سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :1

راڳ نامو

فقير صاحب محمد صديق رحه صوفي

 

 

فقير صوفي صاحب محمد صديق جو مقبرو

اَهُر شريف

(ڳوٺ صوفي فقير، تعلقو عمرڪوٽ)

 

 

 

 

مهاڳ

 

هي ’راڳنامو‘، فقير صاحب محمد صديق رحه جي شروع ڪرايل راڳ جو يادگار آهي، جنهن جي تحقيق ۽ اشاعت سنڌي ٻولي جي ادب ۽ ثقافت ۾ خاص اهميت رکي ٿي. بنيادي طور ڪلام جو هي ذخيرو ’صدائن‘ (واين) ۽ ’بيتن‘ جي سٽاء سان مختلف سُرن ۾ ورڇي ’راڳنامي‘ طور مرتب ڪيو ويو، ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ ان جي هڪ خاص اهميت آهي. ٻيو ته ڪلام جو هي ذخيرو سنڌي اَساسي شاعري جي دائري ۾ شامل آهي: اها شاعري جنهن ۾ سنڌ جي روشن ضمير شاعرن خالق ۽ مخلوق جي رشتن، حق ۽ حقيقت جي نُقطن، انساني اخلاق جي اعليٰ قدرن، ۽ خاص طرح عشق ۽ محبت جي نازڪ ناتن کي پنهنجي پياري ٻوليءَ ۾، پنهنجي ماحول جي مثالن سان، دلپذير نموني ۾ بيان ڪيو آهي.

هن قسم جي ڪلام جا ذخيرا، سنڌي اَساسي شاعري جا اهم دستاويز آهن، ۽ ضروري آهي ته اهڙا اهم ذخيرا ڳولي هٿ ڪري شايع ڪيا وڃن ته جيئن سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ روشن ٿئي. انهيءَ مقصد خاطر، راقم ڳچ وقت کان وٺي اهڙي تلاش ۽ تحقيق ۾ رڌل رهيو آهي. ڪافي عرصو ٿيو جو مرحوم نواب محمد علي خان لغاري تاجپوري کان هن ’راڳنامي‘ جي قلمي نسخي جو پتو پيو، ۽ مون کين استدعا ڪئي ته جيڪڏهن اهو نسخو ملي سگهي ته آءٌ ان کي ڪوشش ڪري صحيح نموني ۾ اُتاريان ته جيئن اهو ڇپجي سگهي. نواب مرحوم منهنجو ذوق ڏسي اهو قلمي نسخو هٿ ڪري پاڻ اُتارايو، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو اُتارو توڙي اصل قلمي نسخو مون کي ڏيکاريائين. مون هڪ ٻه ورق ڀيٽي ڏٺا ۽ معلوم ٿيو ته اُتاريندڙ ۾ ايتري لياقت ڪانه هئي جو اصل قلمي نسخي کي صحيح طور سمجهي ۽ صحيح نموني ۾ اُتاري. نواب صاحب مرحوم چيو ته: هي قلمي نسخو فوراً ڌڻين کي موٽائي ڏيڻو آهي، پر ان کي ٻيهر صحيح طور اُتارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اهو نيڪ مقصد البت پورو ٿي نه سگهيو ۽ نواب صاحب اسان کان جدا ٿي ويو.

ان بعد پنهنجي اُستاد محترم حاجي سومر خان لغاري* کي آماده ڪيم، جنهن کي صوفي شمشاد عباس صاحب جي سفارش سان ۽ جناب عطاءَ الله صاحب ستاري (سجاده نشين درگاه جهوڪ) جي مهرباني سان ’راڳنامي‘ جو اصل قلمي نسخو (جيڪو مون ڪنهن وقت نواب محمد علي خان مرحوم وٽ ڏٺو هو) ملي ويو. حاجي سومر خان اهو نسخو مون کي ڏيکاريو، ۽ پوءِ ڏنل هدايتن موجب ان کي سهڻي نموني سان نقل ڪيو. انهيءَ نقل کي اصل سان ڀيٽي تصديق ڪئي وئي ته جيئن ڪا ٻي غلطي نه رهي. جيتوڻيڪ ڇاپي ۾ ڏنل متن اصل ’راڳنامي‘ جي قلمي نسخي مطابق آهي، مگر اصل نسخو ڪن جاين تي صحيح لکيل ناهي، ۽ هن ڇاپي ۾ اهي عبارتون اصل صورتخطي مطابق ئي ڏنيون ويون آهن. البت اسان پنهنجي ڄاڻ موجب آخر ۾ هڪ تفصيلي ’صحت نامو‘ ڏنو آهي، جنهن ۾ ڇاپي جي غلطين کان سواءِ ڪن اصل لفظن ۽ فقرن جي صحيح صورت ڏانهن پڻ اشارو ڪيو آهي.

’راڳنامي‘ جي اصلي نسخي کي جانچڻ سان معلوم ٿيو ته جيتوڻيڪ آخر ۾ ڪتاب جو نالو لکيل ڪونهي، مگر ان جي لکجي پوري ٿيڻ جو سنه ڏنل آهي جنهن جو اڌ کن ميسارجي ويو آهي. البت ٻارهن جو انگ ظاهر آهي پر ان کان پوءِ وارا عدد ڊهي چڪا آهن- هن طرح ”.....12“. ان مان ظاهر آهي ته ’راڳنامي‘ جو هي نسخو تيرهين صدي هجري ۾ لکجي پورو ٿيو. گمان غالب آهي ته اهو خود فقير صاحب محمد صديق جي حياتي ۾ (سندس وفات 1265هه/ 1848ع) يا ڪجهه پوءِ پر سنه 1300 کان اڳ) لکجي پورو ٿيو.

اميد ته هن قيمتي ڪلام جي ڇپجڻ سان سنڌ ۾ ’روحاني تسڪين واري راڳ‘ جي روايت وڌيڪ روشن ٿيندي، ۽ پڻ سنڌي اساسي شاعري بابت اسان جي موجوده ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. هي ’راڳنامو‘ توڙي ان ۾ شامل ڪلام، شاهه جي راڳ ۽ ’شاه جي رسالي‘ کي پنهنجي نوع نموني جي لحاظ سان وڌيڪ ويجهو آهي، بلڪ شاهه جي راڳ ۽ رسالي جو آئينو آهي. انهيءَ لحاظ سان شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي طرفان ان جو ڇپجڻ هڪ نيڪ فال آهي.

ڪميٽي طرفان هن تحقيقي سلسلي جي اشاعت ۾ ثقافتي ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري محترم عبدالحميد آخوند جيڪا ڪوشش ڪئي آهي سا قابل تعريف آهي.

هن ’راڳنامي‘ جي اصل نسخي هٿ ڪرڻ ۽ ان کي سهڻي نموني سان اتارڻ ۾ استاد حاجي سومر خان لغاري جنهن محبت ۽ محنت سان مدد ڪئي تنهن لاءِ آءٌ سندس بيحد ممنون آهيان. پنهنجي رفيقن مان اُستاد محمد اسماعيل شيخ، محترم ممتاز مرزا ۽ محترم عابد بلوچ جا ٿورا جو هنن ’راڳنامي‘ جي ڇپائي ۽ پروفن پڙهڻ جو بار پنهنجي ذمي ڪيو ۽ ان کي خوش اسلوبي سان پورو ڪيائون.

 

اسلام آباد

13 جمادي الثاني 1401هه

(19 اپريل 1981ع)

 

خادم العلم

نبي بخش

 


 

باسمـﮧ تعالى

 

مقدمــﮧ

 

هيءَ ’راڳنامو‘، فقير صاحب صوفي محمد صديق سومري اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ پنهجن مرشدن جي درگاهه ’ميران پور‘ تي روحاني راڳ جي رسم کي قائم ڪندي يادگار طور ڇڏيو آهي. ميران پور عرف جهوڪ (تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو) جي درگاه جو باني عالم ۽ عارف، صوفي باصفا، قادري طريقي جو علمبردار، صاحب توڪل ۽ خوددار عنايت الله شاه (بن مخدوم فضل الله بن مخدوم محمد يوسف بن مخدوم ابراهيم قتال بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم عجائب الدين بن مخدوم صدرالدين) هو، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ مقرر مغلن جي صوبيدار ۽ مقامي زميندارن جي سازش سان 16 صفر سنه 1130هه (1718ع) تي شهيد ٿيو. ”شاه شهيد“ کان پوءِ سندس فرزند صوفي عزت الله (وفات 1187هه) سجاده نشين ٿيو، ۽ شهادت واري سال کان اندازاً هڪ سؤ سال پوءِ سنه 1229هه ۾ صوفي فضل الله شاه هن سلسلي جو سجاده نشين ٿيو، جنهن پنهنجي زهد ۽ عبادت، فيض ۽ هدايت سان ”شاه شهيد جي درگاه“ جو نالو روشن ڪيو.

صوفي فضل الله شاه قلندر

صوفي فضل الله شاه (بن صوفي محمد زاهد)، سجاده نشين صوفي ابراهيم شاه جي وفات (21 محرم 1229هه) بعد سجاده نشين ٿيو، ۽ 27 جمادي الثاني 1243هه تي وفات ڪيائين. فقير قادر بيدل هيٺيون تاريخي قطعو منظوم ڪيو:

بجستمِ سال معراجش دلم گفت:

”مُوَحِّد، عَينِ حق، منصور ثاني“

                        1243 

صوفي فضل الله شاه وڏي حال وارو اهل دل درويش هو. تقوى ۽ توڪل جو صاحب هو، ۽ سندس قلندري صفات سببان ’قلندر‘ جي لقب سان سڏيو ويو. فضل الله شاه قلندر سلوڪ ۽ طريقت، اذڪار ۽ افڪار کان باخبر هو، سندس ملفوظات ۽ سالڪانه نُڪات کي سندس ڀاءُ صوفي نورالله فارسي ۾ ’ارشاد نامي‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. ’ارشاد نامو‘ صوفي فضل الله شاه قلندر جي علم ۽ فضل جو آئينو آهي.

هن صاحب سندس سجاده نشيني جي پنڌرهن سالن (1229-1243هه) واري عرصي ۾ صوفي قادري طريقي جي روشني ۾ اسلامي اخوت ۽ محبت جي تعليم کي پنهنجن مريدن ۽ معتقدن ۾ عام ڪيو. چئن شخصن تي سندس تربيت جو خاص اثر پيو: محمد صديق سومرو، حافظ قاضي عبدالله (مدفون ميرواه گورچاڻي)، فتح الدين شاه جهانيان پوٽو، ۽ موٽيو حجام. اهي چارئي فيضياب ٿي شاه قلندر جا خاص خليفا ٿيا. جيڪو اڳ ’محمد صديق سومرو‘ هو، سو هاڻي نه فقط سڀني ۾ وڏو ۽ پيارو خليفو ٿيو، پر شاه قلندر جي روحاني تربيت سببان پاڻ فيض جو صاحب ٿي پيو، ۽ پنهنجن مريدن ۽ معتقدن ۾ ”فقير صاحب“ ۽ ”صوفي صادق شاه“ جي خطابن سان مشهور ٿيو.

فقير محمد صديق: صوفي صادق شاه

فقير صاحب محمد صديق رحه، شاه عبداللطيف جي وفات (1165هه) کان پنج سال پوءِ 1170ع هجري (1756ع) ۾ ڄائو. فقير صاحب جي زندگي جو سربستو احوال، خاص طرح سندس اوائلي زندگي جو تفصيلي احوال اڃان تحقيق طلب آهي(1). فقير صاحب جو قبيلو سومرن جي مشهور پاڙي ’مَتُو‘ مان هو، جيڪي غالباً سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي اولاد مان آهن. فقير صاحب جي پنهنجي پُري جي روايت هن طرح آهي: فقير صاحب محمد صديق بن ميان دين محمد بن جلال الدين بن سعيد فقير بن محمد اسماعيل بن اسحاق بن محمد بن ڀِينءُ بن معروف بن مَتُو بن دودو پهريون بن ڀينءُ بن دودو ٻيو بن خفيف بن ڪارو دودو بن ڀونگر راءِ بن سومر راءِ عرف سومرو.

فقير صاحب سنڌ جي ٽالپور اميرن جي اوائلي حڪومت واري دور ۾ جواني جي پور ۾ آيو. سندس ڪلام ۽ تصنيف مان اندازو ٿئي ٿو ته وقت جي رواج موجب کيس قرآن شريف ۽ فارسي جي مڪتبي تعليم سٺي ملي. پر هي نوجوان سرڪش ٿي ساماڻو ۽ ڌاڙا هنيائين ۽ ڏاڍ مڙسي ۾ نالو ڪڍيائين. غالباً چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ جواني جي موٽ بعد سندس طبيعت فقيري ڏانهن مائل ٿي. سندس وڏا اڳ ئي فقيري حال وارا هئا: سندس ڏاڏو فقير جلال الدين، شاهه عنايت الله شهيد جو مريد هو، پر سندس والد فقير دين محمد، بلڙي وارن بزرگن جو مريد ٿيو. فقير محمد صديق وري ”ميران پور“ جي درگاهه ڏانهن موٽ کاڌي،جتي کيس خاص الخاص فيض صوفي فضل الله شاه قلندر کان مليو، جنهن کيس ڏها ڪڍايا ۽ مجاهدا ڪاٽايا، جن سندس اندر کي اجاري اڇو ڪيو. هو اڳئي همت ۽ حوصلي وارو هو پر هاڻي سندس ڏاڍ مڙسي ۽ سرڪشي، سلوڪ ۽ طريقت وارن مجاهدن ۽ پنهنجي نفس سان مقابلن ۾ بدلجي وئي. فضل الله شاه قلندر جي سجاده نشيني وارا پنڌرهن سال فقير صاحب جا غالباً ’ميران پور‘ ۾ مرشد جي حاضري ۾ گذريا ۽ انهيءَ عرصي ۾ فقير صاحب پنهنجي نفس سان ڪا وڏي ڪامياب جنگ جوٽي، جنهن جو عڪس ’سُر ڪيڏاري‘ ۾ نظر اچي ٿو.

سنه 1243هه (1827ع ۾ سندس مرشد صوفي فضل الله شاه قلندر وفات ڪئي. فقير صاحب جي لاءِ هي هڪ وڏو صدمو هو، جنهن هميشـﮧ لاءِ سندس دل ۾ درد جاڳائي ڇڏيو. هن صدمي کان پوءِ، فقير صاحب پنهنجي مرشد واري واٽ وٺي، جيئن کيس وٽانئس فيض مليو هو. تيئن ٻين کي انهيءَ فيض مان بَهرور ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انهيءَ مقصد خاطر هاڻي گهڻو وقت ’ميران پور‘ بدران پنهنجي ڳوٺ ’آهُر‘ (موجوده ڳوٺ صوفي فقير، تعلقو عمرڪوٽ) ۾ رهڻ لڳو جتي پنهنجي خانقاه قائم ڪيائين. سندس رعبدار شخصيت، ۽ اُن سان گڏ توڪل، زهد ۽ عبادت ماڻهن جي دلين تي وڏو اثر ڪيو، ۽ سندس مريدن جو دائرو گهڻو وسيع ٿيو. ’اَهُر‘ ۾ رهڻ بعد به پنهنجي مرشدن جي درگاه ’ميران پور‘ جي حاضري ۾ خدمت کي دائم قائم رکيائين. فضل الله شاه قلندر جي وڏي خليفي جي حيثيت ۾ ’ميران پور‘ جي وڏن سجاده نشينن به فقير صاحب جو احترام ڪيو. حقيقت ۾ شاه قلندر جي وفات بعد فقير صاحب محمد صديق ئي ’ميران پور‘ جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو، ۽ ’صوفي صادق شاه‘ جي لقب سان مشهور ٿيو. فقير صاحب ’ميران پور‘ جي معتقدن توڙي پنهنجن مريدن ۾ عزت ۽ احترام واري انهيءَ اعلى مقام تي باقي زندگي جا ويهه- ٻاويهه سال پورا ڪري، سنه 1265هه (1849ع) ۾ پنهنجي ڳوٺ ’اَهر‘ ۾ وفات ڪئي، جتي سندس مقبرو آهي ۽ هر سال سندس مريدن ۽ معتقدن جو اجتماع ٿيندو آهي ۽ ميلو لڳندو آهي. فقير صاحب کي چار فرزند ٿيا جن مان ٽن جو اولاد موجود آهي(1). خود فقير صاحب جي پنهنجي خانقاه جي سجاده نشيني جو سلسلو پڻ هلندو اچي ٿو، ۽ هن وقت صوفي خدا دوست سجاده نشين آهي.

فڪر ۽ فيض جون اعلى امانتون جيڪي فقير صاحب پنهنجي پويان ڇڏيون، تن مان ٽي موجود آهن؛ هڪ فقير صاحب جو پنهنجو ڪلام، ٻيو فقير صاحب جو تصنيف ڪيل ’دردنامو‘ ۽ ٽيون سندس مرتب ڪيل هي ’راڳنامو‘. فقير صاحب بيتن ۽ واين جي صورت ۾ گهڻو ئي ڪلام چيو، جيڪو سڄو محفوظ نه رهيو آهي(2). صوفي فضل الله شاه قلندر واري دور (1229-1243هه) کان غالباً اڳ توڙي پوءِ پنهنجي حياتي واري دور ۾ فقير گهڻو ڪلام چيو. هڪ روايت موجب، شاهه قلندر کان ڪنهن پڇيو ته: سائين، اوهان به ڪو ڪلام چيو آهي؟ جواب ڏنائون ته: ابا، اسان جو زنده رسالو صادق فقير جي اڳيان موجود آهي(1).

سلوڪ ۽ طريقت ۾ فقير صاحب جو تصنيف ڪيل ’دردنامو‘ خاص اهميت رکي ٿو. غالباً پنهنجي مرشد صوفي فضل الله شاه قلندر جي ملفوظات ’ارشاد نامي‘ کان متاثر ٿي ’دردنامو‘ تصنيف ڪيائين. جنهن ۾ ”صوفي صادق شاه“ واري سندس رتبي جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ’دردنامي‘ توڙي فقير صاحب جي ڪلام جي تفصيلي جائزي لاءِ وڌيڪ مطالعي جي ضرورت آهي: في الحال اسان جو موضوع ’راڳنامو‘ آهي،جنهن تي مختصر طور هيٺ روشني وڌي وڃي ٿي.

 

راڳنامو

سنڌي راڳ جي تاريخ جي هڪ خاص سلسلي، راڳ جي هڪ رسالي، ۽ آڳاٽي سنڌي ڪلام جي هڪ مکيه ذخيري جي لحاظ سان هي ’راڳنامو‘ خاص اهميت رکي ٿو؛ هيٺ انهن ٽن پهلوئن تي قدري وڌيڪ روشني وڌي ويندي.

  (الف راڳ جي تاريخي اهميت: هي’راڳنامو‘سنڌ ۾ سماع ۽ قلبي تسڪين واري راڳ جي تاريخي روايت جو هڪ مکيه باب آهي. صوفين بزرگن وٽ ’سماع‘ جو سلسلو حق ۽ حقيقت ڏانهن مائل ڪندڙ پاڪيزه جذبن، ۽ قلبي سرور ۽ سڪون وارن احساسن، پيدا ڪرڻ خاطر شروع ٿيو(1). سنڌ ۾ ستين صدي هجري کان وٺي سماع ۾ راڳ جو سلسلو وڌيو، جيڪو ڏهين کان وٺي تيرهين صدي هجري وارن چئن سون سالن جي دور ۾ اوج ۽ عروج کي پهتو. ٻارهين صدي هجري ۾ حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي دلپذير ڪلام ۽ ان کي باقاعدي ڳائڻ سان ’شاه جي راڳ‘ جو بنياد پيو. ان سان گڏ ڪلام جي انهيءَ ذخيري کي هڪ رسالي يا ڪتاب جي صورت ۾ لکي گڏ ڪيو ويو. پنجاه سال کن پوءِ اندازاً 1210-1250هه واري عرصي ۾ ’شاه جي رسالي‘ کي خاص طرح راڳ جي لحاظ سان سُرن ۽ داستانن ۾ ورڇيو ويو. اهو   پهريون ’راڳنامو‘ هو، جيڪو سنڌ ۾ مرتب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري عرصي بعد فقير محمد صديق رحه جي شروع    ڪرايل راڳ ۽ ان جي راڳ ۾ ڳايل ڪلام بابت ’راڳنامو‘ تاليف ڪيو ويو، ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌي راڳ جي تاريخي روايت ۾ هي ’ٻيو راڳنامو‘ هوجيڪو شاهه جي رسالي واري ’راڳنامي‘ کان پوءِ مرتب ٿيو.

      جهوڪ جي درگاهه جو باني مَباني صوفي شاه عنايت الله شهيد رحه قادري طريقي جو بزرگ هو، انهيءَ لحاظ سان، سندس حياتي واري عرصي ۾، سندس حاضري ۾ توڙي سندس فقيرن ۾، قادري طريقي جو ’ذڪر‘ هلندڙ هوندو. سندس شهادت (1130هه) کان 8 سال کن پوءِ سندس فرزند صوفي عزت الله شاه درگاه تي مولودن جي سماع جو سلسلو (صفر مهيني جي 18 تاريخ جي رات) شروع ڪرايو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي(1). صوفي فضل الله شاه قلندر جي سجاده نشيني واري دور (1230-1243هه) ۾ سندس پياري خليفي محمد صديق سومري، شاه شهيد جي درگاهه تي راڳ جو سلسلو شروع ڪرايو.

   فقير صاحب ٻن قسمن جي راڳ جو بنياد وڌو: هڪ درگاه جو راڳ، جنهن کي ’سماع‘ سڏيو ويو ۽ جيڪو درگاه تي ڳايو ويو، ۽ ٻيو مرشد جي ’حاضري جو راڳ‘ جيڪو سجاده نشين مرشد آڏو ڳايو ويو. ’سماع‘ بنا ساز سرود جي، ۽ ’حاضري جو راڳ‘ سازن سرودن تي ڳايو ويو. فقير صاحب محمد صديق جي وقت ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا فقير’سماع‘ ۾ شامل ٿيندا هئا سو معلوم ناهي. چون ٿا ته فقير صاحب پاڻ به   هوندو هو پر ساڻس نوازو فقير (غالباً کورکاڻي بلوچ) ’سماع‘ جو راڳائي اڳواڻ هو. ساڳئي وقت شيرو فقير مڱڻهار سارنگي وارو ’حاضري جي راڳ‘ جو ڳائڻو هو. هن پوئين دور ۾ جنهن نموني سان ’سماع‘ پئي ٿيو آهي، سوهن طرح آهي(2).

 ·راڳ جي جاءِ شروع ۾ انهيءَ ٿَلهِي تي ڪيائون جتي چون ٿا ته شاه شهيد جو جَسد آڻي رکيو هئائون، جيستائين جو مَرقَد تيار ٿئي. اها ٿَلهِي هن وقت شاه شهيد جي مقبري جي آڏو ايوان جي ديوار کان به ٻاهر آهي. ٽيهارو سال کن ٿيا، جو جڏهن نئون مقبرو ۽ نئون ايوان تيار ٿيا، تڏهن راڳ جي جاءِ به مٽايائون، يعني ته ٿَلهِي جي بدران راڳ اندر ايوان ۾ ڪيائون.

 ·راڳ ’صدا‘ سان شروع ڪندا، يعني ته سُر جي بيتن کان پهريائين ’صدا‘ (وائي) ڳائيندا. انهيءَ پهرين صدا کي ’صدا اول‘ چون ۽ ’سُر‘ جي خاتمي واري آخري صدا کي ’پوئين صدا‘ چون.

 ·صدا کان پوءِ، اڳواڻ فقير بيت جي سِٽ سِٽ ڪري پڙهندو، ۽ ساڳي وقت پاسي وارو ساٿي فقير به اڳواڻ جي پويان هر سِٽ اثرائتي آواز ۽ الحان سان پڙهندو. پوءِ ڪجهه اڳواڻ فقير پڙهندو، ۽ ان بعد ٻيو ساٿي ساڳيءَ طرح هر بيت اڳواڻ جي پويان پڙهندو. اهڙيءَ طرح سڀ راڳائي فقير واري واري سان بيت پڙهندا.

 ·سالياني عرس (ميلي) تي راڳ ڇهه ’ويلا‘ (وقت) ٿيندو ۽ انهن ڇهن ويلن تي هيٺيان جدا جدا سر ڳائبا.

پهريون ڏينهن

پهريون ويلو، 17 صفر جو صبوح: سر ڏهر، سر وهاڳ، سر راڻو.

ٻيو ويلو، 18 صفر واري رات: سر سامونڊي، سر کنڀات، سر سهڻي.

ٻيو ڏينهن

ٽيو ويلو، 18 صفر صبوح: سر رپ، سر آسا، سر مارئي. چوٿون ويلو، 19 صفر واري رات: سر ڪلياڻ، سر ليلا چنيسر، سر گهاتو، سر ڪاموڏ، سر ڪاريهر ۽ سر بسنت.

ٽيو ڏينهن

پنجون ويلو، 19 صفر جو صبوح: سر ڌناسري، سر موکي، سر سارنگ

ڇهون ويلو، 20 صفر واري رات: سر سسئي، سر سورٺ، سر ڪيڏارو ۽ سر بلاول.

شروع کان وٺي اهي ڇهه ويلا راڳ جا هئا، پر پوئين دور ۾ سواري (موٽر ۽ لارين) جي سهولت سببان 19 صفر جي صبوح واري ويلي کان پوءِ فقير درگاه تان موڪلائي واپس ورڻ لڳا؛ انهيءَ ڪري 20 صفر واري رات جي ڇهين ويلي جو راڳ ٻين پنجن ويلن ۾ ورهايائون ۽ اهو ڇهون ويلو ختم ڪيائون؛ انهيءَ ڪري هاڻي فقط پنج ويلا راڳ ٿئي ٿو. اندازاً 1930ع ڌاري پنڌرهن سورهن فقير راڳ ۾ گڏ ويهندا هئا، ۽ ان وقت طيب فقير راڳ جو اڳواڻ هو، جيڪو وچ ۾ ويهندو هو.

(ب) راڳ جو رسالو يا راڳنامو: اسان مٿي چئي آيا آهيون ته فقير صاحب محمد صديق راڳ جو هي سلسلو پنهنجي مرشد صوفي فضل الله شاه قلندر جي سجاده نشيني واري دور ۾، يعني 1230-1243هه وارن تقرهن سالن جي عمر ۾ شروع ڪرايو. زباني روايت ائين ئي آهي. ان کان سواءِ هن راڳنامي ۾ فقير صاحب جا شاه قلندر بابت چيل ڪي اهڙا بيت موجود آهن. جيڪي شاه قلندر جي حياتي ۾ چيا ويا هوندا. مثلاً سر راڻي جو هيٺيون (نمبر54) بيت:

اُڀرندان ٿي اُڀريو، ڪري گيڙو گل

هادي هدايت جو، ڪونهي سندس مل

’صادق‘ ڳالهه مَ سُل، فضل الله شاه فقير جي.

 

يا ڌناسري جي بيتن (نمبر 119-123) مان هيٺيون بيت:

نم نوراني پير جا، نمن وسي نور

قلندر شاه ڪرم سين، ڏئي ڀريو ڀرپور

تِهان پرايو پور، وڻ به اچن واسيا.

سر کنڀات جي آخري صدا ۾ جيڪو سوز سمايل آهي، سو غالباً مرشد جي فراق يعني شاه قلندر جي وفات (1243هه) جو نتيجو آهي:

”صادق سور پرين جا اندر روح رهيا“

بهرحال اهو دور، جڏهن فقير صاحب راڳ شروع ڪرايو، ڀٽ شاهه تي ’شاه جي راڳ‘ جي اوج ۽ عروج وارو دور هو. فقير صاحب، شاه صاحب جي راڳ جي رسالي توڙي ’شاه جي راڳ‘ جي سلسلي کان باخبر هو. فقير صاحب پنهنجي مرشد جي درگاه تي جيڪو سماع جو سلسلو قائم ڪيو تنهن ۾ دنبوري جي وڄت کي شامل ڪونه ڪيائين، پر ’شاه جي راڳ‘ ۾ استعمال ٿيندڙ دنبوري کان پاڻ پوري طرح واقف هو. ’سر وهاڳڙي‘ جي هيٺين بيت (نمبر 39) ۾ دنبوري جي ٻين ٽن تندن (زبان، گهور ۽ ٽيپ) کان سواءِ ’جاڙين‘ جو نالو آندو اٿس جيڪي پهريائين ’شاه جي راڳ‘ واري دنبوري ۾ ئي رکيون ويون:

دلِ دنبورو درد جو، پورو وڄاءِ پرڀات

مَ ڏج زور ’زبان‘ تي، اي وڄائون وات

’گهور‘ گهورڻ، ’ٽيپ‘ ٽوڙڻ، ڇن ’جاڙين‘ جي جَمات

سمهي سڄي رات، ڪوه لنگها ڏينهن لڄائيين.

فقير صاحب حال جو صاحب هو ۽ کيس شاه صاحب جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل فڪر ۽ سوز جي پوري پروڙ هئي. انهيءَ ڪري ئي فقير صاحب پنهنجي قائم ڪيل راڳ جي سلسلي ۾ ’شاه جي رسالي‘ مان گهڻي ۾ گهڻو ڪلام ڳارايو، جيڪو هن ’راڳنامي‘ ۾ پڻ شامل آهي.

باوجود انهيءَ جي، فقير صاحب محمد صديق پنهنجي قائم ڪرايل راڳ جي سلسلي ۾ ’شاه جي راڳ‘ کان الڳ ڪي نيون ڳالهيون آنديون، جيئن ته: راڳ ۾ دنبوري کي شامل ڪونه ڪيائين،’وائي‘ جي بدران ’صدا‘ جو اصطلاح رائج ڪيائين؛ شاه جي راڳ ۾ ’وائي‘، سُر يا داستان ۾ شامل بيتن آلاپڻ بعد آخر ۾ ڳائبي هئي، پر فقير صاحب ’صدائون‘ بيتن کان اڳ سُر جي شروع ۾ توڙي آخر ۾ ڳارايون. هن ’راڳنامي‘ جي قلمي نسخي ۾ ڪن سرن جي شروع ۾ ئي گهڻيون ئي ڪي صدائون لکيل آهن؛ انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته فقير صاحب جي وقت ۾ ڪيتريون ’صدائون‘ پهريائين پڙهي پوءِ سُر جا بيت پڙهندا هئا. هن پوئين ويجهي دور ۾ اڪثر هڪ ’صدا‘ چوڻ بعد بيت پڙهبا آهن، ۽ اسان هن ڇاپي ۾ پڻ اهو سلسلو قائم رکيو آهي. فقير صاحب پنهنجي راڳ ۾ ڪي نوان سُر شامل ڪيا، جيئن ته ’وهاڳڙو‘ ۽ ’موکي‘؛ انهن جو مضمون جيتوڻيڪ ’شاه جي رسالي‘ ۾ موجود هو، مگر ’شاه جي راڳ‘ ۾ اهي سر انهن نالن سان ڪين ڳايا ويا. فقير صاحب جي وقت ۾ ’شاه جي راڳ‘ جي شروعات ’سر ڪلياڻ‘ سان ٿيندڙ هئي، پر فقير صاحب ’سر ڏهر‘ سان راڳ جي شروعات ڪرائي، ۽ ٻيا سر پڻ ’شاه جي راڳ‘ وارن سرن جي سلسلي کان الڳ سلسلي موجب ڳارايا.

راڳ جو بنياد فقير صاحب وڌو، ۽ سندس پنهنجي حياتي ۾ توڙي کانئس پوءِ راڳ جو اهو سلسلو هلندو آيو. راڳ جڏهن شروع ٿيو هوندو تڏهن ڪي ٿوريون صدائون ۽ ٿورا بيت پڙهيا ويا هوندا. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن وڌيڪ ڪلام ۽ وڌيڪ سر ڳايا ويا. جيڪڏهن ائين تسليم ڪجي ته صوفي شاه قلندر جي سجادگي واري عرصي ۾ وچ ڌاري يعني ته اندازاً 1236هه ڌاري فقير صاحب راڳ شروع ڪرايو ته ان کان پوءِ ويندي فقير صاحب محمد صديق جي وفات واري سال 1265هه تائين اندازاً ٽيهه ساليانه عرس ٿيا هوندا ۽ ٽيهه ڀيرا اهو ’سماع‘ وارو راڳ فقير صاحب محمد صديق جي موجودگي ۾ ڳايو ويو هوندو. ان وقت تائين ڪلام جو ڪيترو ذخيرو ڳايو ويو، ڪيئن درجي بدرجي ان جو انتخاب ڪيو ويو، ۽ ڪهڙي سال هي سڄو ’راڳنامو‘ موجوده ترتيب موجب قلمبند ڪيو ويو، سو معلوم ناهي. موجوده قلمي نسخي جي پويان سنه ٻارهن سؤ (1200هه) صاف لکيل آهي؛ البت باقي آڏو ڏهاڪن وارو انگ ميسارجي ويو آهي. ان مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا: پهريون ته راڳ جي شروع ٿيڻ بعد هي ’راڳنامو‘ بالڪل انهيءَ موجوده صورت ۾ خود فقير صاحب محمد صديق جي حياتي واري باقي عرصي (1236-1265هه) ۾ مرتب ڪيو ويو؛ ٻيو ته موجوده صورت ۾ ’راڳنامو‘ فقير صاحب جي وفات بعد سنه 1300هه کان اڳ واري عرصي (1266-1299هه) ۾ فقيرن مرتب ڪيو. جيڪڏهن ’راڳنامو‘ خود فقير صاحب پاڻ پنهنجي حياتي واري دور ۾ مرتب ڪيو ته پوءِ اهو اصلي نسخو غالباً وڃائجي ويو، ۽ فقيرن پوءِ هي موجوده ’راڳنامو‘ پنهنجي يادگيري يا ڪن ٻين ذخيرن جي آڌار تي دوباره جوڙي راس ڪيو. ٻيءَ صورت ۾، پهرئين توڙي پوئين دور ۾، ’راڳنامو‘ فقير صاحب پاڻ نه، پر فقيرن لکي گڏ ڪيو. ’راڳنامي‘ جي موجده قلمي نسخي جي مطالعي مان اهو ئي نتيجو نڪري ٿو. فقير صاحب محمد صديق رحه جي پنهنجي ڪلام توڙي سندس تصنيف ڪيل ’دردنامي‘ مان ظاهر آهي ته فقير صاحب پاڻ وڏي ڄاڻ وارو هو، ۽ انهيءَ ڪري اهي ڪوتاهيون جيڪي هن ’راڳنامي‘ جي ترتيب توڙي متن ۾ موجود آهن، سي يقيني طور کانئس ڪين ٿيون هونديون. مثلاً:

(الف) ترتيب جي لحاظ سان ’ڪاپائتي‘ جي مضمون وارا بيت سڀ ’سر آسا‘ هيٺ رکيا ويا آهن، حالانڪ ’ڪاپائتي‘ جو موضوع ۽ مضمون آڳاٽي وقت کان وٺي مشهور رهيو آهي ۽ جيڪڏهن فقير صاحب پاڻ ’راڳنامي‘ جي هن حصي کي مرتب ڪري ها ته ’سُر آسا‘ جدا ۽ ’سر ڪاپائتي‘ جدا ڪري رکي ها. موجوده ڇاپي ۾ صفحي 64 (بيت نمبر 27) کان وٺي ڪاپائتي جو موضوع شروع ٿئي ٿو ۽ سواءِ چئن بيتن جي (41، 52، 53، ۽ 67) باقي ٻيا سڀ بيت، ويندي نمبر 68 تائين آخري صدا سميت، ڪاپائتي جي مضمون جا آهن. ٻيو ته ’سُر ڪيڏاري‘ کان پوءِ پنج بيت ”سر سوزڙو“ جي نئين عنوان هيٺ رکيا ويا آهن، حالانڪ اهي به ’ڪيڏاري‘ جي مضمون جا آهن، ۽ ’سوزڙو‘ (سوز وارو) به ڄڻ ’ڪيڏاري‘ جو ئي ٻيو نالو آهي.

(ب) ترتيب کان وڌيڪ، ’صدائن‘ ۽ بيتن جي پڙهڻين ۾ غلطيون آهن. ڪيترين ئي صدائن ۾ ٿلهه ۽ مصراعن جا قافيا پاڻ ۾ نٿا ملن(1).  ڪاتب جنهن هي ’راڳنامو‘ لکيو سو معنى جو ڄاڻو ڪونه هو؛ صدائون جيئن ئي ڳائيندي ٻڌائين تيئن لکيائين؛ ڳائڻ وقت ٿلهه ۾ اُٿل پٿل ٿئي ٿي ۽ الفاظ اڳتي پوئتي ٿين ٿا؛ انهيءَ ڪري انهن مان ڪو لفظ ڪٿي رهجي ويو ته معنى ميسارجي ويئي. ڪي صدائون جيئن لکيون ويون آهن تن سان اهو ئي حال ٿيو آهي (مثلاً پهرين صدا، صفحو 39). صفحي 101 واري آخري صدا ۽ صفحي 102 واري پهرين صدا، غالباً اصل ۾ هڪ ساڳي صدا هئي، جنهن کي ڪاتب ٻن حصن ۾ ونڊي ٻه جدا صدائون بنائي ڇڏيو. صفحو 228 تي سر ڪاموڏ جي صدا جو ڪو مُنهن مير ڪونهي؛ غالباً ڪاتب ٻن يا وڌيڪ صدائن کي گڏي ڇڏيو آهي. صفحي 238 تي ’سُر ڪارايل‘ جي صدا جي ٿلهه جو آخري لفظ (قافيو) اصل ۾ غالباً ’ساٿ‘ هو جنهن کي ڪاتب ’سانگ‘ ڪري لکيو آهي. صفحي 243 تي پهرين صدا جون پهريون ٻه سٽون غالباً هيٺ ڏنل ٽيو نمبر صدا جو حصو آهن، جن کي غلطي مان ڇني ڌار ڪيو ويو آهي. ڪن ٻين شاعرن جون صدائون حاضري جي فقيرن کي جيئن ياد هيون تيئن لکيون ويون، جنهن ڪري پڙهڻي جي غلطي سببان معنى ۾ مونجهارو رهجي ويو. صفحي 38 تي درويش ”ڦتو“ جي وائي جو اهو حال آهي. بيتن ۾ پڻ لفظن، فقرن يا سٽن جي غلط پڙهڻي جا مثال موجود آهن. جيئن اصل لکيل هو ڇاپي ۾ به ائين ئي رکيو ويو آهي. البت ڪتاب جي آخر ۾ اسان ’صحت نامو‘ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ صحيح پڙهڻين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

مٿئين مختصر وچور مان انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته هي ’راڳنامو‘ فقير صاحب پاڻ ڪونه مرتب ڪيو، پر فقيرن گڏ ڪري لکيو. مثلاً سر ڌناسري جو هيٺيون بيت ڪنهن فقير ئي ان وقت چيو هوندو،جيڪو پوءِ ’راڳنامي‘ ۾ آندو ويو.

ونءُ طالب طلب پئي، پکن ڏيئي پاه

گوهر غريبن جو، ’صادق‘ آهي شاه

ڏيکاري سا راه، جا پيغمبر پيدا ڪئي.

شامل ڪلام جو ذخيرو:’فقير جو راڳنامو‘ اعلى اساسي شاعري توڙي آڳاٽي روايتي شاعري جو هڪ قيمتي ذخيرو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان ’شاه جي راڳنامي‘ (رسالي) کان پوءِ هڪ خاص ادبي اهميت رکي ٿو. ’شاه جو راڳنامو‘‘ هن جو مکيه ماخذ ۽ مثالي سرچشمو آهي، انهيءَ ڪري هن ۾ شامل ’ٻاهرئين ڪلام‘ جو وڏو حصو ’شاه جي رسالي‘ مان کنيل آهي، ۽ ٻئي نمبر تي ٻين آڳاٽن يا معاصر شاعرن جو ڪلام ان ۾ شامل آهي. ’راڳنامي‘ جو مکيه حصو خود فقير صاحب محمد صديق عرف صادق شاه جي بيتن ۽ صدائن تي شامل آهي. هيٺ اسان پهرين ٻن ماخذن جي مختصر وضاحت ڪنداسون، ۽ آخر ۾ فقير صاحب جي پنهنجي ڪلام تي وڌيڪ تفصيل سان روشني وجهنداسون.

’شاه جي رسالي‘ مان کنيل ڪلام: ’راڳنامي‘ ۾ شامل ڪلام جي ذخيري تي ’شاه جي راڳنامي ۽ رسالي‘ ۾ شامل ڪلام جو رنگ چڙهيل آهي. سر ڪلياڻ توڙي ٻين گهڻن سرن ۾ شاه جي رسالي وارا بيت کنيل آهن، ۽ ڪن ۾ ڪي وايون پڻ آندل آهن. ڪن بيتن ۽ صدائن جا ڪي حصا ساڳيا شاه جي بيتن ۽ واين وارا آهن ۽ باقي ڪي سٽون وڌايل آهن. غالباً فقير صاحب پاڻ، شاه جي رسالي جي ڪن بيتن ۽ واين کي ذهن ۾ رکندي، پنهنجا ڪي بيت چيا ۽ پڻ ڪي صدائون چيون. ’شاه جي راڳنامي‘ ۽ ’فقير صاحب جي راڳنامي‘ جي سُروار مطالعي ۽ ڀيٽ سان شاه جي رسالي مان کنيل ڪلام جي نوعيت تي وڌيڪ تفصيل سان روشني وجهي سگهجي ٿي. هن ’راڳنامي‘ ۾ ڪيترائي بيت اهڙا آهن جن جي نرالين پڙهڻين سان شاه جي رسالي جي ڪن بيتن جي پڙهڻي ۽ معنى وڌيڪ چٽي ٿئي ٿي.

باوجود انهيءَ جي، ڪن سرن هيٺ ڪي بيت نون ظاهري اهڃاڻن ۽ نون موضوعن بابت آهن، جيڪي فقير صاحب جي پنهنجي ذاتي ذوق ۽ فڪر جو نتيجو آهن. مثلاً، نئين موضوع جي لحاظ سان، سر سورٺ ۾ صوفين جي سردار عنايت الله شاه شهيد جي سر ڏيڻ بابت ٻه بيت آندا آهن؛ ’سُرڪيڏادري‘ هيٺ ’جهوڪ ڌڻين‘ جي جنگ جو عنوان آندو آهي؛ ۽ ’سُر بلاول‘ هيٺ ’مڱڻي‘ کي ’ميران پور‘ (جهوڪ) وڃڻ ۽ مالامال ٿيڻ جي ترغيب ڏني آهي.

ٻين شاعرن جو ڪلام: راڳنامي ۾ ٻين به گهڻن درويشن جو ڪلام شامل آهي، جن مان شايد ڪي فقير صاحب جي وقت ۾ هئا، پر گهڻا غالباً اڳ ٿي گذريا. ڪن اهڙن شاعرن جا بيت به شامل آهن جن جو ذڪر ٻي ڪنهن لکت ۾ ڪونه ٿو ملي، ۽ جن جا ڪي بيت فقط سگهڙن جي زباني روايتن ۾ ملن ٿا. ڪن بيتن ۾ سندن نالا موجود آهن، پر ٻين لاڳيتن بيتن جي سٽاء مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي پڻ انهيءَ ساڳئي شاعر جا آهن، جنهن جي نالي سان ڪو هڪ بيت موجود آهي. انهيءَ تڪ تور سان، ڀائنجي ٿو ته ”راڳنامي“ ۾ ڪم از ڪم 5 صدائون ۽ 62 بيت ارڙهن ٻين شاعرن جا آهن.


 

ٻين شاعرن جي ڪلام جي جدول

شاعر

صفحو: صدا يا ] بيت[

جملي ڪلام

فقير يا

مسڪين

58: صدا+ 83: (1)+ 99:صدا

 

1 بيت

2 صدائون

عالي

23: (19)

1 بيت

محمود

129: (24)-(29)+166(21)-

 

 

(22)+23: (25)-(27)

11 بيت

تماچي

126: (4)-(5)+166: (23)+212:(1)

4 بيت

شيخ

175: صدا

1 صدا

شهاب الدين

177: (12)-(14)

3 بيت

اَمن

212: (2)+ 217: (29)-(32)

5 بيت

عيسو

214-215 (5)- (11) جيتوڻيڪ فقط (11) ۾

7 بيت

رنگريز

(1)- (3)

3 بيت

پيرو

126: (7)- (8) +216 (25)- (27)+ 127: (13)

6 بيت

کٽي

23: (18)+ 42: (6) +126: (6)

3 بيت

هرو (؟)

219: صدا

 

بلاول (بلال؟)

223-224: (27)- (30)

4 بيت

ڦتو

38: صدا

1 صدا

ميئن

23: (15)+ 76: (41)+ 87: (26)- (28)

 

احمد

118: (7)

 

اسماعيل

118: (12)+119: (13)+ 121: (30)- (31)

4 بيت

سليمان

127: (11)+ 141-142: (74)- (76)

4 بيت

 

62 بيت ۽ 5 صدائون

 

 

 

 

 

 

انهن آڳاٽن شاعرن جا نالا ۽ سندن بيت جيڪي هن ’راڳنامي‘ ذريعي محفوظ رهيا آهن، سي ’سنڌي شعر ۽ ادب تاريخ‘ لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهن. انهن مان گهڻن شاعرن جا بيت پڻ تحقيق طلب آهن. في الحال ڪن بابت ڪي اشارا هيٺ قلمبند ڪجن ٿا. ’فقير‘ تخلص هو جهوڪ جي سجاده نشين ابراهيم شاه صاحب جو، سندس ڪجهه ٻيو ڪلام پڻ موجود آهي. صفحي 99 تي ڏنل صدا مان ظاهر آهي ته هن صاحب پنهنجو تخلص ’فقير‘ توڙي ’مسڪين‘ ڪيو. تماچي فقير نهڙيو، شاهه عبداللطيف رحه جو پيارو فقير هو. هو تمر فقير جو ساٿي هو. سندس ڪي بيت فقيرن جي زباني روايتن ذريعي محفوظ رهيا آهن. شهاب الدين، فقير صاحب محمد صديق جو فرزند هو. سندس ڪي ڪافيون به موجود آهن(1) . عيسو، ٿي سگهي ٿو ته ساڳيو درويش ميون عيسو (ميمڻ آخوند) هجي، جنهن جي ٽيهه اکري ۽ ٻيو ڪجهه ڪلام موجود آهي. رنگريز، شاهه عبداللطيف جي وقت ۾ هو يا اڳ ٿي گذريو؛ سندس نالي سان وائي ’شاه جي راڳنامي‘ ۾ موجود آهي. پيرو کٽي، ميين شاه عنايت رضوي (نصرپوري) جي سلسلي جو فقير هو. هن ’راڳنامي‘ ۾ ڪي بيت ’کٽي‘ جي نالي سان ڏنل آهن، ۽ في الحال اهڙو گمان اٿي ٿو ته شايد ’پيرو‘ ڪن بيتن ۾ (پنهنجي ذات پويان) ’کٽي‘ نالو آندو. سر پورب هيٺ صفحي 219 تي ڏنل ’صدا‘ جي آخري سٽ مان گمان اٿي ٿو ته جيڪڏهن لفظ ’هرو‘ غلط نموني سان لکيل ناهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اهو صدا چوندڙ جو نالو هجي. انهي لحاظ سان ’هرو‘ شايد جهوڪ جي درگاهه جي مريدن مان ڪو هندو فقير هجي. چار بيت ’بلاول‘ جا آهن ۽ اهو نالو ائين آندل آهي، پر غالباً صحيح نالو ’بلال‘ آهي ۽ اهي بيت ميين شاه عنات رضوي جي اولاد مان بلال شاه جا آهن. چار بيت اسماعيل جا آهن جيڪي ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي جي سيد اسماعيل شاه حسيني جا هجن، جيڪو شاه عنايت شهيد جو مريد هو(1). شاعر سليمان جا ڪي بيت سگهڙن جي زباني روايتن ۾ ملن ٿا، جيتوڻيڪ سندس ماڳ مڪان معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

انهن شاعرن کان سواءِ، جن جا نالا موجود آهن، هن ’راڳنامي‘ ۾ ٻيا به ڪي بيت اهڙا آهن جيڪي ڪافي آڳاٽي دور جي ڪن شاعرن ۽ سگهڙن جا چيل آهن. اهي بيت، فقير صاحب محمد صديق جي حياتي واري دور ۾ سندن مريدن ۽ معتقدن مان ڪن درويشن ۽ مڱڻهار فقيرن کي ياد هئا (جن سندن وڏن کان ٻڌا) جيڪي راڳ ويلي ڳايا ويا ۽ پوءِ ’راڳنامي‘ ۾ قلمبند ڪيا ويا.

ڪلام جو ٽيون مکيه ذخيرو ’راڳنامي‘ ۾ شامل آهي، سو خود فقير صاحب محمد صديق عرف ”صوفي صادق شاه“ جو آهي، جنهن جي مختصر طور هيٺ وضاحت ڪجي ٿي.

فقير صاحب جو ڪلام ۽ فڪر

’راڳنامي‘ ۾ فقير صاحب جي پنهنجي ڪلام جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. گهڻو ڪري هر سُر جو وڏو حصو سندس صدائن ۽ بيتن تي مشتمل آهي: البت سندس نالو نسبتاً ٿورن بيتن ۾ آندل آهي. انهيءَ ڪري اهو آسان ناهي جو پوري پڪ سان چئي سگهجي ته ’بنا نالي‘ بيتن مان ڪهڙا بيت خود فقير صاحب جا پنهنجا آهن. جيڪڏهن فقير صاحب جي ڪلام جا ٻيا ذخيرا گڏ ڪري ڀيٽجن ته پوءِ اهڙي خبر پئجي سگهندي.

فقير صاحب محمد صديق جو سڄو ڪلام ’راڳنامي‘ ۾ شامل ناهي؛ سندس ڪلام جو ڪافي حصو هن ’راڳنامي‘ کان ٻاهر آهي. ڪلام جي ان سڄي ذخيري مان، جدا جدا وقتن تي، صدائون ۽ بيت راڳ ۾ ڳايا ويا ۽ پوءِ اهي ’راڳنامي‘ ۾ قلمبند ٿيا. اهڙي تصديق لاءِ ’راڳنامي‘ کان ٻاهر فقير صاحب جي ٻين ذخيرن جو مطالعو ضروري آهي. اميد ته ڪو صاحب اهڙي تحقيق ڏانهن توجهه ڪندو. هيٺ مثال طور اسان فقير صاحب جي ڪلام جي هڪ قلمي ذخيري مان ’سر راڻي‘ جا بيت ڏيون ٿا ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪلام هن ’راڳنامي‘ ۾ شامل آهي ۽ ڪيترو ٻاهر ٿي سگهي ٿو. هي ذخيرو فقير نواب امام بخش ولد نواب غلام شاه ولد نواب غلام الله خان لغاري پنهنجي بياض ۾ هڪ سؤ سال کن اڳ 1296-1303هه وارن سالن ۾ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ فقير صاحب جون 33 ڪافيون ۽ مختلف سرن جا 123 بيت ڏنل آهن. سر راڻي جي عنوان سان هيٺيان بيت لکيا اٿس:

1- سور سوکڙيون آئيا، تو وٽ ’صادق‘ يار

 ڏنا جي ڏاتار، سي جهولي پائي جهل  تون.

2- آيون آڌيءَ جو، جڏهن رميون ٿي راڻا

سَٺا ٿي، صديق چئي، تو مومل جا ماڻا

اهي ٽڪاڻا، تنهنجا مارين ٿا مينڌرا.

 

3- راڻا رتولن ۾ تو اچي ڪوه ڪيو

گڏجي کي گجريين ڏٺئي سور ٻيو

هاڻي ماريندو ويو، ورڻ وڇوڙو تنهنجو.

 

4- راڻا رتولن ۾، ويا رات رهي

اُڀي ڪاڪ تڙن تي پڇايم پهي

جڳن جا جڳ ٿيا، ويا ورهيه پئي

سوڍا ڳالهه صحي، ڪر تون ڪٺل سين.

 

5- بابو گڏيو بر ۾، گيڙو سان گلزار

تنهن موچاري مومل جا پهي ڏنا پار

گهوڙا گهوٽ سوار، ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي.

 

6- صادق! سڃيون پس تون محلاتون ۽ ماڳ

جن جي ٿي مڇ مرڪي، ۽ ڪيائون رهاڻيون راڳ

سي ورائي واڳ، راڻا ڪنهن رخ ويا.

 

7- هوا لَکِي جي لک پرور، چوکا چؤنري ڍار

سي گهوڙن گهوٽ سوار، ڪوه ڄاڻان

 

8- ڌرتي ڌڱَ سنڀري، جوڌا ۽ جوان

ويا وڄائي وارو، صوبا ۽ سلطان

تني جا مڪان، صادق سنڀري ڪونه ڪو.

 

9- ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪين محلن

ٻاين ۽ ٻانهين جي هو ٻنڌڻ ڪين ٻجهن

لکين لاهوتين، اهڙيون اوري ڇڏيون.

 

10- مومل جنهن ماري، تهن راڻي کي ريس گهڻي

سوڍي سمجهي ڳالهڙي سڀائي ساري

تيلاهن ٿيا باري، صادق سور پرين جا.

 

11- گڏجي کي گجريين، ڏنو آتڻ اوراتو

سورن سين، صديق چئي، پيچ جني پاتو

او نهوڙي ناتو، ويو گهائيندو گهڻين کي

.

نواب امام بخش جي اُتاريل مٿين بيتن جي ترتيب، ’راڳنامي‘ ۾ ’سر راڻي‘ هيٺ ڏنل بيتن جي ترتيب کان الڳ آهي. ٻيو ته انهن يارهن بيتن مان فقط چار بيت (نمبر 3، 5، 6 ۽ 9) ’راڳنامي‘ جي ’سر راڻي‘ ۾ (نمبر 51، 9، 50 ۽ 33) موجود آهن، باقي ست بيت ٻيا نوان آهن. انهيءَ مان ظاهر آهي ته نواب امام بخش اهي بيت ’راڳنامي‘ مان ڪين کنيا، پر ڪنهن ٻئي ذخيري تان اُتاريا.

فقير صاحب جي ڪلام ۾ اڳوڻي عوامي روايت جا آثار توڙي اعلى اساسي شاعري بابت تلميحون ۽ اشارا آهن. ڪن بيتن ۾ اڳين قصن ڪهاڻين جي واقعن ۽ ڪردارن ۽ ڪن مختلف موضوعن بابت انوکا الفاظ ۽ فقرا استعمال ڪيا آهن؛ اهي تلميحون ۽ اشارا عوامي ادبي روايت جو آئينو آهن، ۽ فقرا اڳوڻي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي لغت جو قيمتي سرمايو آهن. شاه عبداللطيف کان پوءِ واري دور ۾، هي ’راڳنامو‘ سنڌي ٻوليءَ جي انوکن لفظن ۽ فقرن جو هڪ نهايت اهم دستاويز آهي، جنهن کي پهڻ ۽ پروڙڻ سان سنڌي لغات جي علم ۾ اضافو ٿيندو.

فقير صاحب جي پنهنجي ڪلام ۾ جتي به سندس طبع جي جلال، سندس درد ۽ حال، ۽ سندس ذاتي فڪر ۽ خيال کي فروغ حاصل آهي، اتي اعلى شاعريءَ جون جهلڪيون ۽ جلوا نمايان ٿين ٿا. فقير صاحب اعلى شاعري جي دائري ۾ خاص طرح شاه عبداللطيف رحه کان ئي متاثر آهي. سندس ڪيترن ئي بيتن ۾ شاه صاحب جي لفظن ۽ اصطلاحن توڙي ڳوڙهن خيالن ۽ نازڪ نُڪتن جو عڪس نظر اچي ٿو. مثلاً:

شاه صاحب: جي هت نه هوت پسين، سي هت هيئن هوت پسنديون

فقير صاحب: آخر انڌا سي چئبا، جن هت نه ڏٺو هو ڏيهه.

ـــــــ

شاه صاحب: هڻندڙ سندا هٿڙا، سڪو چوي ساز

فقير صاحب: جنهن گهڙيو هي گهاٽ، ٿي ٻولي ٻُري ان جي.

ـــــــ

شاه صاحب: پِيتائين پنهونءَ کي، هڏ نه ڀڳيس هِڪَ

فقير صاحب: سڄڻ نباتون ڪري جيڪر نَت پيان.

ـــــــ

شاهه صاحب جي وائي:

موت مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا

اجل آسارين کي ڪام وٺيو ٿو ڪاهي.

فقير صاحب جي صدا (آخري صدا، سر سسئي):

رب صاحب سدائين آهي، متان ڪا سينو ساهي

حڪم حاڪم هٿ ۾، ڪامَ وٺيو ٿو ڪاهي.

 

ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي فقير صاحب گهڻو ڪو غور ڪيو. سندس ڪيترن ئي بيتن ۾ شاه صاحب جي فڪر جو جلوو نظر اچي ٿو. فقير صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ شاه صاحب کي ’ڪاپڙي‘ (وڏن رازن جو ڄاڻو ۽ وڏو داناء) جي لقب سان ياد ڪيو آهي، ۽ سر راڻي جي هڪ بيت ۾ ڀٽائي صاحب جي اعلى فڪر نُڪتي کي مڃيندي، انهيءَ ’عام سطح‘ ڏانهن پڻ اشارو ڪيو ته جيتوڻيڪ ڌڻي هرجاءِ وسي ٿو، پر انهيءَ اعلى ڄاڻ واري منزل تائين پهچڻ لاءِ پنڌ البت پري آهي.

 

شاه صاحب جو بيت (ص 25):

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو

منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لوڊاڻو

راڻو ئي راڻو، ريء راڻي ناه ڪي.

 

فقير صاحب جو بيت (ص 25):

ڪي جو چيو ’ڪاپڙي‘، سو ’صادق سباڻو

آه مڙيوئي مينڌرو، پر پنڌ پراهون

سڀ تو منجهه سيباڻو، تون مڙني ۾ محيط ٿئين.

 

تصوف جي فڪر ۽ فلسفي ۾، الله پاڪ جي ’ذات‘ ۽ ’صفات‘، ۽ حق جي ’معنيٰ‘ ۽ ’صورت‘ جو موضوع حق جي طالبن جي رهنمائي لاءِ وڏي غور ۽ ويچار هيٺ رهيو آهي. ’صفت‘ ۽ ’صورت‘ کان سواءِ ’ذات‘ ۽ ’معنيٰ‘ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ مشڪل آهي، پر انهيءَ هوندي به ’ذات‘ ’ذات‘ آهي ۽ ان کي ’صورت‘ ڪري نه سمجهبو؛ ڇو جو ڪابه ’صورت‘ ان جهڙي ناهي (لَيس کَمثِلـﮧ شيءُ). حضرت شاه عبداللطيف ان مسئلي جي تصوير جا ٻئي رخ ڏيکاريندي سمجهايو ته:

سڃاپي نه ’صورت‘ ري، ’صورت‘ هڏ مَ سوجهه

ٿيءُ ٻاراڻي ٻوجهه، وڃائي وجود کي.

 

فقير صاحب ’صفت‘ ۽ ’صورت‘، يا صفاتي اسم (ظاهري نالي) بدران ’ذات‘ ۽ ’حق‘ کي ئي پنهنجي فڪر جو مرڪز بنايو؛ انهيءَ ڳوڙهي خيال کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ بلڪل انوکن الفاظن ۾ ورجايائين ته:

’الله‘ اوراهون ڇڏي، پري پنڌ پيا

بنا نالي سپرين اڃان ڪي ٻيا

واڪيندا ويا، صادق ٻڌيو سندرا‘

 

فقير صاحب جو اشارو ”الله يعني ذات حق“ جي بدران، رسمي نالي ’الله‘ ڏانهن آهي. سندس مراد آهي ته حق جي ذات هن ’رسمي نالي‘ کان الڳ ۽ اڃا به اڳتي آهي. ’الله جي ذات‘ ڏانهن متوجهه ٿيڻ واري منزل، تسبيح تي ’الله جي رسمي نالي‘ واري ذڪر کان بلند ۽ بالا آهي. انهيءَ ساڳئي نازڪ نُڪتي کي ٻين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته

- صفت‘ ڀانءِ مَ سپرين، اي ٽيڏي آه ٽَڪر.

(ص 149، بيت 132)

- مُنجهج مَ ’معنيٰ‘ ۾، ڇڏ ’صورت‘ جا سانگا.

هيٺين صدا (سر ڪلياڻ، ص 103) ۾ هڪ نازڪ نُڪتي کي پنهنجي حال جي زبان ۾ نهايت موثر ۽ سهڻن لفظن ۾ سمجهايو اٿس ته:

صدا

جو ذڪر ۾ نه آيو، مون تنهن سان چِت لايو

جو فڪر ۾ نه آيو، مون تنهن سان چِت لايو

1- بنان نالي سپرين، جو ڳالهئين ڪنهن نه ڳايو

2- نبيّ وَليّ ويهون ٿا، تان پار نه ڪنهن پايو

3- ”سبُحانَ جَدُّڪَ مَعرفَتُڪَ“ اهو ئي سور

سڀڪنهن چايو

صادق انهيءَ سِڪَ ۾ روئي رت وهايون

اهڙن نازڪ ۽ ڳوڙهن خيالن سان گڏوگڏ ڪن نصيحت آميز نڪتن جي نهايت سولن ۽ سهڻن لفظن ۾ سمجهايو اٿس. انهيءَ سلسلي ۾ سندس هيٺيون عام فهم مگر وڏي معنى ۽ حقيقت وارو بيت هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو ته:

اٿي اورج اڄ، سُڀان ناه صديق چئي

واڄي جيئن وڄ، مٿي کي مرلي ڪري.

 

ن.   ب.

  


* اُستاد حاجي سومر خان ۽ سندس وڏا پُشتان پشت فقير صاحب محمد صديق ۽ سندس سجاده نشين جا مريد ۽ درگاهه شاهه عنايت الله شهيد، جهوڪ، جا معتقد آهن.

(1) فقير صاحب جي سوانح ۽ ڪلام بابت جناب راڄ محمد پلي جو مضمون ”صوفي صادق فقير“ پهرين ڪامياب ڪوشش آهي. ڏسو رسالو ’مهراڻ‘، ڏهه- ساله نمبر (خاص 1955-1965ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

(1) ڏسو شامل شجرو

(2) فقير صاحب جي ڪلام جا هڪ کان وڌيڪ قلمي مجموعا اسان جي نظر مان گذريا آهن. تحقيق ۽ تلاش سان سندس ڪلام جو ڪافي ذخيرو سهيڙي سگهجي ٿو. هن ڏس ۾ محترم راڄ محمد پلي جي ابتدائي ڪوشش غنيمت آهي.

(1) محترم راڄ محمد پلي جو مضمون ”صوفي صادق فقير“، اڳئين حوالي موجب، رسالو مهراڻ، ص 259

(1) سنڌ ۾ سماع ۽ قلبي تسڪين واري راڳ جي تاريخي سلسلي جي تفصيل لاءِ ڏسو ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ (ڇپايل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاه ٿقافتي ڪميٽي، ڀٽ شاه، 1978ع): بابت پنجون، ڇهون ۽ ٻارهون.

(1) اندازاً 1960ع ڌاري يا ان کان ڪجهه پوءِ فقير محمد وارث مرحوم پنهنجي آخري عمر ۾ 18 تاريخ جي رات بدران 17 تاريخ جي رات مولودن جو شغل شروع ڪرايو، ۽ هاڻي مولود 17 تاريخ جي رات ئي پڙهجن ٿا.

(2)  هي احوال اسان کي استاد حاجي سومر خان لغاري (عمر 72 سال) جي معرفت مليو. حاجي سومر خان وارا پشتاپشت فقير صاحب محمد صديق جا مريد ۽ جهوڪ جي صاحبن جي درگاهه جا معتقد آهن.

(1) مثلاً، ٽيون نمبر صدا، صفحو 30؛ پهرين ۽ ٻي صدا، ص 39؛ ٽيو نمبر صدا، صفحو 40؛ پهرين صدا، صفحو 48؛ ٻي صدا صفحو 58؛ آخري صدا، ص 158؛ آخري صدا، صفحو 196؛ ۽ صدا، صفحو 218.

(1) بقول استاد حاجي سومر خان لغاري، اهي ڪافيون فقير ڏاتار بخش جي علمي ذخيري ۾ موجود آهن.

(1) نواب غلام شاه لغاري تاجپوري جي بياض ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته ”سيد اسماعيل شاه حسيني ٺٽي ننگر جو“ صوفي شاه عنايت شهيد جو مريد هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org