ڏسي ڪو ته جاتيءَ جي ڇاتيءَ کي کولي
نه ماڻهن جي موتن جي ٿيندي تلافي
ڏجي ٿو جو ڀرڻو، اهو ناهه ڪافي
نه ماڻهوءَ جي قيمت ڪو ڏيئي سگهي ٿو
نه ماڻهوءَ مان ڪنهن جو به اگهه ڪو اگهي ٿو
سمونڊي پٽي تي هو طوفان حاوي
ائين سڀ چون ٿا روايت ۾ راوي
رهاڙي سڄي تي رهيو موت طاري
ٻه ٽي ڏينهن راتيون هو طوفان جاري
ڪيو سيم ساريءَ تي طوفان حملو
نه ماڻهو بچيا نه حڪومت جو عملو
هو پاڻي ۾ اوڀار ڏاڍو مٿاهون
ٿيون بند راڻن جي نڪرڻ جون راهون
هو ويهين صديءَ جو رهيو سال باقي
نه ماڻهو بچا ۽ نڪو مال باقي
نه طوفان دٻڪيو نه سانوڻ سٽاڻو
حياتين گهڻين جو کٽو آب داڻو
نه هوڙن هزارن جي پيئي خبر ڪا
نه ملاح تن مان به موٽي پهر ڪا
نه طوفان هن جون مثالو ملن ڪي
تباهيءَ جون اهڙيون نه سالون ملن ڪي
اثر هي هو تازن تجربن جو يارو
تجربن کان يارو ڪريو سڀ ڪنارو
اڳي ڪونه طوفان اهڙو رساڻو
نه ايڏو هو وڻ جهور جو ڪو وراڻو
هو مخصوص خطي تي طوفان نوحي
نبي نوح يارو هو اڳواڻ روحي
بچي ويئون ساريون پريون ڪوهه قافي
کٽي نوح حضرت سچي سوڀ صافي
نبي نوح وارو ڪشادو هو ٻيڙو
بچي سو ويو جو هو ٻيڙي سان ڀيڙو
حڪومت هتي پڻ گهڻو ئي ڏنو هو
ڏنو تن کي طوفان جن کان ڇِنو هو
جا ماڻهن مدد ڪئي ڳرو انگ اُن جو
ڪروڙن جي ليکي رسيو دنگ اُن جو
هي خدمت ڪرڻ جو هو ميدان اُن ۾
ٽپي پيا جوان مرد ذيشان اُن ۾
نه ڪنهن پارٽيءَ جو هتي سوال هو ڪو
سڀن جو برابر ڪيل ڀال هو ڪو
ٿيو قهر قدرت جو ڪيڏو نه نازل
هو ٺٽي بديڻن ۾ ماتم مسلسل
حياتيون هزارين پڄاڻيءَ تي پهتيون
ڇڏي لال ويا هت رهاڻيون ۽ رهتون
نه موتن جو آهي ٿيو ڪو شمارو
خبر ناهه دولت جو ڇا ٿيو خسارو
هئي ويهه، ايڪيهه ٻاويهه مئي جي
رهي آس باقي شفا جي نه شيءِ جي
ٻڌيون ڪنهن نه هونديون هي آهون ۽ دانهون
نه پهتيون هنن تي ڪي هونديون نگاهون
نه ڪنهن کي به ڪنهن جي رهي يادگيري
هلي ڪانه ڪنهن جي ڪا پيري فقيري
مري مال ماڻهن جو ويو ڪيترو ئي
ڏنو هت جو جنهن وٽ هئو جيترو ئي
نه وڻ جهور طوفان هو ياد ڪنهن کي
نه پوڙهو ڪو هوندو هجي ياد تنهن کي
صدر اڳ هو وڻ جهور طوفان آيو
گهڻي زور سان زور طوفان آيو
گهڻي کان گهڻي تنهن تباهي مچائي
اُنهي راند رت جي هئي جت ڪٿ رچائي
وري اڌ صدي بعد طوفان آيو
هي کاري ۾ کاري جو طوفان آيو
ستي لوڪ ڳوٺن تي پاڻي چڙهي ويو
سڄو کارو آفت ۾ اڙجي اڙي ويو
صدي هن جو چئجي هي طوفان پويون
کڻي ويو هي جاتي جو طوفان گويون
هي طوفان چئجي يا چئجي مصيبت
ڪڏهن ڪانه ڪڙڪي ڪٿي اهڙي آفت
هي طوفان هو يا قيامت جو منظر
صديون ان جو رهندو دلين تي اثر
ڪو وينجهار ويهي چٽي داستان هي
نه پورو ڪو ٿيندو بيان، بي بيان هي
هو ميلن هزارن ۾ طوفان پکڙيل
هو طوفان هن ۾ سڄو لاڙ جڪڙيل
ڏسي ڪو ته جاتي جي ڇاتي کي کولي
ڪو ڳوٺن ۽ پوٺن ۾ لاشن کي ڳولي
ڪريل ڪوٽ جاتي جا ڪيئي ڏٺا مون
مئل گهوٽ جاتي جا ڪيئي ڏٺا مون
ڀتيون ۽ ڇتيون هت ڪري پٽ پييون
سجاوت جون ڳالهيون وڃڻ لاءِ وييون
دنيا ۾ هو مشهور جاتي جو نالو
اڳوڻو رهيو ناهه جاتي جو چالو
نڪو شاهه ڪُپور دل تان لهي ٿو
اڃا ڇو، رڙي، شهر ات نا رهي ٿو
پراڻي ثقافت جو مرڪز هو جاتي
هي جاتي هئي خوب سيٺين سڃاتي
نه جاتي جي ڳوٺن تي ڇا ڇا وهيو هو
ڇڄي ويو هو ڇا ڇا ۽ ڇا ڇا رهيو هو؟
هي نقصان اربن ۽ کربن جي ليکي
ڪو دلدار دل ساڻ ڏيکي ۽ ويکي
نه ڪتي جي اميد باقي رهي ڪا
نه نڪتو کير مکڻ، مهي جهڻ ڏهي ڪا
وڏا گنج تن ۾ ٿيا مدفون ڪيئي
هي قدرت جي کاتي ٿيا خون ڪيئي
ڪراچي کان ڪڍڻ ۽ بندر علي جو
هو گهيري ۾ قصبو ولي ۽ پلي جو
بڻيا ڳوٺ جاتيءَ جا ڪيئي نشانو
ڪجي ڪهڙو ڪهڙن جو هت ڪو بيانو
حياتين ڏنيون ڳوٺ ڌانڌل گهڻيئي
هتي جا بنيا، بک محبوب ڪيئي
هُو رحمان ڌانڌل، جي بستي ڏسي ڪو
ڪئي موت ڪيڏي نه مستي ڏسي ڪو
جتن جا سمورا گلا گار ٿي ويا
سڃا مال وارا ۽ ميهار ٿي ويا
اڃا وڳ وانگين جا ناهن وريا ڪي
ڪي طوفان ماريا ۽ کاري دريا ڪي
گهڻو ئي سٺو هت هو ملڪن جي راڄن
سڀن جي لڌي سار سردار ساڄن
لڙهي ويا لکن جا اسان جا اَثاثا
مليا ڪين موٽي ڪي ماسا ۽ ڪاسا
لِکي هن تي تفصيل سان جعفراڻي
جدا سو هوندو، کير مان کير پاڻي
بچيو ٻج ٻارو نه سارين سلو ڪو
زميندار هاري گهرن ٿا ڀلو ڪو
بنيا باغ برباد، پاڙان پٽيا وڻ
ڌنارن جي سُڌ ناهه ڪاڏي ويا ڌڻ
ڪروڙن جا ڪچا ويا ميوا ڇڻي سڀ
نه بدلو مليو ڪو، روئن ٿا ڌڻي سڀ
جڏهن ٿيندي دلن جي ڇڪتاڻ يارو
تڏهن هر ڪو پٽڪو ڪندو پاڻ يارو
ڇو ذاڪر اڃا ماٺ ۾ آهي يارو
قلم جنهن جو آهي گهڻو زور وارو
ڇو استاد يوسف ٻڌائين نٿو تون
پنوهارن پکارن جو پورو پتو تون
تميمي جو جاتي جي تاريخ ٺاهي
لکڻ گهرجي توکي هي ساري تباهي
لکيو مون هي زينل خليفي جي گهرتي
سڄو آهي سورٺ جي سورن جي سرتي
سڏي توکي دودن جي ڌرتي ٿي واحد
تون ٺٽي جو دودو خدا آهي شاهد
هتي ڪنهن نه ڀيرو ڀڳو هو ڪو هرگز
ملڪ راڄ بنجي ويو خاص مرڪز
حوالي ۾ رمضان ڌانڌل ڏيون ٿا
بهادر ۽ بانڪي جا ساٿي ٿيون ٿا
گهڻا راز قادر جي دل ۾ هجن جي
سٽون سور سانگين جا ان کي سجهن جي
وٺو حال تنهن کان سڄي ڳالهه جو هت
اڄوڪو وٺو ۽ وٺو ڪالهه جو هت
دنيا جون وڏيون واراتون پڙهو سڀ
هي محسوس ٿيندي مٿاهين ۽ اڻلڀ
سڄا ملڪ سارا مددگار ٿي ويا
غمن ۾ دلي يار غمخوار ٿي ويا
مدد جي ضرورت اڃا پوندي رهندي
ڪندي پئي حڪومت وڏا لاڳ لهندي
اسان شاه ڪپور رڙي سڌاريون
اسان پنهنجي سنڊي کي ٻيهر اجاريون
اڳوڻي ۽ اڄوڪي جو ناهي ڌڻي ڪو
ڪو آهي وجهي ڪارخانو کڻي ڪو
خدايا اسان تي ڪرم ڪر سدائين!
اسان جو تون سائين جهانن جو سائين!
دڙن کنڊرن جي نه آهي ضرورت
رکون ڳوٺ تن جي سٺي صاف صورت
اڳوڻا نه جاتيءَ جا محلات ڏسجن
اڳي کان نه بهتر ٿا حالات ڏسجن
پري تائين جاتي جو واپار يارو
تجارت ۾ ان جو هو روشن ستارو
نه ڪاليج جو ڪو سٽاڻو ڏسون ٿا
گهڻن وٽ گهڻو اڄ به ناڻو ڏسون ٿا
”مجيدي“ اتي ڇڏ هي قصو اڌورو
ڪوي ڪيئي هوندا، ڪندا هن کي پوري
***
رهڻو آهي حيات
ڀلجي سيڻ ڪيا تو ڀوري،
ڏاڍا جن جي ڏاڍي ذات.
سنڌي مور نه سمجهن جيڪي،
آهي بلوچي جن جي بات.
ننڊ ولائت مان هو نڪتا،
اُٺ پلاڻي آڌيءَ رات.
وندر ووڙڻ سولو ناهي،
ڏور اڃا ٿيو ڪيچ قلات.
هو جي توڙان توڙ ڪري ويا،
توکي آهي تن جي تات
ڏير ڦري ويا دل جو داڻو،
ڦربي ڪين ڏيا ۽ ڏات.
ڪير کٽي يا هارائي پر،
ڪين محبت کائي مات.
توکي سختيون سهڻيون آهن،
جُڳ جُڳ رهڻو آهي حيات.
تو ته ڇڏيا سڀ عاشق اوري،
وڻ ٽڻ تنهنجي وائي وات.
تنهنجون ڪوڪون ڪيچ رساڻيون،
لانگها لڪ لتاڙيا لات.
سڱ سياڪا ڇا جا ڄاڻن،
هو جي ڇوڪر ننڍي ڇات.
ڇڏ نه پنهونءَ جو پيڇو گهوري،
گهاٽن ۾ ڪر پاڻ کي گهات.
هو ٿيا راتو رات روانا،
پنڌ پڇائين تون پرڀات.
***
ڪنهن جي جيجل روئي ٿي
ڪنهن جي جيل روئي ٿي هو
لڙڪن سان منهن ڌوئي ٿي هو
لڙڪ لڙهي ۾ پوئي ٿي هو
پنهن جا سور سموئي ٿي هو
لڇي ڦٿڪي لوليون ڏيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
خوني ڪنهن جي خير ۾ نه آهي
ظالم اڄ بي ظالم آهي
هوڏي گوليون هيڏي گوليون
گولين جون ٿيون ٻڌجن ٻوليون
ٽوليون ٽوليون رت رتو، ليون
خوني هوليون خوني ڇوليون
موت نه ماريا مور مڙيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
سوئي ساهي جيڪو چاهي
ظالم اڄ بي ظالم آهي
هر ڪو مال مهانگو آهي
ماڻهو ماس سهانگو آهي
ننگي نانگو نانگو آهي
هر ڪنهن در تي ڪانگو آهي
ٽوڙي ويٺو ٽپڙ ٽيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
ظالم اڄ بي ظالم آهي
گندا پاڙا جهڙا واڙا
پاڻي ٻاڙا مڇر جاڙا
لهريون لوڏا اوڙا پاڙا
ساڳيا ڌاڙيلن جا ڌاڙا
سانگي سورن منجهه سڀيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
ڪنگالن تي ڪاهيو ڪاهي
ظالم اڄ بي ظالم آهي.
اڄ بي مسڪين تي مارا
ساڳيا سرڻين جا لامارا
اڄ بي نيڻ ٽمن نيسارا
ساڳيا واسينگن جا وارا
اڄ پڻ رات رنجاڻي پيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
ڳوٺاڻن کي ڳاهيو ڳاهي
ظالم اڄ بي ظالم آهي
اِجها ڪاري رات وهاڻي
پاپين جي ٿي ڄاڻ پڄاڻي
مسڪينن جي آهه اگهاڻي
کير مان نڪري ويندو پاڻي
ويندا وکري سور سڀيئي
ڪنڌ ڪرن ٿا ڪيئي ڪيئي
آخر ايندو ڳٽ ڳراهي
ظالم اڄ بي ظالم آهي.
***
ٽَڪي سير کاڄا...
ڪو انڌير نگري جو چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا،
ٽڪي سير کاڄا
هو شادي به پنهنجي ۽ ناچو به پنهنجا،
هو پنهنجن جي وه واهه، پنهنجن جا واڄا،
ٽڪي سير کاڄا
رکي آس الله ۾ هُو اڏي سڀ،
رڻن ۾ به ويٺا، وڏا راڄ راجا،
ٽڪي سير کاڄا
هو ٻيڙا سُڪاڻين، سمونڊن ۾ سوريا،
مکائي چکائي، ڪيا لال لاڄا،
ٽڪي سير کاڄا
ورن ٻاجهه سان شال ٻيڙا اُهيئي
لٿا سير ۾ جي، ڪري سڙهه ساڄا
ٽڪي سير کاڄا
وسي رات برسات بر پٽ ڀڄايا
ڇنون ڇڇ ڇُلڪيا، ٽميا ڇوٽ ڇاجا
ٽڪي سير کاڄا
ڌنارن جا ڌڻ هاڻ ڌڪبا نه ڇڪبا،
ڌڙا ڌڙ ڦُٽي آهه، ڌرتي تي ڌاڄا.
ٽڪي سير کاڄا
سڄو ملڪ بئنڪن جو قرضي ڏسو ٿا،
ڪڏهن ٿيندا مسڪين قرضن کان آجا.
ٽڪي سير کاڄا
رڳو مُور تي وياج ناهي وڌيوڙي،
هتي ٿيا وياجن تي واڌو وياجا.
ٽڪي سير کاڄا
زراعت جي بئنڪن جي گهوٻين، فراڊن،
وڏيرن ۾ آهي وڌي ڀاڄ ڀاڄا.
ٽڪي سير کاڄا
اڳين زال پورهيو ڪري پيٽ پالي،
مٿان اُن جي آئي هو ويتر پهاڄا.
ٽڪي سير کاڄا
سچي دل سان خدمت ڪرڻ وارا تن کي،
ڏيون ٿا مبارڪ مبارڪ خراجا.
ٽڪي سير کاڄا
نه محنت محبت رهي جي اسان ۾،
ته رهندا هي اُبتا ۽ اونڌا رواجا.
ٽڪي سير کاڄا
جي مغرب جي تقليد وڌندي رهي ٿي،
ته ايندو بگاڙي ۾ سارو سماجا.
ٽڪي سير کاڄا
وڌيا خرچ شادين مرادين جا آهن،
وڌيا ڏيک ڏيکا جا ڏکڻا ۽ ڏاجا.
ٽڪي سير کاڄا
رهيا تاج وَر، تاج سرتاج ناهن،
رڳو هت رهيا، نام نالي، جا تاجا.
ٽڪي سير کاڄا
رهيا لڙڪ سنڌو جا باقي انهن تي،
نه ٺاهن ڏبابند برکا براجا.
ٽڪي سير کاڄا
ٺهيون، جي نيون ڪر براجون ته سُڪنديون،
ڦليليون گُليون، گراڙيون ۽ گاجا.
ٽڪي سير کاڄا
ڪراچي ۾ رت جي هلي راند پيئي،
لڳي بدنظر جي، نظر آهه ڪا جا.
ٽڪي سير کاڄا
ڪراچي اسان جو اجهو آستانو،
سرن سان لهو سار، سنڌي سٻاجها.
ٽڪي سير کاڄا
ڪراچي جي عظمت کي سنڌي بچايو،
اُٿو ڄام ڄاموٽ، واجا خُواجا.
ٽڪي سير کاڄا
ڪراچي جي ماتم تي شاعر لکو سڀ،
قمر، تاج، سرويچ، سائل، راجا.
ٽڪي سير کاڄا
***
قومي هيرو
دودو شهيد
صديون بادشاهي هلي سومرن جي
ڪجي ڳالهه ڪهڙي سگهن سورمن جي
هتي شاه ڀونگر ٿي شاهي هلائي
سڄي سنڌ جي سربراهي هلائي
جڏهن شاه ڀونگر پُڄائي حياتي
اُٿي پڳداري جي سوچا سگهاتي
تڏهن راڄ وارا ڪٺا ٿيا اُتيئي
لڳا پڳ جي فيصلي ۾ مڙيئي
چنيسر ۽ دودي جو قصو هي آهي
۽ قصي ۾ هر هڪ جو حصو هي آهي
زماني جي هڪڙي سچي ڳالهه آهي
اُنهي ڳالهه ۾ هڪ لڪل لال آهي
زمانو هو اڄ کان گهڻو اڳ وارو
نبيرو هو يارو هتي پڳ وارو
جڏهن شاهه ڀونگر دنيا مان لڏي ويو
چنيسر ۽ دودو ۽ ٻاگهل ڇڏي ويو
هليا راڄ وارن جا رايا گهڻيئي
نبيري ۾ آيا، هتي نام ٽيئي
چنيسر ۽ دودي ۽ ٻاگهل جا نالا
هليا بحث تن ۾ نرالا نرالا
پڄاڻي تي پهتو اچي فيصلو هي
ڀلن جي نظر ۾ ڀلارو ڀلو هي
چنيسر جي باري ۾ ٿي ويو نبيرو
چيائون ته ٿيندو وڏو پُٽ وڏيرو
چنيسر اُنهي ويل راجا هو ٿيڻو
سگهو پڳ جو ور پڏن کي هو ڏيڻو
چيائين ته ترسو گهران ٿي اچان مان
اَما ۽ اَدي کان اجازت وٺان مان
چنيسر خوشي مان سڌو گهر رساڻو
پٺيان راڄ وارن سٽيو ٻيو سٽاڻو
ڇڏيو راڄ وارن چنيسر جو پاسو
نه ڪو آسرو هو نڪو هو دلاسو
گهڻي زور سان اَت گهڻو ئي چيائون
چوڻ لاءِ باقي نه ٻيو ڪجهه ڇڏيائون
ڪندو راڄ ڪهڙو ارادي جو ڪچو
جو ماين جي مهندان اڃا آه ٻچو
اسان کان مٿي هُو ٿو ماين کي سمجهي
اسان جي نبيرن نه راين کي سمجهي
چنيسر کان هلندو نه هي ڪارخانو
يڪي ڳالهه وارو نه آهي يگانو
حڪومت ۾ ماين جي مرضي مڃيندو
انهن جي چوڻ تي سڏيندو سڃيندو
چنيسر نه حاڪم هتي هاڻ گهرجي
ڏنل حق هن کان بنا دير ڦرجي
اُڌاري عقل سان نه هلندي حڪومت
نه هاڻي چنيسر جي آهي ضرورت
چنيسر کي حاڪم ڪبو ڪين هاڻي
نٿو ڀاءُ سمجهي ته ڀل فوج آڻي
سگهارو سگهارن جو سرواڻ چاهيون
اسان هاڻ پنهنجو پرين پاڻ چاهيون
نظر ۾ جو آهي سو منظور آهي
جو زوري ۾ رستم جو مٽ مُور آهي
جو مردن جي محفل سندو مور آهي
بهادر، بهادر ۽ شهزور آهي
اڪيلو لڙي شينهن ماري ٿو جيڪو
اسان تان ڏکيا ڏينهن ٽاري ٿو جيڪو
اسان چونڊ ۾ چنڊ تارن مان چونڊيون،
اسان گُل گلابي بهارن مان چونڊيون.
اهو آه دودو هي دودي جي ڌرتي
هتي ناه ڪرڻي ائين عام ڀرتي
اهو پڳ شاهي جو حقدار آهي
اهو شاه سلطان پڳدار آهي
ننڍي ۽ وڏي جي هتي ڳالهه ناهي
وڏو سو وطن سان جو ناتو نباهي
سدا شال ماڻي، حياتي هي جاني
سندس راڄ آهي، سندس راڄ ڌاني
چيائون ته دودي کي هڪدم گهُرايو
اهو فيصلو ۽ اهو آه رايو
اچي وچ ۾ ويٺو انهي ويل دودو
بنيو راڄ راڻو جگر مست جوڌو
ٻڌي پڳ دودو بنيو شاهه عالي
بنيو سنڌ ساري جو وريام والي
پچي پوسري ٿيو روانو چنيسر
وٺي آيو ڪاوڙ مان دهلي جو لشڪر
وڳهه ڪوٽ وارن لڙي هي لڙائي
نه خلجين جي باقي بچي فوج ڪائي
لڙيا جنگ جوڌا ۽ جونجهار سنڌي
ٿيا سنڌ ساري جا سينگار سنڌي
هتي سنڌ وارا ڪُسي ويا هزارين
چنيسر کان راڻا رُسي ويا هزارين
رکي ننگ ڌرتي جو ننگر هتان ويو
هو دودو دلاور قداور هتان ويو
چنيسر جو پورهيو نه ڪٿ ڪو اَگهاڻو
ڦٽايو هٿن ساڻ پنهنجو ٺڪاڻو
هتي هاڻ اُن جو جياپو نه آپو
ٽٽو نينهن ناتو نه لاپو ڳڻاپو
هي پنهنجي جدائي جو آهي نتيجو
لٿو بار ڪم ڪار چيٽي ڪتي جو
اسان پاڻ کي اڄ چنيسر سان ڀيٽيون
چنيسر جي غلطين کي ميٽيون سميٽيون
اسان پاڻ پنهنجا نبيرا نبيريون
نه ڌارين کي آڻيون ۽ چاڙهيون ۽ هيريون
چنيسر به پنهنجو ۽ دود به پنهنجو
هي پنهن جن جو جهيڙو اسان ڪاڻ اهنجو
وڙهي پاڻ پنهنجي نه طاقت وڃايون
تدبر سان دشمن کي ماري مڃايون
نه ڌارين جي ياري ۽ ٻاري وڌايون
نه پنهنجا ڪُهايون ۽ ماريون، ٻڌايون
اگر جي چنيسر ائين نه ڪري ها
ته دودي کي ايڏي نه شهرت سري ها
سرن مان گهرن کي لڳي باه ويئي
اَڻائي ۽ اڻ بڻت پنهنجن ۾ پيئي
هي ڀائن ۽ راڄن جو ذاتي مسئلو
نه اُن تي لکڻ جو رکان حوصلو ٿو
ٻڌي ڇڏ چنيسر اي اڄ جا چنيسر
امڙ سنڌ آهي ۽ دودو ڏهيسر
نه ٻاگهل جي هوندي ڪا ٻي ڀيڻ ٿيندي
جي ٿيندي ته توکي وڏا ويڻ ڏيندي
امڙ سنڌ ڌاران نه ٻيون ڪي امائون
کٽين ڇو نه دل ساڻ اُن جون دُعائون؟
اڳي ماءُ تو لاءِ ٿي ممڻ مچائي
سڳي ماءُ دائم سنڀالي بچائي
سدا پڳ قومي سلامت رهي شل
ڪڏهن ڪين دشمن هٿان سالهي شل
اسان پڳ قومي جا ڇيڙا سدائين
رهون پاڻ ۾ شال ڀيڙا سدائين
هي دودن شهيدن جي آهي سلامي
ڪندو پيو ڪلامي مجيدي مُدامي
***
لکان ڪجهه ته لکان
لکان هي به لکان مان
لکان هُو به لکان مان
لکان جو به لکان مان
لکان خوب لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
تُنهن جو ڏانءُ لکان مان
تنهن جي ڏات لکان مان
تنهنجو نانءُ لکان مان
تنهنجي ذات لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
تنهن جا رنگ لکان مان
تنهنجا رُوپ لکان مان
تنهنجا جهنگ لکان مان
تنهنجا جهوپ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
تنهن جا هنڌ لکان مان
تنهنجا پنڌ لکان مان
تنهن جا رند لکان مان
تنهن جا بند لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
تنهن جو دُور لکان مان
تنهن جو طور لکان مان
مٺا مور لکان مان
تنهن جي ٽور لکان مان
لان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان.
ڦٽا ڦٽ لکان مان
کُٽا هٽ لکان مان
ٽُٽا سٽ لکان مان
متان گهٽ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
چُڪا نيڻ لکان مان
سُڪا ريڻ لکان مان
رُني ڀيڻ لکان مان
وڏا ويڻ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
لکان وڌ لکان مان
دليون اڌ لکان مان
سڙي سڌُ لکان مان
ڪڙي مڌ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
***
سنڌ ۽ سيد
جهڙي چنڊ لکان مان
پنهنجي سنڌ لکان مان
تهڙو چنڊ لکان مان
پنهن جو رند لکان مان
جنهن سان جان لکان مان
جنهن سان جند لکان مان
جنهن جو ٻج لکان مان
اهڙُ نج لکان مان
جهڙو چنڊ لکان مان
جهڙو سج لکان مان
اهو مرد لکان مان
رکي درد لکان مان
نظر بند لکان مان
ظفر مند لکان مان
جنهن جو سن لکان مان
قومي ڌن لکان مان
جتي ان لکان مان
جتي ان لکان مان
جتي ڀن لکان مان
جتي رڇ لاکن مان
مرن مڇ لکان مان
اهو يار لکان مان
وفادار لکان مان
مڻيادار لکان مان
قلم ڪار لکان مان
لهي سار لکان مان
تري تار لکان مان
ڪري پار لکان مان
جنهن سان ٻار لکان مان
اڳيان پاڻ لکان مان
لکين ساڻ لکان مان
جيئي شال لکان مان
صديون شال لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
اُها جنگ لکان مان
لٽيا ننگ لکان مان
دُکيا دونهن لکان مان
سڙي سونهن لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
تنهنجو ڇو نه لکان مان
تنهنجو سون لکان مان
تنهنجو مين لکان مان
تنهنجو دين لکان مان
جنهن ۾ سين لکان مان
جنهن ۾ نون لکان مان
جنهن ۾ ڌال لکان مان
ٻچا ٻال لکان مان
تنهنجا ڳالهه لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
***
شاهه
اها ڀٽ لکان مان
اهو شاهه لکان مان
اها سٽ لکان مان
اها واهه لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
اهي ٻول لکان مان
ڀريون جهول لکان مان
اهو راڳ لکان مان
اها جاڳ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
اهي گيت لکان مان
پنهنجي جيت لکان مان
مٺا ميت لکان مان
سُر سنگيت لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
***
سسئي
اهو ڏاڍ لکان مان
اهي ڏير لکان مان
اهي پهڻ لکان مان
اهي پير لکان مان
اها ننڊ لکان مان
اها دير لکان مان
اهي مٽ لکان مان
اها مير لکان مان
اهي ڍڳ لکان مان
اهي ڍير لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
***
مارئي
اهو کوهه لکان مان
اها لوهه لکان مان
هو خان لکان مان
اها کوٽ لکان مان
عمر ڪوٽ لکان مان
اها ٽوٽ لکان مان
اُها مُنڌ لکان مان
اها موٽ لکان مان
اها لڄ لکان مان
صفا رڄ لکان مان
نڪا ڪالهه لکان مان
نڪو اڄ لکان مان
نڪو سُٽ لکان مان
نڪو پُٽ لکان مان
***
اُها ڪاڪ
اها ڪاڪ لکان مان
رڳو خاڪ لکان مان
رڳو سُڃ لکان مان
اپر اُڃ لکان مان
نڪا سيج لکان مان
نڪو هيج لکان مان
نڪو کيڊ لکان مان
نڪو ريج لکان مان
سُڃي کٽ لکان مان
سڙي وٽ لکان مان
ٻريو تيل لکان مان
کريو کيل لکان مان
نڪو مور لکان مان
نڪا ڊيل لکان مان
نڪو تاج لکان مان
نڪوت ڇٽ لکان مان
نڪو وٽ لکان مان
نڪا تور لکان مان
نو نقش لکان مان
نڪو پور لکان مان
گهمي هند لکان مان
قصر قند لکان مان
سمر قند لکان مان
گهمي سنڌ لکان مان
گهمي هت لکان مان
گهمي دور لکان مان
نڪا حور لکان مان
نڪا تور لکان مان
سندس مَٽ لکان مان
کانئس گهٽ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
نڪو باغ لکان مان
دلي داغ لکان مان
سڙيل ڪاٺ لکان مان
نڪو شهر لکان مان
نڪو ڳوٺ لکان مان
نڪا پهر لکان مان
نڪا پوٺ لکان مان
نڪا لهر لکان مان
نڪا اوٺ لکان مان
نڪا مهر لکان مان
نڪا ڪوٺ لکان مان
نڪا سحر لکان مان
نڪا چهر لکان مان
نڪا چوٽ لکان مان
اهو گهوٽ لکان مان
نڪو اوٽ لکان مان
نڪو موٽ لکان مان
وڏي چوٽ لکان مان
ڀيڙي مُٺ لکان مان
ڪري جُٺ لکان مان
رسيو ڍٽ لکان مان
وڏو ڄٽ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
لکان ڪجهه ته لکان مان!
***
سچ
لکان سچ لکان مان
لکان ڳچ لکان مان
سدا اچ لکان مان
ٻاريون مچ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
تنهن ۾ رچ لکان مان
تنهن ۾ پچ لکان مان
جيڪو ڪچ لکان مان
تنهن کان بچ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
سڏو سڏ لکان مان
پيڙهيا هڏ لکان مان
وهيو تيل لکان مان
وڏي ڀيل لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
وڏا ويل لکان مان
ڀريا جيل لکان مان
لکان پر لکان مان
لکان هيل لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
اها رات لکان مان
اهو ڏينهن لکان مان
اهو ڏيهه لکان مان
اهو شينهن لکان مان
اهو ناز لکان مان
اهو نينهن لکان مان
اها واچ لکان مان
اهو مينهن لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
سکر سيٺ لکان مان
ٺڪر ٺيٺ لکان مان
ڏسي ڄيٺ لان مان
بنا چيٺ لکان مان
لڏيا نيٺ لکان مان
لٿا هيٺ لکان مان
نڪا ڏيٺ لکان مان
نڪا ويٺ لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان
لکان ڪجهه ته لکان مان!
***
وٽ به کوٽا
وٽ به کوٽا، سٽ به کوٽا
هٽ به کوٽا، کوليون ڪيسين؟
جذبن جا مهراڻ ڪپا ڪپ
ڀرجي هڻندا ڇوليون ڪيسين؟
وقت جي چرٻٽ راجائن جون
ٻيهر ٻڌبيون ٻوليون ڪيسين؟
رات جي ڪارن پردن پويان
ڏورڻ ڏينديون ڏوليون ڪيسين؟
بئنڪن بازارين ۾ هلنديون
بندوقن جون گوليون ڪيسين؟
روڊن رستن تي هي هونديون
رت رتوليون هوليون ڪيسين؟
چورن رشوت خورن جون هي
ٽلنديون رهنديون ٽوليون ڪيسين؟
منهنجي مٺڙن ماروئڙن تي
ڪندا ٺڳ ٺٺوليون ڪيسين؟
هو جو ساٿ سويرو نڪتو
وندر منجهه وڙوليون ڪيسين؟
گونگن ٻوڙن واريون هلنديون
اڃان ارٿ پروليون ڪيسين؟
ڦٽل تندن وارو ڦورو
ڦوڙائي جو ڦوليون ڪيسين؟
اٽي ان لاءِ ڦرنديون رهنديون
جهانگيئڙن جون جهوليون ڪيسين؟
خالي خاص دلاسن تي هت
دل جي رنجش روليون ڪيسين؟
هيڏا سال لڳن ٿا سائين
انصافن کي ڳوليون ڪيسين؟
***
ڪيڏارو!!!
(نورچشم ارشاد ساگر جي ياد ۾)
اي وڃڻ وارا ائين
هرگز نه وڃبو آه ڪو
ڀائرن ڀيڻن مٿان
ڀيرو نه ڀڃبو آه ڪو!!!
پنهن جي پر ۾ تو پَراوَن
کي به پنهن جو ٿي ڪيو
حق جو هو ڪو ڏنو تو
سچ جو ڪلمو چيو!!!
ڀل ته گذرن ڪي صديون
ساگر تون هوندين موج ۾
تو رسايو شاعري پنهن جي
کي آهي اوج ۾!!!
سال هو اٺانوي
فيبروري چوويهه ۾
هو سجاول ۾ سراپا
راڄ راڙو ريهه ۾!!!
سنڌيا، سرهاڻ جي
نظرن کان تون ناهين پري
تو سوا سيڻ سنگتين
جي نه ساعت ٿي سري!!!
اڌ صدي جي عمر جا اڄ
ليک ليکا ڇا ڏجن؟
تنهن جي سيني ۾ صدين جي
ڄڻ ثقافت هئي دفن!!!
تنهن جي سنڌو پڻ سڀاڳي
ڀاڳ واري ڀر جهلي
دائما جا نعمتن نازن
ادائن ۾ پلي!!!
***
توکي ڏسان
جيڪر ڏسان جو ڪجهه ڏسان
جو دم ڏسان، توکي ڏسان
توکي ڏسان - اي سنڌڙي
سندر ڏسان ثابت ڏسان
سالم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
جڳن جهانن ۾ سدا
بالم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
هر ڳالهه ۾ هر حال ۾
بي غم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
جيسين جيان تنهن جو ٿيان
دائم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
آزاد قومن ۾ صفا
قائم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
هر درد جو دارون ڏسان
مرهم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
سر ساز سان تنهن جو امڙ
سرگم ڏسان توکي ڏسان
توکي ڏسان اي سنڌڙي
***
پلاند ڪرڻ
پنهنجا ڪن ٿا پاڻ پلاند
ويڙهون ڪن، جئن ويڙهو ڏاند
رُڪ رُڪاڻي ڪن ٿا راند
پاند نه آجو ڪنهن جو پاند
پنهنجا پنهنجو ماس پٽين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
موت کان اڳ هي آيو موت
هئه هئه جلد اُجهاڻي جوت
ويئي ڳوٺن مان ڳڻ ڳوت
هي پڻ هاڙهي پهتو هوت
ٻنهي پاسي کڙڪيا ٽين
ڪهڙو مسلڪ ڪهڙو دين؟
خوني قصا گون گُون
مارچ کان به وڌي ويو جون
خون جا لکجن ڇا مضمون
خون جو بدلو آهي خون
خوني ڇُٽڻا آهن ڪين
ڪهڙو مسلڪ ڪهڙو دين؟
ٿي ويا ڪيئي شڪ جو کاڄ
ٿي ويو بيوس سارو راڄ
ڪوس ڦٽايا ڪيئي ڪاڄ
ڀاڳيتن ۾ آئي ڀاڄ
بنجي ويئي لال زمين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
ڪهڙو آهي هي دستور
نڪتو ناهي هي ناسور
هن ۾ ڪنهن جو آه قصور
ماڻهو ٿي ويا سڀ مجبور
ڪنهن وٽ پنهنجا سور سلين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
هيڏا جرگا، هيڏا جوڙ
موت جي منهن ۾ ماڻهو کوڙ
ڪن پيا جاکوڙي جاکوڙ
مقصد جا شل ٻڌجن موڙ
ڄاڻ رسيا انصاف امين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
جهڻڪن پنهنجا پنهنجن ساڻ
ٻاڙي وارا پاڻ ۾ پاڻ
سڳا سرتا ۽ سوتاڻ
ڪير وڙهن ٿا ڪنهن جي ڪاڻ
ڪورٽ ٿاڻو جيل ڀرين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
هيڏا هاڃا ڪن ٿا هُوڙ
پاوا نڪتا، ڀڳي ڇُوڙ
ڪارو ڪاري قصو ڪوڙ
ڪوڙ جي منهن ۾ آهي ڌوڙ
ماڻهو وارو ماڳ مٽين
ڪهڙو مسلڪ، ڪهڙو دين؟
*** |