀاڄ،

هِت هو ڪوجهو هر ڪو ڪاڄ، کوءِ کٽولا کاڌا کاڄ،

موت جي منهن ۾ هو مسڪين، موليٰ جي هئي تنگ زمين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، آيو اندر جو آرام.

 

 

ڏاڍو هو جت ڏوهه گناهه، پاپين ڇڏي ڪانه پناهه،

سڏڪن ۾ هو ساهه پساهه، اڳيان پاڻي پٺيان باهه،

نڪادل جي هئي تسڪين، زنده نياڻين جي تدفين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، جيئڻ جو تنهن ڏنو جام.

 

 

بتن جي هئي پوڄا پاٺ، گرو چيلاتن ۾ ماٺ،

پپر پوڄا پٿر ڪاٺ، سنجهي سانجهي سنوڻ ساٺ،

پوتا پوشاڪون رنگين، تن تي مينا ڪاري مين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، جنهن تي ازخود ٿيو الهام.

 

 

هر ڪنهن ڏڻ جو بت هو ڌار، ميلا ريلا ميڙ هزار،

موڳا مشرڪ ۽ مڪار، ننڍا وڏا ڪل ڪفار،

سجدا ڪن ۽ پاڻ سڃين، موليٰ کي سي ڪين مڃين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، بتن جو ويو نالو نام.

 

 

دين پراڻا ٿيا تبديل، ڪارا ٿي ويا سڀ قنديل،

بدليا توريت و انجيل، ساڳيو ڏيک نه ساڳيو ڏيل،

توڙي فارس، توڙي چين، بدليا سڀ ويساهه يقين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، آندو تنهن پيغام اسلام.

 

 

جت هو جاري رنگ رباب، شربت وانگر شوق شراب،

فرق نه هو ڪو ڏوهه ثواب، نينهن نزاڪت هئي ناياب،

واڄٽ واڄا باجو بين، ڌڪڙ ڌاڄا ڌڙ ڌڙ ڌين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، پاريا ازلي تنهن انجام.

 

 

لاسي روشن روشن لاٽ، چوڏس چوڌاري چمڪاٽ،

لٿي اونداهه اُڃ اساٽ، اُمت ساري اوچا ڳاٽ،

ويئي انساني توهين، تڙجي ويو شيطان لعين،

جنهن دم ڄائو مرسل ڄام، لڳا لوڪ انهيءَ جي لام.

 

 

آئي رحمت واري رات، بادل برسي ڪن برسات،

هر جا شادي عيد برات، حمد ثنا ۽ صوم صلوات،

آيو در در دين متين، هر جا حاضر حق مبين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، موليٰ جو ٿيو دين تمام.

 

 

آئي انساني تقديس، ويئي پاڙيچن تان پيس،

نڪتو ڪينو ڪلفت ڪيس، هيڻاتن تان ويئي هيس،

گوندر وندا ۽ غمگين، رهبر جي پيا راهه تڪين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، لٿا اڀرن تان اَلام.

 

 

ماڻهن ترڪ ڪئي توحيد، نڪا ابراهيمي عيد،

نڪو ساٿي ساٿ سعيد، نڪو سودو پاڪ خريد،

لوڏن لوڏي روءِ زمين، مونجهارن ۾ مور مڪين،

تنهن دم آيو مرسل ڄام، مليا عاصين کي انعام.

 

 

آئي هرجا موج بهار، سانگيئڙن ۾ سک سڪار،

ڏيهَن مان ويو ڏرت ڏڪار، سچ صداقت جو سهڪار،

سجدي ۾ هرجاءِ جبين، ماڻهو ٿي ويا خوب حسين،

جنهن دم ڄائو مرسل ڄام، ساٿ سمورو تنهن جي سام.

 

 

آيو گهر گهر ۾ قرآن، عزت وارو ٿيو انسان،

آئي مَردن ۾ پڻ جان، راضي رب ٿيو رحمان،

ماڻهو ماڻهو کي موهين، بستي بستي بهشت برين،

جنهن دم آيو مرسل ڄام، ٻهڪيو شام عجم اَسام.

 

***


 

 

 

مٽي

 

مٽي منهن جي مٽي آهي،

جنهن ۾ سنڌو چٽي آهي.

 

مٽي مون تان ڏٺي آهي،

دشمن جي اڄ ڦٽي آهي.

 

مٽي مورئون مٽيان ڪين.

اُن جي الفت ڀانيان دين.

 

مٽيءَ تان جي مرڻا آهن،

مرڻا واپس ورڻا آهن.

 

زنده هتي ئي رهڻا آهن،

ڪهڙا ليکا لهڻا آهن.

 

ڌڱن جي هي ڌرتي آهي،

پيارا توکي پرتي آهي.

 

ڌرتي جا هي سهڻا ماڻهو،

جهڙا ڳاڙها ڳاڙها ڏاڙهون.

 

ڏاڙهون ۾ جيئن سونهن داڻا،

سنڌ ۾ سونهن منهنجا راڻا.

 

راڻن جو هي ريلو آهي،

ميلي کان وڌ ميلو آهي.

 

***

 

 

ڌرتيءَ جيڏو شاعر

ڪيڏو ڪيڏو شاعر آهين؟

هيڏو هيڏو شاعر آهين.

چئجي تيڏو شاعر آهين،

ڌرتيءَ جيڏو شاعر آهين.

انسانن جو شاعر آهين،

قهري ڪوٽن تي ٿو ڪاهين.

 

 

ڪنهن جو ڪنهن جو شاعر آهين؟

منهن جو پنهنجو شاعر آهين.

هن جو هُن جو شاعر آهين،

من جو تن جو شاعر آهين.

ارمانن جو شاعر آهين.

دل جا دوکا دُليا لاهين.

 

 

تنهنجي ڌرتي دائم ميڙا،

تو سان ماڻهو ڪَٺا ڀيڙا.

جهانگيئڙن تان ٽارين جهيڙا،

وانگيئڙن جا وارين ويڙها.

ٻلوانن جو شاعر آهين،

ٻاٻيهن جي ڌرتي ٺاهين.

 

 

شاعر آهين شاهه ڀٽائي،

وهه وهه تنهنجي هرڪا وائي.

ڪافيون مصري، بيت مٺائي،

تنهنجي مُلڪان ملڪ رسائي.

آزاديءَ جو شاعر آهين،

ڪوٽ غلاميءَ جا ٿو ڊاهين.

 

***

 

هتي اسان جي مالڪي!

 

هو قافلن تي قافلا،

کٽن نه ٿا هو سلسلا،

جتي ڪٿي مقابلا،

اسان وڃون ڪٿي ڀلا،

اسان مٿي مصيبتون

ڪدورتون ۽ نفرتون،

ڇا سور هت ٻڌائجي،

ڇا سورٺن کي ڳائجي،

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

اسان لڙي وڙهي سگهون،

ملي ملي مڙي سگهون،

گلاب جان ٽڙي سگهون

۽ چنڊ جان کڙي سگهون،

چڙهي وڃون پهاڙ تي،

نظر سري ۽ لاڙ تي،

اسان وهون کٻي، سڄي،

اسان مان ڪو نه ٿو ڀڄي.

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

 

 

اسان ته نانگ پاليا،

ستوه سان سنڀاليا،

اسانجي کير تي پليا،

اسان ته پاڻ وٽ جهليا،

هتي وڌي وڏا ٿيا،

ڳچيءَ ۾ ويڙهجي ويا،

هو نانگ ڦڻ ڪڍيو اچي،

بچي ته ڪيئن ڪو بچي،

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

 

 

هو نانگ نانگ نانگڙا،

هڻو انهن کي ڏانگڙا،

هو نانگ ڪين ڌاربا،

هو نانگ هان ماربا،

هو کير ڪين ٿا پين،

هو خون پي ٿا خوش ٿين،

انهن سان جنگ جوٽجي،

انهن کي خوب گهوٽجي.

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

 

 

اٿو اٿو اي ٻارڙا،

اي سنڌڙي جا يارڙا،

اي روشني جا تارڙا،

اي ڀورڙا، اي ڪارڙا،

کڻو هٿن ۾، ڦارڙا،

وجهو ڏکن ۾ ڏارڙا،

بلا بري کي مارجي،

ڪا رات خوش گذارجي،

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

 

 

هتي اسان جي مالڪي،

هتي اسان جي خالقي،

هتي اسان جون نسبتون،

هتي اسان جون رغبتون،

هتي نه ڌاريا اسين،

نڪي ڌڪاريا اسين،

اسان کي ڪجهه نه ٿو ڏجي،

اڃا به پيو ٿو ڏنڀجي،

اڃا به خون پيو کجي،

اچو ته يار هڪ ٿجي!

 

***

 

 

سانگيئڙا ساماڻا

 

 

کيپ نه کڻندين کوٽا کاڻا،

وٺندا توکان وير پراڻا،

هي جي سينگائيڙا ساماڻا.

 

ڪاڪ تي تنهنجو قبضو هاڻي،

ڪين رهڻ ڏيندا هي راڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

ڌارين سامهون ڌرتي خاطر،

گهوٽ گهمائن سرتي گهاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

مکڙيون تن کان مرڪ کسي تو،

گلشن اجڙيا گل ڪوماڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هاڻ نه اکرن ۾ هي اٽڪن،

سانگي منهنجا صاف سياڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

فن وڪيو فنڪار وڪاڻا،

ڪهڙا ناڻا ٽاڻا ماڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

ڪلهه ڪيو تو ڀينگو جن کي،

ڀرتو ٿيندا تن جا ڀاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

سنگن جو تون سانگ ڇڏيندين،

جيئن ڪي ڪارا ڪانگ اڏاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هي جو چارڻ چنگ ٻرايو،

وجهندو ڏيهن ۾ ڏاراڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

کاڌيون ميراثون تو منهنجون،

مال مليدا مکڻ چاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

پر پروڪي تو وٽ ساڳي،

ساڳيون پٿراڻيون پهراڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

ڪير ڪٿي جو ڪهڙن مان تون؟

ڪهڙا تنهنجا ٺام ٺڪاڻا؟

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

ساري ڏس تون سنڌ امڙ سان،

پنهنجون سالون ساٿ سَٽاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

جيجل ازلي، جت به ازلي،

ساڳياتن جا پنڌ پڇاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هن ڌرتي توکي ڇا نه ڏنو آ؟

تنهنجي رنجش روز رُساڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

پڙ ۾ هي مُنهن پاريون هڻندا،

ويڙهو ارڏا وير اباڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هو ٿو وڃي، تون پڻ ويندين،

گهوري سڀ گهر گهاٽ گهراڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هي ته پراڻي ڌرتي هن تي،

منهن جا ڏيهي ۽ ڏاڏاڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

هاڻ اسان ۾ آئي ٻڌي،

هرگز ناهيون داڻا داڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

ڌن نه ڌرتي کان وڌ ڪوئي،

جنهن ۾ داڻا، انب، هنداڻا،

هي جي سانگيئڙا ساماڻا.

 

***

 

لاڙ جا ماڻهو

 

هو لاڙ جا ماڻهو لوهه کان ڏاڍا گرمي سردي پاري ۾،

هو لاڙ جا ماڻهو خوبين وارا يارو خاص خساري ۾،

هو ڏينهن به ڏکن ڏولاون ۾ رات به ڳڻتي ڳاري ۾،

هو ويٺي ويٺي پوريون ڪن ٿا، راتيون پوهه سياري ۾،

هو پنهنجي پگهر ۾ ٿا وهنجن واهوندي وسڪاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان، وانگين جي واڌاري ۾.

 

هو پيٽ جي خاطر، پنڌن ۽ پرديسن جي پٽڪاري ۾،

هو ٻارن ٻچن وارا ماڻهو، روز مصيبت ماري ۾،

هو ڏکن واري ڏرڻي ۾ ٿا ڏرجن گڏ جي ڏاري ۾،

هو پيٽ جي باهه اجهائڻ خاطر اٽڪن لٽڪن آري ۾،

هو وهٽڻ وانگر روز وهن ٿا، ٻني ٻاري گاري ۾،

هو ڪنهن کان ڪين گهرن ٿا ڪنهن پر ڪائي ڇيڙ اڌاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

هو ڪک اباڻا لکن وارا، ڇوٽ ڇڏي ويا ڇاري ۾،

هو باقي بچت ڏيئي ويٺا، سيٺين جي سانداري ۾،

هو واڻئي وانگر ڳورا آهن، ڪنهن جي اوٽ اشاري ۾،

هو نظرون پايو ويٺا آهن، قسمت واري تاري ۾،

هو هر ڪا چيز وڃائي ويٺا، جوڳيءَ واري ڍاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

هو پاڻي پوک جو پورو ناهي ڪيٽي بندر کاري ۾،

هو لاڙ جون کاريون ناليون ڏس، لهواري اوڀاري ۾،

هو پورهيت تن لئه پورهيو ناهي ٺٽي گجي گهاري ۾،

هو ڍڳا ڍانڍا ڏيئي ويٺا، ڪڙمت جي ڪاباري ۾،

هو لائي ڪارڻ لالڻ نڪتا، لڏن سان لاباري ۾،

هو چيٽ چٽائي نڪتا آهن، ڪڻڪن جي ڪاٽاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

هو چيٽ جا چهرا پڌرا آهن گيتا ۽ سيپاري ۾،

جو موتين جو مٽ ڪتي آهي، چيٽ به خاص گذاري ۾،

هو لاڙ جا لالن جهڙا ماڻهو، ڪالهه رسيا ڪاماري ۾،

هو ڳاڙهن ڏاٽن وارا پهتا، ڊگهڙي ۽ ساماري ۾،

ڪي مير وڏي جي لانڍي وٽ ڪي پهتا ڍوري ناري ۾،

ڪي ڀر ۾ ڀونگا ٺاهي ويٺا، ٽاري جي اوٽاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

ڪلها ڪچا نازڪ ٻچا، ڪڻسيا ڪاڙهي ڪاري ۾،

هو پيٽ جي خاطر پني آيا، پاڻک لسي پاري ۾،

ڪن ماني کاڌي مرچن سان ڪن چٽڻي ۽ ٿوماري ۾،

ڪي پورهيو ڪن هن نمبر ۾ ڪي لابارو ڀر واري ۾،

ڪن تڪ سمورا والاريا، ڪي پکڙيا ٻاري ٻاري ۾،

ڪن ماڻهن مال چرڻ لئه، آنديون، ڀريون ڀاڪر چاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

ڪن لوڊيون آنديون لائي مان، ڪن داڻا آندا کاري ۾،

ڪن ڪڻڪون آنديون مڻين منهن، ڪن ڳارو آندو ڳاري ۾،

هو لائيءَ وارا لائيءَ وارا، ڏاڍي نينهن نظاري ۾،

هو لائيءَ وارا مهل تي پهتا، موٽي گونگڙي ڪاري ۾،

شل موليٰ تن جو ماڳ وسائي، کيٽ کرن ڪي کاري ۾،

هي آهه لکيو مون ٿورو، ڪوئي وڌ لکي هن باري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکن، باقي ميڻ رهيو ماناري ۾.

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

***

 


 

 

 

چوٿين مارچ

 

چوٿين مارچ وارو ڪوس،

هن جو هلندو نت افسوس!

 

تاريخن ۾ رت جا داغ،

بڻيا آزادي جا باغ.

 

ماريا تن جو ڪونهي ڏوهه،

هي هو ساروتن سان ڊوهه.

 

هي هو هڪڙو خاص جلوس،

نينگر تن تي هيڏي هوس.

 

چوٿين مارچ رهندي ياد،

ڪو نه اڃان ٿو داد فرياد.

 

هاءِ! وهيو هت هيڏو خون،

هن جو لکجي ڇا مضمون؟

 

سنڌين ماڻيو واهه مقام،

تاريخن ۾ رهندو نام.

 

صاحب جو هو، سخت سلوڪ،

موت رساڻاماهه موڪ.

 

انڌو هوندو جت قانون،

پيدا ٿيندا اُت مجنون.

 

مجنونن تي ناهه ميار،

پنهنجا پيڙهي ٿيندا پار.

 

پل مٿي بارود جي باهه،

راڻن جي تنهن روڪي راهه.

 

 

ان تان متو جهيڙو يار،

ڇر جي پيئي اُت سرڪار.

 

ٺهه پهه ٿي ويو ٺڙ ٺڙ ٺاڪ،

معصومن جا سينا چاڪ.

 

ڌرتيءَ ورتو رت جو ريج،

سوڍن ماڻي سچ جي سيج.

 

پاڻ ملهايو پنهنجن پاڻ،

رستا ٿي ويا سڀ رت ڇاڻ.

 

ٿورن اکرن ۾ هي ڳالهه،

موٽ مياڻي کاڌي ڪالهه.

 

 

چوٿين مارچ جو هي ڏينهن،

نينهن وڏي سان نبريا نينهن.

 

چوٿين مارچ وارو شير،

پڪا پختا تن جا پير.

 

هڪڙي صاحب جو هو کيل،

تيل بنيا ڪي پهتا جيل.

 

کيڏي ويئي رت جي راند،

پٽڙن سان ٿيو پاڻ پلاند.

 

پاڻي ٿي ويو ڳاڙهو لال،

هر ڪو سنڌي هو بيحال.

 

ڪانه خبر هئي ٿيندو هينئن،

ٻيهر پهتو نادر ڪيئن!

 

حاڪم هرڪو هو خاموش،

پاپ مٿي پيا پردا پوش.

 

چوٿين مارچ وارا جُنگ،

وه وه تن جو عشق امنگ.

 

چوٿين مارچ وارا يار،

ديس جا دودا ۽ دلدار.

 

چوٿين مارچ جا گلفام،

منهنجو تن کي آهي سلام.

 

ڪنهن وٽ پهچايون هيءَ دانهن،

ڪيئن رسايون هيءَ ڪنهن ڏانهن.

 

هڪ هو لغاري يوسف خان،

ساري سٿ جو سو اڳواڻ.

 

ٻيو هو يوسف مير امير،

سو پڻ هو سرواڻ سڌير.

 

اڄ پڻ آهن باڪردار،

تن کي پارايون ٿا هار.

 

ٻياپڻ تن سان ساٿ ۾ ساڻ،

موتين جو هو مُلهه نه ماڻ.

 

هر ڪنهن موکيو پنهنجو ماڳ،

آندي جاڳرتا ۽ جاڳ.

 

مارچ جا هي جُنگ جوان،

ڪيڏو چئجي تن جو شان.

 

 

چوٿين مارچ جا سرواڻ،

آزادي جا سڀ اهڃاڻ.

 

رت سان رڱجي ويو مهراڻ،

پاڻ ملهايو مڙني پاڻ.

 

ننڍا وڏا سڀ شهباز،

سنڌ ڪري ٿي تن تي ناز.

 

اڄ هي تن جي آهي ياد،

هر هر چئون ٿا زنده باد.

 

جت ٿي گولين جي گونجار،

ڏاڍ ۾ يارن وڌا ڏار.

 

دشمن وٽ هو ڪو نه قياس،

پٽڙا سارا ٿي ويا پاس.

 

موت حياتيءَ جو ميدان،

نينگر ٿي ويا ننگ نشان.

 

مانجهي ڪين هٽيا هي مور،

دشمن جي دل چڪنا چور.

 

ڄامن شوري واري پل،

هن تي هو هيڪاندو هُل.

 

هي هو ستهٺ وارو سال،

وانگين تي ٿيو ويل وبال.

 

مسروري ۾ هو مسرور،

سو به وڃائي ويٺو نور.

 

سنڌ سڄيءَ کي پهتو رنج،

ڪامورا ٿي ويا پوڻا پنج.

 

کوٽن جو ٿيو پورو کيل،

سنڌ جي ذهنن جي ٿي ڀيل.

 

بانڪن جو ويو لکجي باب،

سنڌ جو پورو ٿي ويو خواب.

 

***

 

ٿيندي جاچ

 

هي ڏس ڏٻرو، ڪنڊا ڪنڊا،

هنجي بت تي، هيڏي ماچ.

 

وڏا وڻ پٽيندي پاڙان،

هوءَ جا اچي پيئي واچ.

 

برسي آئي بوند اتر کان،

ننگر نارا ڪن پيا ناچ.

 

هر ڪنهن دل ۾ دهل وڄن پيا،

هر ڪو ڳائي ويٺو ڳاچ.

 

مينهن آئي موريا وڻ ٽڻ،

ٻارين ٻيجارن ۾ ٻاچ.

 

وقت وڃي پيو تڪڙو تڪڙو،

ويهي ڏس تون پنهنجي واچ.

 

ٽامون چاندي سون لڏي ويا،

گهر گهر ڪاهي آيو ڪاچ.

 

ٻيجل ٻي در ٻول نه ٻولج،

ناهي ٻيو ڪو ڏيهه ڏياچ.

 

ڏوهي تنهنجي ڏوهن جي هت،

آخر ٿيندي پوري جاچ.

 

ديس جي خاطر لڙندا ڌونرا،

ڌاريجا ۽ ڌوڪ ڌماچ.

 

***

 

عيد جا ڏڻ

 

جڏهن گوڙ گجگوڙ سان مينهن وسندا،

جڏهن ڇوٽ ڇانگن کي مارو ڇڏيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن صاف سانوڻ سکن کي سڏيندا،

جڏهن برک بادل ڏکن کي ڏريندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن پٽ پوٺارجي ريج ٿيندا،

جڏهن ٻج ٻارن ۾ هاري ڇڏيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن مال، چرندا وٿاڻن ڏي ورندا،

جڏهن ڊم کيرن جا ڀاڳيا ڀريندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن محب مارو مريڙا پٽيندا،

جڏهن سنگ لڻندا ۽ سائون سٽيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن راڄ توريون گواريون تريندا،

جڏهن کير کاڌا ڏکوين کي ڏيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن سبز پوشاڪ وڻ ٽڻ ڍڪيندا،

جڏهن گونچ گل ڦل ۽ ميوا جهليندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن ٿر ۾ مارو ڏکارا نه هوندا،

جڏهن ڪو به کٽڪو نه دل ۾ ڌاريندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن ڪٿ به ڌرتي تي ڌاڙا نه لڳندا،

جڏهن ڪٿ به ڦورو نه ڪنهن کي ڦريندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن خون ڪنهن جو نه راڪاس پيئندا،

جڏهن ڪين مسڪين جو دم گهٽيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن پاپ جون پاڻ پاڙون پٽيندا،

نه هڪ ٻي ڪنان محب منهڙو مٽيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

 

جڏهن ساٿ سوڍا سچارن کي ڏيندا،

جڏهن راڄ ڪاڄن کي مرڪي منڊيندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن سڀ مٺي ۾ مٺايون ونڊيندا،

جڏهن قربداري جا ناتا ڳنڍيندان،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

جڏهن يار قرضن کان آزاد ٿيندا،

خزانن ۾ پنهنجي ڌراوت ڌريندا،

تڏهن عيد جا ڏڻ اسان جا به ايندا.

 

***

 

سنڌي ٻچا

 

جي سنڌ سان ناهن سچا،

چئبا نه سي سنڌي ٻچا.

 

جي سر نه ڏيندا سنڌ تان،

سي قرب ۾ چئبا ڪچا.

 

گڏجي هٽايون يار هي،

اڄ سنڌ تان ساري هچا.

 

ڇاڪاڻ دشمن پيو ڪري،

هت ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڏچا.

 

ڌرتيءَ تي اڌارين جي ڏسون،

ڌڪ ڌُوڻ ۽ ڌمچر ڌچا.

 

هت ڇو نه ڀائر ٿي رهون،

سڀ سولنگي، ڀنگڙ، ڀچا.

 

ناتا نماڻن سان رکون،

هر ڳوٺ ۾ ڳوڙها ڳچا.

 

پنهنجن سان پوري پيار سان،

پورا ڪريون وعدا وچا.

 

راڄن رهاڻن ۾ رکون،

قائم سدا رنگت رچا.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org