سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :6

 

 

وَرڪر

واهڻ واهڻ ۾ ٿو وهسي، ورڪر چئجي وڪڙو چئجي،

پير پيادو پنڌ کٽائي، موٽر چئجي ڇڪڙو چئجي.

 

پنهنجي ذات ۾ آهي گم سم، هيجب چئجي هڪڙو چئجي،

ننگن جو هو انگ ڍڪي ٿو، ڪپهه چئجي ڪڪڙو چئجي.

 

آهه مشيني ماڻهو گويا، طوفانن، کان تڪڙو چئجي،

روز ڏري ٿو دل جا داڻا، جانڊهه چئجي مڪڙو چئجي.

 

ملهه دسي ٿو ميدانن ۾، ڄنگهه ۾ پائي مڪڙو چئجي،

ستل قوم اٿارڻ وارو، ڀير تي ڏونڪو ڌڪڙو چئجي.

 

جيسين ڪو طوفان اچي هي، تيسين جهونڪو جهڪڙو چئجي،

چوڌاري جي چور گهمن پيا، تن لئه چهبڪ چڪڙو چئجي.

 

جبلن جا جنسار پسي ٿو، لڪي چئجي لڪڙو چئجي،

سادو کائي سادو پائي، خرچ ڪرڻ ۾ پڪڙو چئجي.

 

ليڊر جنهن کي نڪ نه آهي، ان جي منهن تي نڪڙو چئجي،

محنت هوندي مڃتا ناهي، ڄڻ ڪو آمون اڪڙو چئجي.

 

اڀرن جي لئه اولو آهي، ڍول ڍڪيندڙ ڍڪڙو چئجي،

يڪي سر ٿو ياري پاري، ياور يڪدل يڪڙو چئجي.

 

ملڪ سڄي ۾ محسن مانجهي، ساجن سنمک سڪڙو چئجي،

وٽ وڪيلن وارا ڄاڻي، ڦڙتالو ۽ ڦڪڙو چئجي.

 

ورڪ ۾ ڪيئي شهر ڏسي ٿو، سيوهڻ اڪڙي اڪڙو چئجي،

هر ڪو ورڪر قومي ورڪر، ڏڍ دلين جو ڏڪڙو چئجي.

 

***


 

 

 

 

پيٽوڙي

وڏا هي پيٽ پيٽوڙي،

چري ويا چيٽ چيٽوڙي.

 

ٻنيون ٻارا، سندن سارا،

ٻکاري ٻيٽ ٻيٽوڙي.

 

سندن ديهون، سندن ديرا،

سندن سڀ ڪيٽ ڪيٽوڙي.

 

ڪتيءَ ۾ ڪڙم سان ويجها،

بڊي ۾ ڇيٽ ڇيٽوڙي.

 

وڏيرا تيل صابڻ ۾،

رکن ٿا ڀيٽ ڀيٽوڙي.

 

سدا مارن جو منهن ميرو،

ملي نه ميٽ ميٽوڙي.

 

پوي ڪمزور جو ڪم ڪو،

لڳائن ليٽ ليٽوڙي.

 

کرا کوڙا کڻڻ وارا،

کري ٿيا خان کيٽوڙي.

 

اها ڦرلٽ رهي جيڪر،

ڪندارڻ ريٽ ريٽوڙي.

 

نوان نينگر هي ساماڻا،

ڪندا نر نيٽ نيٽوڙي.

 

***


 

 

چوڏس کڙو

 

چنڊ ٿي چانڊاڻ ٿي چوڏس کڙو،

سنڌ وارا پاڻ ۾ ڇو ٿا رڙهو؟

 

سڀ اوهان جي رت سان راڱا ٿيا،

مانجهه موهن جو دڙو ڳاڙهو ڀڙو.

 

سنڌ جي نالي وٺڻ سان جي ڀڄن،

تن سان ڇو هت، راڄ راڻا ٿا وڙهو.

 

ڪو وري مانگر نه ڪڙڪي ڪُن ۾،

مورڙا ٿي گهوٽ گهاٽن ۾ گهڙو.

 

ٿا ملهايون ماتمي رسمون سدا،

شل کڄي گهر گهر ۾ شادي جو پڙو.

 

ڪو وري ايندو عنايت جهوڪ ۾،

موٽ کائيندو بلاول مورڙو.

 

ٿا سڏايو پاڻ کي هت دهلوي،

هت اسان سنڌي سڏايون ٿا چڙو.

 

پاڻ پنهنجن کان پري ڇو ٿا رهو،

ميڙ ميڙاڪن ۾ ميڙا ٿي مڙو.

 

سنڌ وارا سڀ برابر پاڻ ۾،

گهٽ نه آهي، ڪو ڪڙي ۽ ڪونجڙو.

 

سونهن بخشي، سنڌ وارن کي خدا،

سڀ سدا سهڻا، نه ڪوئي ڪوجهڙو.

 

پيءُ ڏاڏي جي ثقافت ساهه سان،

ٿو سنڀالي ڏهٽڙو ۽ پوٽڙو.

 

ڪا نه ڪٿ قانون جي عزت بچي،

ٿو اچي مڃتا ۾ يارو موچڙو.

 

سنڌ وارا ٿا سڃاڻن سنڌ کي،

سنڌ جو سنڌي نه آهي ڀورڙو.

 

سنڌ جي ماڻهن کي ملندا حق سڀ،

ڪنهن به سنڌي کي نه سمجهو ڇورڙو.

 

ڇا لکي لکندين مجيدي تون هتي،

سنڌيو شل گل گلابي ٿي ٽڙو.

 

***

 

ڪين جو ڪنو

پيٽ ڀري خوب گهمي، خوب سمهي داٻ دُنو،

هاءِ غريبيءَ ۾ سڃو، رات سڄي رات رُنو.

 

ڪيڪ سڪو ڀور ڀڪو، چانهه چڪو ڪنهن نه مڪو،

ٻار ڀلا ڇا ته پيئن، کير مليو ڪوپ منو.

 

سير اٽو سو به کٽو، اڌ ڪچو، اڌ پڪو،

سو ته نڙيءَ مان نه لنگهي، جنهن ۾ اڌو اڌ چنو.

 

سيٺ وڏي، راڄ سڏي، ڪالهه ڪيو ڪاڄ وڏو،

پر نه غريبن کي مليو ڀاءُ ڀڳو ڀت ڀنو.

 

عيد اچي عيد رهي، پر نه بکيو عيد لهي،

واءِ بکاين جي بکن جو، نه بُرو باب پنو.

 

قرب وچان ماءُ چوي، دير گهڻي ناهه ٻچا،

ڪين سمهو ڀت رڌو، هاڻ لٿو ڄاڻ ڪنو.

 

بک وٽيو سيءَ سٽيو، ننڍ کٽيو ٻار سُتا،

چُلهه مٿان هاءِ لٿو ڪين سندو ڪين ڪنو.

 

***

 

ظالم

ظالم تنهن جو وقت پڄي ويو

ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيندين تون

 

اوچا ڳاٽ نه هرگز لڙندا

ڪهڙا ڳاٽا لاڙيندين تون

 

هو سڀ سوريءَ سامهون آيا

ڪهڙا چاڙهي چاڙهيندين تون

 

گيت بغاوت جا ويا لکجي

ڪهڙا ڪاغذ ڦاڙيندين تون

 

واڙا ٽوڙي وير وڃن پيا

هاڻ نه ڪنهن کي واڙيندين تون

 

پٻ نه لڳندو پيرن جو ڪو

ڪهڙا پير آڙيندين تون

 

هي سڀ تنهنجي ڀاڙي وارا

ڪهڙا ڀاڙي ڀاڙيندين تون

 

هي سڀ منهنجا پاڙي وارا

ڪهڙا تاڙي تاڙيندين تون

 

ڀونگي ڀونگي ۾ هو باغي

ڪهڙيون ڀونگيون ساڙيندين تون

 

هو سڀ ڳوٺن وارا باغي

ڪهڙا ڳوٺ اجاڙيندين تون

 

مائن جي پيٽن ۾ باغي

ڪهڙا پيٽ پڇاڙيندين تون

 

هو سڀ قبرن وارا باغي

ڪهڙا لاش لتاڙيندين تون

 

ڪاڙهن ڪاڙهي ڪيا هو باغي

هاڻ نه ڪنهن کي ڪاڙهيندين تون

 

باغي تن جا باغي ساٿي

ڪهڙا ساٿ سلهاڙيندين تون

 

ڏاڙهون، ڏاٺون، ڏند نه تنهنجا

هاڻ نه ڪنهن کي ڏاڙهيندين تون

 

پاپي پنهنجي پرڪارن جا

ڪهڙا پنا پاڙهيندين تون

 

***

 

ملهار تو تي ميار

پلر نه پاڻي پُسي نه پيرون

ڏڻن تي وانگين ڏنيون نه ويرون

اچڻ ۾ ايڏيون ڪيون تو ديرون

ملهار توتي ميار آهي

 

اڃا گهر جون ٻڏيون نه گهيرون

مٽي نه موري لٿيون نه ميرون

اچڻ ۾ ايڏيون ڪيون تو ديرون

ملهار توتي ميار آهي

 

اڀن ۾ تنهن جون اڳيون نه ايرون

ڀٽن تي ڀڙڪيون اڃا نه ڀيرون

اچڻ ۾ ايڏيون ڪيون تو ديرون

ملهار توتي ميار آهي

 

ڇڙيون نه ڇانگون گُڙيون نه ڇيرون

کنڀيون نه کاڌيون ڀڳيون نه هيرون

اچڻ ۾ ايڏيون ڪيون تو ديرون

ملهار توتي ميار آهي

 

ائين نه آگم ڪجن اويرين

کپن ٿيون سانوڻ سندءِ سويرون

اچڻ ۾ ايڏيون ڪيون تو ديرون

ملهار توتي ميار آهي

 

***

 

حقيقت

* پورهيت جي ٻانهن ۾

اڀرن جي دانهن ۾

سارو سنسار آهي

 

* امڙ جي جهوليءَ ۾

لطيف جي ٻوليءَ ۾

سنڌين جو سينگار آهي

 

* سخي جي ماني ۾

يار جي يارانيءَ ۾

خدا جو پيار آهي.

 

* عنايت جي شهادت ۾

سيد جي قيادت ۾

خوشين جو حصار آهي.

 

* مارئي جي ست ۾

روپلي جي رت ۾

سنڌين جو سهڪار آهي.

 

* جهوڪ جي پوٺي ۾

۽ مال اوٺي ۾

دولت جو انبار آهي.

 

* سنڌ جي ساک ۾

آزادي جي باک ۾

قوم جو وقار آهي.

 

* هاري جي هٿن ۾

سارين جي سٿن ۾

موج ۽ بهار آهي.

 

***

 

لوڪ لڏائين

مسڪين ڦري ملڪ جا محلات اڏائين

پوٺن تان پنو هارن کي ستي لوڪ لڏائين

 

جهانگي جي رهن جهنگ ۾

جهوپاٿو پٽائين ۽ ڪڏهن جهوڪ ڇڏائين

 

هڪ رنگ ۾ تون پاڻ کي هرگز نه رکين ٿو

سو سانگ ڪرين سير سوا سير سڏائين

 

پنهنجن کان پري ڌار رهي ڪيترو رهندين

هلندي نه اها تنهنجي جي سدا هوڏ هڏائين

 

سايون هي دليون ڪيتريون تو پاڻ سڪايون

ڀرجڻ جي اها ناه ڪڏهن کڏ کڏائين

 

انڌير ڏسي ڪيترا مظلوم اٿن ٿا

ٽاڏون نه هلن پاڻ کي ڇاڪاڻ ٽڏائين

 

ڪرڻيون نه ڦٻن تنهنجون سدامند جي توکي

ڇو قوم جي ڪردار کي گوندر ۾ گڏائين؟

 

پنهن جون تون پُريون نيئي پرئين پار ملائين

پنهن جن جي پسوري ۾ پيو پاڻ پڏائين

 

محدود سندءِ ذات سان ٿي تنهن جي سياست

راڄن جي ڪمن ۾ ڇو رڏي باز رڏائين؟

 

***



 

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو

هوُ سن جو سائين جاڳي پيو

هُو يار سدائين جاڳي پيو

هو اڃا تائين جاڳي پيو

تون ڇاٿو ڀانئين جاڳي پيو؟

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو

 

 

 

ٻيا ننڊون ڪن هو جاڳي پيو

ٻيا سيج سمهن هُو جاڳي پيو

ٻيا مست مگهن هو جاڳي پيو

ٻيا روز گهمن هو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو

 

ڪي پوکون پچن جاڳي پيو

ڪي ميلا مچن جاڳي پيو

ڪي اڱڻ اچن جاڳي پيو

ڪي پُڄن وچن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

ڪي ڄاڻو ڄاپن جاڳي پيو

ڪي ڍوليا ڍاپن جاڳي پيو

ڪن مارو عيدون جاڳي پيو

ڪن خوب خريدون جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

هو قيدي ستاهي جاڳي پيو

هو رات جو راهي جاڳي پيو

هو سنڌ سپاهي جاڳي پيو

هو محسن ماهي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هُو آڌي مانجهي جاڳي پيو

هو ساجهر سانجهي جاڳي پيو

هو ويرڻ وانجهي جاڳي پيو

هو ڏاڍن ڏانجهي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو ساري جيجل جاڳي پيو

هُو دم دم، پل پل جاڳي پيو

هو نيهي نرمل جاڳي پيو

هو طوفان هل چل جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هُو قيدي ٿيندو جاڳي پيو

پر ”سنڌو نه ڏيندو“ جاڳي پيو

هر ويري ويندو جاڳي پيو

پر سنڌ نه نيندو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو سيد زادو جاڳي پيو

هو پاڻ مرادو جاڳي پيو

مضبوط ارادو جاڳي پيو

هو قوم جو دادو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هُو شاه سنائي جاڳي پيو

هُو بحر بقائي جاڳي پيو

هو راه رسائي جاڳي پيو

جنهن مهل ملهائي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو اوڇڻ اُڄي جاڳي پيو

ڪو ڀوڄڻ ڀڄي جاڳي پيو

ڪا سنگت سڄي جاڳي پيو

ڪو مقصد پڄي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو چور نه اچي جاڳي پيو

ڪا مارئي بچي جاڳي پيو

ڪو نانگ نه نچي جاڳي پيو

ڪو سانگ نه رچي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي باکون ڦُٽن جاڳي پيو

ڪي کوٽا کٽن جاڳي پيو

ڪي پهرا ٽٽن جاڳي پيو

ڪي ڇوڪر ڇُٽن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪا ڳالهه ڳڻي هو جاڳي پيو

ڪا ضرب هڻي هو جاڳي پيو

ڪو بار کڻي هو جاڳي پيو

وه واه وڻي هو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هُو ڏونگر ڏاري جاڳي پيو

هو موذي ماري جاڳي پيو

هو وانگي واري جاڳي پيو

هو سج اُڀاري جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو آرس موڙي جاڳي پيو

هو جيجل جوڙي جاڳي پوي

هو ٽڪر ٽوڙي جاڳي پيو

ڪوٽ اُکوڙي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪنهن مينهن وسڻ لئه جاڳي پيو

ڪنن راه رسڻ لئه جاڳي پيو

ڪنهن پهر پسڻ لئه جاڳي پيو

ڪنهن ديو دسڻ لئه جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪنهن ڏينهن ٿيڻ لئه جاڳي پيو

ڪنهن پڪ ڀيڻ لئه جاڳي پيو

ڪنهن ڏات ڏيڻ لئه جاڳي پيو

ڪنهن جُڳ جيڻ لئه جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو کوٽو کامي جاڳي پيو

ڪا آه اگهامي جاڳي پيو

ڪا رات وهامي جاڳي پيو

ڪو ارٿ اُڏامي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي سُور سنوان هُو جاڳي پيو

ڪي پور نوان هو جاڳي پيو

ڪي لڙڪ روان هو جاڳي پيو

تحسين چوان هو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو چور نه ايندو جاڳي پيو

ڪجهه نال نه نيندو جاڳي پيو

ڪو سوگهو ٿيندو جاڳي پيو

هو سڀ ڪجهه ڏيندو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي بستيون برسن جاڳي پيو

ڪي سوڍا سرسن جاڳي پيو

ڪي وانگي ورسن جاڳي پيو

ڪي ٿيندا درسن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو سنڌ نه سيري جاڳي پيو

ڪو ڦند نه ڦيري جاڳي پيو

ڪو گهاٽ نه گهيري جاڳي پيو

ڪو اک نه ميري جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪا وانڍ نه وڪجي جاڳي پيو

ڪا ڇانگ نه ڇڪجي جاڳي پيو

ڪو ڀاڻ نه ڀڪجي جاڳي پيو

ڌنار نه ڌڪجي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو جهوڪ نه جهوري جاڳي پيو

ڪو ڪنڌ نه ڪوري جاڳي پيو

ڪو ساه نه سوري جاڳي پيو

ڪو سرڙو گهوري جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو دودو دمي جاڳي پيو

ڪو نادر نمي جاڳي پيو

ڪو لور نه لمي جاڳي پيو

غدار نه ڄمي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي ليڪا ليڪي جاڳي پيو

ڪو شوم نه شيڪي جاڳي پيو

ڪو ڍينگ نه ڍيڪي جاڳي پيو

ڪمزور نه ڪيڪي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي شاديون ٿينديون جاڳي پيو

آزاديون اينديون جاڳي پيو

شهزاديون ٽڙنديون جاڳي پيو

آباديون ٿينديون جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪا کوه نه کڄي جاڳي پيو

ڪا حور نه هڄي جاڳي پيو

ڪا لڄ نه لڄي جاڳي پيو

ڪا ٻانهن نه ڀڄي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو ڪات نه ڪڙڪي جاڳي پيو

ڪو لاش نه لڙڪي جاڳي پيو

ڪو ٻنڀ نه ٻڙڪي جاڳي پيو

ڪا باهه نه ڀڙڪي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي ستيون سپجن جاڳي پيو

ڪي نوريون نپجن جاڳي پيو

ڪي چنڊا چپجن جاڳي پيو

ڪي لوگها لپجن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو اچي وڃي جاڳي پيو

هو آڻ نه مڃي جاڳي پيو

هو ڀوري ڀڃي جاڳي پيو

هو سنڌ نه سڃي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو مارو ميڙي جاڳي پيو

هو ٽيڙو ٽيڙي جاڳي پيو

هو ڇيڙون ڇيڙي جاڳي پيو

هو ڪوپا ڪيڙي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو حق جو حامي جاڳي پيو

هو مرد مدامي جاڳي پيو

اڳواڻ عوامي جاڳي پيو

سڀ ساٿ سلامي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو شڪ نه شڪي جاڳي پيو

ڪو بڪ نه بڪي جاڳي پيو

ڪو لڪ نه لڪي جاڳي پيو

ڪو چڪ نه چڪي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو.

 

 

 

هو ڪاڻ نه ڪڍي جاڳي پيو

هو ويري وڍي جاڳي پيو

هو ڏوٿي ڏڍي جاڳي پوي

هو ساڍيون سڍي جاڳي پوي

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو.

 

 

 

ڪو ايندو ويندو جاڳي پيو

ڪو سُور سليندو جاڳي پيو

ڪو پاپ پليندو جاڳي پيو

ڪو جهوڙ جهليندو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي اينديون خبرون جاڳي پيو

هي ڪنهن جون قبرون جاڳي پيو

ڪنهن ماريون تبرون جاڳي پيو

هي لهنديون زبرون جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪو غاصب هٽي جاڳي پيو

پرمار نه پٽي جاڳي پيو

ڪو ڦوڳ نه ڦٽي جاڳي پيو

ڪا مم نه چٽي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو راتون ڏينهان جاڳي پيو

هو نرمل نيهان جاڳي پيو

هو ساريون راتيون جاڳي پيو

هو پائي جهاتيون جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي نيهي نسرن جاڳي پيو

ڪي مور نه وسرن جاڳي پيو

ڪي دل تي سانڍي جاڳي پيو

ڪي لانڍيون لانڍي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو.

 

 

 

ڪو ٺڳ نه ٺڳي جاڳي پيو

ڪو ڀوت نه لڳي جاڳي پيو

ڪو سڳ نه سڳي جاڳي پيو

ڪو کڳ نه کڳي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو لکي پڙهي جاڳي پيو

هو موتي مڙهي جاڳي پيو

هو چوڏس چڙهي جاڳي پيو

هو لالون لڙهي جاڳي پوي

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي پوٺا پلٽن جاڳي پيو

ڪي ڪوٺا ڪلٽن جاڳي پيو

ڪي ولڙيو ولٽن جاڳي پيو

ڪي مارو موٽن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو مرشد ڪامل جاڳي پيو

هو دل سان ڏي دل جاڳي پيو

هو کل مُک خوش دل جاڳي پيو

هو راڄ سان رل مل جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي ٺانگر ٺُڪرن جاڳي پيو

اڻ تارو اُڪرن جا ڳي پيو

ڪي جهاٽو جهُڪرن جاڳي پيو

ڪي سانگي سُڪرن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي نقشا ڇٽجن جاڳي پيو

ڪي سٽون سٽجن جاڳي پيو

ڪي پاپي پٽجن جاڳي پيو

ڪي ماري مٽجن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

ڪي رُٺا پرچن جاڳي پيو

ڪي سانگي سرچن جاڳي پيو

ڪي ڪوڙا ڪرچن جاڳي پيو

چنگيز نه چرچن جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو سانوڻ سياري جاڳي پيو

هو پوهه جي پاري جاڳي پيو

هو سخت اونهاري جاڳي پيو

ڪو ٺار نه ٺاري جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هُو آيل آئي جاڳي پيو

هُو مرڪي مائي جاڳي پيو

هو خوش ٿي ڄائي جاڳي پيو

هو سائڻ سائي جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

اڄ هر ڪو ماڻهو جاڳي پيو

اڄ مومل راڻو جاڳي پيو

اڄ ٽول ٽڪاڻو جاڳي پيو

اڄ ساٿ سٽاڻو جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

 

هو ستل جاڳيا جاڳي پيو

هو مرڪن ماڳيا جاڳي پيو

هو ڀڙڪن ڀاڳيا جاڳي پيو

هو سانگي ساڳيا جاڳي پيو

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

هو جاڳڻ وارو جاڳي پيو!

 

 

ڏوهيڙو

سيد ڌاران سنڌ جي

هام نه هڻي ڪو

سيد وانگر سنڌ جا

بار نه کڻي ڪو.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org