سرسارنگ
صدا
پکو پرينء ساڻ، اي ماءَ سونهي سانوڻ ڏينهن
1- آهيم عجيبن سين راتو ڏينہ رهاڻ
2- گهورِي هيس جن جي، سي پِرايم پاڻ
3- اُٿي ڪنديس ان سين، ريلن منجهه رهاڻ.
بيت
[1]
سارنگ سنبَهي آئيو، ڪوڪ لائي ڪُرڪو
سونهن سنگهاريون ٿيون، پَسِي ڦڙيء ڦڙڪو
جو پرين جو پُڙڪو، سو واءُ وِڄڙين کان وِترو.
[2]
سارنگ سنبهي آئيو، جُهڙ لائي جهاٽي
لفظ سين ”لا“ جي، ڪفر ڇڏيائين ڪاٽي
جا باهه برههَ جي آٽي، سا واءُ وڄڙين کان وِتري.
[3]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، سڄڻ سونهارِي ڍارَ
مَنَ کي مون جياريو، تاڙي جِي تنوار
توراڪ توهُئون ڌار، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سين.
[4]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، سڄڻ سونهارِي سِٽّ
اڳ مَ وڃ وَلها، مُحِبّ منهنجا مِٽّ
اڱڻ راڳي چِٽّ، آءُ ڪانڌ ڪنديس ڪن سين.
[5]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، سڄڻ سونهاري جوڙ
اڳ م وڃ وَلهاَ، مُحِبَ منهنجا موڙَ
ڍنگهر ڍاري ڍور، آءُ ڪانڌَ ڪنديس ڪن سين.
[6]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، وِڄُن جو وارو
آءُ ته پرين تو ڏيان، اکيين اوتارو
ساجهر سوارو، هوند ڍول ورائي ڌَڪيين.
[7]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، وِڄُن جِي وائِي
اکيون ري وَلهي، چمن جا چاهي
جن ري جڏائِي، سي تن اللہ آڻي ميڙئين.
[8]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، وِڄُن ڏنا وَرِ
وريتيون وانڍيُن جي، اچيو لَهَن ڪَرَ
اديون اوهان جا گهَرَ، ڪي نِگَهه آهن نجهرا.
[9]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، اکيون ڪَنَ ڪرين
هئي هئي حبيبن جا، سور سنيهڙا ڏين
جوري جينۡ جپين، سي مانَ ملنم سپرين.
[10]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، هينئڙي لايو هيج
سارنگ ري سرتيون اندر ٿيو اُريج
وچان پيو ويڌ، سِڪن کي سڄڻين.
[11]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪارونڀر سونهن
لڳو ڦَٽُ فراق جو، دل ۾ دُکي دُونهن
تو رِيء ورورِوُنهن، ڪانڌ ڪرينديس ڪن سين.
[12]
اُتران ٿي آئيون، پَسِي پاٻوهي پَٽَّ
ڪي ٻهڪيون ٻيلي تي، ڪي ڍريون مُٿي ڍَٽّ
موٽِي ”ميران پور“ تي، ساري ڏنائون سَٽّ
واهيين ويٺا وَٽّ، جي ملڪ سڀ معمور ٿيو.
[13]
جهانۡ جهانۡ ڪري جِهميون، اوهِيران اچي
اکين آگمَ لائيا، پرين لاء پَچِي
جن ڏي هُيَم سِڪ سچي، سي اُٺي ويا اُڪرِي.
[14]
جهان جهان ڪري جهميون، اوهِيرن آيون
اکين آگمَ لائيا، ڪنهن ڏُکَ ڏسايون
جن ٿي قَربَ ڪوڏايون، سي اُٺي ويا اُڪرِي.
[15]
وُٺو مينهن وڏڦڙو، جهان جهان ڪري جهڪور
موچاري ملير ۾، مينهون ٽِلن مور
هادي لاثا هور، ولهارن وَسَّ ٿي.
[16]
نئين ڀر اَڏِ مَ نِجهرو، ڇِن ڇڏي وڃج ڇَن
ڪانڌ! سويري نه ڪرين ڪا پَکي جي پرن
مون جهُڙ ڏٺو اُڀ ۾، ٿيون وِڄون ڪن وَرَن
سانوڻ جيئن سمن، ڪيئن ڍولَ ڍِلو ٿئي؟
[17]
گهڻا گهاريا ڏينهڙا، اَوسَر اسان ساڻ
دوستن دلاسو ڪيو، پرين اچي پاڻ
ريلن منجهه رهاڻ، اُٺي ڪنديس ان سين.
[18]
گهڻا گهاريا ڏينهرا، اوسَرَ اسان لوءِ
پکو پُراڻو ٿيو، ڪو پريان کي چوءِ
وِرههُ منهنجو ووءِ، مانَ اُٺي اَڳاهون ٿئي.
[19]
سڄڻ سانگي اُڪرِي، نِگَههَ ويا نَهِي
اُتان ڪونه آئيو، پڇان ڪير پَهِي
رهيو سُور سَهِي، هينئڙو اُنَ پرِينء کي.
[20]
سڄڻ جنهن وڇوڙيا، تنهن اوسر پُنا ڏينهن
پرين پيهي آئيا، مُندن وُٺا مينهن
ڏولائي جا ڏينهن، واحدَ سڀ وساريا.
[21]
پَسيو مينهن، ”محمود“ چئي، ساريو ڪري سَڏ
اُٺو اوهيرا ڪري، لَڙهو مٿان لَڏَ
پال پُراڻي پَکڙين، ڇاٽَ نه سهي ڇڏَ
جو هوم هيڪاندئي گڏ، سو واحدَ ور ورائيين.
[22]
پسيو مينهن، ”محمود“ چئي، ساريو سَڏَ ڪري
پال پراڻي پکڙين، وجهي هٿ وَري
اڱڻ مٿان اوانڍيو، ويٺي پاڻ پري
لايُم جو ڳري، سو واحد وَرُ ورائيين.
[23]
ٻئي هٿَ ٻُندي ۾، اکيون منجهه وَري
تارا ”تماچي“ چئي، مُنڌ ڀيريو آب ڀَري
جهِميون جُهڙ ڪري، چئي اَچُ، پراڻو پَکڙو.
[24]
گهَرُ جهونو، جھُڙ گهڻو اُتَرَ ڏئي اوتَ
چُنِيء چارئِي پوتَ، مون ريڙهيندي رات ڳَئِي.
[25]
گهر جهونو، جهڙ گهڻو، اتر اوت ڏئي
ور سارينديون سي، نِگهه جن جو نِجهرو.
[26]
گهر جهونو، جهڙ گهڻو، اتر ڪيو آڪس
اچي ڪامل پيس، نماڻي جو نِجهرو.
[27]
گهر جهونو، جهڙ گهڻو، پکو نه پرتم
دوست پڇاڻان دم، شال نه جيان جيڏيون.
[28]
گهر جهونو، جهڙ گهڻو، جهُوپو سَهي نه سِيءُ
سڻائج سور سڄڻ کي، حال منهنجو هيءُ
اڱڻ آيو ٿيءُ، ته ڍوليا ڪنهن ڍنگ ٿيان.
[29]
گهر جهونو، جهڙ گهڻو، توڙي قوت نه ڪانڌ
پال پراڻو پکڙو، ڪري واءُ وڻاند
پرين ڏيئي پاند، ڍوليا مون کي ڍَڪِئين.
[30]
ڍَٽَ ڍَرِي پَٽ پيون، وِڄُن ڪيا ويس
اتي اچي ڪڪرين، نِت ڀريائون نيش
جي هينئڙي منجهه هميش، سي سائين سڄڻ ميڙين.
[31]
وهاڻيءَ وايون ڪرين، وسين ساري رات
مون جيئن مينهن پرين جي، جي تَنَ ۾ هُيَئِي تات
ته وهاڻي پرڀات، هوند بادل! ڪيئن بس ڪرين.
[32]
وسڻ اکڙين کان، تون جي سکين مينہ
ته هوند راتو ڏينہ، بس بوندن کان نه ڪرين.
[33]
اندر جهڙ جهور وَهي، ٻاهر بوند برسي بامَ
سڌاتورا سپرين مُحِبَّ ملنم مانَ
مَٿي جن سلام، سي اوڪاڻين نه اکيون.
[34]
اندر جُهڙ جهور وهي، ٻاهر بوند برسي ڀِٽَّ
سڌاتورا سپرين، محب منهنجا مِٽَّ
لالن جنِي وٽ، سي اوڪاڻينِ نه اکيون.
[35]
اندر جهڙ جهور وَهي، ٻاهر ڪڪر نه ڪوءِ
ساريو سپرين کي، رُوح ريجهايو روءِ
لالن جَنِي لوءِ، سي اوڪاڻينِ نه اکيون.
[36]
اچي وڃي ڪڪرِي، ٿي وِڄَ چمڪي جيئن
مون کي پرين تِيئن، سيلا پائي ساريو.
[37]
وِڄُون بارَڻ وٽ تي، ٿيون ڪُوڪَ ڏينهاڻي ڪَن
مَنَهن مَٿي ٽڪرين، جوپ نه اَڏيا جن
پسو سندا تن، نئين نهوڙيا نِجهُرا.
[38]
سڄڻ اڳيئي سُهڻا، ٻيو ڪَجَلَ ڀِنُن نيڻ
تيئن رهيا رُوحَ ۾، جيئن ماکِي اندر ميڻ
جي اهڙا سُوڌا سيڻ، سي مَر اوڏاهُون اکئين.
[39]
سڄڻ اڳيئي سهڻا، ٻيو اکين لائي انگ
تن جون اکيون وه وراڌيون، ڀرون ڀير ڀَونگ
جن جو روپ ترنگ، سي مر اوڏا هُون اکين کي.
[40]
سڄڻ اڳيئِي سهڻا، ٻيو ويتر ڪيائون ويسَ
منهن ڳوري چنڊ جيئن، ڪارا پرينء ڪيسَ
جي هينئڙي منجهه هميش، سي مر اوڏاهون! اکين کي.
[41]
سڄڻ اڳيئي سهڻا، ٻيو پهريائون پَٽَّ
نماڻا نيڻ کڻي، گهائي چڙهيم گهٽَ
جن جو مُلههُ نه مَٽ، سي مَر اوڏاهون اکين کي.
[42]
سارنگ سِڪي وڄ کي، وِڄ وري منجهه پاڻ
اوهيرا اکين ۾، تَنَ اهائي تاڻ
وري اِنَ وٿاڻ، مانَ ملنم سپرين.
[43]
سارنگ سِڪي وِڄَ کي، وڄ وري منجهه واء
ڏونگر مَٿي ڏکڙا، ان پر موريا ماء
هُو جي ڦوڙائي ويا، سي مانَ مِلنَمَ سپرين.
[44]
سارنگ سِڪي وِڄَ کي، وِڄ وري منجهه ڪِيۡنَ
پرين پاڻَ لڪائيو ٿا سِڪَ سنيهڙا ڏين
نيڻن سر ٿيون نِين، ڏکوئيون ڏکن کي.
[45]
سارنگ سِڪي وڄ کي، وڄ وري منجهه نانۡہ
مارو هليا ملڪ تي، اڄ ڇڏيائون آنۡہ
دل اندر جا دانہ، سا ڪُوڪَ سڻايان ڪن کي.
[46]
سارنگ سِڪي وِڄَ کي، وِڄَ وسي وَڻراه
سَہ ساريو سُورَ چَران، سڪان اندر ساهه
ماروئڙن مَٿاء، مانَ اوسر اوسيڙو لَهي.
[47]
سارنگ سڪي وِڄ کي، وِڄ وراڪي پَٽَ
”صادق“ سونهن سڄڻ جي، تنهن جو ملهه نه مَٽ
آءُ پرين! مون وٽ، اوسر اوسيڙو لَهي.
[48]
سحرِي سَنبَهي آئيون، سارنگ ڪيو سامان
وڄ ڪڙڪو اُڀَ ۾ ڪاري لڳي ڪان
وسڻ ڪيو ويران، سو پسڻ ڪنان پَري ٿيو.
[49]
سحرِيء سَنبَهِي آئيون، جتي راتِ نه ڏينهن
منجهيئِي وسن مينهڙا، ٻاهر بچائي ڪيئن
وَرَ ري وُٺا جيئن، سي مون اورڻ آئيا.
[50]
سي مون اورڻ آئيون، سحريون سڀ ڄمار
ڪريو ڪارونڀار، وسن ويل سڀڪهين.
[51]
مُدائتي مينہَ کي، سحريون سَڏَ ڪَرين
آڻيو اوڏا ڏين، سنيهڙا سيڻن جا.
[52]
سحريون سونہ سڄڻ جي، اِي نه ڪڪر اُڀَ
اُترَ واوَ اڌ ڪيا، هي پريان جِي حُبّ
سانہ لڳو سڀ، تڏهن ڪوٽ ڀڳائين ڪُنگرا.
[53]
سحريء چڙهيون سامهون، پرينء جي پارا
آئِي مُندِ مِينهن جي، وڄن ڪيا وارا
ڏيان اکين اوتارا، جي ”صادق“ ملن سُپرين.
[54]
اکين آگَمَ لائيا، رَتُ جيئن رنائون
لوڪان لڪي ڪيتريون دل ڪيون دانهون
لَڄائِي آئون، جڏهن پڌر وڌائون پريتڻو.
[55]
اکين آگَم لائيا، سڄڻ ڏٺيون جي
ڪڏهن ڇينڀيائون ڪينڪي، تَنَ منهنجي تي
سيڻ منهنجا سي، جي مون ري مون کي سامهان.
[56]
اکين آگَمَ لائيا، ڪَڪَرَ وُٺا ڪيڻ
مارو جي هُملڪ ۾، سي منهنجا سيڻ
آءُ انهن کي ڀيڻ، ڦوڙائي گڏ ٿيان.
[57]
جهڙن جهمن اکيون، ڪڪر هِت ڪيانُ
ڏوراپا نه ڏيان، جيئڻ مَ هوءِ جي جيڏيون.
[58]
راتيان وسن وَڏَڦڙا، ڏينهان ڏکن ڏور
سارنگ جيئن سرتيون، تَنَ ۾ وَهي تور
جهڙُ ڦڙ ڪري جهور، مون کي مينهن ماريو.
[59]
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ٿو ڪري
وسيو ولهارن تي خالقِ کنڊ ڀري
پينگهارئون پري، شال مَ وڃن سپرين.
[60]
اڄ به اتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪي چوٽِي
مندائتن مينهن جي، کنوڻ ناه کوٽي
اچين جي موٽي، ته گڏ گذاريون ڏينهڙا.
[61]
اڄ به اتر پار ڏي، تاڙي ڪي تنوار
هارين هَرَ سنباهيا، سَرها ٿيا سنگهار
اڄ به منهنجي يار، وسڻ جا ويسَ ڪيا.
[62]
سڄو صاف نه اُڀري، سرلي وچان سِڄَّ
مُنهن چڙهيو ماڻهئين ٿي ڏئي وڌايون وِڄَ
هينئڙا کَپءٌ مَ کجُّ، سگها ملندئِي سپرين.
[63]
اڄ به اتر پار ڏي، بوندون بَرسيو پُونِ
جهڙ نيڻان ئِي نه لهي، ڪڪر هُونِ نه هونِ
سي مَر رويو روُن، جن سدا مسافر سپرين.
[64]
گهر ڪيچي، اڱڻَ ڪنڍيون، ٿا پکا پَٽَ سُونهن
سُرهي سيج، پاسي پرين، مر جان مينهن وسن
آلا ان ڏينهن، ويٺي سانوڻ ساريان.
[65]
جيئن ڪامڻ گهُري ڪانڌ کي، تيئن مينهون گهُرن مينهن
عاشق کي اللہ اڪبر، هينين راتو ڏينهن
تيئن سيڻن سندو نينهن، مون جهليو پليو نه رهي.
[66]
ساهيڙين سين سپرين، ڪيم قول قرار
ڪامڻ ڪُوڙي نه ٿئي، تنهنجِي جا تڪرار
پرين اچي پار، ته منهن مٿاهون مان ٿئي.
[67]
ور واٽهڙو سپرين، هيڪر ڀيرو آءُ
مينہَ مانڊاڻا ڪيا، ٿي وڻ ساريان واء
آڻيئِي مانَ اللہ، ڪانڌ منهنجي ڪکڙين.
[68]
جانِي آيو جوءِ ۾، چِٽو ڪن چَيو
لوءِ لوءِ منجهه ليو، هينئڙو ان پرينء کي.
[69]
ساريان سنگهارن کي، وڇڙيا ناهنيين
هئي هئي ان ڏينهين، هئا هيڪانڌا سپرين.
[70]
ساريان سنگهارن کي، ويٺي وَٿاڻين
ڀينر هن ڀاڻين، اُٺي اَيندا اُڪرِي.
[71]
ويا وَسَ اُڪرِي، پرديس ۾ پَئيِ
اوتارا ٻئي، وائٺيم وانڍيارن جا.
[72]
وس ڪري وريا، چِلَ نه چنائون
[اديون اڄ آئون“] مانَ سڃاڻان سپرين.
[73]
اکيون ڏُک ڏُکوئيون، وسن ڪِين وسان
سِڪايائون سِڪّ کي، ڏيئي تَنَ تَسا
ڏورين ڪنهن ڏسا هو جو پارا سڄڻين.
[74]
وسن ڪين وسان، اکيون منجهه خمار
در در دائم ٿئي، تاڙي جيئن تنوار
مانَ ملن يار، ”صادق“ سڪندين کي.
صدا
آهي اِيءُ اسرار، اي ماءَ پسڻ مون پرين جو
1- هَڄي رَههُ حيرتَ ۾، ڪَريين جيئن نه قرار
2- ”نَنَخَتُ فِيۡہِ مِن رّوُحِي“ اُڀو اِيُّ
اقرار
3- تو منجهه ساه سڄڻ جو، سُتا لَهِجُ سار
4- وڄون ويلَ سڀڪهين چمڪن ٿيون چوڌار
5- اندر جهڙ جهور وهي تاڙي جِيءَ تنوار
6- هُئڻ ناهي هن جو، هُو نه هِنَهُون ڌار
7- ”صادق“ انِهِي سُور ۾، نيڻين ٽِمن نار.
صدا
ڏسڻ ٻه تي ڏينهن، اي ميان! هي وڻ هِتي جا
1- سدا نه هوندا ساهه سان، ميڙائي جا ميِنهَن
2- ريلَن ۾ رڙَ پئي، ٿي هَڪَلَ سُڄي شينهن
3- اُٿي اور اللہَ سان، سُتو آهين ڪيئن
4- ”صادق“ آهين ساعت ڪا، نيئِي نباه نينهن.
·
سرسورٺ
صدا
اِيء پَرِ ڪَري نه ڪوءِ، ادا تو جيئن مڱڻا
سن سورٺ شيخ چئي ڪوهه ڪا چوءِ جوءِ ادا تو جيئن
مڱڻا
1- وَڍَ وَڍ وَهي وَڏاڻ ۾، ميان ٻولِي ٻِي نه هوءِ
2- رانٺو وَهي راڻين ۾، ميان رت سڀ ڪا روءِ
3- ’وَجهَتہ‘ مال نه ڇلي، ميان وڏو ڏڍ ڏِنوءِ
4- سالڪ سنڀايو هو، ميان ’وا‘ سين وڍيندوءِ.
بيت
[1]
اللہ جِي آس ڪري، هليو هِيائين
چارڻ ٻڌا چنگَ کي جهوڙا ۽ جهائين
ڏولِي راءِ ڏياج جي، ڏوران ڏٺائين
وينتيون واحد کي تنهن دم ڪيائين
سٻاجها سائين، راء ريجهائين راڳ تي.
[2]
هَلِي در حبيب جي، چَلِي چورج چنگ
جهُڻڪِجۡ تيئن جهانءِ ڪري، جيئن
سارنگي سنگ.
راڳ تُمهاري رنگ، معلوم ٿئي ملوڪ کي.
[3]
مَحل آيو منگتو، جاجڪ جنتر کَڻِي
تنبيري تنوار سين، ڪيو ڪوٽ ڪَڻِي
هئي هئي تند هِڻي، هاڃو ڪري هليو.
[4]
محل آيو مڱڻو، تُنبيرو تاڻي
ڪري راڳ رباب سين، وڌائين ڇاڻي
وِرِههُ ويو واڻي، راڻين کي راءِ ڏياچ جو.
[5]
محل آيو منگتو، اڃان هلِي هير
چوري ساز سُر ڪري، ڪڍي تندَ تنبير
وڇوڙي جي ويرَ، وجهنديئي واٽ ٿيو.
[6]
محل آيو مڱڻو، ساز کَڻِي سُرندو
سِرَ جي سدا سُر ۾، گهور ڪري گهرندو
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارڻ نا چرندو
جهُونا ڳڙهه جُهرندو، پوندي جهانء جهروڪَ ۾.
[7]
محل آيو مڱڻو، چڙهي ۾ چَوۡڏولَ
توکي گهوٽَ گهرائيو، راجا منجهه رَتولَ
پيجل توسين ٻول، وهاڻِيء وڍڻَ جو.
[8]
هاڃو ڪري هليو، هئي هئي تند هَڻِي
ريڌو راءِ رَتولَ ۾، ڌوراڻن ڌَڻِي
مَٿي جن مَڻِي، سي ڏسيا ڏيڻ ڏياچ جي.
[9]
محل هيٺ مَلُوڪَ جي، اچي ڳائي ڳالهاڻو
هنيائين سُرُّ سروُد جو، هَيۡ حيرت هاڻو
دايون ٻايون، ٻانهيون، ٿيون روئن راماڻو
جنهن هِيء سُر سيباڻو، سو مۡٿو ڏيندو مَڱڻي.
[10]
محل هيٺ مَلُوڪَ جي، ڪئِي ڳيري ڳت
سُڪو ساهه سڀن جو، پسِي پانڊپ پت
هِي جو آيو هت، سو ڪندو ڪرڳل ڪوٽ ۾.
[11]
محل هيٺ مَلُوڪَ جي، اچي وائي ڪئِي وِيرَ
راس هنيائين راءِ وٽ، تَندن جِي تدبيرَ
سا سيباڻِي سلطان کي، سُرتَ منجهه سريرَ
وڍي سِرَ سُڌيِرَ، وڌو پَلَئه پاٺ جي.
[12]
پرديسان پنڌ ڪري، سُڻِي آيُس سوڀَ
ٿيلهيا تون ٿانء ڪرين، ٿَڪَن ڏيئي ٿوڀَ
ڏارت ۽ ڏوڀ، سِرَ ري سنتوک ناههِ ڪو.
[13]
پرديسان پنڌ ڪري، جهاڳي آيُس جُوءِ
سا سڀ پروڙيئي خواهش همارِي خُوءِ
رُخ جِهائِي روءِ، ڏانُ تون ئي ڏيج مون.
[14]
پرديسان پنڌ ڪري، سُڻِي آيُس شان
سائين سڀ پروڙيئِي، جا اندر منجهه انسان
منگان ڪهڙي مت سِين، آءُ نسورو ئِي نادان
”شهاب الدين“ چئي، سور ٿيا، غير سڀ گُمانَ
سو ڏياريهون ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.
[15]
راجا رنگ محل ۾، جاجڪ سرزمين
هنيائين جا هٿن سان، سا سُئِي بالا منجهه بِين
تازِي ڏِهوس تڪڙا، جَنۡوهَرَ پائي زين
ٻيو مَنگيئِي ڪين، سِرُ ڪيو سڏَ ڪري.
[16]
تَنَ جو سِرُ اُبّهِيو، ڪِينۡ جو تندون چُون
تن دايون ٻايُون ٻانهيون، رَتَ سڀيئِي رُون
امر جو اللہ جو، تنهن جا پَههَ اچيو پُونَ
سي ڪيئن هِتي هُون، جن کي هُتي جو سَڏُ ٿيو.
[17]
چارڻ تنهنجي چنگ جو، عَجَبُ آهي اِيء
هَڻين ٿو هٿن سين، جيئرو رَکِي جِيءُ
رات همارو رِيءُ، ڪاٽيو تو ڪماچَ سين.
[18]
چارڻ چَنگ ٻُرائيو، حقيقت حالا
تندوُن تنهن تنبير ۾ ٿيون وڄن وصالا
جوهَرَ جمالا، ڪاملَ ڪٽيا ڪيترا.
[19]
چارِڻ چنگ ٻنگ هَڻِي، وڄائيو وُڏاڻ
سِر جو هَڏ احسان، پر مڱڻهار مٿي ويو.
[20]
چارڻ وارڻ مڱڻو، مون کي ٿئي شَرمُ
وَٺُ ماڻڪَ، ٻَڌُ موڙيُون، ڀائِي! رَکُ ڀرم
هيء هَڏُ ۽ چَرَمُ، تنهن سِرُ ۾ سڄڻ نانہ ڪينۡ.
[21]
”وَحۡدهَ لاَ شَرِيۡڪَ لَہ“ اِيُّ تندُن جو تانُ
ڪينهين ٻيو ڪماچَ ۾، سَڀوئي ”سُبحَانُ“
تنهن پٽاندر ڏانُ، سِرُ ڪُڄاڙو سَڃِيان.
[22]
وَحدت جو وڏاڻَ ۾، تندُون چور تنبيرَ!
وِهۡسي واڙيء ڦُل جيئن هنيون منهنجو هير
واهه اڄوڪِيء ويرَ، جي مٿو لڻيوءِ مڱڻا.
[23]
مَٿي ڪارڻ مڱڻو، آيو در دَري
ساز ڪيائين سَوارو، پوئِين رات پَري
راجا رات گُهرائيو وِهاڻِيء وري
ڪڙڪو ڪوٽ ڪري، جهونا ڳڙه جُهري پِيو.
[44]
ڪَنجهي، ڪيرت، ڪينرو، واڄو وِلاتِي
ڏسندي ڏاتار کي ظاهر ٿيو ذاتِي
ڪڍِي تنهن ڪاتِي، وڌو ڪرٽ ڪَپارَ ۾.
[25]
ڪَنجهِي، ڪيرت، ڪينرو، وِلاتِي وائِي
هَڻي تندَ حضورَ ۾، تنهن وَحدَت وڄائِي
ڏنائين ڏاتار کي ڪنهن طرح تَسلائِي
اِيَّ ڳُجههّ ڳالهائِي، ٿي مَٿو آندو مڱڻي.
[26]
ڪنَجهِي، ڪِيرت، ڪِينرو، جاجڪ نِيو نه جُوءِ
سِرُّ سڻايو سُلطانَ کي سدائين صُبوحُ
هِنيُون گَڏي منجهه هُوءِ، وِڌو ڪرٽ ڪپار ۾.
[27]
انا پائي آئيُون، جاجِڪَ توکي جيء
ڏمرج ڪيم ڏياچ چئي، اللہ لڳ اُڀِيُّ
مَٿو آهي هيء، سو ويهه ڀيرا مَر وڍيان.
[28]
انا پائي آئيُون، تنبيرو تون ڪالهه
ڪَر ڪهَيو وڃين، مَٿي ڳڙهه ڳالهه
مامَ پرُوڙِي آههِ، مون تُمهارِي مَڱڻا.
[29]
مِيين ۽ مڱڻي ڪا جا ڳالهه ڳُجهِي
سا، دايون ٻايون ٻانهيون سوجهي ڪنهن نه سُجهِي
وِيهون پييون وِماسَ ۾ عاقِل ويا اُجهِي
هِڪ ٻيجلَ ٿي ٻُجهِي، ٻِي خبر هئي کنگهار کي.
[30]
ٽيئِي پرتا پاڻ، ۾ تندُ، ڪٽارو ۽ ڪنڌ
تنهن مُلههُ ئِي ناههِ ڪو، جو تو ڪيو پنڌ
’شڪر الحَمدُ‘، جو مٿو گهريئِي مڱڻا.
[31]
مَٿو مٿان ئي گهوريان، مَٿو تو مٿان
هِيّ هڏوئِي هٿ ڪر، جاجڪَ وهلو جا
اَنيراء اڳيا، متان واچا ۾ ولهو رهين.
[32]
تنَدَ برابر توريان، جان سِسِي سونَ پائي
تان اُٽلَ اوڏانهين وَهي، جڏانهن ٻيجل پُرائي
آيو جنهن لائي، تنهن سِرَ ۾ سَڄَڻ ناههِ ڪين.
[33]
چَڙهي هر چاڪرين، جان آئين منجهه مَحلَ
تان ڌُٻي ڌڙ ڌار ٿيو، ڏنو سر سائل
هئي هئي ڪيو هاريين ڳوڙها مٿي ڳلَّ
اوتي آب اُڇَلَّ، جهوناڳڙه جهُرِي پيو.
[34]
چڙهي سر چاڪرين، آئين منجهه مڪان
تان ڌٻي ڌڙ ڌار ٿيو، ڏنو سِرُ سلطان
هئي هئي وَهي حيران جهوناڳڙه جهُري پيو.
[35]
چڙهِي سِرُ چاڪرين، جان ڀَري آئين پيرَ
تان ڌٻي ڌڙ ڌار پيو، سِسِي ڏنِي شيرَ
مارڻ اِيّ نه ويرَ، مون کي مُٺوءِ مڱڻا.
[36]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، پَٽڻ پيئِي پِٽَّ
اُجهامِي عالم جي سڀت ويئِي سِٽَّ
پيئِي دهشت درواڻن تي، ڀڳا محبت مٽّ
اهڙا چلايو چِٽّ، ڪر وڃي جاجُڪ جنبيو.
[37]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، پَٽَڻ ٿيون پِٽين
سهسين سورٺ سامهيون، اُڀيو اوسارين
ناريون ناڏ ڪرين، چئي ’راجا رَم ڳيو.‘
[38]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، سورٺ ڇڏِي سار
اڳيان رتُ ريلا ڪري، وِڪرُ پايو وار
هيڪر ڀِر ڀتار، وهلو والِيَمَ آءُ وري.
[39]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، راڙو منجهه رتولَ
دايُون، ٻايُون، ٻانهيون، پيئي ڪوڪ ڪَڙولَ
ڍَڪُ همارو ڍول، تنهن ساڄن اڄ سِڌاريو.
[40]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، پنيو سِرُ پينار
نماڻا ٿِي نِڱيا، موٽيا مڱڻهار
سهسين صورت سيڪڙو، جي ڦريا ڦيريدار
هُيَس جنهن آڌار، سو راجا رات رَم ڳيو.
[41]
رڻ ٿيو، راڄ ڳيو، ويئي سونهن سڀن
اُڀيون هڻن هٿڙا، گهوٽيون منجهه گهرن
ٻيون ڏيو ٻن، وڃي جاجڪ جُنبيو.
[42]
سورٺ مُئي، سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار
تنهان پوءِ مڱڻهار، ٿي سِر ڏنو ڏاتار کي.
[43]
سو مالڪ، سو مڱڻو، سو راجا سو راءُ
سوئِي ڪنجهِي، سو ڪينرو، سو واڄٽ، سو واءُ
سوئي ريجهي، سو ئي ٻُوجهي، سو ئي ساڻ صلاح
اِنَ پَرِ پَاڻ اللہ، وڄيو ٿي وجُود ۾.
[44]
ڪڍي تندون تِکّ مان، ٻيجل ٻُرايون
سودا چڙهي سور کي، ٿو وڻ ڪري وايُون
روئن ٿيون راءِ ڏياچ کي ٻانهُيون ۽ ٻايُون
جي مَٿي ڳڙهه ڳايُون، تن سين جاجڪ پاڻ جَلي ويو.
[45]
مَٿي چڙهِي مڱڻي، ڏِني اکين سين آڃ
ٻيو تنواريائين تان نه ماري ويو مامَ سِين.
[46]
ڪَنين سُڻيان ڪينرو، مَت موڙهيم ماء
پسڻ ڪنان پري ٿيا، سڻڻ منجهه ساء
نَڪِي مڱي مڱڻو، نه واڄٽ نه واء
اِيين آهه للہ، تندُن تانُ هيڪڙو.
[47]
ڏسندي ڏِياچ کي، مري پيو مڱڻو
وٺندو سِرُ ”صديق“ چئي، پِني پنڻو
ڪندو ويو ڀَنڻو، چارڻ اِنهي چنگ سان.
[48]
وَڄِي تَندَ وصال جِي، ڪا جا تند ڪناس
’مان مان‘ منجهه مئاس، آواز ’اَنّالۡحقّ‘ جو.
[49]
’بِينَ‘ وڄي ’ڪِينِ‘، تندَ تنوارِي جا
سالِڪ سمجهه تنهن کي، جا ڪهي ٿو ڪل ڪا
سِسِيءَ گهُرَ نه سا، هُو تان مڱي ڪي ٻِيو.
[50]
چَلُ ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولو ايڪ
آهين وڏو نيڪ، مِنٿ مَڃُ تون مڱڻا.
[51]
چَلُ ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولو ڏيڍ
آهين وڏو ڍيڍ، جي منٿ نه مڃئِي مڱڻا.
[52]
چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولا ٽي
تازِي طنبيلن مان، جي کپنئِي سي في
مُحِبَّ منهنجي کي، مَٺو گهُر مَ مڱڻا.
[53]
چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولا چار
وٺ ماڻِڪَ ٻَڌ مُوڙيون، تون پَتَ اڳين جي پار
راڻيون ڪِيمَ رُئار، منٿ مڃي اُٿُ مڱڻا.
[54]
چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولا پنجِ
تازي طويلن ۾، ٻيا سونا مٿن سنج
هِي جو منهجي هنج، تنهن کي مَٺو گهُر مَ مڱڻا.
[55]
سورَٺَ مڱڻهار کي، جالَ ڀري جانا
اسين ٻيجل آهيون، تنهنجا ئِي ٻانها
ڇڏ طمع جا طعنا، نه ته مريو پوان ٿِي مڱڻا.
[56]
ڏنو سِرُ ڏِکّ تي، تنهن رجا رُوءِ راءَ
حال حُسيني آئيو، تنهن مانجهيء مَرد مٿاءُ
شير شهادت رسيو، پيڙهيين پاتشاهه
مهائيين مُلاء، ڏِنئين سر صَدقو ڪري.
[57]
ڏنو سِر ڏِکّ تي، تنهن صوفِين جي سردار
ڳائي ڳالهائُو ٿيو، ڌريائون سِرُ ڌار
تنهنجي ڪير ڪري ڪُوار، جو ڪلمي سان ڪاٽيو.
[58]
پوئين رات پرڀات جو، جا چارڻَ ڪئي چانگار
ڏائي دروازي ڪوٽ جي، چوري تند تنوار
مڱي نه مڱڻهار، وَٺي نه سِرُ، ”صديق“ چئي.
[59]
پوئين رات پرڀات جو، ڪڙڪو پيو منجهه ڪوٽَ
چارڻ تندون چوريون، چڙهي مَٿي چوٽَ
گهايا گهڻا گهوٽ، سڻندي سُر، ”صديق“ چئي.
[60]
ڪَنجهيون نه ڪينرا، اِهي هاتفي هُلَّ
مٿا ڪن ٿا مُلّ، صوفين جا ”صديق“ چئي.
[61]
ڪَنجِهيُون نه ڪِينرا، هِي هنگاما ’هوءِ‘
اچي ٿيو روبروءِ، صبوح جو، ”صديق“ چئي.
صدا
هيجان تن هِڻي، اي ووءِ ووءِ جو پَههُ چارڻ چوريو
1- ريڌو راءِ رتولَ ۾، ميان ڌوراڻن ڌڻي
2- مٿو مڱڻهار کي، ميان ڏنو خاص کڻي
3- ڏِکِي ڏاتارن کي، ميان مَٿي جن مڻي.
صدا
آهيان راءِ ڏياچَ جي، اي مون اللہ، اي مون اللہ،
ٻئي کي سِرُ نه نائيان.
صدا
اي هو ڳڙهه سين ڪريان نه ڳالهه، وهان ڪيئن ولّها
آءُ جا ههڙي حال، اي چارڻ چانگاري چانگاري
1- مون تنهنجو اڳهين ڪيو هي سِرُ سينگاري سينگاري
جي تون ٻولي ٻي نه ٻولين ته پوي سِرُ قبول......
صدا
اي هو عجب تِکِي تارَ تِکي تار
1- ڪوڙيين ڪَٽي ڪيترا، سهسين سورهه دار سورهه دار
2- وَلِيّ ۽ واصل گهڻو، جي عاقل عقلدار، عاقل
عقلدار
3- ’اَنّاالحَقّ‘ اُتيئِي ڪٿهين، تون تون ڪئي
تنوار ڪئي تنوار
4- جيئن بازيگر بازيء ۾ پڌرا ڪري پار ڪري پار
5- ڪُهي جياري پنهنجو، جي هوئيس ٻالڪ ٻار ٻالڪ ٻار
6- تيئن عاشق، اهوئِي اڳيون، ٿو ڪُسي وارو وار
وارو وار
7- سڀ تي ”صادق“ هيڪڙو، تو ڪٺو ڪهڻهار ڪهڻهار.
سرڪيڏارو
صدا
متان موٽين ڪانڌ، ڪو پاهون پير ڏيئي
1- سَڏا سدا سائُوئين، واه واه جهولي جهمين پاند
2- جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، واه واه ڪجن وڏا پاند
بيت
[1]
چڙهيا شاه حُسَيۡنَ سين، مرد متارا مِيرَ
واڳيا سي ويرئين، تَڪيو هڻن تِيرَ
ڦِريا تان نه فقيرَ، اَمر منجهه اُڀِي ويا.
[2]
حسَنَ مير حُسَيۡنَ جِي، جنگ ٻڌي جَڳ جالَ
ڪِيۡبَرَ ڪانَ ڪٽارا، تيغ ترارين تالَ
سانگين سانوڻ مينهن جيئن، مٿن ڪيا مثالَ
قتل ڪڙڪو ڪربلا، لائي اُڀا لالَ
ڪوڏيا ساڻ ڪمالَ، شير شَهادتَ رسيا.
[3]
حسن مير حسين جي، جنگ سُئِي سڀن
چوڏس رُڪّ چمڪيو، مَٿي مَلُوڪن
وَونۡڪا ويرين سامهان، هاڪاريو هڻن
مانجهِي تان نه مُڙن، جان جان رِڻُ نه رَڱيو.
[4]
حسن مير حسين جي، سُئِي جنگ جَهانَ
اُٺا اوهيرا ڪري، ڪارين پَکين ڪانَ
بندوقون نه، بانَ، مانجهين جهليا منهن تي.
[5]
مانجهِي منهن نه موڙيو، پَسِي پَکڙيون
رڻ رٿائين رُڪّ سين، موڙي مُڇَڙيُون
تنهن ويرَ وکڙيون، ڪانڌ وڌندي پاتيون.
[6]
ڪانڌ ڪلوريين ڪپريين، ور وناهيو آءُ
جت سيلهن جي سَڙههَ وهي، تِت پير وڌندو پاءِ
تان تان ڀَوۡ مَ لاهه، جان جان نُونڌين نه چڙهين.
[7]
امچريا مُنہ مانهيين، پچريا پاونگ
فوجن فِيلَ سنباهيا، تازيين ڪُنديين تنگ
هڻن ڀڙ ڀڙن کي، بڙڇا کوڙيو ڀنگ
ڪلها، ڪنڌ، ڪَرنگ، جهُرن جهونجهارن جا.
[8]
جهونجهارڪي ذات جو، جان پير پروڙيو مون
ته اچن عراقين تي، ڀَرَ پيريندا ڀُون
ور م ويسر تون، متان اڻيارن جئن اڙ پوءِ.
[9]
ڪو ڪنهن جا نه سڻي، سانگين وچان سَڏۡ
رِڻَ ۾ رتولن جا، پيا هارجِي هَڏّ
جتي مڙن مَڏ، اُتي جُجنگن جيئڻ جوکو ٿئي.
[10]
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، گهوڙن ۽ گهوٽن
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رِڻَ جا.
[11]
ڏاڙهي ڏاڙهونء گُلّ جيئن، منجهان رَتَ رتياس
سونهين چوڏهينءَ چنڊ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳڙياس
پِڙَ ۾ پار کڻيو، مر مرڪي مائڙياس
نيزا ننڌ ٿياس، گهوڙن گهوٽ وَناهيو.
[12]
ٽڪر مٿي نِيريين، آيا اجارين
سانگيون سائونِ هٿ ۾، ڪلهئون نه لاهِين
اُڀائي آهينِ، مانجهين مرڻ مَنَّ ۾.
[13]
کَٽانۡ هيٺ نه کوڙيا، پاڪ جنين جا پيرَ
سي تفنگ ترارين تڇيا، ڇڻيو پَون ڇڳير
ڍونڍ تَنِي جا ڍير، ڳِجهڙين ڳِري لائيا.
[14]
ويٺي ڳجهن ڳاڙيا، ڏنجها ڏک گهڻا
تنگي لٿين تَوۡڻ جي، جو سورهه ساماڻا
ڪندا راماڻا، ڪوءنر ڪِلي جا ڪوڏيا.
[15]
ڪوءنۡرَ ڪِلي جا ڪوڏيا، تون جانۡڪينۡ ٿو جيين
اڙين مَٿي اُسري، تون رُڪّ پيالو پيين
ڳاهه ڳجهين جو ٿيين، ويٺي جن وَرِههَ ٿيا.
[16]
تارا تاڻِ مَ ڳجهڙِي، ڄِڀُون ڪڍِي مَ کاءُ
رِڻ ۾ رُڪّ رهائيا، ريڳڙيارا راءُ
ملوڪن مٿاء، پاڻان کِههَ نه ڇنڊيين.
[17]
تيئن ڳجهڙين رِڻُ ڇانئيو، جيئن ڇَپَرَ
منجهه پَهُون
وَنۡڪا ويرين سامُهان، ڊوڙيو ڏين ڊهون
جهونجهارن وَهون، نِيرُ مهانگو ڪنديون.
[18]
جهوليون جهونجهارن جون، جهمنديون اچن
پايو ٻُڪَّ ٻُهارَ جا، اُن جون وهون واڪا ڪنَ
پٽيو پار ڪڍن، چئي رِڻُ متو، راڙهو ٿيو.
[19]
رِڻ متو، راڙهو ٿيو، رئي نه ڏسجي سِجُّ
مرد مرندا اَڄُّ، جوبن پاند جهرڪيو.
[20]
پاڳَ ڦڙڪو جو هڻي، ڪٽاريءَ جهُوڙو
تنهن وَرَ ڏيان ٻانهَڙي، مر رَچي چُوڙو
سائُو سو پورو، پکن منجهان جو پَري.
[21]
مَر مَرين، آءُ روئين، تون موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ
اڳي هئي ڇانوَ تنهنجي، اُسَّ قبولي مان
آءُ پڻ ٻين سان، پورهيو ڪري پَرندي.
[22]
پاڳَ ڦڙڪو جو هَڻي، ٻڌي به پاڳون
اڳين جون آڳون، ڪانڌَ ڪَرَهي لائيون.
[23]
مر مرَين، آءُ روئين، تون موٽِي اَچُ مَ ڪانڌ
ڪجن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
[24]
ماء هماري ڪنت جِي، اڙين سر اوطاق
تنهن کي، مُنهن ۾ مصرين جا، سدا چڪن چاڪ
جيئڻ جن فراق، مرڻ تن مشاهدو.
[25]
سُورِهن چيو سِجَ کي، اُلَهِي ڪرِمَ اوير
سُجهنديئِي سائوئن جا، پِڙ ۾ ڏسون پير
ڇَڙين جِت ڇڳير، اُت ڪانئر اڀو ڪک چَري.
[26]
دُلدُل آيو سکڻو، ڏوران ڏٺائون
بيبِيء کي بيبانَ ۾ اچِي خَبَر ڏنائون
چئي: شير شهادت رسيا پِڙ لَهِي لائون
مڃي رضائون، داخل ٿيا دين ۾.
[27]
رَسيو رُڪاڻين ۾، جهُڙ جهُوڙو جهم جهِيرَ
ڪَڪيُون ڪَپارن ۾ چمڪيو پائن چِيرَ
ماء هماري مِير، مانجهيءَ مشاهدا ڪيا.
[28]
رسيو رڪاڻين ۾، جهڙ جهوڙو جهم جهَڪّ
ڪڪيون ڪپارن ۾، چمڪيو پائين چڪّ
ماء هماري حَقّ، مانجهيء مشاهدا ڪيا.
[29]
رسيو رڪاڻين ۾، جهڙ جهُوڙو جهم جهور
ڪڪيون ڪپارن ۾، ڪيرائين ڪنگور
ماء هماري مور، مانجهِيء مشاهدا ڪيا.
[30]
رسيو رڪاڻين ۾، ڪرن جت ڪنگور
گهاء جهليندي گهٽَ ۾، مرڪن مانجهي مور
اڻيارا اتور، هاڪيو هڻن هاٿئين.
[31]
ڪِلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي
تنهن کي جيئڻ سندو آسرو آهي
مَر سورههُ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻَ گهِڙي.
[32]
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، مَلهِي جي نه مَرَن
سي ڪُندَ، ڪٽارا، ڪاتيون، ڪِيرا ڪوهه کڻن
سونپا ٿا سَهن، سندا مانجهين مهڻا.
[33]
هَڻُ ڏائي، هَڻُ جِيۡئي، هڻ هڻندن سوڀ
جَنِي ڇڏيو لوڀ، رڻ تَني جو ڪوڏيو.
[34]
هَڻُ ڏائي، هڻ جِيڻي، هڻ، هڻندن حال
مار مهنديان، پَل پوئيان، وڙهج وَڍُ وصال
ڪنجهيين پوندي ڳالهه، صباح سورههَ تنهنجي.
[35]
نائي جو نفسَ کي، سورهه آهي سو
ڪلي وير نه ڪاهڻو، چئي اُو نه چوءِ
مانجهي ماري توءِ، تحمّل جي تيغ سان.
[36]
سائُو مرين سوڀ کي، ته آڏِي ڍال مَ ڍار
وِڙههُ ڀالين، پئو ڀاڪرين، ترس مَ پَسِي تار
مٿي تيغ ترار، مار ته متارو ٿيين.
[37]
ساهُو مَرين سوڀَ کي، ته جنگ جيء سين جوڙ
آرڻ تيغ عشق جي، تون مرڻ ڪاڻ مَ موڙ
خواب خيال خطرا، وِڇاء سڀ واڍوڙ
ناجي نفس نهوڙ، ته راز پروڙين رڻ جو.
[38]
ساهو مرين سوڀ کي، ته جنگ جيء سين لاءِ
آرڻ تيغ عشق جي، واڳڻ ٿي وَهاءِ
ان پر تنهنجو آهه، پِڙُ پنجاهين وچ ۾.
[39]
ساهو مرين سوڀَ کي، ته پاهُون رَکُ مَ پير
مَنَ مدَّعي منجهيان، واڳڻ پايو وير
اچي اُبَهه آرڻ ۾، ڀَري ڀالين ڀير
ان پر نفس نبير، جا تو ڪَرهه ڪپار ۾.
[40]
وڙهيا، وڳيا، واپريا، سي صوفِي شيرَ
واڳڻ وڌِي آئيا، مانجهِي مَلَّ مٿيرَ
مسافر ميدان ۾ چڙهيا گهڻا ڇڳيرَ
پِڙَ ۾ کوڙي پيرَ، سِرَ ڏنائون صَدقا.
[41]
ڪَٽَڪَ وير ڪلي ۾، هَئي جي حسن هو
ته ڀيڙو پيَڙو ڀاء تان، هوند پتگن جيئن پيو
ڪندو ڪير ٻيو حملو مير حُسين سين.
[42]
مون جهيڙيندي ڇڏيا، ڪاري ڪَڪَر هيٺ
ڪارا ڪُندَّ هٿن ۾، ٻيا آنند وڇيرا هيٺ
مون ڪا ٿِيي ڏيٺ، ساهُنِ جي سردار سين.
[43]
محرم موٽِي آئيو، آئيا تان نه اِمامَ
مديني جا ڄام، ڏاتر مون ڏيکارئين.
[44]
محرم موٽِي آئيو، آيا تان نه امير
مديني جا مير، ڏاتر مون ڏيکاريائين.
[45]
ماء چيو پُٽ کي، آءُ نه تنهنجي ماء
جِت سيلهن سِيڙهه وهي، اُتِ وِکَ وڌندي پاءِ
آء به ٻين گهاء، پورهيو ڪنديس پاڻ لئي.
[46]
گهائي گهوڙو گهوٽَ جو، رَتَ ۾ رَتائون
آڻي آلَ رَسُولَ جا رڻ ۾ ڪُٺائون
مُفت مُٺائون، بِيبيِء کي بَيبانَ ۾.
[47]
خالي گهوڙو گهوٽ جو، هليو ڏانهن حرمن
جهنڊا جهُلِي آئيا، مٿي سِر مردن
شاهه ويرين ويڙهيو، ڀالا ٿا ڀڙڪن
ڪتا ٿا ڪُهَن، حَملو مير حُسين جو.
[48]
اولاد عَلِي شير جو، ڪوفين ڪوٺايو
دغا رکي دل ۾، ٿي رِڻَ ۾ رلايو
جهيڙو جهونجهارن تي اوچتو آيو
دين ڏيئي دنيا تي وِلهَن وڃايو
ڪُتن ڪهايو، حملو مير حُسين جو.
[49]
ڪاهيائون ڪربلا ڏي، گهڙيا منجهه گهمسان
آيا اوهيرا ڪري، قهري وُٺا ڪانَ
گوڙيون گُرزن ڪيون، نينہ کوڙيائون نيشان
ڏاڍو اَمُراللہ جو، ڪنهن جي چَلي ڪان
اُتي سامهان ٿيا سلطان، سر ڏنائون صدقو.
[50]
ڪاهيائون ڪربلا ڏي، گهڙيا منجهيئي گهوٽَ
اچي ويرين ويڙهيا، ڪوفِين ٻَڌا ڪوٽَ
ڀالن ڀڙڪارا ڪيا، چڙهيا نيزن چوٽَ
هئا اُمتَ جِي اوٽ، شير شهادت رسيا.
[51]
وڙهيا، وڳيا، واپريا، اَٽَلَ اُڻيارا
اچي اَنبارن تي ويرين ڪيا وارا
تيلهان ويا نڪري، جيلهان هئا ٻهِ پارا
انهيء پر اُتارا، ڪيا پرڏيهين پِڙَ ۾.
[52]
وڙهيا، وڳيا، واپريا، جهيڙي جهوڪَ ڌَڻِي
اَمُرَ ساڻ اللہ جي، اونچِي ڪيائون آڻِي
رضا جا رحمان جي، سا واحد کي وَڻي
کاهوڙي کڻِي، ويا گذاري ڏينهڙا.
[53]
بيبي ٿي بيبانَ، ۾، اُڀي ٻاڪاري
گهوٽَ گهڙيا گهمسان ۾، سي ڏاتَرُ ڏيکاري
لڳي جنگ، يتيم چئي، هنيائون هاڪاري
سِر به سينگاري، مانجهِي گهڙيا مَچَّ ۾.
[54]
مانجهِي گهڙيا مَچَّ ۾، سي ڪوڏيا موٽن ڪيئن
ڏِسيو اُڃَ اولاد جِي، هڻن راتو ڏينهن
سي ڪِلو ڀڃن ڪيئن، جي ڪاهي آيا ڪربلا ۾.
[55]
آڻي ڪربلا ۾، خيمان کوڙيائون
ڏسِي رضا ربَّ جي، مُنهن نه موڙيائون
لالَ لَهِي لائون، ٿيا مسافِر مَيدان ۾.
[56]
مسافر ميدان ۾، واڪو وهي ووءِ
ته تخت هت تاراج ٿيو، اُڀي بِيبِي روءِ
مِيرَ مديني جا ڌڻي، لڏي هليا لوءِ
آهون عالَم ٿي ڪيون، رَتُّ سڀڪو روءِ
تنهان ٿيو پوءِ، ماتم سڀ مُلڪَ ۾.
صدا
هلي ڏسي ڪو رنگ، ڏسي رنگ مردن جو ميدان ۾
1- جهُڙ ۾ جهونجهارن جا، واه واه ٻيرن رتا ٻُنگَ
2- هِڻي ڪُندَ بڻڇيون، واه واه لال رتائون لُنگَ
3- مانجهي مرڻ من ۾، واه واه اُڀا گهُرَن رُنگَ.
صدا
ڪانڌڙي کي ڪوڏ منجهان ڪوڏ منجهان،
هلي هار ٻڌائون هيج منجهان
1- متان پوئيم رات وچان، هو اچي اچي ڪانڌ ڪڪوريو.
صدا
مور نه سڪڙيون، سدا آليون اکيون
1- پَرَ ۾ پسن پرينء کي، او لوڪان لِڪڙيون
2- اوسِيڙي اوجاڳيون او سڄڻَ سِڪڙيون
3- ڏين طهورا تڙ تان، او تڪيو تَڪڙيون
4- تان ڀڄن نه تن جون او هَڏهين هڪڙيون
5- ”صادق، وَهَن سُور کان او هي نينہ نِڪڙيون.
صدا
پُنا جوڀن ڏينهن، ڇڏ آسانڀا اڳيان،
اي واه واه طعنا جهل مَ تيئن، ڇڏ آسانڀا اڳيان
1- هردم ڪاهه قلعي ڏي، واه واه هلي مرج هيئن
2- روءنشو رڪ وَهي رِڻ ۾، واه واه ڄيري ڄڀيء جيئن
3- مانجهي مِڙيا مَچَ تي، واه واه ڪانئر اچن ڪيئن
4- مرڻان اڳي مَرُ تون، واه واه اُڀو آڇ مَ ايئن
5- ”صادق“ سوريء سامهان، واه واه چڙهيا نيزي
نينهن.
صدا
جو تو ڪُٺو ڪَلههَّ، آءُ اهوئي آهيان.
1- مون کي ڪُهيو ڪاتئين، واه واه منهنجي لاهئين
کَلَّ
2- مون کي چاڙهيو سوريء تي، واه واه سامهان ڪيئي
سَلَّ
3- ڪڏهن ڪرٽُ ڪپار ۾، واه واه ڪڏهن جيئري جَلَّ
4- ڳُجهو کانيئي منهن ۾، واه واه پڌري ڪَيِئِي
پَلّ
5- سِرَ وڍايُئِي ”صادقين“، واه واه هُو جي
مانجهِي مَلَّ.
سرسوڍڙو
بيت
[1]
ڪڙڪو ڪربلا جو، ڪِي جو ڪَن پيون
تيئن مرڻ انهيء ماڳ تي پلڪان پلڪ ٿيون
جيئڻ جال ٿيون، جي شهودا شهيد ٿيا.
[2]
ڪڙڪو ڪربلا ۾، پوئين پَهَر پيو
سُورِههَ سڄي رات ۾ قتل ٿي ڪيو
اُڀرِي سِجُّ ويو، سائوئن تان شهود جو.
[3]
ڪربلا ۾ ڪُوڪَ ٿي، هَڻو ۽ هَڻو
اچي اڪبرَ جنگ ۾، منَجهئين منجهه مَرو
”صادق“ ٻڌو سندرو، اَمُر منجهه اڙو
واڳيا ٿي وڻو، سائوئن جي سردار کي.
[4]
ڪانڌ ڪَڪورئين ڪُپرِهين، وَرُ وناهيو روءِ
پرين ڪنان پوءِ، متان ڏِکَّ نه چڙهين گهوٽيا.
[5]
سورِههَ جاوَن ڦِر آوَن، هينهين نه هوند پاءِ
سِسِي پَٽ پوندياءِ، نۡونڌ نچندِي ڪڏهين.
·
|