سرسامونڊي
صدا
ته هوند مون کي ماء تان نه پلي، هوند مون کي
ماء
جي هوند اوري ووءڙي هوتن سين، ماء دوستن سين
1- وِهڻ واٽڙين تي هوند پانڌي سڀ پڇياء
2- پارانڀا پانڌين کي هوند رويو رڄ ڏناء.
بيت
[1]
آءُ ٿي اوسَههَ پائيان، تون ڪر موچارو فال
جو وڻجارو ئي لال، سو ڪڏهن ايندو مان گَهرين.
[2]
ڪڏهن ايندا مون گهَرين، اُهريا جي اڄ
پريان سندي هن پار ۾ وڃي دنگي ڌڄ
سامونڊيء ڪو ڏنجهه، ماء ماريندم ڪڏهن.
[3]
سامونڊين سڙهه ڇڪيا، ڏٺي ڏياري
اوچتي اُتر جي مٿان مُندَ آئي
وڃڻ جي وائي، ٿي مُلا معلم مون سُئي.
[4]
سامونڊين سڙهه ڇڪيا، لڳن اتر بُوءِ
ننگر ويڙهي ناکئا، ساڄا ٿيا صبوح
سڀ سِڻائِي جُوءِ، تن کاري کيڙائن جي.
[5]
سامونڊين سڙهه ڇڪيا، لڳن اُتر باس
ننگر وڙهيا ناکئين، هڏ هنيائون هاس
اندر مون اُداس، تن کارِي کيڙائن جِي.
[6]
سامونڊين سڙهه ڇڪيا، لڳن اتر هِيرَ
ننگر ويڙهي ناکئا، ٿيا سڻائِي سِيرَ
اندر مون اُڪيِيرَ، تن کارِي کيڙائن جِي.
[7]
مِٺي مور نه موٽيا، کاري کيڙائُو
سوڍو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو
موتي جي مهراڻ جا تن جا طمعائو
سامونڊي سائو، لنڪا لُٽي آئيا.
[8]
سامونڊين سڙهه ڇڪيا، اڄ پڻ وڄن گهنڊ
ننگر ويڙهي ناکئا، کِڙيا مٿي کنڊ
اندر مون اُڪنڊ، تن کاري کيڙائن جِي.
[9]
لئي لڪاء جي اُهريا، سي لڪاء لڪاء ڪن
سڻي سور لَڪاء جو سُک نه سامونڊين
وَهُون وڻجارن جون اُڀيون رَتُ روئن
وڏي ڀاڳ ملن، جي اُهريا ڪارونڀار ڏي.
[10]
اُهريا ڪارنڀار ڏي، ڪري غواصي غور
پيهي ويا پاڌار ۾، ڇڏيائون شر شور
تاڻي اِنهي طور، ماڻڪ ميڙي آئيا.
[11]
جيئن ڪَهَن ڪارونڀار ڏي، ايءَ غواصن گَتِ
پيهيِ ويا پاتار ۾، پوري رکي پَتِ
انهيءَ ئِي اُپت، سمنڊ سوجهي آئيا.
[12]
محبت ڀَري مَڪُرا، جهاز جَڙيا جن
سٽائي سمونڊ جو، پَرو آهي تن
اُهريا اُو عميق ڏي، ٻيون ڏيئي ٻَن
ڪارونڀار ڪُنن، سمنڊ سوجهي آئيا.
[13]
محبت ڀري مڪرا، جهاز جوڙيائون
ڪيائون سَيرُ سمنڊ جو، پُڇِي پُوريائون
جنهن ۾ اَمُل سپجي، سو معلم ماڻيائون
آڻي ڏنائون، هيرو لعل هٿن سين.
[14]
جر جهاز مڪرا، آءُ ٿي ننگر نهاريان
ساريو سامونڊين کي تڙ تڙ تنواريان
آءُ گوندر گذاريان، ويا وڻجارا اُهري.
[15]
ويا وڻجارا اُهري، جَر سَر نه ڪن جڏ
مون کي وجهِي گوندرين، پاڻ ٿيا لهريين گڏ
سامونڊيڪا سڏ، ڀاڳ سڻنديس ڀينرون.
[16]
ويا وڻجارا اُهري، تڙ نه تنوارون
ڏيئي ويا ڏيل کي سورن سنڀارون
ڪندي مون ڪارون، رات نه رهيا هيڪڙي.
[17]
رات نه رهيا هيڪڙي، ڪارون گهڻئِي ڪيام
وڻجارا وٽام، آيل ويا اُهري.
[18]
سڄڻ هليا سنئين، ڇڏي جوڀن ڏينهن
رئان رهن نه راتڙي، آيل ڪريان ڪيئن
مون کي چاڙهي چيئن، پرِيَن پڳهه ڇوڙيا.
[19]
ور وڌائين ونجهه کي، الوڙڻ، نه ڏيہ
چي: ايڏي سفر سپرين وَڃُ مَ ڦوڙائي
لائي مون لائي، رهه اڄوڪِي راتڙي.
[20]
تون ونئن وهلي نڪري، ننگر جان نه کڻن
مڇُڻ ڏيهه وڃن، ناريون پوري ناکئا.
[21]
پڳهه کڻي پنڌ ٿيا، ننگر ۽ ناريون
بندر بازاريون، سڃيون سامونڊين ري.
[22]
گهڻي کٽيي کان گهوريو، سامونڊيڪو سنگ
جنهين سندو ٻنگ، هنيين هڏهين نه لهي.
[23]
مَنُ اُهلي نه اُهريو، ننگرنئون نيڻن
سَٻاجهي سيڻن، کڻڻ سان کڙو ڪيو.
[24]
وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون، جَرَ تڙَ ڏيا ڏي
اللہ ڪانڌ اچي، آءُ آسن ڀري آهيان.
[25]
آيل سنگهارن جي پڳهه پاسي گهار
وجِهي جيءُ جنجار، مڇڻ وڃنئي اوهري.
[26]
آيل سنگهارن جي، پڳهه پاسي پَچُ
مَن ۾ ٻاريو مَچُ، مڇڻ وڃنئِي اوهري.
[27]
پڳهه پاسي ويهه، آيل سنگهارن جي
جيئن تون وِکَ کڻين ويسلي، هو پوريندا پرڏيهه
سمنڊ جن ساڻيهه، تون ڪوهه نه ويين ان سين.
[28]
ٻيڙيءَ ٻئي هٿڙا، پڳهه پڄيو روءِ
سامونڊي سندوءِ، مون ڏَنءُ ڏينهاڻي نه لهي.
[29]
ڪانڌ پنهنجو مڪرو، ’هو‘ ۾ کڻي هلاء
اولا تنهن کي عشق جا، سهڄاڻ ساز سنڀاء
وچان سڀ وڃاء،لاڄُو جي لباس جا.
[30]
ڪانڌ پنهنجو مڪرو ’هو‘ ۾ ڇڏ هڻي
اولا تنهن کي عشق جا کوها پاءِ کڻي
ته منجهان تِک تڻي، پار پهچين سڄڻين.
[31]
ڪانڌ پنهنجو مڪرو، ’هُو‘ ۾ ڪاهه ڪَهِي
اولا تنهن کي عشق جا لائج ساز سَهِي
ته منجهان وَههَ وَهِي، پار پهچين سڄڻين.
[32]
ڪانڌ پنهنجو مڪرو، پَههَ پريان جي پُور
ساڄو ڪر سُکان کي، منجهان عشق اُور
ته ماٺو پوءِ نه مُور، پار پهچين سڄڻين.
[33]
معلم سکاڻين کي، اُڀو سڏ ڪري
لڳو وَههُ واڪا ڪري، تِکو منجهه ترَي
مُنهين آئي مڪري، پسو پير ڀيري
وکر سو مَ وري، جو پاڻ پراڻو چاڙهيو.
[34]
معلم سکاڻين کي، اُڀو ڪري سَڏَ
تان نهاري ناکئا، ٻيڙي ٻڌو اڏ
تري هيٺ تراز جي، ڪري ڪڙڪا ڪڏ
کوهي کيڙائن جي، جرس مَ پوءِ جڏ
مال پنهنجي مڏ، پاڻ پراڻو چاڙهيو.
[35]
معلم سکاڻين کي، سڏ ڪريو ٿو چوءِ
ٻيڙي ٻاتاڙِي ٿي، مٿي ڍنگهه مَ ڍوء
جانڪيو جن جهاز کي، ويا اُڀي اوء
تنهين وَکُ وَٽُ مَ پوءِ، جو پاڻ پراڻو چاڙهيو.
[36]
پاڻ پراڻو چاڙهيو، وکر وڻجارا
سُڄڻ ٿا سونڊ جا، آڏا اوڀارا
اچي ڍنگهه ڍرڪيا، پيڙي به ٻارا
جاڳو جي يارا، ته تڙ توائي نه ٿئي.
[37]
سکاڻيا مَ سمهو، بندر جان ڀَئي
مهندان ڪپر تو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مَهِي
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
[38]
ننڊ نه ڪجي ناکئا، مُعَلِمين چيو مُها
اتر جي آرا، ته ڏَنِي جهلڻ ڏاکڙو.
[39]
جان پورئين ٿو پرار، تان ڪج سڙهه جي سنڀال
مئي متي مهراڻ ۾، لهرَ سڀڪا لال
کڻج منجهه خيال، مڇڻ معلم ٻوڙيين مڪرو.
[40]
جان پوريين ٿو پرار، تان سکان جهل ساڄو
مئي متي مهراڻ ۾ لهَر جو لاڄو
تن جو سفر سڀاڳو، اَمُل اُپائيو.
[41]
پرار جن پُوريو، سي اوري ڪيئن اُڀِيَن
سکاڻيا سمنڊ جي سُڪي ڀر سِڪن
ٻَهُون ٻيڙياتن، محڪم جهليا مڪرا.
[42]
محڪم جهلج مڪري، مَل مهاڻا ميِرَ
ساري ان سکان کي، ڪوڏ هڻائج ڪير
ويندي وڻجارن جي بندر ڏانهن بهير
گهر انهن جي کِير، لانگهو جن لنگهائيو.
[43]
محڪم جهلج مڪري، مون تو چيو ڪانڌ
جي سڙهه پراڻا پاند، ته لهريون سهي نه لنگهبيون.
صدا
اي آيل جان جيان تان ساهه سين سُران
پيچري پيچري پرينء جي.
1- هيجان جهلي هٿڙا، گهوري گهوري آءُ پنوہ پياريان
2- ٻڏا جي ٻانهين جا، گهوري گهوري ڪيچين سان ڪريان
3- نِڌَڪ ٿيئي جندڙو، گهوري گهوري آءُ مري تان نه
وڃان.
صدا
جيڪي آيل جيڪي منڌ ڪري،
جيڪي آيل جيڪي منڌ ڪري.
1- ويچاري لاءِ سڄڻين، سا چڙهيو چاڙهيڪا ڏي
2- اکيين ڏسان اوٺين کي، آئي کيهه ڇنڊي
3- چکيم ساءُ سورن جو، ڪيچي سيڻ ڪري.
صدا
آيل آيل جڙ جِنَجڙي جيءُ جياري
اي ووء ووء سي ڪيئن ويهان هوت وساري
1- سڀ ڄماندر گهاريو مَنَ وِرِههَ سين ويچاري
2- ڏک لاهينديس ڏيل جا آءُ ان جي اوتاري.
صدا
جو مان اندر گهٽ، اي جو مان اندر گهٽ
سو آءُ سور سلايان پنهنجو ڪن کي
1- ڪانڌ نه ٽُوئي سمهين، ووء ووء ووء ڪا منجهين
گهٽ
2- ساڌن پاپي پانهنجي، ووء ووء ووء ڏيندڙي ڍول آهٽ
3- مان ٿئي پراڻي پڊ ۾، ووء ووء ووء جا بر مٿان بٺ
4- ٻيا تن پرين ري، ووء ووء ووء ”ڦتُو“ چئي ڦٽ
5- تون ڪيئن اچيو تن سان، ووء ووء ووء اَڀري ڪرين
اگهٽ.
صدا
ويندي ويا جماج الو، اي هو توکي ساريندا ويا هو
1- اور ڪا ترس نه هون تان ڀوري ڀوري
پهه پروڙي ڪوهه نه نڪرين.
صدا
جي مون ڄاتو ته ڪي آيل هوت هلندا
ته اکڙيون آب ڀري هوند نيڻ ورايم ننڊ جي.
1- تان ڪو ڏونگر ڏوريان جان ڪره اندر ساهه
2- تان ڪو واس وِهايان آء پاروچن لاءِ.
صدا
پريَن جي پنڌان، مون کي جي جهلينديون، سي نه
ٻجهنديون
ساٿيئرا او ادا وندر ويلو، مان ڪو ڪن وندر ويلو
او ادا، ڪر ڪا ڳالهه سنديانِ
1- تان ڪو ڏونگر ڏوريان جي پرين مون پنڌان، ساٿي
لو....
2- مان ميڙائو مون ٿئي ڪو سڳر ۾ سيڻان، ساٿي
لو.....
3- آءُ پيادي پَٽئين، هو سر جماجن، ساٿي لو.....
4- آڻي لاٿيون اوٺئين لڏون ڀر لڪن، ساٿي لو.....
5- ٻڌيون ٻاروچن کي سونهريون سونهن، ساٿي لو.....
صدا
آءُ ٿي وندر وڃان لوءِ، مون کي تا م جهليجا جيڏيون
آءُ ٿي ڇپر وڃان لوءِ، مون کي تا م جهليجا جيڏيون
1- اچي دونهون دَنڪيو ڪوهياري جو ڪوءِ.....
صدا
جاڳو يارا جيڏيون، سيڻن سچ سکجي
1- مٿي اَهسُ اُسري پتنگ جيئن پچجي
2- سر پنهنجو سٽ ۾ جوتي جيء ڏجي
3- پريتڻي پرينء جي وچان پاڻ وڃجي.
صدا
سا آءُ آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينہ آ، پليو نا
رهي
1- اُڏوهيء جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيء سيئن
پاڻ پهتا ڪيچ کي، مون کي چاڙهي چيئن....
2- جا جڙ لڳي پيڙئين، سا جي لڳي نينہ
ته پرت پراڻي نه ٿئي، جڳ ڄماندر سيئن....
صدا
ڌار دل جي دنگي، اي ميان! ڌار دل جي دنگي
ته تون لحظي وڃين لنگهي، اي هو پڳهه پائي پرت
جو
1- جي پاسنئون پاڻي وهي ته تون چيت ڪر چورنگي
2- پڙهيا پنڊت پارکُر اُتي سهسين هئا سنگي
3- جت اونهايان اونهون وهي، اُت آيا ڪي اڙٻنگي
4- هٿ ۾ آئي تن جي جن وٺِي ورهه سين ونگي.
صدا
اي هو پڳهه پاءِ پنهنجي مڪري، او مڇڻ ڇوهي ڇنائي
1- لئي لوڀ ويڙا لڏي، پڳهه ڇو ٻيڙي ٻڏي.
صدا
ستا مرندين سور، جو تون پَههَ پريان جي ويسلو
1- توکي خواب خوش ڪيو، وهمن ڪيئي وهلور
2- کٽيو هونهين گهوريو، مُٺا وڃاء مَ مور
3- هي نه وطن تنهنجو، تون ڏکيا ويندين ڏور
4- مٽي وسائي منهن تي، پار پريان جي پور
5- متان ”صادق“ سپرين، ڌڪي ڪنئي دور.
·
سرکنڀات
صدا
ڪا هِنئين سين لاءِ، ڀلو ڀوري ماء
ماء مون ڪيئن جهَلُون پائيين.
1- جهلُون پَلُون پائيين، مَت نه آڇين ڪاء
ڀلو ڀوري ماء.....
2- آلي پٿر سمهي آيل مون جيئن نه ويرا......
3- ڏينہ گهڻيرا سنڀريين، آءُ ٿو پڇان ماء......
4- واڳي هيُس ور سان، گوندر ڪين گڏيا......
5- هيءُ سور ٻاروچن جو مُئي لهندو ماء......
6- اُڀيان تان نه اُڀري، ويهان تان نه وِهاء......
7- سجُ سڪندي اُلهي، روئندي رات وهِاء......
8- ٻيئي جا پرينء ري، سا ڪيئن رات وهاء......
9- جيئن ڄر ڄيري وچ ۾، وڃي ۽ واجهاء......
10- ڪِي ڄَرَ سندي سڄڻين، ڪي تَڙَ تتا ماء......
11- هِي سور ٻاروچن جو مُئي لهندو ماء......
13- ويو ٻاروچو نِڪري سور چکائي ساء.....
بيت
[1]
تو ڏنهن گهڻو نهاريان، تارا تيلاهين
منهنجو سڄڻ جيڏانهن، تون تيڏاهون اڀرين.
[2]
لڏيو لائي اڀري، تارا تيلي روء
جهڙو تون صبوح، تهڙي صافي سڄڻين.
[3]
جي تون مٺيان نه ڀانئيين، چنڊ چوانء سچ
ڪڏهن سڄو اڀريين، ڪڏهن اڀرين ڳچ
جهڙو تو منجهه مچ، تهڙو پدم پريان جي پير ۾.
[4]
جي تون مٺيان نه ڀانئيين، ته چنڊ چوان تو حق
ٻه اکيون ٽيو نَڪُ، تو ۾ ناهه پيشاني پرين جي.
[5]
چَنڊ منهنجو سپرين، تارا ٻيء ڌُڻي
اَٺاري عالم ۾ منهنجي ساڄن سونهن گهڻي
وڃن سي مَ کڻي، مون تن واڳيو جن سين.
[6]
چاري جو چيو ڪري، آيو چنڊ چڙهي
جت ڏٺائين پرينء کي آيو اُتِ اڙِي
ويو ساهه سڙِي، ”کٽي“ چوءِ، کرن جو.
[7]
پرين جون پرڏيهه ۾، چنڊ چڻنگون پُون
جکر تن جانن کي راتو ڏينهن روُن
سڄڻ سُکي هُون، ته آءُ ڀال ڀلي جا ڀانئيان.
[8]
مون ساريا سپرين، شاخون لڪيون چنڊ
مَنُ اُڊڪي اُٿيو، نيڻين ڀڳي ننڊ
نڄاڻان ڪنهن منڊ، منهنجا پرين ورائي جهليا.
[9]
اڀر چنڊ، پَس پرين، تو اوڏا، مون ڏور
سڄڻ ستا ولِههّ ۾ چوٽا ڀري ڪپور
سي ڪيئن سڄڻ ڏور، جي سدا چڻڪن چِتَ ۾.
[10]
سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن
باللہ رِيء پرين، سڀ اونداها ڀانئيان.
[11]
اونداهي اڌ رات جو، پرينء ڏيکاريم پاڻ
چنڊ تارن ساڻ، پيهِي ويو پڙلاء ۾.
[12]
اُڀرندان اڇو ٿي، چنڊ تو منجهه چانت
جيئن اڇو تون منجهه رات، تيئن سڄڻ نت سوجهرا.
[13]
نايو ناگيليون چري، پير نه هڻي پرنگ
چندن جا چوپا ڪري، کائي نه کٿوري سنگ
لکين مَٿي انگ، مَيي کي محبوب جا.
[14]
چندن جا چوپا ڪري، کائي نه کٿوريء ٻور
مَيي کي مذڪور، ڪنهن پرانهين پنڌ جو.
[15]
چندن جا چوپا ڪري، کائي نه کٽڻهار
اگر اوڏو نه ٿئي، لهي نه سرکنڊ سار
لاڻي جيء لغار، ميو متارو ڪيو.
[16]
تيئن هيڻو هڏهين نه ٿئي، ڪنهن جنهن ڍريو ڍار
اڱڻ آيو نه ڪري پاهوري پچار
جيڪس منجهه قطار، ڪا ول چِنائين وِههَ جي.
[17]
ڪاول چنِي ڪرهي، ڪچي ۽ ڪڙِي
وجهي وات نه وڻ کي، آيو چهنگ چري
سنهون ٿيو سڙي، چانگي چرڻ ڇڏيو.
[18]
چانگي چِنو جن سين، سي وَڳَ به ويا وَهِي
رهيو سُور سَهِي، پاڻان پَههُ تنهن کي.
[19]
چانگي چِنُو جن سين، سي وَڳَ به وِيا ڏور
ڀريو ڀئي پور، پاڻان پَههُ تنهن کي.
[20]
نوَ نيّرَ، ڏَههَ ڏانوڻيون، پنڌرهن پينڍ پياس
بَگهاڙيون بغلن ۾، لکين لوهه لڳاس
جڏهن سڄڻ سنڀيرياس، ته ڇِرڪ ڇِنائين هيڪڙي.
[21]
ڪيئن ڀِنڀوليين ڪرها، ڪَنِي ڪامِڻِ ڪياءِ
اکين مٿي اکيا، پِڙ ۾ پير گَٺاء
وَڳ ڪيئن وسرياءِ، ٻڌو جيئن گهاڻي وَهِين.
[22]
اکين ٻنهي اَکيا، ۽ پاسن ٻنهي نوڙُ
جن سِين هئين جوڙ، سي وڳ ڪيئن ويئڙئي وسري؟
[23]
نڪو ڪامڻ سنڀران، وَڳ نه وسريوم
لکيو اڳ هئوم، پَڌو تي گهاڻي وَهان.
[24]
سيني سنگهر رُڪَّ جي، ڳچيء ڳاري ڳَٽَ
ڏانوڻَ ڏايو نه رهي، وِهي نه وَڳن وٽ
اهڙو ليڙو لَٽَ، جو ڪُجُوءِ جا ڪَکَ چَري.
[25]
جان مان مکريون چاريان، جيڪر ليمي جاءِ
تان ڪڌاتورو ڪرهو، لِڪيو لاڻي کاء
مئي سندي ماء، مون کي ڳالهين ڳورا ڪيا.
[26]
ڪرهي ڪچيء ول جي، بوتي آئِي بُوءِ
تنهن اڪن مٿي اوجهري، رنگ وڃايو روءِ
اُٿي جي صبوح، ته چانگو چندن نه چَري.
[27]
چڙهي چندن چوٽئين، ليڙي ڇني لام
ڪرهو ڪنگورُيٽ جي، ماڻي آيو مام
پريت جا پيغام، سي ڳُجِهه ڳرهي ڪن سين.
[28]
ڪرها ڪنگُوريٽ ۾ لکين سوين چَرَن
جاڳِي جن ورائيا اڱڻ تن ٻَجهن
اتان ويسلين هٿ، نه آيو هيڪڙو.
[29]
ويلو ڪَر مَ وِچَ ۾، هل هڪلي ڪاهه
ڪرها ڪنگُو ريٽ ۾ واڪا ڪيو وراءِ
مڇڻ ٿئي اونداهه، پير نه لهيِن پَٽَ ۾.
[30]
وکون وِجههُ وڌنديون، ڪرها ڪسر ڇڏ
هيڪر حبيبن سين مون کي نيئي گڏ
مَڇُڻ پونِئي هڏَ، آهون اُڪنڍين جون.
[31]
مَيو ماڻي آئيو، ڪِي جو ڪيڏانهين
راتو ڏينهان روح ۾، ٿو تاڻي تيڏانهين
اکيون اوڏانهين، منهن مٿاهون نه کڻي.
[32]
ميو ماڻي آئيو، ڪِي جو وڃي ڪالهه
تنهن ول سندو واپري ٿو لڙڪ وهائي لعل
سندِي ڦلن مالهه، ڦوڪاريو ڦِٽي ڪري.
[33]
مَيو ماڻي آئيو، ڪِي جو ڪنهين ڀَتِ
راتو ڏينهان روح ۾ مَيي سائِي مَتِ
چندن ڪيائين چِت، ڪانڊيرا ڪين چَري.
[34]
کٿوريء ڏار چري، ويهي منجهه وَڳَ
ماء منهنجي ڪرهي پڌر پڳ نه لڳ
جڳ سان جيهو جڳ، هنيين سان هُت چَري.
[35]
جتي ڪروڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پَنُ
تيئان ڇاڻي ڇڳيون، مَيي رتو مَنُ
تنهين سندو پن، ڪوماڻو ڪوڙ لهي.
[36]
تون صبح ڪريين سوجهرو، تارا تنئين تمام
مون کي ٿو مارئين، وجهين درد دام
ڪٺيون جي ڪلام، صورت سَڃ نه تن کي.
[37]
تارا تعلق اُڀَّ سين، اڃان تو آهي
پرهه ٿئيين پڌرو، منجهان ڪنهن ساهي
مون جيئن نه آهي، ڪو وِرَهُ سندو سڄڻين.
[38]
ڪاهي ڏسين ڪَههَ ۾، ميان ٿيء مَ ملُور
منجهان پرت پُور، مَرُ متارو ٿئين.
[39]
سائي سُڪي ڪينڪي، ڪرهي ڏٺِي ڪيئن
چکيندي چريو ٿيو، نهوڙي نيو نينهن
هاڻي ٿو هينئن، پَسي وِههُ ان ول جو.
[40]
توڏي پير ترٽيا، راهه ۾ پيئي رات
چانگي ڏيئي چات، وڻ مٿان موريا.
[41]
ڪنهن پر آهي پنڌ ۾، ڪامن ڪڏايو
ڪي جي پَههَ پرينء جا، پروڙي آيو
چرِي نه ڍايو، وَڳَ ويچاري وسريا.
[42]
متان وهامي راتڙي، ڪرها ڪاهيو ڪاهه
مون سائِي ساهه، تون پڻ سانگي ساريين.
صدا
اسان سندِي ڪا ماء تو پروڙي ڳالهڙي
1- جنهين پر اُڀي آڇيين، آيل سندا سکن ساءَ،
اي ماء تو پروڙي ڳالهڙي......
2- مرضيء مرض نه وسري، آيل سهسين سُکَ هئا.....
3- وِرَههُ ڪري وِرِيُون، آيل کاڌوڙين جيئن
کاء......
4- جيئن ملايم نه پهچي، آيل ڀريو نه ڀالي
گهاء.....
5- سَنڌيون سورن ڀريون، آيل هنئين هَريا
گهاء......
6- ڦٽيل کي فراق جو، آيل ڪو جو لڳو واء......
7- ”صادق“ سور پرين جا، اندر روح رهيا......
·
سرليلان چنيسر
صدا
الا الا مون کي ڍولو مَ ڍيلي، ڍولو ڍيلڻ سنديون ٿو
وايون ور ڪري
الا الا مون ڀانيو تون ڍولو، هو تان تون پرڏيهي
پَهِيڙو
1- نالي تو سُياس، نالي تو سُياس هو، سِڪَ سپرين
محبتي مياس
هيڪر اچي پس مون......
بيت
[1]
جي تون سوڀي سِکي، سي ليلان حيلا ڇڏ
پائي پاند ڳچيء ۾، تون پاڻ غريبن گڏ
رَتي رَههُ، رنگريز چئي، گهڻو سٻاجهي سڏ
لِکَ نه چرندي لَڏ، جي ڪارون آڙيون ڪانڌ کي.
[2]
ڪارون آڙيون ڪانڌ کي، ته تون روئي ريجهائيج
سوڀِي اِن سُهاڳ کي ڀُلِي ڀَرُ مَ ڏيج
ليلان ليلائيج، آهي ماڳ منٿَ جو.
[3]
آهي ماڳ منٿ جو، حُجت اٿم ڪانه
تَنَ ۾ طلب تنهنجي سدائين سُلطان
مُنڪَر مري مانَ، آسروندي آهيان.
[4]
داغ تنهنجو داسڙا، جوءنري مٿي جن
تون ڪيئن مٿان تن، چنيسر چِتُ کُڻَين.
[5]
آءُ اوهان جو آهيان، آن کي ڍيلي ڪير
لکئي وڌم وير، ته سِکن مانَ سهاڳڻيون.
[6]
ڪوڙيين ڪَيُم، ڪيتريون، مٿي در دانهون
تان اُنچو سڏ سهاڳ جو، آهي اُتانهون،
جيلان اگلّي آءُ، تيلان ڍوليو ڍيلڻ جي ڪري.
[7]
چنيسر جي راڄَ ۾، لکين ليلائون
اُڀيون اُو ارداس ۾ ٻڌي سڀ ٻانهون
جيلان اگلي آءُ، تي ٿو ڍوليو ڍيلڻ جي ڪري.
[8]
چنيسر تنهنجي راڄ ۾، لکين ليلائِن
مون کي ڍيل مَ ولها، توکي سهسين سِڪَن
جنهن جي ڪانڌ ڪکن، تنهين سُهاڳ ماڻيو.
[9]
متان ڪا مُنڌِ ڪري، چنيسر سان چاڳ
جان مون ڪري نهاريو، تان ايء نَمائِي ماڳ
ڏمريو تي ڏهاڳ، ٿو سِگهو ڏئي سهاڳڻيين.
[10]
متان ڪا منڌ ڪري، چنيسر سان چاءُ
ڪانڌ ڪنهن جي نه سَهي، وڏائي ۽ واءُ
تڙيو ٿوڙيء تانءُ، ٿو دوس لڏائي داسڙو.
[11]
تو در آيس داسڙا، اڳاهين اُڪير
تَن ۾ طلب تنهنجي، سڪان منجهه سرير
ڏيئي دلاسو ڌير، مانُ ڪميڻي ڪوٺيين.
[12]
تو در آيس داسڙا، ڳالهين ڳاٽَ ڀري
سورن سانبيرا سپرين، سگهان ڪانه ڪري
هيء جو اندر داغ ڌري، سو ڪيئن مُحبَّ مٽيان.
[13]
تو در آيس داسڙا، اوڳڻ ڪري اپار
جي تون ڍوليا ڍيلئين ته مون ڀيڻي ناهه ڀتار
آهيان عيبدار، سڪان ٿي سهاڳ کي.
[14]
دلاسي جي داسڙا، تان ڪا وائي وار
تون منهنجو وَلَهو، آءُ تو ۾ طمعدار
ڍڪي ڍولَ گذار، لَڄَ منهنجي لوڪَ ۾.
[15]
مون ڏهاڳڻ ڏوه ڪيو، ڪو ڄاڻي ڄامَ سندوءِ
هِن ولِهيء مَٿي وَلَها، ور هٿ تنهنجو هوء
ڪميڻيءَ کي ڪوء، مانَ ويهڻ ڏئي وٿاڻ ۾.
[16]
مون ڪانڌ نه ڪوٺي توڙي هَڏَ هميش
توءِ توري تر جيترو، ور نه لاهيان ويس
پسان نه پرديس، پئي پاڙي گهاريان.
[17]
ٻانهوٽا ٻانهُنِ ۾، جڏهين ڳچي ڳارائِي
تڏهن وَرُ وائِي، ٿو ڍوليو ڍيلڻ جي ڪري.
[18]
نڪي ٻانهوڙين ۾، نڪي ڳهه هئوم
تڏهين پرين سندوم، اڳوئي رء کڻي.
[19]
جي تون وسين وَلهاَ، ڍول ڏمريو ڏوُر
مون کي ماري سپرين، ساجن اِهوئي سُور
ٿئي مَنُ ملُور، موٽ چنيسر مان پرين.
[20]
اُهندر وجهان آڳ ۾، هاويء هڻي هار
مڻيا مڙيئي مٿيان، ڀرين جي ڀتار
سرتيون اِيء سينگار، ڪوجهو ٿيم ڪانڌ ري.
[21]
مَڻِيين موران ئي مٽيو، ڪانڌ نه مٽيو ڪن
ان ور کي وينتي ڪوڙيين اُڀيون ڪن
جيلان ڇُتوءِ هار هٿن، تيلان اڱڻ مٽايو داسڙي.
[22]
ڇُتي جنهين ڇيپ لڳي، سو لڱن ڪوهه لائي
جنهين ڪوڙيين ڪاڻياريون ڪيون، سو وڌو ئي
نورناهي.
پهرين کلائي، پوءِ ٿو رئاري راڻيون.
[23]
جون تون پَسِي هار هِر کئين، سو مڻيون اي نه مڻيون
اصل سندو اڳيون، آهي ڪوڙ ڪَڻيون
ان گهوڙن هِڻي گهڻيون، دوستان دُور ڪيون.
[24]
مڻئين مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيرايم چِت
جانڪي هار کٽينديس هوڏ مان، نيبهه ٿيندم نِت
تان ڪونئروء جو ڪِرت، مونهان مٿاهون ٿيو.
[25]
نالو رَکي پانهنجو، جي ڏنائينم ڏهاڳ
ته پُڻ ڀَلو ڀاڳ، جو چُوندم چنيسر جي.
[26]
سهاڳ به سنڀران، ڏهاڳ اڄ ڏٺوم
هن نڀاڳي ڀاڳ سان هٿين هار ڇُتوم
تنهان پوءِ ٿيوم، قدر ڪاڻيارين جو.
[27]
ڪانڌ تنهنجي پاندرِيء، تي سيءُ مران سڀ رات
اچين جي پرڀات، ته وِلهه نه ساريان وَلَها.
صدا
ڍولا ڍولا وڃِي ڏينهن لايوئي، وڃي ڏوراڻي ڏيههَ تي
وڃي ڏينهن لايو.
1- جيئن پتنگ اچي آڳ ۾ سڙي منجهه ساهي
2-اسان نماڻين جو اهڙو حال آهي
3-نالي سُيون تنهنجي چنيسر چاهي
4-ڪٽنب قبيلا ڇڏيا جنهين تو آهي
د-”صادق“ سَنڌ نه سنڌيو ڏسِي ڪنهن ڏاهي.
|