سرسهڻي
صدا
اي سچا سائِرَ مون کي تون، نيئي نيئي پار پريان جي
ميڙئين
1- ڪُنَ جي ڪارونڀار جا، ڀانيان سيئي ڀون
2- سندو جيئڻ آسرو، منان لاٿو مون.
بيت
[1]
ٻَهُون ٻئنيون اڳري، توڏِيءَ کي تعظيم
اوڏِي ٿِي ’الف‘ کي، مَنُ گڏيائين ’ميم‘
لکڻ واري لکيو، تنهن ۾ خطا ڪين
منهنجو رُوح رَحيِم، داخل ڪِجُ مَ ’دال‘ سين.
[2]
نينہ نوازي سُهڻِي، توڏي توڙائين
هَٿان هار حبيب جو لائق لڌائين
جيلان عالم آسرو، سو تَڙُ سوٺيائين
ساموٽي ڪيئن پانهين، جنهن جو منهن محبوب ڏي.
[3]
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مَرُ چُور ٿئي چُوڙو
طالب الموليٰ مُذکِرّ اِيء ٻُڏندين ٻُوڙو
گهوريو ڏَمُ ڪُوڙو، اسان ميهار ئي من ۾.
[4]
گهڙو ڀڳو تا گهوريو، پاڻان هو حِجات
مون کي سِڪَ ساهڙ جي، ڪُهِي ڪيو ڪباب
ڪونهي ٻيو جواب، جيء ڏني ري نه جُڙي.
[5]
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وَسيلا ويا
تنهان پوءِ سُئا، ٿي سهڻي سڏ ميهار جا.
[6]
سانڀاران ساهَڙَ جا، هاري حَقَ رکيج
وَهَمَ جي وجود جا، تن کي تَرَڪ ڏيج
ساهڙ ساڱاهيج، ٻوڙي جو ٻانهياريون.
[7]
سانڀاران ساهڙ جو، هاري رَکجُ حقُ
وهَمَ جي وجود جا، تن کي ڏيجَ ترڪُ
متان پوئِي ڪڏهن ڪو فِڪۡرَ منجهه فرق
ڪري غير غرق، ويجهي ٿيءُ وصال کي.
[8]
سانڀاران ساهڙ جي، دُونهين دُونهن ڪيو
لکي ڪَلَ ڪَپار ۾، پليتو پيو
ساهڙ صحي ٿيو، ڪِنبَنن ٻِنهِي ڪنڌيين.
[9]
ٻارهن ڪُنَ، ٻٽيہَ تَڙَ، تَڙَ مٿي تئوتُ
عشق جن جو قُوت، ٻُجهان سي نه ٻُڏنديون.
[10]
ٻارهن ڪن، ٻٽيہ تڙ، تڙ تڙ مُٿي ڀَٽُون
اٿيو آڌيء رات جو سُهڻِي ڏئي سَٽُون
ڇڏيو کِيرَ کٽون لُڏي لهرين وچ ۾.
[11]
ٻارنهن ڪن، ٻٽيہ تڙ، تڙ تڙ مٿي نانگ
ته مان ڪهڙو سانگُ، جي اُئان ئي نه گهڙان.
[12]
ٻارنهن ڪُن، ٻَٽيہَ تڙ، تڙ تڙ مٿي شينهن
ته مان ڪهڙو نينہ، جي اُئان ئِي نه گهڙان.
[13]
تڙ تڪڙ کان نه لهي، گيهڙان ڪري نه گهُور
اٽڪل ناهيس آر تي، وهمن ڪي وهلور
جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي نَندي
ناهه نظر ۾.
[14]
ٻُرن ٻيلاين جا، چوڌاري چڙا
سُتي سنڀارن جو پئڙم ڪن پڙاء
وهمن مون نه وڙاء، سڻيو جهانءِ جهڄي هنيون.
[15]
لَههُ لِڪايان نه رهي، سانڍيان رهي نه سُور
جانسِين پَسان نه پرينء کي، تانسين مَنُ ملُور
مون کي ماء ضرور، لوڪان ليکي مهڻو.
[16]
جيڏيون چُونَم جُڳاندو، ڏَمَ پڻ ڪونهي ڏوه
مون کي سِڪَ ساهڙ جي، سڀ منجهايان پَہَ
لِڪو رهي نه لوه، ڄيرو اندر جيڏيون.
[17]
اصلان ئي اَلَسۡتُ کان، ٿي توڏِي تواري
پاڻ وِڌائين تار ۾، عشق جي آري
نئو کنڊ نهاري، تنهن کي مشاهدا مڙيئي ٿيا.
[18]
آصُلان ئِي اَلَسۡتَ کان، آهه توڏيءَ کي تَوار
قالو بليٰ ڪهيائين پَسِي مُنهن ميهار
چوکنڊ چوڌار، تنهن کي مشاهدا مڙيئي ٿيا.
[19]
سبق جهليائين سور جو، حقيقت حَرفاء
آءُ تنهن وائيء ويڳاڻي ڪئي، طلب جي طرفاء
گهڙو گهڙيندي جوڙيو، سائر جي صَفاء
وسيلو وفاء، آهي منڌ ميهار جو.
[20]
وڃيو وٿاڻن ۾ پيء کان پڇيو روءِ
ڏُک نه سَٺُم ڏيهه ۾ ساهڙ ڄام سندوءِ
هنيڙو تو مُلِ هوءِ، آءُ هِت هونهين گهاريان.
[21]
هينئڙي هڙون ڇڏيون، هڻيندي ٿَڪِمَ هَٿُ
مَيي مَتي مهراڻ جون مؤجون وريم مَٿَ
نِيُم ڪُنَ قوَت، ڀر ڀليرا سپرين.
[22]
ڪاريء رات ڪُنَن ۾، ڪا جا آيس هِيرَ
تئن مَيي مَتي مهراڻ جا ڀرِي نه پَسي ڀيرَ
مٿي لهرين پيرَ، اکڙيون ميهار ڏي.
[23]
ڀِنيء ڀرجهَر پاڻ ۾، ڪا جا ڪُنَ ڪرين
آڌيء انهيءَ آب لاءِ اکيون اُڪيرين
توڻي تِڪون ڏين، ته اُڃَ اُنِين کي نه لهي.
[24]
ڀنيء ڏٺو ڀَنڀئين ڪِي جو منجهه ڪُنَنِ
پيتائون پِڪَ پَرملَ جِي، ڍايون، نه ڍاپن
اُڀيون اُڃَ مرن، اکيون انهيء آب لاءِ.
[25]
اوران آءُ اُڪنڊِي، پار منهنجو پيءُ
ڪاريء رات ڪنن ۾، تي ٿي سهان سيءَ
جانب ڌاران جيءُ، ڪهين وَسَ واڳيو نه رهي.
[26]
سانگ پنهنجي سُپرين، ٻجهان ويا ٻيلن
دونهيون دوست ميهار جون، هاڻي ڪِين دُکن
ماريس تن ماڳن، جتي ديکيُم دوست کي.
[27]
اوراڙ نه اڙجي، نڪا جهول جهليس
ڏَمُ ڏينهاڻي ڪيترو، ٿو پر ۾ پَليس
تان تان جان جليس، جان جان پَسي نه پرينء کي.
[28]
اوراڙ آءُ اڪنڍِي، پار منهنجو پيءُ
گهَرَ وَرَ واڳيو نه رهي، بنان جانِبَ جيءُ
حال منهنجو هيءُ، معلوم آهي ميهار کي.
[29]
اوراڙن آءُ اڪنڍي، پيءَ منهنجو پرار
گهَرَ وَرَ واڳيو نه رهي، ارواح مون اختيار
دوستن جو ديدار، دل ديکئي ري نه رَهي.
[30]
ويٺو جيئن وِللِئيِن، ڏمَ کُٽنئي ڏينہ
مَڇين مارڳ لائيا، هڏن مٿان هينئن
قول ڀڃنديس ڪيئن، ٻڌم جي ٻولِي ڪري.
[31]
گهڻئين ڀتئين گهوريان، ڏَمَ کي ڏيهاڻي
منهنجون مُحِبَّ ميهارسين، آهن رُوحَ ۾ رهاڻي
تلانهن پاڻي، سرتيون سُڪو ڀانئِيان.
[32]
ڏَمر سهان ڏَمَ جا، ڪير ڪُن، آءُ ڪير
رِيء قضا ڪيرَ ڌري، مٿي پاڻيء پير
ڀينر ڀِنيء وير، اڳ لڌو ٿي لوڙيان.
[33]
مَر اولجان انهيءَ پار ڏي، پُڏان تان ٻن
مانءَ ٻَر ٻر ڪن، ڪنڌيء اُڀي سپرين.
[34]
ڪي جو پَسي آئيون، اکيون وڃي پار
هڪ ٿيون ديوانيون دل ۾، ٻيو اپر لائي آر
تنهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سُک ٿي.
[35]
صورت ساهڙ ڄام جي، جيڏيون ڏٺيان جي
سُتيون ڪين سُک ٿي، ڪانڌن پاسي ڪي
مونهان هوند اڳي، گهڙا کڻي گهڙيون.
[36]
صورت ساهڙ ڄام جي، جيڏيون ڏِٺي جَن
ڪَنِي جِيءَ مٺا ڪيا، ڪي گهوريس ڪيو گهِڙن
ميهار مليو تَن، جن سانگو ڪيو نه ساه جو.
[37]
چَڙن مون کي چريو ڪيو، جار وِڌائون جُوءِ
سُتي سنڀارن جي هُن ڀَر ٻُڌم هُوءِ
اچي ٿيءُ روبروءِ، نه ته دوست ٿي دَم ڏيان.
[38]
سار نه ڪريين سهڻي، تون نڪو نياڻِي
وَههُ ويندِيء نڪري، اهو جوڀن جواڻي
پڇاڙي پاڻي، کڻي تالان ڪَندَءِ تار ۾.
[39]
گهڙِي گهڙو هٿ ڪري، چيائين اللہ توهار
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سِسِي نِي سيسار
چُوڙا پِيسَ چِڪَ ۾، ٻيا لڙ ۾ پيَس وار
موٽِجُ يار ميهار، نه ته دوست ٿي دَمُ ڏيان.
[40]
گهڙِي گهڙو هٿ ڪري، ٻوڙيائين ٻانهون
تنهن وڏيون ڪيون ويچاريء، درياء ۾ دانهون
اچج اوراهون، نه ته دوست ٿِي دَمُ ڏيان.
[41]
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، شال مَ ڀڄي گهَڙِي
مولهيو مُحِبَ ميهار جو، ڀِڄي ٿيوم ڀَرِي
چِڪَڻ تان چڙهي، ڏسان منهن محبوب جو.
[42]
ڪاري رات، ڪُنَ گهڻا، لڙ، لهريون ۽ واء
ساڻِي جن اللہ، ٻجهان سي نه ٻڏنديون.
[43]
ڪاريء رات، ڪُنَ گهڻا، ٻي اڻٽيهن اونداهِي
چنڊ پنهنجيء سنئينءَ ويو، ٻي درياء دَڙ لائِي
اِهو اَمُر اِلاهي، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گِهڙي.
[44]
تَڙ تَڪڻ، تارَ گِهڙڻ، ايءُ ڪاڻيارين ڪمُ
ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏئي ڏوراپا ڏم
عقل، مَت، شرم، ٽيئِي نينہ نهوڙيا.
[45]
نڪو ڏوه سُهڻِي، نڪو ڏوه ميهار
نڪو ڏوه گهڙي جو، نڪو ڏوه ڪنڀار
آڻي ڪنهين آر، قضا وڌي ڪُنَ ۾.
[46]
آڳي اِنَ تڙان، وهنجندي وَرِهه ٿيا
قضا آنديس ڪُنَ ۾، گهرائي گهران
جڏهن پورا ٿيا پَريان، تڏهن تانگهو ئي تار ٿيو.
صدا
آءُ ويندڙياس دَرَ هادِيء جي، مون کي ڪانه جهلي
1- جيڪا مون کي جهلي تنهن کي مر جان اللہ پلي
2- مَ ڪا مون کي جهلي، آءُ تان وڌيَس نينہ اُڇلي
3- جيئان ڏَجهڻ ٿئي، تيئيان سڄڻ منهنجو اچي
4- نورا پايو نينہ جا مَر دوستاڻي اچي.
صدا
آءُ جا آنۡ ڏي ايندي ويندي، اللہ هُو، اللہ هو
1- ڪُڄا مون ڊيڄاريو، واڳون سڀ وَڍيندي
2- ڏيئي ڏيراڻي ميهڻا، ڪاڪيون ڪوه ڪريندي.
·
سرگهاتُو
صدا
آڇ مَ گهوريجا گهوري مڇن رڇ وڃايو گهاتوئا
ڪالهه ڪلاچي جي ويا، ڇاتيون کڻِي ڇڳير
1- جي مون ڏکيءَ ڀر تي، ڪهڙي خبر لوڪ
ڀائن ڀيرو نه ڪيو، ادنِ ڪِي اَويرَ.
بيت
[1]
جتي گهاتوئن گهوريو، تتي واريء لَٽِ
سَرُ سڪو، سُنگِي گِيا، سهسين ساٽِي مَٽِ
رُئان رت مڃٺ، ٿي هاڻي اُن تڙن تي.
[2]
لَئيُون پئيون، پيچرا، تڙ اوتڙ ڍونڍيام
مڏ نڱي موٽيا، سانڀيڙا سندام
ساٽِئڙا ڪيڻان، وانئُٽي وري ويا.
[3]
اڱڻ آيو ساٽئين، ڪو کرو خبردار
اوباهيو آهون ڪري، سڻيو سا تنوار
ڪنُ ڀڻڪو ٻار، تن مهاڻين مُنهن ڍڪيا.
[4]
ڀرجهليو ڀائن کي، تي سِيرئيِن سَڏَ ڪري
اوري هئا ته آئيا، جيڪس ويا پَري
گهاتوئڙن گهري، اَرتي عيد وَهي.
[5]
ماٽِي پسجن مهراڻ ۾، مانَ گهاتوُ هُون
تان ملاح نه مڪرا، سهسين ساٽي رُون
ڪنڌي اُڀا چُون، ته اوءَ مَلاح ئِي مري ويا.
[6]
مَلاح ئي مَري ويا، وَهٽَ واريائون
هاڻي اُن تڙن تي، ڪري اوباهيو آهون
ڪو ٻيو سَرُ سوٺائون، جيئن گهاتُو گهر نه آئيا.
[7]
گهرن منجهه گهاتوُ ئڙن جون، ٿيون سَرَن سِٽائون
کِجان خبر نه لها، ٿي اُتي جو آئون
جي ٻيلِي هئم ٻانهُون، سي ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.
[8]
مَکُ ڏنائون مَڪُريين، رڱيائون رانۡئُون
ڪالهه ڪلاچي جي ويا، ڪنهن پَههَ پُوريائون
اُنهن لاءِ آهون، ٿي ڪريان ڪُنَ ڪنڌيين.
[9]
ڪَهيا ڪالهه ڪُنَ ۾، گهاتُو ڪري گهُور
مادر ملاحن ري، ويٺي سهان سُورَ
مون کي ڪري ملُور، ڪوه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.
[10]
اُهريا اوء عميق ڏي، پره ڪري پرياڻ
تن سانڀيئڙن ري سرتيون، هت ٿيس سورن ساڻ
هئي هئي ڪيو هاڻ، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.
[11]
اُهريا اوء عميق ڏي، ڪالهه ڪلاچي لوءِ
ساريو سانڀيئڙن کي، ٿو روح منهنجو روءِ
وِرِههَ ڏيئي ووءِ، گهاتو ڪنهن گهور ويا.
[12]
سهسين ڪري سڏڙا، ٿي جر وهايان جالَ
اڄ نه موٽي آئيا، جي ويا ڪلاچي ڪال
جي هينئڙي ڀائي حال، سي ڏوريان گهاتو نه لهان.
[13]
سهسين ڪري سڏڙا، ٿي تنواريان تَڙَن
ساريو سانڀيئڙن کي ٿا جهوريءَ نيڻ جهڄن
مادر ملاحن، ڏوريان ڏوريان نه لهان.
[14]
نه تنوارون تڙن تي، نه گجان نه گاج
تيئن تا سڙن ساج، جيئن لاکيڻن لَڏيو.
[15]
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهِڙي نه وري
خبر ڪو نه ڪري، ته رَڇَ ڪڄاڙي رنڊيا.
[16]
رَڇَ اولجن ريل ۾، لڳيو لهَرَن ساڻ
ڳڻا ڳڙي لائيو، ٿي هَنجَ هاريان هاڻ
مانجهي مُنهن مهراڻ، اُونهين ويا اوهري.
[17]
رڇ اولجن ريل ۾، جهُڳا جاءِ نه ڪن
ملاحن سندا مڪُرا، ٿا لَهرين پاند لُڏن
ڇتو ڇڳيرن، اُونهين ۾ ٿي آئيو.
[18]
گهوري سگهيو نه گهاتوئين، نڪا ڪُنَ ڪنار
رڇ مٿي ئي رنڊيا، پيا نه پاتار
نيڻين ٽِمن نار، پَسيو قهر ڪلاچ جا.
[19]
ڪرڳل ڪُنَ ڪنڌين تي، حَشر ٿيو هاڻ
”صادق“ گهاتو گهور ۾، ٻوڙي ويا پاڻ
پيا تنهن مهراڻ، جتي سڏ سِيرئيِنۡ جو نه سُڄي.
[20]
ملاحَ اِنَ مهراڻ ۾، وڃڻ کي ويا
حال ڳرهيان ڪنهن سان، ته ڪي اُتِ هئا
پڙاڏا ٿي پيا، مٿي ڪُنَّ ڪنڌيين.
[21]
ملاح ان مهراڻ ۾ نه ڪا تانگهه تَري
ويو هوش ڇڏي، گهوريندي گهاتوئن جو.
[22]
مڱر مٿي هٿڙا، ڏوران سِرُ ڌري
سامهان جگر ڪري، سڃاتو شڪاريين
[23]
گهوريان ٿي لَهريون، اللہ گهاتو آڻ
...... ...... ...... ..... پاڻ، مَچُ نه ماري
موٽيو.
[24]
مَڇَ جئين ٿي مارياس، گهاتوُ گهَرِ نه پاڻ
....... ....... ...... ......، آٽيو آٽيو اُنَ
کي.
[25]
جا ساڻ نه هُئي ساٽيين، سا گهو...... ........
........ ....... ...... ........، تانگهي تان نه
ترسيا.
[26]
رَڇَ جتي رنڊيا، اُتي گهاتُو ڪو
اُھري ويا او، ڪنهن منهن موڙي مَڪُرا.
[27]
ڪلاچي جي ڪنڌيين، ڪا جا ٿِي ڪُوڪَ
سُڻي گهاتو گهڙيا، موٽيا تان نه ملُوڪَ
ٻيا سڙن سازَ سلوڪ، مادر ملاحن جا.
[28]
گهاتن گهورڻ ڇڏيو، ڪِينَ پروڙي ڪا
مڪُرا مهند نه هليا، ڪهڙو ورين واء
جيلان آيُن سڳن ساء، تيلان ويا ٻڏي بحر سڪوت ۾.
صدا
وساريج مَ ويڻ، جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا
1- پايو پور پرينء سين، کر سين کائن کيڻ
پسِي ڏکيا ڏينهڙا، اَچئو مَ ولها ويڻ
2- آسن ڀري آهيان، موتي ايندو سيڻ
جَنِي ماريا مَڇڙا، آءُ تنِي جي ڀيڻ
3- سي ملاح مري ويا، جي سانڀي هوئڙم سيڻ
هاڻي اُنِ تڙن تي، نِت ٽمايان نيڻ.
صدا
هي نه ڪنهين سيڻ، جي تو پنهنجا ڀانئيا
1- وِههَ ٿيندء ڪڏهن، هي جي کاڌئي کيڻ
2- ”صادق“ سنگتي نه تنهنجو، نه ڪو ڀائِي ڀيڻ.
· |