سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :8

 

سرسسئي

 

صدا

سي سڄڻ الو لڏي لوءِ ويا، لڏي لوءِ ويا، اي ٻر لڏي لوء ِويا

سي سڄڻ الوالو لڏي لوءِ ويا، جي هوند ڏُک ڏکويا ماء منهنجي

1- ٻاروچا ڀنڀور ۾، منهنجا آڳاهان ويا

2- ڦوڙائو فقير کي، الا ڏيئي ڏير ويا

3- سورن جو سرير ۾ مون کي ٻاري مَچ ويا

4- مون کي سور سرتيون، اي پڻ لکيا اڳ هئا

 

Wبيت

[1]

تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾، جيئن جيئن تپي ڏينہ

ڪو اگهائج نِينہ، ٻانهِي ٻاروچن سين.

[2]

تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾، جيئن جيئن ڀڄي رات

ڀوري ٻي نه تاتَ، جيڪا سا جتن جي.

[3]

کَڻُ پٿر پرينء جو، ماء وهاڻو وار

جيڪِي ڏنوءِ ڏيج ۾، سو سڀوئي سار

وڃان ٿي وڻڪار، مڇڻ موٽڻ نه ٿئي.

[4]

کڻ پٿر پرينء جو، ماء مُهارو جهل

ڪرلاهُو ڪيچ ويا، اُٿِي هاڙهي هَل

آيل مون مَ  پل، وِرِههَ واٽون لائيون.

 

[5]

کڻ پٿر پرينء جو، هِت نه هونداسون

جيجل جوڀن ڏينهڙا، ڏکيا جالياسون

آيل مٿا مون، وِرَهَ واٽون لائيون.

[6]

کڻ پٿر پرينء جو، هِتَ نه هوندياسِ

پُنهَلَ  کي چُوندياس، فريادون فراق جون.

[7]

کڻ پٿر پرينء جو، چَريو ٿئڙم چِتُ

ڪَرَ لاهُو ڪيچ ويا، ٻيو ڀروَسو نه ڀِت

هاڻ نه هونديس هِتِ، وِرِههَ واٽون لائيون.

[8]

کڻ پٿر پرينء جو، چريو چِت ٿيوم

هينئڙو هوت هڻي ويا، وسان ئِي ويوم

جيجان جِيءُ اڙيوم وِرِهَ واٽون لائيون.

[9]

کڻ پٿر پرين جو، سڀوئي ساري

ڏک منهنجي ڏيل ۾ ويو ٻاروچو ٻاري

آيَلَ مون ڌاري، وِرِههَ واٽون لائيون.

[10]

اُٿُ ته ڏونگر ڏوريون، سُتيين سُک نه ڪوءِ

پڇون پرهيارين کي، واڪو وجهو پوءِ

اڱڻ آيو هوءِ، مان ڪو پارانڀو پنهونء جو.

[11]

پارانڀو پنهونء جو، اڱڻ ڪي آون

مڇڻ ڪَهِي ڪيچ وڃن، توکي ڇڏي ڇپرين.

[12]

مون کي ڇڏيائون، ڇپرين، ڄاڻي سڃاڻي

ڀَريُم جو پاڻي، سو ڪم نه آيو ڪيچئين.

[13]

ڪيچان ڪيچي، آئيو، آءُ پڻ سندي ڪيچ

اڳ اُڊڪي آهيان، پَسِي  پاڳن پيچ

هيس گهڻو سُتيچ، پر ننڊ نهوڙيس جيڏيون.

[14]

ڪيچان ڪيچي آئيا، اکيون اِيئَن ڪَرين

نه ڪو سانگ سسئي جو، نڪا ڳالهه سڻين

هوت پنهون ٿا نين، ٻاروچا ٻانهون ڪيو.

[15]

ڪيچن مون سان ڪونه ڪيو، جتن يارانو

نالي سُيَسِ هوت جي مُٿم بارانو

تيلاهين طعنو، ڏيندي مون ڏير ويا.

[16]

ڪيچين مون سان ڪونه ڪيو، ڪو پَههُ پوراتو

مَس نيائون مانۡ پرين، ڪو جهلي جوراتو

اديون اوراتو، هَنئِين سين هيڏو ٿيو.

[17]

ڪِ پاٻوهيو پاڻ ۾، ٿي اُٺن اوٺارن

ڪَنُ اڙايو ڪَنَ ۾، ٿا ڳجهيون ڳالهيون ڪَن

اِيءَ پَههُ ٻاروچن، ٿي مرڻ منهنجي جو ڪيو.

[18]

اُٺُ سوار آئيا، مادر آءُ مُئِي

ڪَن اڙائي ڪيچئين، سرپر ڪا ڪئي

سرتيون سُڃَ ٿئي، هنيڙو اوُ تان کڻي ويا.

[19]

ٻوليءَ ٻاروچن جي، وڍي وڌيس ماء

اچي ٿي اوچتي سانگين سين ساڃاء

جيجان جهل مَ پاء، هنيون هوت هڻي ويا.

[20]

ٻاروچي ٻولي جن جي، ڪِيئان لهنديين سي

سڃي جوءِ ڪري، پيهي ويا ڇپرين.

[21]

ڇپر ڪنهن ڇيہ ويا، اونهين پنڌ اجهاڳ

ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي ويو ورائي واڳ

پَسي مُئي ماڳ، رڻ ۾ رات رت ڦڙا.

[22]

پير نهاريم پريتڻي کي، هاڙهو ۽ ڳاڙهو

روئڻ ۽ راڙهو، ڀينر مون ڀاڱي پيو.

[23]

ڀينر مون ڀاڱي پيا، ڏوراپا ۽ ڏُکَ

هُو جي سُڄن سُکَ، سي وندر جي واٽ ويا.

[24]

جان مون گهڻو نهاريا، رَندَ روئي رائي

پِيَس نه پائي، آيل ٻاروچن جي.

[25]

هينئڙو هوتاڻن سين، ٻڌو ڪنهن ٻنڌاڻ

ڪا جا پيس ڪاڻ، نبيرِيانس نه نبري.

[26]

آن ڪا ڏٺي ڏوٿيا، ٻاروچي لاڏاڻ؟

ماڃوٽي رهاڻ، مون سان ڪري هليا.

[27]

هُيَم هوتاڻن سين، ريتيين رِهاڻِي

پسي پٿر پرينء جو، آءُ کوري ۾ کاڻِي

پنهون آرياڻي، ڇڏي هليو ڇپرين.

[28]

جيڏيون جيڏو ئِي ٿيو، سُمهڻئان ساڙو

پنهونء سان پاڙو، ننڊ نبيريو  جيڏيون.

[29]

سُتيس ڪنهن سڀاڳ کي، ڏيئي اولاڻو اکين

هاڻي هِنَ ڀنڀور ۾ گهُمان خاطر ڪن

اديون اَوٺيئڙن، هنئين سين هاڃو ڪيو.

[30]

جاڳان  تان جيئن ٿيو، هيس منجهه خمار

ڏسان نه ڏيرن جا ڪرها منجهه قطار

جيڪر هُيَمِ سارَ، ته هوتن هاڃو نه ڪيو.

[31]

لوڪ نهاريان نه لهان، ٻاروچاڻي ذات

جيئن جيئن ڪريان ماٺ، هينئڙو تيئن سُورَ چَري.

[32]

ڪو ڳڻ ٻاروچن جو سُتي سنڀريومَ.

ڳَلِ وهاڻو پُسيو، جاڳي جال رُنومِ

اوڏيءَ ڇِڪَ نه ڇُهِيا، پٽي نه پيرونِ

پويون اِيُّ ڀيرون، جيئن نينہ نبيري هليا.

[33]

هٿان مون هوت ويو، هئي هئي حادثو

هيڏو قهر قلوب سين ڪڏهن ڪونه ٿيو

ڪڄاڙيان ڪيچ ويا، مون تان ڪين چيو

پاڻيهي پَههُ پيو، رضا راڻا  سپرين.

[34]

گوندر هن غريب تان، لُڇڻ نه لاهين

مون کي جوش جتن جا، ٿا پَرَ ۾ پَچائين

لَڄُون جي لاهِين، سيئِي سور سَمهان ٿيا.

[35]

ڏک پريان جو ڏِيلَ ۾، ويران وير اُجهَلّ

سُورن ڀريو ڀَلّ، جيئن ونڊيان تيئن وترو.

[36]

ڏُکوئي ڪانه لهان، ڀرِي ڀُڻان سُور

سَرَهِيَن جي حضور، پار نه کڻان پرينء جو.

[37]

ڏکِي ڏُکَ مٿي ڪري، وانء ڇپر ۾ پيهِي

مان گڏجن ڏيهِي، جي سوڌيون ڏينئي خبرون.

[38]

سوڌيون سپيرين جون، واڪا نه وائي

ڀينر ڀَريم جندڙو، سُورن سامائي

وَرَ لئي واجهائي، ماء مرنديس ڪڏهين.

[39]

سوڌي سپيرين جي، خبر ناههِ کَرِي

سُورن سانگهيڙا ڪيا، ولين جيئن وَرِي

رائي منجهه رڙي، ماء  مرنديس ڪڏهين.

[40]

پيُس ڏاڍي ڏونگرين، ڀينر ڀڙان ڀاڳَ

ٻاروچا ٻانڀڻ سين لاهي ويا لاڳَ

وڏي ڪنهن سڀاڳ، اُٺَ پسنديس اُن جا.

[41]

چُڪِيَسِ  چور مَ ڪرهو، مُئيس جهَل مَ مهار

ساجن توهان ڌار، ڏِٺُم ڏينهن قيام جو.

[42]

وڃيو روئي رَتَّ ڦڙا، کاڻِي  کيرن هيٺ

مون ڪا ٿيندي ڏيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروچن سين؟

[43]

سُوريتي سُورن کي، اُڀي ڪري سَڏَ

سُورن پگس هَڏَ، ته پڻ سڪي سُورَ سين.

[44]

آههَ نه سُڄي سُورَ جِي، نڪا ڏکّ پچار

ڪانهي تن تنوار، نينهن نماڻيون جي ڪيون.

[45]

گهيڙ گهمندي جي ڏنيون، پنهونء پيرڙيون

سي مون واٽڙيون، نت نهارڻ پيئيون.

[46]

هينئڙا ماڳَ مَيَن جا، وانء وڃي وانئٺ

چُمِي آءُ چانئٺ، جا پِريَن لائي پيرَ سان.

[47]

هلو هلو جيڏيون، پسو لال لَئو

اديون آرياڻي جو، سَچُ ڪه ساٿ ڳَيو

هينئڙو جن هنيو، سي جَتَ نه پسان جُوءِ ۾.

[48]

جَتَ نه پسان جُوء ۾، اوتارا اُهيئِي

اکڙيون سو ئي، ماڳ نهاري موٽيون.

[49]

هلو نهاريون هوت جوان، ڀينر اوطاقون

سُڪيون نه سيڻن جون، ماڳن تان ماڪُون

نسوريائي نائڪُون، سَڃي هليم سُور جون.

[50]

مِڙو منهنجي نجهري، اچو کڻي آرٽ

آن کي سلان جيڏيون، گهاء اندر جي گهٽ

ڦوڙائي جا ڦٽ، ڪڙيون ڪن نه مورهين.

[51]

چاڪَ منهنجا چوريا، پاڙيچين روئي

مون سين سورُ سوئي، جو نه جياري جيڏيون.

[52]

ڪرها ۽ اوٺي، آن ڪي لڪي ڏِٺ

مون سيڻ هٺا اُٺ، تو پاند پُڄي نه جهليا.

[53]

پرههَ پاند پنهونء جو، لڪي چوءِ لڳوم

ڏکوَيو ڏٺوم، توهَئُون گهڻو سپرين.

[54]

ڇڏيم هيج هلڻ جي، چاڙهيڪا چکيام

آرياڻي جي آسري، ڏونگر ڏينهن لڳام

موٽج پرين سندام، وييَس وِکَ نه اُپڙي.

[55]

لَتاڙيندي لڪيون، ماڳهين  آءُ مُياس

بازن کاڄ ٿياس، سگهو موٽج سُپِرين.

 

[56]

تون اساري اوجهريين، هوتن هلڻ وارَ

چوري رکج چِتَ ۾، پريان جِي پچار

ڏيئي سُور سنڀار، مَڇُڻ وڃنئي سنجرِي.

[57]

تون اسارِي اوجهريين، هوتن هلڻ من

آرس اکڙين ۾، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن

جن وٽان هوت وڃن، سُڌِ تن کي سُور جي.

[58]

تون اسارِي اوجهريين، هوتن هالاڻو

ڪميڻي ڪيچين ري، ڪيئن تو سُکُ سيباڻو

ڏيئي پڳ پاڻو، مڇڻ سيڻ وڃنئِي سنجري.

[59]

جَنِي ديکيو دل سين، پُٺيء سي پييون

ته پڻ ٿي وييون، جي پنهونء پاڻ لڪائيو.

[60]

مون جئن هوت اکين سين، ڏٺان جي ٻَروچ

ته مون کي چيان لوچ، آئِين پڻ ڇُليون ڇپرين.

[61]

آن جي ڏٺِي جيڏيون، پنهون جي پاٻوهه

ته اندر اوراڄو ڪري، هوند رُنان منجهان روح

سنجهي جي صبوح، هوند نه ويان وسري.

[62]

مڙيِئي مون کي نه ڪَرِ هو، آءُ جا هيرِئين هوت

داغَ دارونءِ سين نه لهي، ڏنا جي بلوچ

هاڙهي سندا هوت، ڦٻن ڪيئن فقير کي.

[63]

واري جا واٽن جِي، سا جي ٿيان ڀُون

ته ڪِيچي مٿان مون، اچن قطارون ڪاهيو.

[64]

جَنِي مون سين گهاريو، تن سُورن کي شاباس

هيڪڙا وهيا پرينء سين، ٻيا رهيا مون پاس

ماڳهين هوند مياس، پر ويچارن وس ڪيو.

[65]

ڪيچ اڳاهون پنڌڙو، ڏوٿين، چيس ڏُور

پاڻان پَسِي پُور، وِکَ وڌايائين وِترِي.

[66]

اسان نماڻين جي، ڪهڙي پڇين ذات

ڏينهن سڄو ئي رات، مٿي ڪلهن اوئيون.

[67]

اڃا آهيم هيڪڙو، ڏونگر توتي ڏکُ

منهنجو ڀڳو سُک، تون ڇَپَرُ ڇُوتا نه ٿيين.

[68]

ڏينهن تَتي ڏونگر ۾، اوڇنگارون اچن

پڇيو پاڙي واريين، اِيَّ چُرِي چوري ڪَن

مَٿي مُئي لَمَن، سڃاتائين سرڻيون.

[69]

پَرَ لڪن تي لمندي، ڪارا ڏٺائين ڪانگَ

ڀانئي ڪِ پَکا پرينء جا، تان وتن ٿا ويراڳ

سپيريان جي سانگ، مادر مون کي ماريو.

[70]

ڀانئي ڪهِ پڪا پرينء جا، ڏونگر ڏٺائين

واڪا ڪيو ويڙين ۾، پهي ٿي پُڇيائين

سَڏَ جي ڪيائين، مِروُن ماريائين اُنَ سين.

[71]

آئِينۡ جي وَرَن ورايوُن، وڃو سڀ ورِي

آرياڻِي پنهُونء جي، ٿِي سُڄي ڳالهه ڳَرِي

ٻُنڀيان جن ٻَرِي، ڏونگر سي ڏورينديون.

[72]

آئِيۡن جي ورن واريون، وڃو سڀ موٽِي

ڪانه هلندِي ڪيچ ڏي، مون ڪَرهو مَ کوٽِي

ڪَديُمۡ ڪاڇوٽِي، وِڌُم جوڳَ جتن لَئي.

[73]

مون سين ڪا م نڪري، سرتيون آڏي سُڃَّ

پاڻي ناهه پنڌ گهڻو، رِڻُ، رائو ۽ رُڃَّ

متان مري اُڃَّ، ڪا ڏئي پاراتو پِرينء کي.

[74]

ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، جهَنگن جهوتون ڏي

ڳالهه ڳَرهِيائين جن سين، سور ڀريائين سي

ويچاري هاڙهي، گهڻو ڏکوئي سَسُئي.

[75]

ڪُلهن ڦاٽو ڪنجرو، ڏکوين اُهڃاڻ

ڀُڻن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇن پاڻ

ٻاروچاڻو ٻاڻ، جَنِي لڳو تن لَکيو.

[76]

ڪُلهن ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو

ساجهر ”سُليمان“ چئي، هوت لنگهيو هاڙهو

ڌوٻڻ سِين ڌاڙو، جتن جيڏو ئي ڪَيو.

[77]

ڪوڏ ڪوهياري ڪنجرو، اڃا رات رَتومِ

ڀينر ڀڄايوم، صبحاڻي  ئِي سورن سين.

[78]

اُڀي اوسڙ اُسَ ۾، مُنڌِ مَ   مَنُہُ ويههُ

تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جَنِين جو ڏيههُ

تون نماڻي ننڊون ڪرين، پَٽيءَ پنڌ اَڇيههُ

پاڙي پاڙي پيههُ، وَتُ پڇندِي پَهِيَڙا.

[79]

ڀڄو، نه اُبَّهو، ڀينر ڀنڀورا

اڳي هن ماڳا، سرتيون سور پرائيا.

[80]

ڀنڀور ئِي ڏيان، کُههِ ڪتڻ، کَڏِ ڪپاهه

ساجن منهنجو ساهه، هاڃي منجهه هِڻي ويو.

[81]

گهوريان سُکَ  ڀنڀور جا، مَر  لَڪَن  جِي لوڏَ

امڙ تو جي آڇيا، سي ڪم نه آيم ڪوڏ

هنيين منهنجي هوڏَ، ٻڌِي ٻاروچن سين.

[82]

پُٺِيء هوت نه هليو، ڀُليو سڀ ڀنڀور

شَهَرَ  سڃاتو ڪينڪي، هو آرياڻي اَتور

ماڻيو تني مور، ديکيو جن دِلِ سين.

[83]

وِلاڙي  وڻ چڙهي، ڪينۡ جو ڏٺائين

موتُ ماريائين، پاڻ تنهن جي پُٺِ ۾.

[84]

رِڙههُ روحاني سَسُئِي، مري جِيءُ معذور

قدم قريبن جو هيڪڙو سيئن چوٽي پُر چُور

سرتيون مون کي سُور، پرينء گڏجي پوء ٿيا.

[85]

مَڇُڻ ڇڄئين سَسُئي، هاڙهي جو ٻروچ

اوٺين ڪنان اڳاهون، جيڪي چونس هوت

پهرين ڪندئي موت، پوءِ پاريندا پريتڻو.

[86]

ساڻ محبّت قطري، ٻاريندم ٻَرِي

آلا ڦٽ فراق جا، ڪندئي چاڪ چَرِي

جت آهِين جوءَ ۾، گهارين تان نه گهَڙي

وڃج منڌَ مري، جتن ساڻ جيئري.

[87]

نه ڪسا ساڃاءِ سونهن ۾، مَڇُڻ ٿيو موت

سري ڪاتي قتل ٿيو، هاڃي هنئي هوت

نه ڪو پنهونء پوت، نه ڪو سَڏُ سَسُئي جو.

[88]

سڏ نه سپرين جو، هاڙهي منڌ مري

پسڻ لاءِ پرينء جي، اکيون آب ڀري

سَسُئِي تان سري، پرواه ناه پنهونء کي.

[89]

سَسُئي سين سرواڻن ڪئي، جتن اي زارِي

ان پريٽ پروڙيو ڪينڪي، ٻانڀڻ ٿِي ٻاري

ووءِ ووءِ ڪيو وسائي ٿي، واٽن سِر واري

ڪانَ لڳس ڪارِي، سيڻن جا ”صديق“ چئي.

[90]

منڌ! جٽيندا ڪيترو، جي هلان هلان ڪَن

اوٺِي انهيءَ پار جون پنڌ پچارون ڪن

سَسُئِي کي، ”صديق“ چئي، جاڳايو جتن

ڀينر مانَ ڀِرن، هِن سوريتيء جا سپرين.

[91]

مون جهليندي نه رهيا، اوٺِي اُٻَهارا

جَتَ هليا جُوءِ ڏي، ساجهَر سوارا

مَيا ٿيم مارا، جي ڪيم سيڻ، ”صديق“ چئي.

[92]

نه ڪي سيڻ سَسُئِي جا، نه سا سسئي پاڻ

رويو ڪري رهاڻ، ساڻ گڏجيو، ”صديق“ چئي.

[93]

ساڻ گڏجي سڄڻين، ٿيس ڏوهياري هاڻ

سي سڃاتم، ”صديق“ چئي، جي ويا لڪائي پاڻ

جِت نه ڄاڻي ڄاڻ، اُتِ ٿيو پسڻ پرينء جو.

[94]

پسڻ وڃايم پانهنجو، هلي منجهه هُوء

اِي پَرَ ڪوهيارل جي، اَپَرَ ٿيو اوء

سڄڻ روبورءِ، منهن مقابل نه ٿئي.

[95]

مرڻ مُڙ مَ مون ڪنان، ٿي اجل آڳاهون

سسئي جي سڪرات ۾ ٿي دل ڪري دانهون

ٿيء م آڳاهون، ساڻ آهين سپرين.

[96]

پيهي جان پاڻ، ڪَيُم رُوحَ رهاڻ

ته نڪو ڏونگر ڏيہَ ۾ لَٿِي ڪيچين ڪاڻ

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي مون سُورَ هئا.

[97]

پنهون چوندي ڪن کي، نه سا سسئي سُور

محبّت جو مذڪور، مڙيئي معنيٰ ٿيو.

[98]

پوءِ به نه سُڄي سسئي، نڪا اڳ هِئي

اوّل آخر نه جُڙي، سا ڪيئن هاڻ مئِي

سڳر منجهه سُئِي، سو پڻ هئڻ هئس هوت جو.

[99]

ويا ڦوڙائي سپرين، ڏٺم، جي هيڪار

انهن لاءِ ٻيهار، ٿي ڏيان وڙولون ويڙين ۾.

[100]

هاڻي تن هوتن ري، ڏوريان ڪونه ڏُکُ

هُو جو سُڄي سُکُ، سو ويچاريء وڃائيو.

[101]

ڪڙهيو ڪڙهي پرينء کي، رڻ رَمي ۽ روءِ

سَسُئِي سانگ نه ڪوءِ، ڏير ڏوراڻا هليا.

[102]

ڏير ڏُوراڻا هليا، ڀاڄائي نه ڀانئي

وارينديس  وَرَ کي پنهو پرچائي

ڪيچين لَئي ڪاهي، سِسِي ڏينديس صدقو.

[103]

ڏسڻ جو ڏيرن جو، پسڻ پاراتو

اديون اوراتو، پرينء گڏجِي جو ٿيو.

[104]

ڪين سڃاتم سپرين، ڏٺم جان ڏيرَ

اوٺي گهڻو اڪابر هئا، شان وڏي سان شيرَ

منهنجا ڇپن ڇِنا پير، هُو هاڃي هيروان.

[105]

ڏک ڪريان نه ڏيرن تي، پاڻا بيپرواهه

سنڌِيۡڪِي ساٿ ۾، ڪن نه ڪوهيارا

ماريو وڃن ماء، ٻاروچِيء ٻولِيء سين.

[106]

سورن جي سُتِي وجهي، ويس ڏير ڏَهِي

آلا ڦٽ فراق جا، سگهي ڪين سهِي

هوتن جا هنئي، سا وڃڻان ويئي سسئي.

[107]

پاڙجَ تون پاڻ ۾، وِرِههَ جِي وائِي

سيڻ تنهنجا سسئِي ويا سڀتِ سمائِي

جيئڻ جڏائِي، مرڻا مڙج ڪِينڪِي.

[108]

پاڙج تون پرينء سين، ڪري ڏُکَن ڏور

هنيون وِجههُ مَ هور، ته ساڻ گڏجين سَڄڻين.

[109]

نه ڪو سِياتو سَسُئِي، نه ڪو مِٽُ سندوءِ

ڇڏ لاڳاپا لوڪ جا، اِيُّ قرب ڪوه ڪندوءِ

ڪُہُ ڏکين ڏيل وڌوءِ، ان سورن گهڻيون سِجهائيون.

[110]

ڪَهَلَ نه پوءِ ڪيچئين، سسئي وڏو سَتُ

ٿيو زوراور جت، روئڻ راهيو ڪينڪي.

[111]

پڌَر  وجهي مَ ڳالهڙِي، رڙي ۽ روءِ

پنهون سُور سندوءِ، سِڪ سُلايان ڪن کي.

[112]

سنجهي ويَس سپرين، ٿي پِرههَ کڻي پير

هَي هَي هڻي هٿڙا، اُٺي آڌيء وير

ڏکي ۽ ڏير، پرچي ويا نه پاڻ ۾.

[113]

اکيون لُڙڪ لڙاٽيون، مُنهن ۾ کِلوکِل

سُورن سَلوسَلَ، مون کي مون پرين جا.

[114]

سي ويري، نه واهُرو، جي مون ڀانيا مِٽَّ

پاڻا پاڙهي هليا، سندي سورن سِٽَّ

تهڙو نه پِٽي پٽ جهڙو حشر  هوت جو.

[115]

هنگامون ۽ هُل ٿيو، ڪيو جتن زور

اُٺَ اولاڻي اُٿيا، ڀولي پيو ڀنڀور

غافل سندو غور، ڪيچين ڪڏهين ڪونه ڪيو.

[116]

نهاريندي ناههءِ ٿِي، پسي پار پريان

هاڻي ڪيئن ڪريان، ڪوهيارو ڪِٿِ لَڀي.

[117]

ڏُکَ سُک ڇڏي سسئي، ڪهين تيڏانہ ڪاهه

پَري لنگهج پاڻ کان، وڃ ته ٿئي واهه

سسئي جي صلاح، ان پر پوءِ اُبَهِين.

[118]

اوٺي اڻانگا گهڻو، ويلَ نه رهيا ويهي

مون ڀانيا ڏيهي، تان ماء مسافر سُپرين.

[119]

اوٺي اڻانگا گهڻو، دَمُ نه دَميائون

مون کي چيائون، ته ويلو ڪجَ مَ وچ ۾.

[120]

سکن پئو مَ سئي، هليا وڃن هوء

پنهون ڪنان پوءِ، متان پَوين مامري.

[121]

ساٿ نه ويندا سپرين، مون ڀانيو مون ساڻ

مادر هئا مهماڻ، مون ويسليء وڃائيا.

[122]

ڏسي مون ڏک ٿيا، ويا ڦوڙائي

مادر هِن مَيّن ڏي، ڪيچ وينديس ڪاهي

اڃان سين آهي، سٽڪو انهيء ساٿ جو.

[123]

ڏسنديئِي ڏک ٿيا، ذات اڻانگي جيئن

پرٽياڻي پنهون کي، نيئِي نباهي نينهن

ڏوهه منهنجي ڏينهن، ڪِي ڀَلِي ڪانه مُٺيء سين.

[124]

ڏسنديئِي ڏور ٿيا، سڃاتي نه سَري

اهڙا صاحب سپرين، گڏبا ڪيئن ڪري

نه ڪِي منڌ مري جيئڻ جنهن وڃائيو.

[125]

ڪنهن پر ملي سَسِئي، آرياڻِي اَجهوءِ

اُٺ نه اوٺِي گڏ ٿيا، وڃن وِٿَ وِجهيوءِ

اهڙو ساٿ سجهيوءِ، ته سُتئين ڪوهه سُک ٿي.

[126]

موٽڻ ٿيس، ميهڻو، اچڻ کي آئِي

سئِي واجهائي، وڌي ٻاجهه ٻروچ کي.

[127]

ڪيچي ڪهرا ڪينڪين، مري ٿيء معذور

ڏسڻَ گهر ڏُور، نه ته ساڻ آهِينئي سپرين.

[128]

پاڻ نه ڏورينِ سپرين، مون سِين ڪن مذڪُور

سرتين ٿيئڙا سور، جي سڃاتائون سپرين.

[129]

پاڻ پوجاريون جيڏيون، پريان ڪن نه پَرُوڙ

جتن لاءِ ضرور، ڪَٽڻ آيم ڏينهڙا.

[130]

ساهيڙين کي سُورَ جي، سُڌِ  چوندو ڪير

پَري کڻن نه پير، واڳيون آهن ور سان.

[131]

سُڌِ منهنجي سُورَ جي، اديون ڪان آنۡ کي؟

قائم ٿي ڪيچي ويا، ماريائون مانۡ کي

ڇپر! تون ڇا کي، ڏکوئيين ڏکيون.

[132]

ڪيچ اٿيئي ڪونه ڪو، ڇڏي وڃ ڇَپَرُ

صَنعتَ ڀانءِ مَ سپرين، اِي ٽيڏي آههَ ٽَڪَرۡ

اِنهُون پري پُرُ، سيڻن ڏانهن، ”صديق“ چئي.

[133]

پَري پَسَڻ پرينء جو، اوڏو ڦوڙائو

ڏک وسائڻ ڏيل ۾، سرتيون سجائو

اديون اجائو، وِهڻ مون وِههُ ٿيو.

[134]

پهچان تان نه پنڌ ڪري، وِهَڻ مُون نه وس

ڏوريم گهڻي ڏُکَ سان، تان ڏونگر ڏِئي نه ڏسُ

مانَ چُونم جَسّ، مُئي پڄاڻان سپرين.

[135]

چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، اڃان ڏينديس جهوت

مانَ چُونم هوت، ته مُئِي انهيء مامري.

[136]

پار اور نه پنڌ کي، جُڪُس منڌ اُڄاڻ

”صادق“ سڏڻ ساڻ، سَسئِي ساهه وڃائيو.

[137]

پار اهوئي پرينء جو، ويٺي نه وءوڙي

ڏونگر ٿي ڏوري، سَسئِي ساهه وڃائيو.

[138]

پاڻ وڃايو پنڌ ۾، روئي رتَّ نارين

ڏاڍا ڏونگر ڏيههَ ۾، پنهون جي پارين

اديون اوٺارين، هِنئين سان هاڃو ڪيو.

[139]

پاڻ وڃائي پنڌ ۾، هاڻي ڪا هَلي

”صادق“ اِنَ سسئِي کي، ويا سُورَ سَلي

ڀينر ڀاَڳ ڀلي، مانَ ملان اوٺِيين.

[140]

پاڻ وڃايم پنڌَ ۾، تان ڇَپَرَ ڇيههُ نه ڪوء

پارانڀو پنهونء کي، ڪو چُڪِيء جو چوء

ته رِڻَ اُڀِي روءِ، آري! لاءِ اٺن جي.

[141]

پاڻ وڃايم پنڌ ۾، ٿيس سُورن ساڻ

پنهون اچي پاڻ، ڏوري ڏِسُ ڏکيون.

[142]

مون مُئي مُٿي سپرين، موٽج تون ٻروچ

لُڇڻ ۽ لوچ، وِرَههُ ويچاريء نه لهي.

[143]

جيئري جُدا ڪين ڪين، مُئي به تنهين ساڻ

پنهون ٿيس پاڻ، ڏوريان ڏوريان نه لَهان.

[144]

جيئري جُدا ڪِينڪين، مُئي به تنهين گڏ

سُپَني ۾، ”صديق“ چئي، سُتي ڪري سڏ

اوڏي ڪريو اڏ، پاسي ڪريو نه پرينئان.

[145]

ڏکي ڏورج ڏونگرين، وَڃي واجهائيج

سِسِي ساههُ سَڃيج، هَٿ ڪري هوت کي.

[146]

آءُ ٿِي پڇان ڏوٿيا! آهينِ ڪهِ ناهينِ

مون کي ٿا لاهينِ پَرَ ۾ پُورَ پرين جا.

[147]

ڏوٿين چَيُس ڏيهه، خبر ڪا کَرِي

سسيئا تو سرِي، مرندي منڌ واٽ ۾.

[148]

جڏهن ويا ٿي سنبهِي، ويٺي توهِي وَٽِ

ڪا توهِي ۾ گهٽ، جيئن مُئيين نه اِنهيء ماڳَ تي.

[149]

نالو کڻي سسئِي، لڄايُئي سيڻ

وِرِههَ ڪرين ويڻ، ماڳ نه مري ان کي.

[150]

اندر منهنجو ان کي، اجهاميو ٻري

پسان، تان پري، اوڏا آهن سُپرين.

[151]

ٻاروچاڻِي ذات جا، سَٺم جي سُورَ

مادر! سي مذڪُورَ، آءُ ڪيئن اوريان عام سان.

[152]

جا هَڪَلَ ڪَيَم هوت کي، چاڙهيڪن چڙهي

تنهن لَڪَّ سڀئي لهسيا، ويو ساٿ سڙي

واڪو ناههِ وَڻِي، ٻاروچاڻي ذات جو.

[153]

چوٽيون چاڙهِيڪن جون، روڏن هَنيون راتِ

ٿِي پاهڻ وجهان وات، آءُ پيادي پَٽيِين.

[154]

چاڙهِيڪن چُور ڪِي، پنڌن آءُ نه پُنِي

زندن منجهه رُني، سسئي سُورَ اُپَٽِيا.

[155]

ڀڃان ڏونگر چوٽيون، جيڪَرَ ڪريان ڇيۡنهَن

پر هوت چوندم هينئن، ته پڌر وڌئِي پِريتڻون.

[156]

ڏيئِي مران ڏنگرين، اڃان هوند اُلير

پر ڇِپُن ڇِنم پيرَ، رهيم واڪ وڃڻ جي.

[157]

جيئري اُنَ جتن سين، هُيَس جي آئون

ته ڏيئِي ڏورائون، هوند ساٿ ورايم سرتيون.

[158]

مارڳَ مئي سئِي، چوٽين تي چڙهي

ٿوري تان نه پڙي، جو اصل رکيو اوٺئين.

[159]

مُنڌَ  مَرِي ڏونگرين، ويئِي ويچارِي

تن اندر تارِي، هُيَسِ هوت پنهونء جي.

[160]

جي مُنڌ مئي ڏونگرين، لڳي سان لَڪَن

ته سونهي هوندَ ڪَکَن، پٿر ٻاروچن جي.

[161]

پاڻان وڃِي نه ڪيو، سسئِي سياڪو

تيلانهن اولاڪو، آيس ڪيچ ڌڻين جو.

[162]

سِئِي سُورَ سارينديون، ڏٺو جن هيڪار

اُنهين جي تنوار، ڏکوئي ڏونگرين.

[163]

مُيّن مَٿي مامرا، تو جيئن ڪونه ڪري

آري اُڪنڍيَن تي، آءُ تون پيرَ ڀري

ٻُنڀِئان جن ٻَري، گهڻو پڇجي انهن کي.

[164]

سندا ڏُکَ ڏکين، جي پنهون ڏسين پاڻ

ته سسئي نِيين ساڻ، هوند نه ڇَڏيِين ڇپرين.

[165]

هڪ ڦوڙائو سڄڻين، ٻيو تَپي ڏونگَرُ

آڏو آريچن کي، بارِي ٿِئي بَرُ

ڪيچين لاءِ ڪَرُ، اُپاڙيو آهون ڪري.

[166]

ڏيرن جا ڏِيلَ ۾ سنهان پُون سُراٽَ

ڪتنُ ڏيان ڪيچين کي، تان ويٺا گهڙين گهاٽَ

پورا لڳُم پاٽَ، ته پنهون نيندا پاڻ سين.

[167]

سيڻن هٿ ساٿِي، وِڃائي ويئي

ڪري پرڏيهي، ڏيهِيُنِ ڏکوئي گهڻو.

[168]

مُنڌ ڪُرڪي پيئي، ڏيرن ڏکوئي

رَتائِين روئِي، پهڻ مڙيئِي پَٻَّ جا.

[169]

سُکن ڀاياڻيون سرتيون، حال ڀاياڻي ناهي

ڪَڍي تن مَ ڏي، سپريان جِي ڳالهڙي.

[170]

سُلين سُورَ پرين جا، اِيء پڻ ڪَچائِي

توکي تيلاهي، ڏيندا ڏيرَ ڏکن سين.

[171]

سَهَنجيون سپرين سين ڪر، جي اَهنجيون ڪن اوءِ

متان ”صادق“ پوءِ، رکن حرف حساب جو.

[172]

ڪرَهه قطاري هليا، وطن تي واري

اُوء نه اوتاري، تازا پيرَ پُٽئين.

[173]

نه سي وڳَ وَٽّ ۾، اُٺَ نه اوٺارِي

هينئڙو بيکاري، جيجان تن جتن لئي.

[174]

تهڙا نه سڃاتم سپرين، جهڙا هوت هئا

تيلان مون پيا، روئي سَرَ اکين ۾.

[175]

ڏونگر ڏکويس ڪِينڪين، پنهون ڏکويس پاڻ

پهرين گڏي ساڻ، پوءِ ڇُلائي ويم ڇپرين.

[176]

ٻاجهائي ٻانِهيء تي، پرين موٽيا نه پوءِ

سورن گَڏِي روءِ، ٿِي آهون اوٺين لاءِ ڪري.

[177]

سَڄِيون راتيون سسئِي، جيلان نه جاڳِي

تيلان نڀاڳي، ڪري ڪيچي هليا.

[178]

ڄاڻي ڇڏي هليا، هُيس جڏ نه سجاڳ

تيلان ٿيو نڀاڳ، هن منهنجي حال تي.

[179]

مون ويٺي ئِي ويا، سُتِي ڀانيو هوت

هيسِ نه پنهونء پوت، تيئن نه جهليا جيڏيون.

[180]

اوٺِي اُٻهارا ٿيا، ڪا پروڙي مامَ

ڪرَهَن هِڻي ڪامَ، مون جاڳائي هليا.

[181]

سسئِي  سياڪو، ڪج مَ ڪيچين ساڻ

لڪائيندا پاڻ، تو ڇُلائيندا ڇپرين.

[182]

ساڙينِ آسُونهِين کي، جتن جا جَولانَ

اِيءُ، گولِي! ڇڏَ گُمانَ، جي ڀائين مِٽَ منهنجا.

[183]

ٻيون سڀ سکياڻيون سرتيون، مون ڏنائون ڏُکَ

سي سڀئِي ڀانئي سُک، مُون مٿي تي مَڃِيا.

[184]

ٻيون ڇنيون روئن سرتيون آءُ ڳنڍجو روئان ماع

ڪمتر لَهي ڪاء، سُڌِ انهي سور جي.

[185]

ٿورا ڪري ٿَڪِيون، ڏونگر جيئن ڏاڍو

تيئن وڌي مون ڪاڍو جئين، ڇني پير ڇپر سين.

[186]

ڪران ڏونگر چوٽئين، مرانجي جُهران،

ڀينر تاننه ڀران، ڇو تا ٿيان ڇپرين.

[187]

پُريين، پَڙاڏا ڪرين، توڻي ڏيين اُليرَ

ته ڪوهه ڄاڻان ڪن جِي، تون ڪميڻِي ڪير

اُنِ پرانهان پيرَ، تون اوري ئِي آهون ڪريين.

[188]

جِت سسئي سڌاريو، تت ڏوٿي ڏس نه ڏين

اُتَ نينهن نماڻي کي نين، پارانڀا پنهونء  جا.

[189]

مُئي جِت معذور، اُتَ ڏوٿين ڪهڙو ڏسُّ

پهريائين وِڃائي وَسُّ، پوءِ ٿي ڏوري ڏونگرين.

[190]

جو ڏيہُ ڏوٿين ڏوريون، اُتِ پيرِي نه پيرَ

تِتي ڏينهن نه رات ڪا، نڪا پَئي ميرَ

هِنئين اُتهِين هيرَ، لائِي ٻاروچن سين.

[191]

ڇڏي هليم ڇپرين، هڪ اُڳهين آسُونهين

تيئن دل اندر دونهين، ٻريم ٻاروچن جي.

[192]

هڪ جبل  گهڻو جهاجههَ، ٻيو اُچا ڏونگر لَڪَّ

ٽيو مٿان شَڪّ، ته ڀانيم اوٺي اهيئِي.

[193]

هوند نه پييسِ مامري، جي آمَڙِ نه ڄائِي

جيئن تو سامائِي، آءُ ڇُلِي پيس ڇپرين.

[194]

ڏوريان گهڻو ڏنگرين، جيڪر ڪريان وَسَّ

پر امڙ منهنجا گَس، جهوري واءُ  جهونا ڪيا.

[195]

هڪ جبل جاڏا اُڀريا، ٻيو جهنگل پوءِ جهَڪَّ

اچن اڻ سونهين کي، شِڪ گهڻا ئي شَڪَّ

سي لنگهيائيين لَڪ، ڪنهن سبب سان ”صديق“ چئي.

[196]

اکيون اوجاڳا، وڃي وِهائي آئيون

ڏسي نه ڍائيون، منجهان پسڻ پرين جي.

[197]

اکيون نه پَسَن پرين کي، سي اوڏائِي ڏُور

ڀَريون ڀُڻن سُورَ، مَعذوريون مُلڪَ ۾.

[198]

پُٺي ۾ پروان ٿي، پنوه کڻو پار

جني وڇڙيا يار، روئنديون سي رت ڦڙا.

 

صدا

روئي لائو مون، روئي لاٿو مون، اي جان جان ڏُک نه ڏونگرين

1- اڃان پاهڻَ پري ٿيا، تان ڏاڍڙي لڳيس ڀُون

1- هَنجهَنِ کڻي هَري ڪئي، الا ڪيچان اوري ڀون

3- ڪميڻي ڪيچين کي، الا رَبّ ميڙيندا  مون

4 سندو جيئڻ آسرو، الا مَنان لانو مون.

 

صدا

پُڇ ساٿي ٻنڌ سندرو، ڪندِي جان ڪهون، اي پچ ساٿي ٻند سندرو

1- ڏونگر ڏينہ ڏُجهارا، جتي پاپ پَهُون

2- ڪوڙيين مُيون ڪيتريون الا واڪي اُتِ وهون.

 

صدا

ادا هئي ڏونگَرَ مون سِين ڪَرَ مَ هيئن،

مون سين ڪَرِ مَ هيئن، آءُ جا نماڻي ڪِي نينهن

1- لُڪُون لڳن ڪوسِيُون، ڏاڍا تپن ڏينهن

2- پير نه ڇڏيان پرينء جو، آءُ ساههَ ورندي سيئن.

 

صدا

مون سين موٽڻ جي مَ چورِ، اي آيل

1- هلان هاڙهي سامهون، ويهان تان نه ڀنڀور

2- اي آيل سڳر لڳِي آءُ تاڻي رسان توڙ.

صدا

 

تون جو وڃي ڪيچ ڪَهِي، هو ادا ڏيج پارانڀو پرينء کي

1- آءُ ڦوڙائي مارِي، بر سگهان ڪين سَهِي

2- ڪرڳر ڪَچيءَ تَند جيئن، سگهي ڪين سَهي

3- چُڪِيءَ مٿان ڪيترا ويئڙا ڪانگ لِئي.

صدا

ڏوريندي آءُ مانَ ملان، آيل ٻاروچن کي

1- پاڻي کڻان نه پاڻ سين، مون کي سمر سور گهڻا

2- سُورن ٻڌيو سندرو، آءُ مٿي راهه رڙِهان.

 

صدا

ادا پنوهار، پرين منهنجا، اي ڪي گڏيئي ڪوهيارا ٻاروچا

1- گهڻو اچڻ ڇڏيا مون ٻَهَر ڀنڀوران.

 

صدا

مون کي آيل آيل مَ موٽاءِ آءُ ماء ته ماڳَهِين مران، اي آءُ پرين پڄاڻا

1- هينئڙي ۾ هوتن جِي ڳالهه ورتِي ڪاءِ

2- آءُ ٿي ڏونگر ڏوريان، سپيريان جي ساءِ

3- سپيريان جي سُور جا چڪيا چاڪ مَنجهاءِ

4- آيل اهڙي اکرين نيڻين ننڊ ڪياء.

 

صدا

مون کي آيل پاءِ م جهَلَّ، آءُ هلي ملان هوت کي

1- پرينء جي پسڻ جي هينئڙي هلو هلّ

2- ڏونگريا ڏيهه ويا، سُورن ڏيئي سَلّ.

 

صدا

مون کي وروُنۡہَ ويروتار ويروتار، اوهينئڙي منجهه هوتن جي

1- جهڙي صورت سِجَّ کي، منهنجي پرينء تهڙا پار

2- جهڙي سِڪَّ سڄڻ جي، او تهڙي تانۡ ترار.

 

صدا

ڀورِي آمڙَ ماء منهنجي مون جيئن، ڏک نه ڪيئِي ڪيئِي

لَههُ لايو نيڻن نيئي، آءُ جا ويندڙي سنئين سنئين

1- هينئڙو واريء مُٺِ جيئن ڪر ڪِريو ڪيئن ڪيئن

2- هينئڙو ڏاڙهون گُل جيئن روئِي رَتُم ڪيئن ڪيئن.

 

صدا

ٺَڪَرَ ماء پيرَ تَرِٽيا، سا منڌ ڪنگُوءَ ڪور

1- ڇَپَرُ کٿورِي ٿيو، ڪر تازڙي ڦُلن ڦور

2- اچن پرهه پتنگيا، ڪريا منهڙا ۽ مور.

 

صدا

ڪر نه هئڙا هوتَ، ماء منهنجي نِجهري

ڪُٺڙِي ٻاروچن، هاءِ هاءِ هاڃو ڪيو هوتن

1- ماء منهنجي من سين، مون کي سمهڻ سور نه ڏين

2- مون وٽان هاڻ ويو، ڪاتي تان ڪُٺن.

 

صدا

مون کي جڏڙي ڀانئي ذات، آيل آيل ڇڏي ويا ڀنڀور ۾

1- ڪُهِي   ڪميڻي هليا، ڏيئي ڪرنگهه ڪات.

 

صدا

چُڻڪن ٿا چانگا، ڏيهه ڏوراڻي وو ڏيهه تي

1- ڏونگر گهڻا ڏيهه ۾، او آهن اڙانگا

2- مُنجهِجُ مَ معنيٰ ۾، ڇڏ صورت جا سانگا

3- ڏور پراهين پنڌ کي، لاهي سڀ لانگها

4- اکيون کڻج اوڏهين، او ڪڍن جيئن ڪانگا.

 

صدا

ڪو ڏوٿيا! ڏَسُ ڏهو، هو ادا! مون پرانهين ووپنڌ جو

1- آءُ اسونيهن آهيان، وو سُتي سات ويو

2- پانڌي کڻان  نه پنڌ سين، او مون سين سُور سِهو

3-  اڃان پُرنديِس  پٽيين، او وَٺِي نينہَ نِهو

4- ”صادق“ سُونهان اَڳَ ۾، او مون سين پَٻَّ پَهو.

 

صدا

ڀورِي اَمڙَ مائي، مون سين مَ ڪر ويهڻ وائي

پاڻان پَلي پري کان، ڪهڙي ڪريين سڳائي

1- مون ته نماڻيء سان تو کِجڻ کپت لائي

2- ڏيلُ جنهن جو ڏکيو، رهيا سُورَ سمائي

3- هئي سِڪّ سڄڻ جي، رَندَن رلائي

4- ”صادق“ طعني تن جي، هاري هلائي.

 

صدا

اڃان اي ڏس ڏيندا، جيڏيون منهنجي درد جو

1- ڏونگر هِن ڏکيء سين، ڏکن ڀائِي ٿيندا

2- کنيو پار پنهونء جا، مون سين رندن ۾ روئيندا

3- مون مُئِي مٿي سُپرين، آريچا ايندا

4- اڳ نه ڇڏيائون ڪنهن کي، مون کي ڪيئن ڇڏيندا

5- منجهان مِهَر مريض کي ”صادق“ سي سڏيندا.

 

صدا

ڪرهل ڪِيمَ ڪُڏايو، هو ڏيرَ! ڪرهل ڪِم ڪُڏايو

1- آءُ پيادِي، پنڌ گهڻو مون ڏي واڳ ورايو

2- ڏُکي ڇڏيو مَ ڏونگرين نيئِي مُحِبُّ ملايو

3- نياپا نينہَ گاڏئان، پُنهَلَ کي پهچايو

4- چُڪِي چاڙهيڪن ۾، رندن ڪِيم رُلايو

5- آهيو ”صادق“ سُپرين، هي مانَ لَڪّ لنگهايو.

 

صدا

اوڏونگر ڏِنِئِي ڏک، ڏنئي ڏکّ، او اسان اَسونهين کي

1- گونگَنَ گس وڃايئي، ٻي لڳايئي لُکّ

2- جَبَلَ جاڏايون تنهنجون، سڀئي ڀانيم سُکّ

3- جيئن تون پير تر هٽيين، تيئن تان وَڌي وِکّ

4- ”صادق“ سڪان سڄڻين، ٻي ساريان اُڃ نه بُکّ.

 

صدا

ٻانهي ٻاروچن جي آهيان اهڙي منهنجي ذات

1- هلان هٿان ان جي، اُهي آهن ساٿ

2- نه هَڙ نه هَنجَ ڪِي، نه مون هئو هاٿ

3- چُونم تيئن چُئان، اي پڻ اُن جي بات

4- جي اڳهون ڳَدَمُ آهيان، ناهم وائي وات

5- پورهئي ڪئي نه پَڙان، ڏينہ سڄو ئي رات

6- ”صادق“ رهن سپرين، جي مَري ٿيين مات.

 

صدا

اوٺي آڳاهان ويا، ڏونگر چڙهي ڏير

1- سُورن ڀريو جندڙو، تازا ٻيئي پير

2- اچنم جوش جتن جا، ڀَتوڀَتين ڀير

3- ڏکن گڏي آهيان سونهان  ٿيا نه سير

4- اُلَهِي اونداهو ٿيو، آيل ٿِي اَوير

5- ”صادق“ سهسين سِڪي ويا، تون نماڻي ڪير.

 

صدا

اوٺي آهين اوڏڙا، ڏونگر ڀانءِ مَ ڏُور

1- ساٿِي ڏيندءِ سَڏڙا، مُنجهِي ٿيءُ م ملُور

2- ”انّ مَع العسرِ يّسراَ“ متان موٽين مُور

3- دانهون جان ڪي درد جون، ”صادق“ رههُ صبُور.

 

صدا

ڪيچي ڪين ڳنڍين، سَڱَ سياڪا سينڌيون

1- آهينِ اٻاجها اَڳَهِين، سي نماڻيون نه نين

2- مون ائين ڀانئيو، مون کي تان نه ڇڏين

3- ”صادق“ سدائين ساهه سين، ويٺيون وِرِههَ ونڊين.

 

صدا

ربّ صاحب سائين آهي، متان ڪا سينو ساهي

1- حڪم حاڪم هٿ ۾، ڪام وٺيو ٿو ڪاهي

2- موت موراهين نه ٽري، ڪي ڊٺا ڪي ڊاهي

3- ”لاحَوۡلَ وَلاَ قُوّةَ“ ڏس ڏنو اي ڏاهي

4- ”صادق“ سسِي سڀ ڪنهِين، ”لا“ سين وڌائين لاهي.

 

·

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org