ڇا ڇا نه کپي؟
ويس وڳا سڀ فيشن وارا،
کاڌو ڪپڙو پيٽ کپي،
فيشن ۾ ته فرانس جي اڄ،
پئسي سان ئي ڀيٽ کپي.
پهچ هجي سرڪار اندر يا،
ڪرسي عهدو لقب ملي،
دولت ڏوڪڙ جام هجي،
جاگير کپي اسٽيٽ کپي.
سوٽ کپي ۽ بوٽ کپي ٻيو،
عمدو ڪالر ڪوٽ کپي،
مفلر ۽ رومال گهرن ٿا،
نوٽ کپي ۽ نيٽ کپي.
هنر ڌنڌو ناکيٽ کپي پر،
ڪرسي ٽيبل ميز گهرن،
باغ کپي محلات تماشا،
سئنيما ڪرڪيٽ کپي.
پتل، ڪنجهي ۽ ٽامي جا اڄ،
برتن باسڻ ڪين وڻن،
ڪاچ سندي يا چيني جي ڪا،
ساسر ڪوپ پليٽ کپي.
سوني ساعت سئو سئو واري،
ٻانهن ٻڌل ۽ کيسي ۾،
موٽر ڦٽ ڦٽ سائيڪل ۽،
پان کپي سگريٽ کپي.
ايل، ڪيو، پي، آر ڪهون ۽،
سنڌ جي نا سار لهون،
فور، ٿري، ون ٿرٽي نائن،
فورٿ، سيون، ايٽ کپي.
چانهه کپي ۽ جوس کپي ۽،
شربت ٺٽي وارو گهرجي،
روز کپي، آرينج، کپي،
۽ سوڍا رنگ لمليٽ کپي.
عطر کپي ۽ مشڪ کپي،
سُرهو صابڻ سينٽ کپي،
ناکارو مٺو تيل کپي،
نا ميٽوڙي ۽ ميٽ کپي.
ايم جتوئي وارا سلامي،
ڏاڙهي مڇون ڪين ڏسون،
فيشن وارا هينئن چون ٿا،
ٺاهوڪي اڄ ٺيٽ کپي.
***
خواب ۾ مارو
خواب ۾ پنهنجا مارو مٺڙا،
رات ڏٺا مون آڌيءَ رات.
پنهنجي پورن سورن جي مون،
تن سان اوري هرڪا بات.
هل هلاچو تن ۾ هي هو،
مارو ٽوڙيندا محلات.
ٻاٻيهن هي ٻول چيا ٿي،
ڪوپا ڪڙڪائيندا ڪات.
ڳالهين پويان ڳالهيون نڪتيون،
برپٽ برسايا برسات.
موٽي آيا مال وٺي سڀ،
ماڳ تي ماروئڙا ماسات.
ٿر جو مارو راڳ ٻڌو مون،
لويارن جي مٺڙي لات.
هر هر ماري هينئن چيو ٿي،
مور نه کائينداسون مات!
دل کي ڏاڍو ڏڍ ڏنائون،
پهچي وينداسون پرڀات.
وات وڏي سان واڪ ڏنائون،
ذات نه ٿيندي ڪا ٻي ذات.
ڏاج ڏنائون پوت ڏنائون،
ڳاڙهن ڳوڙهن جي سوغات.
نيٺ ورهائي مارن ۾ مون،
جُڳ جياپي جي خيرات.
خواب پنو ۽ راڄ رُنو سڀ،
بات بني هي ڏات ڏيات.
خواب مان جاڳڻ مهل رهيو هو،
باقي مون وٽ نينهن نيات.
***
روپ ننگر جي راڻي
منهنجو نالو گونگي، ٻوڙي،
ڪڇڻ، پڇڻ منهنجو بند،
انڌي، اونڌي اونداهين ۾،
بدي خانا، بند ڪمند.
جيجل آهيان جوڳياڻي مان،
جوڳين ساڻ پچايم جوڳ،
ڦيريدار فقيرن اڇليا،
مون تي ڦندا ڦنديون ڦند.
منهنجو نالو آهي سهڻي،
ساهڙ ڪارڻ جهاڳيان سير،
ساهڙ منهنجي سر جو سائين،
ڀل پيو ڏمري ڏم ڏمند.
منهنجو نالو مارئي آهي،
ڪوٽن ۾ ٿي ڪاٽيان قيد،
نانگ، بلائون، ڀٽون ڀانيان،
تنهنجا بينسر، بازو بند.
مومل آهيان منهنجا ڦٽي ويا،
راڻي ڌاران راڄ محل،
ايندو راڻو دل جو داڻو،
جنهن لئه اکڙيون آسا بند.
ٻانڀڻ پوٽي ڌوٻڻ مان،
هو خاصا، خاصا، خان بلوچ،
لڄ نه پيئي لوڪاڻي تن،
آسون لاٿيون آسروند.
اڄ جو آهيان، ٻيجل مان ۽،
اڄ جو ڳوليان راءِ ڏياچ،
پرچي پرچي پرچن پورا،
ٽيئي تند ڪٽارو ڪنڌ.
منهنجي قسمت کوٽي ڇوٽي،
ڪهڙا ڪهڙا ليکا ليک،
هوڏي بند ٽٽي بيگاري،
هيڏي ڪڙڪي ڪوڪا بند.
جيڏا توڏا، تيڏا لوڏا،
جيڏي ڪنڌ، تيڏي پنڌ.
جيڏي ماچا، تيڏي مستي،
جيڏا گورا، تيڏا گند.
ڏينهن ڏکن جا ڪاٽي ڪاٽي،
آخر موٽي آيس ماڳ،
ڪثرت مان ٿي وحدت هاڻي،
گاروڙين ڪيو گارو گند.
منهنجو نالو قيدياڻي،
مون بمبئي پاسي ڪاٽيو قيد،
ڪاڇيلاڻين خوب ڪُٽيو جت،
منهنجو ڪلهو ڪرنگهو ڪنڌ.
پورب پاسي پنهنجائپ کان،
ٻيهر وڪرو ٿي هي ٻانهن،
نالو ميٽي نيش هنيائون،
سورن جو هي باب بلند.
يونٽ واري ياري ٽوڙي،
ڇني منهي آيس نيٺ،
راڳ ٻڌائي راز سڻايان،
منهنجو تن تنبورو تند.
ڌوتي پوتي، ستي جتي،
آيس ابڙا تنهنجي سام،
ڪارڻ ڪرڪو ڄام ڪماريا،
ساڻا ساڻا منهنجا سنڌ.
حيدر منهنجو حق سڃاتو،
سيد مونکي بخشي سونهن،
سرڙا ڏيندا سوغاتن ۾،
دودي پوٽا، ديس پسند.
اڄ به عالا دين تڪي پيو،
دودي پوٽا تنهنجو ديس،
اڄ به چنيسر پوٽا آهن،
تن جا ساڳيا ڇندا ڇند.
ناني نوري، تنهنجا گندرا،
گوندر ۾ ٿا ڪن گذران،
پاٻوڙا پوشاڪون جن جون،
گوڏ ۾ تن جي آهن گند.
لالڻ لکي لاکي پوٽا،
لک لهين ٿو منهنجا لال،
منهنجا ڏوهي ڊوهي ڊاهي،
ڀڃ انهن جا ڏندا ڏند.
ملڪان ملڪين ماڪڙ آئي،
ڪونه رهيو ڪو سائو سنگ،
پاڻي سرک ان تار چڙهي ويو،
ٻڌ ڪُن جي ڄڻ ڀڳي ٻنڌ.
ڪيهر ڪوپا ڪلي پوٽا،
ڪهڙا ڪهڙا تنهنجا قول،
توکي مونسان هلڻو آهي،
ساڳيون راهون ساڳيا رند.
جهوڪون جهڪڻيون مورنه آهن،
ٿيندا ڌڙ عنايت ڌار،
ڳاڙها ڳاڙها واهڙ وهندا،
ترندا دولهه ۽ دلبند.
ڏاڏا هوشو تنهنجا ڏهٽا،
اڄ بي چيتا چوٽ چرياڻ،
نعرو جن جو ”سنڌ نه ڏيسون“
پتو جن جو پنڌو پنڌ.
قربانيءَ لئه پاليم ابراهيم،
هتي ۽ هُت اسماعيل،
منشي مور نه مرڻا آهن،
جن جو پارس سان پيوند.
خون بلاول تنهنجو گهرجي،
گهاڻي ۾ جو گهاٽو خون،
رني ڪوٽ جا راڻا تنهن جي،
رت ۾ آ سرهاڻ سُڳنڌ.
ڄام تماچي ڄاماڻن ۾،
تنهنجو مٽ نه آهي مور،
نوري جا سڀ ناز کنيا تو،
جڳ جاني جرئتمند.
مارن تي مهراڻ ڪرين ٿو،
ايڏي ڪاوڙ ايڏو ڪوپ،
ٻوڙيو ٻوڙين، ٻيلا ريلا،
رانجهو، مانجهو ۽ ماجهند.
مون ته هزراين دور ڏٺا،
۽ منهنجي هزارين سال ڄمار،
ڪڏهن هتي هو چرٻٽ راجا،
ڪڏهن هتي هو راجا نند.
ڪو به سڪندر دارا مون تي،
هاڻي ڪاهي سگهندو ڪين،
سنڌ ۾ هاڻي هر ڪو دودو،
ديس دلاور ۽ دلبند.
سنڌي اجرڪ لوئي وارا،
جڳ جڳ جيئن شال جوان،
قرب ڪنداسي جلدي پورا،
فائق، فرزانا فرزند.
هاڻ نه ايندو مون تي ڪاهي،
ڪو به مدد خان، نادر شاهه،
ڪابل ۽ قنڌار نه ايندو،
هاڻ نه ڪاهيندو ڪو قند.
ڇاتيون جن جون ڇپر کٽون،
مٿا جن جا جهڙا مٽ،
ونگ هڻي اڙٻنگ اراٽي،
دشمن جو سڀ ڀڃندا ڪنڌ.
ڳاڙهيون ساريون، ٽي سئو ستر،
تنهن ۾ ستر، خرچ خروچ،
هرو جي گهر هولي يارو،
ڏيهه ڏياري، سک آنند.
ننگر منگر جيڏا نينگر،
وٽئين کير پين سي قيد،
ڏونگر ڏاڍا، ڏاڍ ڦٽا ڪر،
اردا سرڏا، هي الون.
منهن جون ٿاريليون ٿرڄايون،
ٿڃ ٿڻن جي رکجو ياد!
ٿڃ جو پورو ملهه چڪايو،
سر جا ڏيئي، چندا چند.
مُلهه وڪامن ماڻهو هوڏي،
هيڏي آهي، ڊي، پي، آر.
زهر جا ڍڪڙا پيئون جيئون،
ڇا جا شربت ۽ گل قند.
ڄاڃي ماڃي ڄڃون آيون،
وهه واهه ڪاڄيتن جو ڪاڄ،
پڙ ۾ پکڙيا، پدمڻيءَ لئه،
سيج پلنگ ۽ سهڻا هنڌ.
روپا ماڙي ۾ مان رهندڙ،
حسنا ديوي منهنجو نانءُ،
حسن جو جن کي ڏنم حصو،
سيئي دوکائي دلبند.
سسئي، سهڻي، مارئي منهنجي،
منهنجو دودو دريا خان،
روپ ننگر جي راڻي آهيان،
منهن جو نالو آهي سنڌ،
هاڻي منهنجو هنيون هنڌ،
ڪڇڻ پڇڻ ناهي بند.
***
اسٽيج
اسٽيج بنايو جلسي جو،
هت ماڙين کان پڻ مٿي.
هت ماڻهو آڻيو جلسي ۾،
ڪي لاريون لوڍون سٿي.
ڇا خرچ اچي ٿو جلسي ۾،
ڪو مور نه ڪاٿو ڪٿي.
هن جلسي جو سڀ بار کڻن،
سڀ ورڪر پنهنجي مٿي.
هي جلسو وڌي جلسن کان،
پڻ ليکي لٿي پٿي.
ڪي جٿا ٺاهي پهچن هت،
ڪي پنهنجي مٿي ڪٿي.
مان پهچي ويندس جلسي ۾،
هت اڳ ۾ يا سج لٿي.
سڀ جٿا پهچن جلسي ۾،
هر جٿو پويان جٿي.
هن ميڙ پڄاڻا ماڻهو سڀ،
گهرموٽن خالي کٿي.
هت ڪوئي ليڊر مون جهڙو،
نا ملندو پاڙي پٿي.
مان هٿ وڏا ٿو رکان،
ڪو هٿ نه مونسان هٿي.
مان هيرو سچن هيرن مان،
هت ڪير نه مون کان مٿي.
هت ڪرڻيون پونديون جلسي ۾،
سڀ ڳالهيون چٻي چٿي.
***
پنهل جا پيرا
اهي ته پٻ جا پهاڙ اوري،
پنهل جا پيرا اڃا به اڳتي.
اهي سکن جون بهار بستيون،
ڏکن جا ديرا اڃا به اڳتي.
اهي ته چڻنگون اٿن اڏامن،
ڄڀيون ۽ ڄيرا اڃان به اڳتي.
اهي ته اڏامي لڳن ٿيون ڪريون،
ڇڙاڪ ڇيرا اڃا به اڳتي.
اهي ته ميرن لٽن سان ماڻهو،
منن جا ميرا اڃا به اڳتي.
اهي ته هلڪا وڏن جا واهي،
وڏا وڏيرا اڃا به اڳتي.
هٿن سان هٿڙا مليا ته ڇا ٿيو؟
دليون ۽ جيرا اڃا به اڳتي.
اها ته ننڊ مان اٿڻ سان نڪتي،
اٿيا سويرا اڃا به اڳتي.
اهي ته ڀونرا ڀرن گلن تي،
ڀلن جا ڀيرا اڃا به اڳتي.
اهي ڀلايون ڪندا اچن ٿا،
ڀلا ڀليرا اڃا به اڳتي.
اُهي پکي سڀ سکيا ستابا،
غريب ڳيرا اڃا به اڳتي.
هي ته جانٺا اڙيون اُراٽون،
ملهن جا ڦيرا اڃا به اڳتي.
اهو ته ميهڙ اُچو اُتاهون،
عظيم ڏيرا اڃا به اڳتي.
اهي ته ليڪا لنگهڻ ۾ سولا،
گهٽن تي گهيرا اڃا به اڳتي.
***
پهريان سنڌي
سنڌ اڪيلي، هو به اڪيلا،
هي البيلي، هو البيلا،
سنڌو سارو ريڻو ريلا،
ٻٻر ٻوٽا، ٻيريون ٻيلا،
مرد مچائي ويٺا ميلا،
خوب ڪيا تن کيلڻ کيلا،
سنڌ صدين کان راڄ پراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
ڳوليائون جت پاڻي آهي،
اُت ٿي ويٺا لڏا لاهي،
مڏ مياڻيون مڪڙيون ٺاهي،
ڪونڌر ڪنن ۾ پيا ڪاهي،
مڇيون ڪرڙا پلا ٽاهي،
ڳاهن ۾ ڦاسايا ڳاهي،
لاٿا کاڌن جا کانجاڻا،
پهريان سنڌي مير مهاڻا
هيڏا ماڻهو ڪٽنب سارا،
ماڻهو مور نه ورچڻ وارا،
ڪن ته وسايا مٺا کارا،
منڇر ڪينجهر ڪنڀ ڪنارا،
ڍنڍون ڍورا ٽاپون ٽارا،
ڪن ته وسايا چارا ڪارا،
لڏا لڏن تي لاڏاڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
هلندي ٿي ويا لکن ۾ هو،
ڪوٽڻ ڪانن ڪکن ۾ هو،
پڊن پوٺن پکن ۾ هو،
ريلين جهيلن رکن ۾ هو،
پٿن پاڙن پکن ۾ هو،
ڏيکن ويکن ڏکن ۾ هو،
پاڻا ڀاڻا ڌار گهراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
سنڌ امڙ جا پهريان والي،
پهريان همدم حال حوالي،
باغ امڙ جا پهريان مالهي،
پهريان ڪٽنب آل عيالي،
پهريان ماڻهو ذات نرالي،
سالن کان هو هٿين خالي،
ڄڻ هو سورن لئه ساماڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
موهن دڙي جا هي باني،
گهڪر ڪاهو جا هي جاني،
نيرن، ديبل جا لاثاني،
جن جي آڳاٽي اڳواڻي،
جوڙا ٻيڙا خاص نشاني،
قومن ڪڙمن ۾ قرباني،
ڏسندا چوڌاري چانڊاڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
ڌرتي جا هي پهريان راڻا،
پهريان سوڍا يار سياڻا،
پهريان سنڌي نج نياڻا،
پهريان ڳوٺن جا ڳوٺاڻا،
جن جا اصلوڪا آڏاڻا،
راڄن جا مکراج مياڻا،
نيهي ناناڻا ڏاڏاڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
سنڌ صدين کان ماڳ هنن جو،
ٻيڙي وارو راڳ هنن جو،
ڀائيچارو ڀاڳ هنن جو،
واهه سلوڻو ساڳ هنن جو،
چوڙا چندن چاڳ هنن جو،
لکن ليکي لاڳ هنن جو،
لال چڪائيندا لاڳاڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
سنڌين جا هي وڏا ڏاڏا،
پيڙهين کان هي پڙ جا پاڏا،
سنڌ جا پهريان لالڻ لاڏا،
جن جا ميهڙ سيوهڻ ماڏا،
جن جا جوڙيل پهريان گاڏا،
سنڌجا دشمن تن سان آڏا،
جن جون مڪليون ۽ مهراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
ڏکن بکن جا هي ڏاڍا،
پهريان رازا پهريان واڍا،
قرب قرابت جا هي ڪاڍا،
سرس سوايا سندر ساڍا،
آڍيل سانڍيل ارڏا آڍا،
سنڌ سان جنجا پينگها پاڍا،
سودا جن جا ساهه سراڻا،
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
پهريان هي جن پوکيون ساريون،
پهريان هي جن چالون چاريون،
پهريان هي جن باهيون ٻاريون،
پهريان هي جن هرڻيون ماريون،
پهريان هي جن ٻيڙيون تاريون،
پهريان هي جن رسمون پياريون،
پواقف ڪن ٿا ورق وراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
پهريان هي جن سنڌ کي جوڙيو،
پهريان هي جن جهنڊو کوڙيو،
پهريان هي جن ماٺ کي ٽوڙيو،
پهريان هي جن کير ولوڙيو،
پهريان هي جن پاڻ پتوڙيو،
پهريان هي جن سڀڪجهه لوڙيو،
ثابت سانڀارا ساراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
آدم سير سهيڙي وارو،
نوح نبي هو ٻيڙي وارو،
يونس مڇي ميڙي وارو،
موسيٰ نيل نکيڙي وارو،
ڪرشن کير تي کيڙي وارو،
شاهه خضر هو ڇيڙي وارو،
کاڻ وڏيءَ جا موتيءَ داڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
اڄ پڻ حالت ساڳي ۾ هو،
حيرت حسرت ساڳي ۾ هو،
نفرت چاهت ساڳي ۾ هو،
اڄ به جهالت ساڳي ۾ هو،
ڪوشش محنت ساڳي ۾ هو،
آوت اُجرت ساڳي ۾ هو،
اڄ پڻ ڏرڻيون ۽ ڏاراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
مڇي ماني وارا جيئن،
پلي آني وارا جيئن،
پکي ڪاني وارا جيئن،
تاني باني وارا جيئن،
ڏاڏي ناني وارا جيئن،
جاڳڻ جاني وارا جيئن،
جيئن ميراڻي ميراڻا.
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
حال هنن جو سڌري هاڻي،
هرڪو پنهنجو مقصد ماڻي،
ڳالهيون ساريون ڇنڊي ڇاڻي،
ڪو ته هنن لئه امرت آڻي،
ڪو ته خوشيءَ جي عيد اماڻي،
هيڻاتن کي ڪير نه ڄاڻي،
ڪيسين رهندا هي ويڳاڻا؟
پهريان سنڌي مير مهاڻا.
***
ديس عمر سو منهنجو
باهه جتي ٽمڪي ٿي،
کنوڻ جتي چمڪي ٿي،
ريڻ جتي رمڪي ٿي،
ڇير جتي ڇمڪي ٿي،
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
کير مکڻ جت ڌونرا،
ڏيهه سڄُ ڏٿ ڏونرا،
ڀال ڀري ڪن ڀونرا،
چاهه وڌائن چونرا.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
وير چڙهي واري جي،
سار نه جت ساري جي،
هار نه جت هاري جي،
ڪار نه جت ڪاري جي.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
خان نڪي جت خانيون،
مير نڪي مهمانيون،
ٻاڻ نڪي جت ٻانهيون،
مان ڀريون جت مانيون.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
مينهن وسن مال مڙن،
چنگ چرن چيٽ کڙن،
ٽار ٽلن، ٽونر ٽڙن،
گهاٽ پسي گهوٽ گهڙن.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
جت نه کٿيريون کامن،
جت نه پُسي ڪو دامن،
جت نه جهڪي ڪو جامن،
جت نه ضمانت ضامن.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
ڏينهن گهمن ڏهرن ۾،
رات لمن لهرن ۾،
ننڊ پلن پهرن ۾،
ناهه خوشي چهرن ۾.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
کوهه کڏا کاهيون جت،
هڪ نه لکين لاهيون جت،
ڏات ڌڻيون ڏاهيون جت،
واٽ سوين ساهيون جت.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
جت نه رُسي ڪو راڻو،
شل نه کٽي ڪو داڻو،
ناهه ڪنهين وٽ ناڻو،
ملڪ سڄو مينهاڻو.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
مند وسائي گولا،
گرم هوائون جهولا،
سانگ سفر جا رولا،
ٽو لاڪن ۾ ٽولا.
ديس عمر سو منهنجو.
ويس نه پايان تنهنجو.
***
احتساب
هاڻ اٿيا هو هاريا ماريا،
توکان وٺندا حق حساب.
پنهنجي ڪوڙن ڪرتوتن جو،
ڪهڙو ڏيندين نيٺ جواب؟
عام جي آڏو آهن تنهنجا،
پورا پڌرا عيب ثواب.
پاپن هوندي پاس ٿئين تون،
ناهي اهڙو ڪو به نصاب.
هر ڪنهن گل جي خوشبوءِ پنهنجي،
گونٽو ٿيندو ڪين گلاب.
توکي پنهنجي مطلب سان ڪم،
مطلب وارا کول ڪتاب.
هو ته اڃايا آب گهرن ٿا،
توکي گهرجي روز شراب.
انت بحر مان ڇا تون ڄاڻين؟
ڪين پڙهيا تو پهريان باب.
جهڙو پورهيو، تهڙا پئسا،
تهڙي لائي، جهڙو لاب.
قوم نه رهندي هيڻي هاڻي،
اُن ۾ ايندو تاب شباب.
جڳ ۾ آهن ماڻهو ڪيئي،
آهي محبت اڄ ناياب.
جت ڪٿ پاڻي جون بيماريون،
پاڻي آهي ڄڻ ته جُلاب.
***
ڄام ڪينجهر جو!
سمي سلطان کي نوري بنايو ڄام ڪينجهر جو،
وڌايا ڄام ۽ نوري نزاڪت نام ڪينجهر جو.
نظارن ۾ نه جنت جي نظارن کان نظارا گهٽ،
ڏسڻ هت هوبهو حورون اچن انجام ڪينجهر جو.
هتي هو اوج ۾ ٺٽو، هتي هي موج ۾ ڪينجهر،
وڻي ويو ڄام کي دل جان سان آرام ڪينجهر جو.
تماچي ڄام سان نوري ۽ ڪينجهر جو اضافو ٿيو،
لڳي سگهندو نه هاڻي ڪو مٿس الزام ڪينجهر جو.
رهاڻيون راڄ وارن جون تماچي ڄام سان تڙ تي،
خوشي مان گندرن روشن ڪيو هر گام ڪينجهر جو.
ڏسو گادي ڌڻيءَ کي، گندرن جي ڀائيچاري ۾،
وڳر سان گڏ گهمن وڪڙو، وني، وريام ڪينجهر جو.
اڳين پوين جون ڪسرون، سڀ ڪيون ڪينجهر ڌڻي پوريون،
مهاڻن کي مليو تنهن کان وڏو انعام ڪينجهر جو.
هتي هو تخت جو شاهي، هتي دل جي شهنشاهي،
انهيءَ ليکي ۾ ٺٽي کان وڌي ويو دام ڪينجهر جو.
تماچي ڄام ۽ نوري جي، صحبت جو اثر آهي،
رهاڪن تي رهي ٿو، نت وڏو اڪرام ڪينجهر جو.
هي ڪينجهر گندرن جي آهه، تاريخي حوالن سان،
ٿيڻ گهرجي نه هرگز ڪو، ڪڏهن نيلام ڪينجهر جو.
***
نبيرو
هٿين پيرين لڱين لوها،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي،
پاڻي داڻي داڻي ڪن هي.
اوجاڳن جا ڏاڍا ماڻهو،
ويهي رات وهاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
آڏا ابتا ڏنگا ڏونگر،
تن کي ڇلڻا ڇاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻ ڪن هي.
لانگها لڪ لتاڙي تاڙي،
پهچي پنڌ پڄاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
موت مصيبت سامهون سرها،
وڏي ويڙهه وڏاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
ياري جيڪو مور نه پاري،
تنهن کان ڇڏ ڇڏاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
مان محبت، محنت سان ٿا،
پنهنجي ڪرت اباڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
سگهڙ جيڪا ڪم سنڀالي،
تنهن کي گهر جي راڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
متان ڪيچي ڪچ ڪڍن ڪا،
پنهنجا سڱ سڃاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
ننڍا وڏا پاڻ ۾ گڏجي،
دودن جي آکاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
ونگا، گدرا، ميها ميڙي،
گسن تي گڏجاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
اک ڀلي هو ڪاڻي ڪن پر،
ڏس نه هرگز ڪاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
بند سدائين بڇڙي جو ٿا،
راڄ ۾ حقو پاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
ويڙهه تڪي جو ويري تنهن سان،
بدلو ڄاڻي واڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
دشمن دسي دسي آجي،
ڪوٽن مان قيدياڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
رنج رنجايا رٺل تن وٽ،
پهچي ٿا پرچاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
لال لهو سان لال زمين کي،
لاکيڻا لالاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
دشمن جيڪو آڏو اچي،
تنهنجا سر سانڌاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
وقت اچڻ تي قوم وطن جي،
ساهن سان سرواڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
سينڌ امڙ جي رت سان ڳاڙهي،
لاکا ڦل ڦلاڻي ڪن هي،
لوهه پگهاري پاڻي ڪن هي.
***
ووٽ نه ملندءِ
ڪرسيءَ لئه لامارا تنهنجا،
ڪوڙا سڀ ڪاٻارا تنهنجا،
ڪاغذ سارا ڪارا تنهنجا،
ساڳيا ڪات ڪٽارا تنهنجا،
کوٽا تنهنجي دلڙي کوٽي،
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
نالي جو تون آهين غازي،
ڇا جو غازي نيڪ نمازي،
ڄاڻين پلٽا، پلٽي بازي،
ماڻهو تون مان ناهن راضي،
وچ ۾ اهي خاص وڇوٽي،
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
تنهنجون ڳاليون وائي بادي،
ٻانگ نه ڏيندي ڪڪڙ مادي،
هاڻ نه چاهيون ٿا بربادي،
آهي ووٽن جي آزادي،
هلڻي ناهي هٿ مروٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
تو وٽ کوٽ دغا جو کاتو،
آهين ٻالو ڀولو ٻاتو،
آهين ووٽ وٺڻ لئه آتو،
توسان ناهي اسان جو ناتو،
تون ڇا ڏيندين ڪپڙو روٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
اڄ ٿو وڏا ڀاڪر پائين،
هيڻو جهيڻو ٿو ڳالهائين،
پولنگ تائين سڀ کي ڀانئين،
ڏاڍا ڀڳا ڀت هلائين،
ڦيرين ڏاڍي ٿو ڦرموٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
ڪو نه کپن ٿا گُنگا ٻوڙا،
ڪو نه کپن ٿا ڪاٺ جا گهوڙا،
ڪو نه کپن ٿا پڪا پوڙها،
ڪونه کپن ٿا دل جا سوڙها،
اهڙن جي هت لڳندي چوٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
ڳوٺ نه هي ڳچ ڳالهين وارو،
”جيئي سنڌ“ اسان جو نعرو،
تازي جي لئه آهي اشارو،
ٽٽون جي لئه آهي ٽارو،
گڏهه جي لئه آهي سوٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
ووٽ امانت آهي يارو،
حاصل ڪندو ڪو دل وارو،
کڻندو جيڪو انگل آرو،
آڻيندو جو سونهن سڌارو،
تون تان آهين ڏاڍو ٽوٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
تو وٽ عشق الستي ناهي،
تو وٽ قوم پرستي ناهي،
تنهنجي دل برجستي ناهي،
هوشوءَ واري هستي ناهي،
تو وٽ آهي زهر جي ٻوٽي.
ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽيءِ!
***
جوئي آهيان سوئي سنڌ!
تنهن جو مياري ڏوهي آهيان،
جوئي آهيان سوئي سنڌ
توکي ڳايان رنگ رچايان،
منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ!
پٽ پٽيهر مورنه پايان،
پٽ سمهان ڪيئن پايان پٽ،
آهي اباڻن جي مون اوڍي،
لال لياري لوئي سنڌ!
جيڪي تنهنجا توکان وڇڙيا،
تن کان هرگز ناهين ڌار،
تنهنجون راهون روز ڏسن ٿا،
راتون ڏينهان روئي سنڌ!
کوهه چڙهي تو کٿيرين سان،
کيڏاري هت کيڏي کيڏ،
تو ته ڏکويا ڏوٿي پر تو،
پنهنجي پاڻ ڏکوئي سنڌ!
ڪنهنجو ڪان نه ڪيرائيندو،
هاڻ قطارن مان ڪا ڪونج،
ڪونجون ڪوٽن منجهه ڪڙائي،
قيد نه ڪندو ڪوئي سنڌ!
نائون مل جي نک نه مون ۾،
ڌارين کان مان آهيان ڌار،
ڌارين جي ڌارياڻ ڌڪي مون،
دل جي ڌرتي ڌوئي سنڌ!
ملڪ گهڻا، پر ملڪن مان تون،
ملڪ وڻي ٿو مون کي سنڌ،
قومي غيرت، عزت، الفت،
جو تون ماڳ مڙوئي سنڌ!
مٽي سان گڏ مٽي ٿيندا،
مٽي جا جي ناهن مٽ،
مارا جيڪي مٽي جا تن،
جان جواني کوئي سنڌ!
مٽي جي تون مُٺ تي پنهنجي،
سوني مٽي مٽين يار،
مُلهه نه ڄاتو، مٽي جي تو،
دلبو کاڌو دوئي سنڌ!
مٽي ٻي هي مٽي ناهي،
مٽي مارن جي ميراث،
مٽي ڏيندي گلشن گل ڦل،
سونا سنگ سگهو ئي سنڌ!
ڏيهه ڏڪاريا ڏوٿي ڏٻرا،
ڏٿ ڏهاڙي جن جو کاڄ،
ڏک ڏکاري ڏاڏي پوٽيون،
ڏينديون ڏونرن ڏوئي سنڌ!
”جيئي سنڌ“ چوڻ جي ڏوهه،
اهڙو ڏوهه ڪندس مان ڏوهه،
اهڙي ڏوهه جو ڏوهي مون کي،
ڪوٺي ڀل هر ڪوئي سنڌ!
توکي جي هي مٽي پياري،
ڏي تون ان کي ريٽو ريج،
هڪيو تڪيو حق گهري ٿي،
حق اهو هڪڙوئي سنڌ!
سنڌ نه نالو مٽي جو پر،
جئرن جو هي آهي جهان،
هن ۾ جيڪو ڄمڻو آهي،
ناهي سو مرڻو ئي سنڌ!
مٽي هن ۾ دودو دولهه،
شاهه عنايت، شاهه بلال،
ڇو نه تقدس، ڄاڻين تنهنجو،
هيڏو تون ڄاڻو ئي سنڌ!
هاڻي سسئي سور نه سهندي،
هوندي پنهنجي پنهون ساڻ،
ٻانهن سان ٿيندي ٻيلي ٻهڳڻ،
ٻاروچا ٻارهوئي سنڌ!
مٽي جي تون ملهه وٺين ٿو،
جنهن ۾ تنهن جو ماضي حال،
ڀٽ، درازا، روپا ماڙي،
سکر ۽ ساموئي سنڌ.
هَيرو خيرو نٿو ناهيان،
آمر نه آهيان، ڪو غدار،
اکڙيون ميگهه ملهاريون منهنجون،
بيٺيون سي جهُڙ جهوئي سنڌ.
هاڻ نه ڪنهن تي هاڃو ٿيندو،
هاڻ نه هڄندو ڪنهن جو حق،
هر جا رهڻي آهي هت،
حق جو ئي ۽ حق گوئي سنڌ!
اڄ بي دوداد لک هزارين،
دودن جو هي آهي ديس،
دنگن تي هي دودا لڙندا،
ڏيندا ڪنڌ ڪلوئي سنڌ!
تنهنجا هي متوالا مانجهي،
موذي ماري ڪندا مات،
مور نه مڙندا مارو ڪندا،
مستي ۾ مستوئي سنڌ!
تنهنجي ٻني ڪُني لُٽجي،
تنهنجي لُٽجي ٿي تهذيب،
تون نه اڃا ڇو جاڳيو آهين؟
جاڳيا سڀ جتوئي سنڌ.
مٽي هن ۾ عالم فاضل،
بلڙي وارو شاهه ڪريم،
مٽي وارن ماروئڙن سان،
منهنجو نينهن نجوئي سنڌ!
ڀل ته علاءَ الدين اچن پر،
دودن جي هت ناهي کوٽ،
ڀون تان ڀاڱا راڱا ٿيندا،
گڏ جي ڀائر ڀوئي سنڌ.
هوشو هيمون بلو آهيان،
مير نه مورئو صوبدار،
نوڙجون پڳون پڳ نه منهنجي،
سودو هي سرجوئي سنڌ!
مٽي سان ئي لائون لهندا،
مٽي جا جي ڳاڙحا گهوٽ،
ڏاج ۾ تنهن کي سرڙا گهوري،
ڏيندا ڏاج گهڻو ئي سنڌ!
ڪلون ڪُل نه پوريون ٿيندوين،
وٺڻ وارا لک هزار،
ڏيندڙ ڏيئي ڏيئي ٿڪيو،
جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي سنڌ!
جنت ۾ جا مٽي آهي،
سنڌ جي مٽي ان جي ڀيڻ،
جنت جي هي ڌارا سنڌو،
آ اگوندر اوئي سنڌ!
*** |