سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :10

 

سرشينہ ڪيڏارو

ويندي وندر سينءَ وندر سينءَ، او آهيم وَوۡڙ وَرَن جي

1- ڏٺم گَسَ مَيَن جا، او ماء موٽان آءُ ڪيئن موٽان ڪيئن

2- پٽيءَ ساٿ نه ڇڏيان، او آءُ رڙهان راتو ڏينهن راتو ڏينهن.

بيت

[1]

تَرِي ڇوٽيء نَرِي موٽيء، ڪيهر موٽو پاڻ

گَجي ته گينور هَڻي، ٻيا مرون سڀ آساڻ

پَس پاٻُوهي پِڙَ ۾، اُڀو ڪنهن اهڃاڻ

ڪَيسر ڪره ڪپار ۾، پير نه موڙي پاڻ

هاٿي هَمتَ ساڻ، ٿو پڇاڙيو  پُرزا ڪري.

[2]

هَڻي هٿ هاٿيء کي، اِي ڪيسر جو ڪم

سهسين واگهوئين ويڙهيو، ته به دهليو ڪنهن نه دم

ڪِلي وير قَدَم کوڙي پر کَڻي نهين.

[3]

هڻي هٿ هاٿيء کي، اي ڪيسر جي ڪار

سهسين واگهوئين ويڙهيو، نانجهو تان مَ نهار

ڪِلي وير قَرار، ان ڪلي ڪانۡهرو.

[4]

جُہه هاٿيء جو هڏُ گهرين، ته ڪيسر ڪوڙيء لڳ

پَسِي وڏو وَڳ، جُنبيو جم جُهارئين.

[5]

سهسين مڙيو سِيارڙا، جانڪي جنبيو جاڳر ڪن

ڪيسر ڪن نه اُڊڪي، ڊاء نه ڊڄي تن.

[6]

ڀَڳا واگهه، ڀَئو ٿيو، ٽِٽا ڏني ٽاڙَهه

ڪيسر ڪَرُ اُپاڙيو ته مروئن ڪا مُهاڙَ.

[7]

گُرڙ مري غذا کي، ماريو هاٿي گهاء

سمرٿ چهنج سمنڊ ۾، ٻي ڪِٿهِين نه جاءِ

جِت پکال پاءِ، اُتي مجالَ ناههِ مِرُن جِي.

[8]

وَچوڙيو واگههَ هڻي، ڀڳا نه ڀاري

وسن جِي ويڙين ۾، مرون سي ماري

اُڀو پَرَ پاري، ڪار پنهنجي ڪُرّ جِي.

[9]

وچوڙيو واگهه هڻي، ڀڳا نه ڀيري

ڪيسر سٻي ڪيري، جي گُهرَ گينور گرِجيا.

[10]

ٻيٽو ٻاپان وِترو، ڪَرُّ ڪيهَرَ جو پَسُ

ڪلي وير نه ڪانۡهرو، ذات شيهان جيء  جَسُ

جِت ٿئي دمان دس، اُتِ آرڻ مٿي آڪرو.

[11]

ڪيسرياَ تم ڪِيا جانو، جُہ ڪُرّ هماري ڪار

آدها ٽُوٽا گِر ڀئيين مانهين، آدها گينور مار.

[12]

جي ڪيسر ڪاوڙيو، ته هاٺيء ڀَڃي هَڏَ.

اُڀو  ڪري سڏ، ته ڪو اَچِي آرڻ اُبَهي.

[13]

آرڻ مَٿي آڪرو، ٿو گجي گوڙيون ڏي

ڍائو ته ڪِريا ڪري، بکيو پاٻوهي

سائي جُوءِ مڃي، جت سيلن جي سِرههَ وهي.

[14]

اُٿِئي ته آڪرو، جي کمي ته کانڌ

هڻي گَنيرَ هَٿَ سين، رهي نه راڱڻ راند

سامهون سيلن پاند، پاٻوهيو پيرَ کڻي.

[15]

گَئوُ ماريو گر چڙهي، گر چڙهيو گَئوُ کاءِ

ڪيهر پَلاڻِي جي سهي، ته لونء لونءَ لک وڪاءِ.

[16]

ڪيهر قصد ڪباب سين، پَرَ ماريو نه کاءِ

هيڻن تان هَٿُ نه هڻي، ٿو گُهنڊيارا گهاءِ

اُڀو تڙ واجهاءِ، مانَ ڪو مون گهر ميڙيين.

[17]

لِڪي جهُڪي لئي ڪري، ٿو لڪي ڪارڻ لوڀ

مينهان پُڇي سوڀ، جيئن هٿ نه هڻي هوريين.

 

صدا

سَڪِي ڪَرِمَ ٿوڀ، اي ڪَرَمَ  ٿوڀ، اي اڃا پرينء پيرَ پري ٿيا.

1- وِڃائي مَتِ تنهنجي او لاڳاپي ۽ لوڀ ۽ لوڀ

2- وِڃائج وجود کي او گهڻي ڪري کوج ڪري کوج.

 

صدا

مون کي پاڻان ٿو سونهاءِ ربُّ سونهائي، سي واٽون جي وندر جون

1- ڇڏي ويئم ڇپرين، هاڻي ڏونگر ڏورڻ ٿو جڳائي ٿو جڳائي

2- ڇڪِي پُران ڇپرين، آءُ تيلان تو لائي تو لائي.

 

سرکاهوڙي

 

صدا

پاڻ ڪنان پيهي، عجب ۾ عجائب ٿيا

1- سُکّ نه سُتا ساڻيہ ۾، او ويٺا نه ويهِي

2- نڪِي اوريِن اورها، نه ڪِي پَسَن پَريئِي

3- ڪاتب اِنَ ڪتاب ۾، او اکر اُهوئِي

4- لکڻ واري لکيو، او پرکَ ڪنهن پيئِي

5- لکي لوڪ نه سگهيا، او نِسَنگ ويا نيهِي

6- ”صادق“ سمجهن ڳالهڙي، اوهُو جي ڏيل جا ڏيهي.

 

بيت

[1]

ڇَپَرَ ۾ سَڏ ٿيو، ڪر ڪِي کاهوڙي؟

جَنۡهِين جي سُئِي، ٿي هت اڳهين ڳالهڙِي.

[2]

ساجهُر ٻڌا سندرا، کاهوڙين کَڻِي

لنگهيندي لَڪَنِ سين،  ڪياءُ پاڻ پَڻِي

ڏکن ڏيل هِڻي، وڃي ڇہ ڇُتائون ڇَپَرين.

[3]

جان مون کاهوڙي پڇيا، تان گهَرِ نه گهارين

واحد لئي ولن سين، رويو رَتُّ هارين

گوندر گذارين، تن ڏوٿين ڏک ئي نه لهي.

[4]

جان مون کاهوڙي پُڇيا، تان ويهِي نه وسامن

ڏينهن تتي ڏونگر ۾، ڪارڻ قُوت ڪڙهن

جهنگن ۾ جهڻڪن، ڏوٿي ڏُٿَ گڏ ٿيا.

[5]

ڏينهاڻِي منجهه ڏونگرين، ڏوٿِي ڪارڻ ڏُٿَّ

تن کي ڪهڙا سُکّ، جن ٻاريو  مَچُ مٿن تي.

[6]

سُڪا سنڊَ ڪڇن ۾، کرڪڻان پيرين

ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي ويندا گڏيا؟

سُڪا سَنڊَ  ڪڇن ۾، کُرن نه کرڪاڻ

[7]

پنڌ پراهين هليا، جُنبِيا نه جاباڻ

کاهوڙين اهڃاڻ، انگَ نه سڄي اڳڙِي.

[8]

انگ نه سڄِي اڳڙي،  لانگوٽِي نه لِينگَ

ڀُوري مَٿي ڀينگ، پَرو پيئُنِ پَٻَ جو.

[9]

انگَ نه سَڄِي اڳڙي، لانگوٽِي نه لِکّ

ڏُکَ گذارن ڏينهڙا، ڏوٿين آهي ڏِکّ

ڇَپَرُ ڪري وِکّ، اُو پاڻائي پراهان ويا.

[10]

کاهوڙِيڪي، پنڌ ۾، راتو ڏينهان رَمَ

ڇِنِي سُکن سَڱّ، ڏُور ته پَسِين پرينء کي.

[11]

کاهوڙيڪي پنڌ ۾، راتو ڏينهان ڏُکّ

ساٿِيُن سُمَهِي سُک، ڪيو نه ڪٽر جيترو.

[12]

آڱَڻَ کاهوڙين جي، تون وَنءُ ويهِي آءُ

جوش ڏنائون جِيء کي لڪائي لوڪاءُ

ڏوٿين ڪنهن ڏکاء، سُمَهِي سُکُ نه ماڻيو.

[13]

ڏونگر ڏورڻ ڏکڙو جيڪو ڏُک ڪري

ڇپر ڪَنُّ نه ڏئي سکڙين سُتين کي.

[14]

مُٿي ڏونگر چوٽيين، کاهوري کِنۡوَنَ

ڪُمُل آهي تن، سپيرِيان جِي ڳالهڙِي.

[15]

سپيريان جِي ڳالهڙي، ڪَمتَرَ ڪي ٻُجهن

عَقُل اوڄُون ٿيو، مُنجهِيو مُنهن وڃن

تيائين قليلن، ٿي ڳالهه پروڙِي ڳُجههَ جي.

[16]

سُپيريان جي ڳالهِڙِي، لکين دَلِيۡلين

لَکِي لوڪُ نه سَگهي پُڇي خَلِيلين

تيانۡ ئي قَلِيلين، ٿي ڳالهه پَروڙي ڳُجههَ جي.

[17]

کاهوڙِي کيڙيِن سا، جا آڳاهين جُوءِ

تنهِين منجهان اُڀري ڪا ڳُجههَ ڳُجهان ئِي بُوءِ

پيٺا تنهِين ڪوءِ، جِت پَهت پُروجهڻ ناههِ ڪا.

[18]

جا جُوءِ پُڌِي نه سُئِي، ڏوٿِي سان ڏورِين

پاسا مَٿي پاهڻين کِلن ۽ کوڙين

وَڃيو تِتِ ووۡڙين، جت نهايت ناههِ ڪا.

[19]

آهي اَوۡکِي آڳري، کاهوڙيَ ڪِي مامَ

تن ساٿِئين سَتَّ سَلامَ، جن پنڌ پراهون ديکيو.

[20]

آنۡ ڪا ڏِٺي ڏوٿيا، کاهوري ڪِي کيرَ

تن جا ڇِپُن ڇِنا  پير، ته به چاڙَ هيڪو چوٽئين.

[21]

جَنِين ڏونگَرَ ڏوريا، سانۡوَرَ ٻَڌِي پيٽ

تن کاهوڙين کِہَ هيٺ، وڃِي پاسا کوڙيا.

[22]

ڏُهيلو وڃڻ ڏوٿيان، جِت نه پکِيُنِ جاءِ

سپيريان جا ساءِ، چڙهيو وڃن چوٽيئن.

[23]

سُوڌِي خبر پکنئان، کاهورين کرا.

وڃِي جن ڪيا، مٿي آڱڻ آهرا.

[24]

تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي، جِت نه پکيُن پير

اُتِ ٻاريندو ڪير، ٻيو کاهوڙين ريء.

[25]

جَنِي ٻَئِي ڏوريا ڏونگر ۽ هاڙهو

ڏينهاڻِي ڏارو، ڪن پرانهين پَنڌَ جو.

[26]

پِريان سندي پارَ جِي، اُڪَنڍَ جن آهي

چڙهيا ڏونگر چوٽيين، کاهوڙي ڪاهي

سُک نه سُتا ڪڏهين، کرڪڻان لاهي

سُڃيون ساڱاهي، جهريُون جهاڳي آئيا.

[27]

مٿن ڊوء ڊسڪڙا، چگهندا اچن

تن جون کُڙيُون کہُ ڀُڪليون، پگهر سِر پيرن

اِيءَ پر ڏوٿِئڙون، جيئن مون ڏلائيندي لنگهيا.

[28]

پيرَ اُگهاڙا پنڌ ۾،  ٻِي لِڱَنَ لَڳيُن کيہ

ڪنهن جنهن سندا ڏيههَ تئن ٿا ٻولي ڪن ٻاجهارئين.

[29]

ڪَني پاتو پيرهين، اِنَ اُپيرِيء ۾ پيرُ

سِرَ مٿي سوٺو سَهِي، تيئن ڪو پائي پيرُ

اُنَ ڀُونء سندو ڀيرُ، ڪوڙيَن منجهان ڪولِهي.

[30]

جهنگل هليا نه ڀُليا، راههَ  هليا ڦُرجن

اوجهڙ سي نه پَوَن، جن ٻئِي واٽون ڇڏيون.

[31]

پيرين پُراڻا کيڙا، سُڪا مُنهن سندن

سا جُوءِ ڏوري، آئيا، سونهان جِتِ مُنجهَن

تنهان پَري کاهوڙين، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چونڊيا.

[32]

نه ڪو پسڻ پرينء جو، نه ڪِي اسين پاڻ

اونهون پنڌ اللہ جو، مَتِ منجهي ٿي هاڻ

ان پَرِ اسان ساڻ، مقابل محبوبَ ٿيا.

[33]

جتي سڏ سبحان، اُبَتِي راهه آهي

وڃي ڪو ڪاهي، ان معنيٰ ۾ مُنجهڻ گهڻو.

[34]

ڦِٽو ڪر فراقَ کي، وڃڻ ويو وصال

پسڻ کي پرينء جي، ڪونهي ڪو ڪمال

هَڄِي ويو حال سڀوئي سُبحان ۾.

[35]

کاهوڙِي کڻِي ويا، ڏيئِي ڏِيل ڏُکن

ڪڏهن ان نه قبوليو، سندو سانگ سُکن

ڇَپَرَ ڇيهه نه ڪن، پيا ”صادق“ سڙن سُور ۾.

[36]

”صادق“ تنهن سُڃّ پئين، جنهن ڇپر ڪونهي ڇِيههُ

اُڀيان اُڀِيَڻ نه ٿئي، وِهان چُونِ مَ ويہُ

هيءُ تَنِي جو ڏيہُ، جي عشقَ کڻِي اَڌ ڪيا.

[37]

پَسِي پريان کي، اُسَهِيون اميدون

عاشقن کي عِيدون، انگن مَٿي انگڙا.

[39]

نالو نمونو جن ڪيو، ’الف‘ اُتِ آڻي

تنهان پوءِ تاڻي، پهتو ڪونه پنڌ ڪري.

[40]

’اَلف‘ ڪنان اڳي ٿيا، پرين اُهي پاڻ

عاشق اِن اهڃاڻ، سُڃون سوجهي آئيا.

[41]

سُک مَ ٿِيجا ساٿيا، ڏوٿيا ڏٿ ڪري

اڃان پنڌ پَري، سُپيريان جي سوجههَ جو.

[42]

نه ڪِي ڏورينِ ڏٿُ کي، ڏٿُ به ڏوٿين ساڻ

پَر نه سارين پاڻ، توءِ روئندي رُڃَ ويا.

[43]

گهڻو ڏوريين ڏُٿَ کي، ڏُٿَ به ڏوٿين ساڻ

ڇپر وڌائون پاڻ، پَسِي پريان پيچرو.

[44]

ڇَپَرَ پير ڊگها ڪري، کاهوڙي مَ کير

اِن وَرَ گاڏئِين وير، اُت ڏوٿين ڏُک پرائيو.

[45]

کامِيو ٻاڦَ نه نڪري، اڃان تو منجهان

ڏوٿي ڪنهن ڏکان، کِہَ ماڻي کِہَ ٿيا.

[46]

جتي سُڌِ نه ٻُڌءِ ڪا، ڏورين سوئِي ڏيههُ

کاڻي ڏِٺيَم کيہ، ويندي کاهوڙين جي.

[47]

جتي کاهوڙيء کنوُ، تِتي ڏسُ نه وَسُ

تنهان پري گس، ڏوٿين گهڻو ڏوريو.

[48]

اُڏري ڪونه اُتَهين، جِت نه پکين پَرُّ

تنهان مَٿي وَرُّ، ڏوٿِين ڏنو ڏُٿ جو.

[49]

پيرُ کڻنديين پيريين، سُتو جاڳيو شينہ

هڪ تَتُن ڏينهن، ٻيو موٽڻ ٿين ميهڻو.

[50]

پير پريان جو جيڏيُون، کاهوڙين کنيو

چِٽو تن چيو، ته وڃِي مَ ورجا ساٿيا.

[51]

پير مٿاهون جو ڪيو، کَڻِي کاهوڙين

اُنهين باهوڙين، پهچي ڪو پنڌُ ڪري.

[52]

ڏوٿِي ڏوراڻي ڏيهه جِي، اُونهِي کيڙين کيڙَ

انهن سندا پيرَ، پکين ڪنهن نه پروڙيا!

[53]

صورت ........ ........ ...... ....... ....... ....... ...... .........

تنهان پَري چوءِ، ڪو پريان سندو پيچرو.

[54]

ڇپر ۾ ڇُتا ٿِي، ڏونگر جن ڏوريو

اُنِي تان گهوريو، ماء منهنجو جندڙو.

[55]

ڏونگر جَنِي ڏوريون، ڇَپَرَ پير ڀَڃِي

وُجودان وڃِي، سوٺائون ساڻيہ کي.

[56]

سا مون ڏٺي جيڏيون، جا کاهوڙيَ ڪِي کيرَ

پَرهان وڃِي پيرَ، ڇپرُ ڪيائون ڇاڙڪي.

[57]

جِت نه نالو سَڄڻين، اُتِ ويندن ويو وُجود

تِنهان پوءِ سجُود، پير کڻي ڪيو پيرئين.

[58]

سالِڪَ سُڃومَ وَڃُ تون، ٻيلِي ٻيو مَ کڻيج

تِنهان پوءِ نئيج، سندو پريان پيچرو.

[59]

اوٺِيَن ڏِٺي وِيئرَي، اوڪارئون اُڃَ

کاهوڙين سُڃَ، پِيتِي لُڪ پَٽن جي.

[60]

ڪُپيرِي اوري ٿي، اَٻُڌِي ٻڌائون

اُتاهين آئون، اڃان ٿي آئيو.

[61]

گنجي ڏنگر گامَ جي، پيئِي جن پَرک

واري سڀ وَرَقَ، لوچي لاهوتيِ ٿيا.

[62]

گنجي ڏونگر گام جِي، جَنهِين پئي پَڻِي

ڇڏي ننڊ گهڻِي، لوچي لاهوتِي ٿيا.

[63]

گنجي ڏونگر گامَ جي، پيئِي  جن ٽيٽَ

ڇڏي کرا کيٽ، لوچي لاهوتِ ٿيا.

 

صدا

ويل نه وسريو، ڏک پريان جو ڏوٿيين

1- راتيان جاڳن جُڙيون، اُنِ ڏينهان سُور سَريو

2- اڳي ويا اڱڻ چڙهي، جن جو سدا چِت چَريو

3- تن کي هئي هئي هاءِ وَهي، اُنِ ٻارڻ اِيُّ ٻَريو

4- هينئڙو اُنهِي ”هو“ ٿيو، اوڏاهين اُسريو

5- تن پاڻان پهه پري پيو، واهيري نه وريو

6- ”صادق“ سار سنگ جي، ان جو نينهن نسريو.

 

صدا

ساٿِيا پنڌ پري، هاڙهي ڇپر هلبو

1- ووءڙَ جا وڻڪار کي، ڇپرَ پير ڌري

2- وڏو سفر ساٿيين، ويندا ڏک ڏري

3- حَلُ ڪيائون حُليا، ڀَئِي ڀن ڪري

4- پهڻ مٿاهان پيچرا، ڏوريائون ڏس پري

5- ”صادق“ ساڻيههُ اهڙو، وَڃِي ڪونه وري.

 

صدا

ساٿي اللہ ڪارڻ پير ڀري ڏج پارانڀو هوتن کي

هو دوستن کي ادا، ادا اللہ ڪارڻ پير ڀري

1- تون ڪِي چُئيج چڱيون، وڃي انهن کي

2- ڪارڻ جن ولاڙي، سيڻ ته گڏيس سي

3- نوان نياپا نينهن جا، ڏيو ڏوٿين کي

4- سا سا سنڌ سا سا منڌ، نه پُوري پرين کي

5- چڙهيو ڏونگر چوٽيين، نايو نيڻ ڌَري

6-  ڪڏهن ايندا سپرين، مون مٿان ور ڪري

7- ٻاٻي ٻاروچن جو، اڃان پنڌ پري

8- سيڻ تنهنجا سَسُئِي، پٻان ٿيا پري

9- جاڳي منڌَ سنجهي، ڪوه نه ويين پير ڀري.

 

·


 

 

سربلاول

 

صدا

تون در ٻيلِي لاهِ ڪو، ڀلا اللہ ري

آءُ پسان پسان نُورُ نبِيَّ جو

1- خالق خاص خلقيو، ههڙو ڪونه ٻيو

2- هن دران ڇٽندا مُورهين ماڳ نه ٻيو

3- ڀريا تَلَّ ترائيون، اچي پَهِيَ پيو.

 

بيت

[1]

گهر گنگاجر جکرو، جُنگ ساماڻو جِتِ

تاڻي ”تماچي“ چئي ونءُ طاماعوُ تِتِ

گهوريو گهارِمَ هِت، اوسيِڙي اڻ هوندَ جي.

[2]

پيهِي  پن پاتا، جِتِ گهرَ گنگاجَر

وڃي سُمني سوري، پاسي تنهن جي پَر

جو ايندن کي آمن چوي، هُو ڪري نيڪ نظر

کري لَهَندئي کر، وياء ويندئي مڱڻا.

[3]

پيهي پن پاتار، جت گهر گنگاجر راءِ

ڇڏ حِيلا هن هنڌ جا، تون جکري پاسي جاءِ

ايندئي سُکن ساءِ، ويَلههَ ويندئي مڱڻا.

[4]

لَکين وهن واهڙا، جيئن اُڌميو اوڙاهه

سمني سرو چِڪائِيو، ٿو پِيئي شاهه گَداءِ

راهوء جِي رهاڻ ۾، نه ڪو ڊَپُ نه ڊاءُ

هوٿياڻِي هٿاء، ورهه به اچن وائيا.

[5]

ڪوهه نه جُهاريين جکرو، جو ڪامل ڪوٽَ ڌڻي

اُڪيرج اُنَ پار ڏي، ڪري گهُرَ گهڻِي

خزانا کَڻِي، ميڙي آندا مڱڻين.

[6]

ڪوهه نه جُهاريين جکرو، جو ڪامل ڌڻِي ڪوٽَ

لاکيڻِي لَهَرَ سين، گهڻا رتائين گهوٽَ

اُتي ڪانهي موٽَ، جي آيا سي اگهِيا.

[7]

ڪوهه نه جُجهاريين جکرو، جنهن ڏيهه ڍيَا ڏيئِي

انگ اُگهاڙا جي هئا، سالُن ۾ سيئي

ويلَههَ تَنِي ويئِي، جن گنگاجر گڏيو.

[8]

ڪوهه نه جهاريين جکرو، جو نرمل نينهن ڪري

پوڄَ پياري پَهِيَڙا، منجهان سِڪَ سَري

تن کي سڏَ ڪري، جي ٻيا دَرَ ڍونڍي آئيا.

[9]

ڪوهه نه جهاريين جکرو، جنهن پياريا پَهِي

صورت سمي ڄام جي سَگهي ڪونه سَهِي

تن ويئي لَکَ لَهِي، جن گنگا جر گڏيو.

[10]

ڪوههھ نه جھُارين جکرو، جو سمون سَرُ سَڀِن

دائم جنهن جي دَرَ تي، ٻيا آسائُو اچن

پيتو طهورا تن، جن گنگاجر گڏيو.

[11]

ڪوهه نه جهارين جکرو، جو سمنئون سلطان

آسائُن ”عيسو“ چئي، ميرن لڌو مانُ

گَيو تن گمان جن گنگاجر گڏيو.

[12]

جن گنگاجر گڏيو، تن اکين ٻيو نينهن

سندو موتين مينهن، ان تان جال وسايو جکري.

[13]

ڏٺم ڏاتار ڏِسن جا، جي ٿا نيڻين ڪن نهال

تو تري هيڪڙو، اَئن اِيءُ احوال

اچي ”ميران پور“ ۾ مڱڻي، حاصل ڪيو هال

ڪهڙي ڪريان ڳالهه، شاه تنهنجي شانَ جِي.

[14]

ڪامڻ چيو ڪنتَ کي، ڀيرو ڀَڃُ مَ ڀانَ

وَڃُ ”ميران پور“ مڱڻا، جت ڪيرت پڇي ڪانه

ڪوٺيو ڪري ڪيترا، اڻ ڳڻيا احسان

سامائي سلطان، ڀڳي ڏُهرت ڏيهه تان.

[15]

ڪامڻ ڪهي ڪنت کي، هاڻي حِيلا ڇَڏ

”ميران پور“ ۾ موجَ  ٿي، وانء سلطانِي سڏ

جِت  ٿئي واصل سڀڪو، توڻي وِڄا ڏَڏُ

ايءُ پر هُئي نه هڏ، ڪامل ري ڪِٿَهِين.

[16]

پانڊپ سين نه پاريان، سهسين ٻيا سردارَ

مثل آهي مينهن جيئن سَخِي تنهنجِي سارَ

حاتمِ هفت هزار، جُهڙ تنهنجي جهپيا.

[17]

جهُڙَ تنهنجي جهپيا، هزارين حاتم

جي ڪوجهن جا ڪم، سي ڪامل ري ڪير ڪري.

[18]

جِهڙُس ڪونه جهان ۾، سِنڌ، سُورت، هِند هوءِ

وڃي رَههُ ”رنگريز“ چئي، لڏي تنهن ۾ لوءِ

جو گهڻگهريو گهڻي پرين، چکو سڀڪهِين چوءِ

مُنهن پنهنجو منگتا، ٻئي در ڪهِين نه ڌوءِ

شفيع ڄام سندوءِ، مانَ پَسِي هال هٿ ڌر ري.

[19]

جهڙس ڪونه جهان ۾، سنڌ، سُورتَ، هند هاڻ

وڃي رهه ”رنگريز“ چئي، تن پالُوٽن ساڻ

در داتا مَنگ مڱڻا، ٻئي جي سَههُ مَ ڪاڻ

پاٽُوندرُ پاڻ، مانَ پسِي حال هٿ ڌري.

[20]

پاڻ ڌڻيء پيدا ڪيو، جکرو جوڙي

ڪيهَرَ  جيئن ڪَر کنيو، ٿو مَلُ مُڇون موڙي

جڏهن گهوٽ چڙهيو گهوري، تڏهن عالم آسودو  ٿيو.

[21]

جکرو سکرو، ٻيا سڀ اَنيراء

جيئان جڙيو جکرو، تيئان نه ٻيا

مِٽِي اِنَ ماڳا، اصل هئِي ايتري.

[22]

جيان گهَڙِيو جکرو، تنهن مِٽيء ڪونهي مُلههۡ

بادشاهه پيدا ٿيو اَصُلِي  اَمُلُهه

گهَرَ مڙنِي گلُ، ڏٺي جنهن ڏُهرت لَهي.

[23]

سَمون سوالين سين هَڏَهين نه هيڻون

ونڊي ٿو وِڙن سين، خالق خزينون

جي سُتِيء جا سيڪڙو، تن ڌُيو ڏي ڌِيڻون

تيلاه نيڻنئون، گهر گنگاجر جکرو.

[24]

سَمون سخاوت جِي، اُڀو پاري پَڙ

ڪوٺيو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا دَڙَ

مٿي وِلِهِيَن وَڙ، ڏينهاڻي ڏاتار جا.

[25]

صِفون سوالين جون، راء وٽ راتو ڏينهن

اُٿندو تيئن اوت ڪري، جيئن مندائتو مينهن

قرض ڪَڍِيين تون ڪيئن داتا هوندي ديس ۾.

[26]

صفون سوالين جون، راء وٽ رات ڏينهان

پَڌيو ماڻڪ موڙيون، ڏئي ٿو گهوٽ گَهران

مسڪينن تي مَوجَ ٿي، داتا جي دران

پيا تن پران، جي ڏيٺِي ٿيا ڏاتار سين.

[27]

صفون سوالين جون، راء وٽ رِهاڻِي

پَسين جي ”پيرو“ چئي، هلي هوٿياڻي

جو ڏيکاري ڏڏن کي، خزاني کاڻِي

ڏارَتُون ڏينهاڻِي، ٿو پُڇي گهوٽ گهڻن جون.

[28]

آءُ طاماعو تو در پنان گهُريو پَٽِ

توڙان طالبن کي، آڇين پَهُون ۽ پُوَٽِ

ڏيئي مرتبو معنوي، جياريو جڳٽ

تون ڏاتارن ڇٽ، اَجهو اٻوجهن جو.

[29]

گنگاجَرَ جي گام ۾، جي وڃي رات رهيا

ماڻڪ ميڙي مڱڻن خزانا کنيا

جي ويلي سر وهيا، تن کي جُکِي جان نا ٿيئي.

[30]

گنگاجر جي گام ۾، جي پهتا ڀري پيرَ

تن کي سندا گَوۡنرن گير، ٿي راهوء رات بخشيا.

[31]

گنگاجر جي گام ۾، وڃي ڇو نه وِهيِن

حقيقت پنهنجي هال جي، سمي چئج صحيح

ٻاجهائي ٻَئِي، مانَ اکيون کڻي آس جون.

[32]

گنگاجر جي گام ۾، وڃِي گڏ  گُذار

جي تو اوسيڙو  اڻ هوند جو، ته گهوريو هت مَ گهار

اُڀو ”آمن“ چئي، ناڪس ڪيم نهار

جادم جام جُهار، ته ويلَهه وَڃيئِي وِسرِي.

[32]

جادم نه جکرو، نه گهر گنگاجر

تو سندي تر جيتري، ڪنهن نه پاري پر

آيا ”ميران پور“ مڱڻا، ساز ڪيائون سَر

تن کي تنهنجو در، اٺئي پهر اکين ۾.

 

صدا

سِڪّون سڀئي پُنيُون، او اڱڻ  تو آئي

1- جان ڏنائون پيرَ جان ڏنائون پيرَ

مٿي اڱڻ آئيا، سونهڻ لڳا سيرَ

2- يا ربَّ يا ربَّ توکي مَڱان

توکي مڱي جي مان نينهن سڀ ڪو تان

3- ڪوسو واءُ نه واريين، آلا آلا ڪيچَ وَڻَن تان

اي آءُ سَڳَر لڳڙي، اي ساٿ جي سونهان.

 

·

 


 

سرپورب

 

صدا

سڄڻ مَنَّ منجهان، مون کي آيل ويا نه وسري

اوسيڻ ڪيئن وَڃَن وسرِي، آيل اکين جي ڏٺا

1- جهڙا وڃن وسري تهڙا تان نه هئا

2- ڳجهي ڳالهڙين سين منهنجو موهي من ويا

3- سڄڻ ڳالهڙين جا ڳُجهاندر هئا

4- درماندِي دل جا منهنجا دارون دوست هئا

5- هَرو هنيارين ۾ ٿا آئِين ڀَلو مان پريا.

 

بيت

[1]

پورب پورب تب ڪران، جب هينئڙي آوَنَ پُورَ

سِڪَندِي کي سڄڻان، نِڪون وهايون نُورَ

مارِيَس تنهن مذڪوُر، جيئن ساڄن سُڄي نه ملي.

[2]

پوربيا پُوري ويا، آسڻ آڌيء رات

سُيُون سناسين جون پچارون پرڀات

جوڳي ڪا جا ذات، مِٽ نه معذورين جا.

[3]

جُوءِ جيڏانهِين جوڳيين، منهنجا نِت تڏانهِين نيڻ

آيل آديسين جا وِرِههَ ٿِيَڙَ م ويڻ

ڪري سنياسِي سيڻ، هينئڙي حال پرائيو.

[4]

جوُءِ جيڏانهين جوڳيين، منهنجا نيڻ تيڏانهن نِتِ

آيل آديسين کي ڏي چاڙهيڪا چِتِ

سامين جو سنگت، ساريو ٿِي سُورَ چَران.

[5]

تَنِين مَڙه نه اڏيا، جِت جوڳي جي هئا

ويا هينئن ويا، راول رُتين ڪپڙين.

[6]

جان مڙهيء  ۾ مُنهن پائيان، تان جوڳي ويا جامير

ٻيا پوڄينديس ڪير، ڌُڏانهن ڌُوب ڌَري.

[7]

مڙهه پوريا، ماٺ ٿِي، تَڪِيَن ناهه تنوار

ويٺي ڳڻيان اُنِ جا، مَٿي اڱڻ پار

سامِي  سڀ ڄمار، ڏيئي ڏک واٽ ٿيا.

[8]

اَلف جنهن جي اَڳَ ۾، سا سِٽَ ساريائون

لَڙيا ڪين لِسان ڏي، قلبئون ڪڍيائون

”لامَقۡصُود فِي دالدارِينِ الاَّ اللہ“ اِن پَر اوريائون

سڳر سوريائون، ٿيا رَسِيلا ربَّ سين.

[9]

’الف‘ سَندي اَڳّ ۾، سُجهي ڪونه شَرِيڪُ

چَوڏِس سڄڻ سامهون اندر روح رفيق

تَنَ ۾ جو تحقيق، سو سڃاتائون سپرِين.

[10]

”وَحۡدَهُ لاَ شَرِيۡڪَ لَہُ“ ٿا نانگا نِهارين

”وَ فِي انۡفُسۡسکُمۡ اَفَلاَ تبُصِرُونَ“ اِها سِٽَ سارين

ڪنهن ويلَ نه وسارين، ٿا پَسيو پَسَن پرينء کي.

[11]

”وَحَدهُ لاَ شَرِيۡڪَ لَہُ“ ٿا نانگا نهارين نِت

سِڱِي جاسُورَ جِي، سا چوري رکيائون چِت

هَلِي ويا هُتِ، جِت نه هئڻ جو نِجهُرو.

[12]

نه هُئڻ جو نِجهرو، نانگن نِهاريو

آديسِي لنگهي ويا اورئين اُمارو

سامِيُن سوارو، سبق پڙهيو سُورَ جو.

[13]

سائِي هيٺ، سائي بيٺ، سائي ڪَمرَ ڪسو

جوڳي جُنبِي هليا، ڏيئِي تَنَّ تَسو

راهَ اُن جي رسو، جن ناٿ نمايو نانۡہ سِين.

[14]

سائِي هيٺ، سائي بيٺ، سائِي ڪن ڪُلهَن

ٻيون ڏنائون ٻين کي، اِيُّ وَههُ ويراڳين

اُتِ ٿا بِيکارِي بَکن، جت ناهه نهايت نينهن جِي.

[15]

سامين سُور پرائيو، اڃان رَتِيءَ ريهه

پيئنديئِي پُر ٿيا، وٽِي سندي ويهه

مال نه موهيا ڪاپري، خاڪَ خزانو کيهه

ڏوري ڏوري ڏيهه، وڃي نانگا گڏيا ناٿَ کي.

[16]

کامِي کامِي پرينء لَئِي، ڪُسِي ٿيا ڪباب

تون ڪيئن پُڇين تن کي، سندو ذوق جواب

ڏيو دل کي داغ، وڃن ”ڪِين“ ڪلهي ڪيو.

[17]

سامِي چائين سُکَ طلبين، سُکين نه سامِي

اڃان اورئين پنڌ ۾، تان ويٺين وِسامي

گوتن تون نه گڏيو، ٿو چائِين انعامي

سامي مُدامِي، پوتو رَهِجُ پرينء سان.

[18]

ڀَڄُ ڏٻي، ڪر ٽُڪرِيون، کِدائون کانئي ڇَڏِ

جوڳي جُنب جابان ڏي، مڙهي مُور مَ اَڏِ

وانء تَنِي جي سَڏِ، جي نِڱيا ”نانۡہ“

ڪلهي ڪري.

[19]

ڀَڄُ ڏٻي، ڪَر ٽُڪريون، کِدائون نيئِي کانءِ

ڪر تنهن ۾ تڪيو جِتِ نِسوريائِي نانۡہِ

پيهي منجهه پِريان، فنا ڪج فڪر کي.

[20]

ڇَڪَرَ، چوتا، چيلهه بند، پَسُ آڌوتِي آسڻ

ڪوءنرا، چلم، ٽوپيون، تن جا بِرههَ جا باسَڻ

سُتا ڪين سُک ٿي، سامي سنگهاسڻ

”تخلقون باخلاق اللہ“ اِي لاهوتين لڇڻ

جن ڇڏيا چِتِ چَکَڻ، سي نانگا نينهن نماز ۾.

[21]

چڪر، چوتا، چيلهه بند، پَسُ بابو بِيکاري

سُورَ ڪيائون سامهان، ڏيئي ڏيکاري

”لَقَدۡ خَلَقَنَاالانۡسَانۡ فِي ڪَبَدِ“ اِي اُتِن اوسارِي

تن سامين کي سنسار ۾، وارِي وو وارِي

جن ڪُڙه اندر ڪارِي، سي نانگا نيهن نماز ۾.

[22]

چَڪَر، چوتا، چيلهه بند، تن هنيان لاهيا هَٽَّ

آيا پرين پار ڏي، سامِي ڏيئي سَٽَّ

سُرڪيون سُورن گاڏيُون، ويٺا وَٽين وٽَّ

جي اندر گهايا گهٽّ، سي نانگا نينهن نمازَ ۾.

[23]

چڪر، چوتا، چيلهه بند، پَس ڪَہَ ڪابولين

اَٺو پهر اندرَ ۾ وهه وهه  ويراڳين

سڄر سُور سرير ۾، آهن سئه سئه سناسين

جي ٻي ڪانه ٻُجهن، سي نانگا نينهن نمازَ ۾.

[24]

پنِن جو پَٽُ کڻِي، سو جي سڃاڻن

ته بَرَ منجهه بِيک لهن، پَهَرُ نه پنن ڪاپڙي.

[25]

پِرين جي پرڏيهه ويا، ڪانگا سيئِي ڪوٺِ

جنين ري جَهانِ ۾ اکڙيُن اَروٺ

مِيان لڳ ”مَحمُودُ“، چَئي ڪج ڪاراڄون ڪوٺ

ڏمريان  ڪنهن ڏوٺ، سي اُڏامِي آڻ پرين.

[26]

ڪانگا ڪر ڳالهڙِي، ڪنهن پر گڏيو پِيءُ

اُڪَنڊيو آهون ڪري، جانبَ ڪارڻ جِيءُ

سَلِجُ سگهو ٿِيءُ، لئون ڪِينۡ ايندا پرين؟

[27]

ڪانگَلَ قريبن جا، اچِي مون وٽ ويههُ

تون جو ڏسِي آئيين، سندو سيڻن ڏيههُ

سُکن منجهه ساڻيہ، ڪينۡ سُکيا ڏِٺۡئِي سُپرين؟

[28]

ڪانگل قريبن جا، اُڏانءُ  لڳ اللہ

آءُ جو ڏيانء سينهڙو، سو سانڍ برابر ساهه

ڳجهه اندر جي ڳاههَ، ڪَجُ مَ قريبن ري.

[29]

ڪانگل قريبن جا، اچي واءِ وڻ

تو ۾ بوءِ ”بلاول“ چئي، مشڪَ کٿوري مڻ

اچين ٿو عجيبن جو اورانگهيو اڱڻ

توکي ڏسِي تَڻُ، سُورنئُون صاف ٿيو.

[30]

سُورَ نَئُون صاف ٿيو، تن پَسِي توکي

بيٺين ڇو ”بلاول“ چئي، ڇانڀن ڀر ڇو ٿي

ڇڏيو ڏيلُ ڏوکي، اچڻ سان عجيب جي.

[31]

ڪوٺيو ڪُوڪيو ڪانگَ کي، رويو رويو چوءِ

آءُ جو ڏيانءِ سنيهڙو، سڻ تون اُڀي سو

ڪَہۡ، مون چَيو جو، ڪيئن چوندين پرينء کي.

[32]

پيو آهين پَٽَ ۾، ڪانگا ڪوهه ٿيوءِ؟

اڳ اُس ته ڪونه سهين، اڄ سارو ڏينهن سَٺوءِ

پَسِي حال سندوءِ، ڪانگن ڪانگيرو ڪيو.

[33]

ڪنهن دَرَ ڏيان دانهڙي، پورڀ مارياس

متيون ڏيندي لوڪَ کي، چري پاڻ ٿياس

جنهين نه جيهياس، لئون لڳي اُنَ سين

[24]

مٿي راه رَوان ٿيا، پورڀ پُوريائون

ڪا جا اورَ عجِيب لِئي، اندر اوريائون

ٻيا گهَرَ گهوريائون، هڪ رامُ رکيائون روحَ ۾.

[35]

جوڳين سندي ذات کي، ويسُ نه وڏائي

جههَجهِي ڌوڙ لڱن ۾، ڇتن ۾ ڇائِي

مٽائي وائي، سامي صبر سکيا.

[36]

جي ڀائين جوڳِي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام

گولا جي غلامن جا، تن جو ٿيءُ غلام

ته نانگا تنهنجو نام لکجي لاهوتين سين.

[37]

نانگا وڃن نڱيا، تون ويسلِي  مَ ويهه

ڇنو سِڱُ سناسِيين، ڏيهه ڇڏيو ئي ڏيهه

”صادق“ ويا ساڻيهه، سي ڪرمين ملندئي ڪاپڙي.

[38]

اَڄ نه اوطاقن تي، جاڳر جوڳين جو

ساري سناسين کي، جي رُوندهين ته رو

پس پاسيا تو، ڪر لاهو لڏي ويا.

[39]

اَڄُ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين جوڙ

آيل آديسين لَئي کامي ٿيس کوڙ

من جَنِي جي موڙ، سي نانگا ويا نڪري.

[40]

اَڄ نه اوطاقن ۾ طالبَ تنوارين

ويا ويراڳي نڪري، مڙهيون مون مارين

جي جِيءَ کي جيارين، سي نانگا ويا نڪري.

[41]

اَڄ نه اوطاقن ۾ ونهيان ويراڳِي

ساري سناسين کي، جيجان آءُ نه جاڳِي

وِرِهه  جن جي واڳي، سي نانگا ويا نڪري.

[42]

اَڄ نه اوطاقن، تازا پسجن ڪَکّ

ويا ويراڳي نڪري، پيئي اُڏامي رَکّ

تن جن جي تکَ ، سي نانگا ويا نڪري.

[43]

اوجل ڪوٺا نڱيا، ڇڪي ڇنائون

سڳا، سيلهيون، سڱيون، نال نه نيائون

اتي چيائون، ته آهي بُود نابُود ۾.

[44]

ڪُهنا ڏٺم ڪاپڙي، ڪُنڍا جن ڪپار

عمر سڀ ڄمار، اوريندي اُٿِي ويا.

 

صدا

ڪَڏَهن سي ايندا، آديسِي آسڻ تي

1- ويِٺِي نِتِ، نهاريان، وو وو سامِي مون نيندا

2- جاٽا ڪنديس جوڳئين، وو وو آءُ آيل اميدا.

 

صدا

مون کي ٿو منگهٽ ماري، جيجان جوڳيئڙن جو

1- ڪا جا وائي وات ويراڳين جي، سا نه سلائين ساري

2- جٽائون جاٽن تي، آيل وار وڌائون واري.

 

صدا

سي ماء سامي مون، ويروتار نه وسرن

سي ماء جوڳي مون، ويروتار نه وسرن

1- رَمِي گڏيا رامَ کي، ڏوري ڏاڍڙي ڀُون

2- اَلَکُ اَکڙين ۾، اوء ٿا ٻولين تون هي تون

3- روح رتائون رام سين، ٿِيَن ٻاجهه ٻهون.

 

صدا

ڀلا ٻاروچا، موٽي منهنجي سار لهندا

1- اِي پر ٻاروچن جي، جيئن هي ڪميڻي نيندا

2- ڏکِيء کي ڏکن ۾ مُور نه ڇڏيندا.

 

صدا

هَيۡ ويڻين منجهه وِڙال، آن ڪي گڏيا هوت منهنجا

1- ماء منهنجي جوڳئين، ڪَنَّين ڪُنّرَ لال

2- ڪڪوريائن ڪپڙا، آيل َرتائون رومال

3- ڪڍي هنئين مان ڪاپڙي اُوءِ لَڏي هليا لال.

 

·

 


 

سرڪاموڏ

 

صدا

ڀلا اللہ اي موليٰ هيئن، من رتو ڄام َ تماچيء سين

اڏيء اوڏي نا ٿئي، ڪچل را او وو نه ڇٿائين

ڀلا اللہ سي مي مورائين، من رتو ڄام تماچيء سين

1- ايڏِي اوڪرَ اَٿيئي مَڇُ نه پيو مي، هي جي آيا واسنگي

ڀورن ڀمن ڏي

جيء  ڏنائين جيء سمي اريء تي، جيء ڏنائين جي سمي اريء تي

ڀلا اللہ اي مرڪِي مهاڻي، هيء جا سمي ڄام سماڻي

ڀلا اللہ مي مورائين من رتو سمي ڄام سين.

بيت

[1]

اچي ساء سرودَ ۾، ڪِيجي جو ڪاموڏ

مٿي ڪَنوَرَ ڪڪوريا، هيٺ لهرين لوڏ

جيئن سَمي گهر گندرا، تيئن لاکي گهر اوڏ

تماچي تنبور، ٿي رات وڄايا ريلَ ۾.

[2]

تڙ تَماچي آئيو، ورِي ٿِي وراڻ

ڪينجهر ٻنهِين  ڪنڌئين، ٿي راتو ڏينهن رهاڻ

جيلان پرچِي ويٺو پاڻ، ٿيون مرڪن مچيء واريون.

[3]

تڙ تماچي آئيو، تماچي تڙ راءِ

تماچيء جي تَڪيي، تون تماچي گهاء

ته تماچي مُلا، تون تماچي ٿيين.

[4]

مَرڪن ملاحن جا، مَٿي ٻانڌين ٻار

ننڍِيين وڏيين گندريين، پوئي پاتا هارَ

وڏي ڄامَ ڄمارَ،جنهن اچي انعامي ڪيا.

[5]

مي مهاڻِي مَڇيءَ هاڻي، ميري ملاحڪِي ڌيءَ

گاڏي چاڙهي گندري، نيئي نوازيئِي جيئن

مون تان ڪج مَ تيئن، مَڇُڻ ڪوجهِي چونم ڪي ٻيون.

[6]

مي مُهاڻِي مَڇيءَ هاڻي، آءُ ميري گهڻو مَلاحَ

مون تام ٻاجههَ مَ لاهه، مڇڻ ڪوجهي چُونم ڪي ٻيون.

[7]

مي مهاڻي، مڇِيء هاڻي، ويٺِي وجهان واجههَ

مون تان لاههِ مَ ٻاجهه، مَڇُڻ ڪوجهي چُونم ڪي ٻيون.

[8]

مي مهاڻِي، مَڇِيء هاڻي، سندي جنگ جهٻير

ري سُهاڳَ تنهنجي، مون کي ڄاڻي ڪير

مُونهان مُنهن مَ ڦير، مڇڻ ڪوجهي چُونم ڪي ٻيون.

[9]

تون سَمون، آءُ گَندرِي، مون ۾ عَيبَ آپار

پَسِي مِئڪا ٻار، متان مان گهر مٽييين.

[10]

تون سمون، آءُ گَندري، مون ۾ عيب وِيههَ

پَسِي مِئِڪي ڌيء، متان مان گهر مَٽِيين.

[11]

تون سمون، اُءُ گَندرِي، مون ۾ عيبَ لَکّ

پِسِي مِئڪا ڪکّ، متان مان گهر مَٽيين.

[12]

متان ڪِي مَنُ لوڏيين، سڀ پاريندو ٻولَ

ننڍيين وڏيين گندريين، هڏ نه ٿيندا هول

ڪينجهر جنهن کان جهول، ٿيو معافي ملاحن کي.

[13]

سمون سڀنئون اڳرو، سمي ڪونهين مُلُّ

جنهن وڌو راءَ رَمرَ، سين ڪُہُ  لاهي ڪُلُّ

پکي پکي گجريين، ٿيو هاگامون ۽ هُلُّ

جَن اندر اَهُسۡ اَمُلُّ، سي اڱڻ تَماچِي آئيا.

[14]

سمون سڀنئون اڳرو، سَمي ڪونهَ جِهو

جنهن وڌو راءِ رمز سين، اَپَر عشق اِهو

جنهن لڌو نينهن نِهو، سي اڱڻ تماچي آئيا.

[15]

سَمون سڀنئون اڳرو، سمي ڪونهين ثاني

جنهن ڪيو جهنگ جلوس سين، اَهُسۡ عُرفاني

تڙ تڙ تماشو ٿيو نِرمل نُوراني

جي فِڪۡرَ منجهه فانِي، سي اڱڻ تماچي آئيا.

[16]

سَمون سڀنئون اڳرو، سمون ساڻ سَڀن

جنهن ظاهر ڪيو ظهور ۾، سڄيو صورتن

اچي پيئي اڳري اِيُّ محبّت ملاحن

جي وچان پاڻ وڃن، تن اڱڻ تماچي آئيو.

[17]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، سڀني ڳِچيء هارَ

پَسڻ ڪارڻ پرينء جي، سڀنِي ڪيا سينگار

ڍولُ تنِي جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.

[18]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، سڀني ڳچِيء هَسَ

پَسَڻ ڪارڻ پرينء جي، وڏائِي ڪن وَسّ

ڍولُ تَنِي جي گسّ، هيٺاهيون هلن جي.

[19]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، سڀني ڳچِيء طوقّ

پَسڻ ڪارڻ پرين جي ڪن وڏائي ٿوڪَ

ڍولُ تَنِي جِي جهوڪ، هيٺاهيون هلن جي.

[20]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، سڀنِي مُنهن جران

سڀني ائين ڀانئيو ته ايندو مون گهران

پيٺو تن دران، جي پسي پاڻ لڄائيون.

[21]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، تنهن نُوريء نينهن نَيّون

جنهن کي ساهه سنۡيون، ٿو تَنَ ۾ تماچِي تَرِي.

[22]

سَرَ ۾ سڀ سهاڳڻيون، تنهن نورِيء نينهن آپار

جنهن کي ويروتار، ٿو تَنَ ۾ تماچي تَري.

[23]

سَرَ ۾ سڀ سُهاڳڻيون، نوريءَ وڏو نام

وڃائي وَجودَ  کي، جانَ رکيائين جام

تماچيء تمام، تورَ تُراري ناههِ ڪا.

[24]

نَڙا، نتَر، ٻيڙيون، جن جا سٽائون سُوئا

تن کي لوئي ڄام هٿن سان چندن ۽ چُئا

سي ڪينجهر ٻنهين ڪنڌئين ڏسن ڪين ڏُئا

هُو جي ڏيندا ڏَنُّ هئا، سي اِن پر انعامي ٿيا.

[25]

نَڙا، نتر، ٻيڙيون، جن جا تالڪ ترين ڀَنَّ

تن ڪري ڳالهيون ڳجهيون، ڄامَ ڪوٺيو

منجهه ڪَنَّ

جن ڏنا ٿي ڏنّ، سي ان پر انعامِي ٿيا.

[26]

وڏا طالع تن جا، نُورِي جن ڄائِي

لکين ڀانيين جاجُڪين، منجهه ڳُجهن ڳائِي

اڳيان اچي ان جي ڇڏي وڃن وڏائِي

سڀ جَڳَ ساراهِي، جي جيڏس ڪونه جَهانَ ۾.

[27]

وڏا طالع تن جا، نورِي ڄائي جن

پلنگن پير ڏيو اچيو ڄام ويهن

مَٿي ملاحن، ٿو تِرُ تماچي نه سَهي.

[28]

تخت، بخت، تڙ، تماچي، نُوريء کي نِمن

پَن پنَيون، ڪُمّ ڪُريون، مٿي جَر جهرڪن

سهسين راڄ، ”سيد“ چئي، پاسي تنهن پَرَن

سي ملاحَ ئي مرڪن، جن جو صُلح سلطان سان.

[29]

کڻيو کٿوري، هيءَ مي مڇي ماري

مرڪ جنهن جي مائٽين، کاري ۽ ڇاري

سا تخت مٿان توڙان ئي اُٿي آڍاري

ڪوڏان ڪرمشون ڪيان، هُو جي هزاري

جيلان عشق آچاري، تي ڄارو چام هٿ ۾.

[30]

عشق آچاري، تي ڄار هَٿ ۾ ڄامَ

سي ئِي ٿيا انعام، ڪامِڻ جي قربائتا.

[31]

کوءِ سَمِيون، ٻن سومريون، جي اچن اونچي ڳاٽَ

مَر سي ڪينجهر ڄائيون، تماچِي جي تات

راڻي مُلا رات، ماڻڪُ مي پرائيو.

[32]

نه وڍي، نه وِڪڻي، نه ماري، نه ڌاري

اُهَن سَهَن ساهميون، ڌُريان نه ڌاري

کارو وَڌائين کُههِ ۾ نِرتَئون نِهاري

سائِي پر پاري، جا سَمي گهر سپجي.

[33]

نه ڪنهن ڄائو ڄامَ کي، نه ڪو ڄام وياءُ

ننڍيين وَڏين گندريين، ٿيو سمون ڄام سياءُ

”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُولَدۡ“ اِي نزاڪت نِياءُ

جو ”ڪِبۡرِ ڪِبۡرِيا“ سو تخت تماچي ڄام جو.

[34]

آهي ٻن اکين ۾، ڪو جو ڪامڻ مي

تنهن نِيّرَ پايو ٿي، تن تماچِي ڄام جو.

[35]

نوريء کڻي نوازيو، ٿيو تماچي تي

گاڏي چاڙهي گندري، ماڙهُو ڪيو مي

ڪينجهر چوندا ڪي، ته سَچ سڀائِي ڳالهڙي.

[36]

گند جن جي گوڏ ۾، ڪلهن سر ڪُڙهيون

آڙا ڀرين جي اُڃِيون، مٿن تن مُوڙهيون

سي اچن سنڀوڙيون، سمي جي سَلامَ تي.

[37]

کِکيءَ هاڻيون کاريون، ڇِڇيء هاڻان ڇَڇَّ

پاند جن جي پاند سين، لڳو ٿئي لَڄَّ

سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.

[38]

ڄامَ اڳيان جي ڄائيون، تن جي نرت نوريءَ کي نانهن

سي کِينَ نه کاڄ ڪنہ، وڃڻ ڪنہ نه وِهان

ڪينجهر ڪنڌيون ڪانهن، جن جو تَماچي تَڪِيٿو.

[29]

ڪوڏان  ڪرمش جِتِ ڪيا، گَجيو گندرين

راء ريجهايو ريلَ ۾ مرڪِي مهاڻين

اُتِ سڄِي رات سَمين، اُڀِي نيڻ نِچوئيا.

[40]

هَريا پٽ هوند سڦرا، رِي لِتائي لال

کِہَ ۾ ڪُڏَن گندريون، طرح وڄايو تالَ

سُمون ڪري سنڀال، اچي تخت ويٺو تن جي.

[41]

ڄار وِجهَندِي ڄام، ڏِٺي ڊُونڊيء منجهئِي ڊيل

نيائين تَنُ تماچيء جو، رُوحُ وَٺي منجهه ريل

اکيون اکين لڳيون، ٿيون ڪن کنوڻين جا کيل

جڏهن مَنَّ ڪيو ميل، تڏهن نورِي ٿي ناز ڪري.

[42]

ڄام تماچِي آئيو، مٿي تَڙَ تناه

اچي پيس اوچتي تنهن نورِيء تي نِگاه

تنهن کي گندري چوڻ گناه، جنهن جي جهوليء

چنڊ جھُلِي ٻيو.

[43]

اَوَّل نورِيء ناز سان، ڪيو عرشَ اُهاء

”صادق“ چنڊ نه سِجُّ هو، اِهو صورت جو شعاع

مهاڻِيء مُهانءُ، ٿي تماچيء تنواريو.

[44]

ڪُڙهيون ڪَنۡورَن هٿ ۾، ڄام ڪلهي تي ڄار

راڻين جِي راءِ پَئِي، ڪيو شاه شڪار

جڏهن عشق ڏنو آڌار، تڏهن تور تُراري اڳرو.

[45]

ماڻهو چُونَم مي، آءُ آهيڙياڻي آهيان

ٿورِي  جي ٿرن جا، مونهان ڀليرا سي

ڄامَ تماچيء جي، نامَ نوازي آهيان.

 

صدا

اللہ ڀلا تي توڙان ئِي، مون مڱيو توههُ تنهنجو

1- آءُ آگِلّي آهيان، وو ميئن سندي مي

2- سميون سڀنئان اڳريون، ڀانيان ڀليون سي

3- پاند لڳوئي پاند سان، ٿو لڳو لَڄَّ ڪري

4- پاڻ لڄايَس پاڻ کان، مَر طعنا ڏينم تي

5- توکان ئِي توکي مڱان، ٻيو ”صادق“ ڏيجُ مَ ڏي.

 

·


 

 

سرڪارايل

 

صدا

جي ڄاڻان جيئن ويندو، ساٿِي ادا اي سپريان جي سانگ

1- تو سينء ويلو نه ڪريان، هوند وڻ وِهايان رات

بيت

[1]

هنجهڙا سا پريت ڪرو، جا جَر سَر ڪَوَلَ ڪرين

لکين لَهرين لوڏيا، تون رنگ نه مٽائين

پِرِههَ پاٻوهين، وِچئين وَنڪَ وترا.

[2]

جان ڪو جِئين ڏينهڙو، تان هنجهه مَ ميرووَت

گنهگر وِجهه مَ گهٽ، سِرُ تان سَر ڪيترا.

[3]

جي گهڻو ڪري نهارئين، هنجن سين هيڪار

ته ٻڳهن سين ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن

[4]]

هاجَ تنهنجي هنجرا، ڪنڌي‎ء ۾ ڪيهِي

پٿُون لاء پاتارَ ۾، وڃين نه پيهي؟

مانَ گڏجن ئِي ڏيهِي، جي سوڌيون ڏينَئِي خبرون.

[5]

ڄاروهِنيون ڪارو ڪري، تون لُڙَ کان لاشڪ ٿيءُ

اُڏام اچي سامهون، تون پاڪ نِهاري پيءُ

چِلُڙ ۾چَهِنجَ هَڻِي، جوکي وِجههُ مَ جِيءُ

اونهون جت اَڇو وَهي، پاڪ نهاري پيءُ

هنجهه حضورِي ٿيءُ، ته ماڻين ڪنول ڪولاب جو.

[6]

جِتي ڪُنرا لوڙيون، جو پَنِي ڏارِي

سوئي سَرُ ساري رُنو رات هنجهئين.

[7]

جِتي ڪُنرا لوڙيون، پيَنِ من مَتيون

اُڪيرون ڪيون ٿي سَرَ مٿي هنجهڙي.

[8]

مورَن مانڊاڻا ڪيا، سَرَ تي سانجهيءَ وار

سَٽون ڏين سَپَن کي، ڪارايل ڪنڌار

ماري نانگ اَپار، وِههُ پيتائون وَٽِئين.

[9]

موران موٽڻ ميهڻو، نانگ نه نويُون ڪن

ڪارايلَ ڪارن کي ڳارائيو ڳِهن

ٻيون ڏيئي ٻَنَ، وِههُ پيتائون وَٽِئين.

[10]

وڻ چڙهيو وايون ڪري، ڪارايَل مُياس

ڪي تو چورياس، ڪِي  مون سڄ ساريا.

[11]

سِجُ لهِي  سانجهِي ٿي، وڻن هنئي وَنۡڪَ

ساجن تنهنجي سِڪَ، موٽيو ماڳ نهاريان.

[12]

سِجُ لهِي سانجهي ٿي، پَکِي پوونِ وَڻين

ساجن پنڌ گهڻي، کڻيو نيڻ نهاريان.

[13]

کڻيو نيڻَ نِهاريان، اچن ويلِ ٿيانِ

سونَ ورنا سپرين، لاکيڻِي لوڏانِ

اچي جا سيڻانِ، سا کيہ کٿُوري ڀانئيان.

[14]

پکي پکين جهڙو، پکي پکيان جي ذات

ڪا جا لَنئي لات، تِئن لهن ڪٽ قُلوب تان.

[15]

پکِي پکين جهڙو، پِکي پَکيان جي ذات

سڀئي سوجها سَرَ جا، سڀني وَحۡدَتَ  وات

باهُوتاڻِي بات، لَلّي  ري ڪير ڪري.

[16]

سِپُون سوجهي آئِيو، سائو سمنڊ منجهه

ڏوري وڏي ڏک سين، گوهر لَڌائين گنج

پکِيئڙو پيهي ٿيو سندو مائر مَنج

جان هڏ جا نِڪي هنج، تان لعلون لڪيون نه وَهِيُن.

[17]

سَرَ سُڪي سالَ ٿيا، هَنجههَ هَريوئِي پيرُ

ڪَنگُ ويچارو ڪير، جو رَسي اِنهيءَ رمز کي.

[18]

هيءُ سَرُ اُهوئي اڳيون، ٿا پکِي پَوَن ٻيا

جَن لَميو لاتيون ڏنيون، سي هلي حَقّ ٿيا

پاٽوندر پيا، وڃِي ڪوثرَ ڪنڌيين.

[19]

هينئڙي سَڄَڻَ سريا، ڪِٿي هوندم هٻيرَ

”وَ فِي اَنۡفُسۡکُمۡ اَفَلاَ تُبۡصِرُونَ“ پکين

اِهي پيرَ

واهري جِيء ويرَ، پَسان چَوڪس چِتَ ۾.

[20]

هينئڙي سَڄَڻَ ساريا، ڪٿي هوندَ م هيرَ

راهيري جيءَ وير، اچيو چڻڪن چِتَ ۾.

[21]

بيٺا انت عَميق ۾، هنجهه نهاري هوءِ

ماڳَ جَنِين ماڻڪين، ريہَ تنهن ۾ روءِ

چوريائون چاءِ پَئِي، خاطر منجهان خُوءِ

اَمُلَ آڻي اُوءِ، هاريائون هن حَدّ ۾.

[22]

آهي انۡتَ عَمِيقَ ۾، سندو هنجهن هنڌ

جوهرين جِي جوءِ تي، آهن راتو ڏينهان رَندَ

چوريائون چاءَ پئِي، اَمل جو اَرَند

جو پُڻ کڻن ڪنڌ، ته پڻ موتِي  آهين مُنهن ۾.

[23]

پيٺا انتَ عَميق ۾، نڪونج ساڻ نِرت

ماگ جي ئي ماڻڪين، تڪيا ڪيائون تِتّ

چوريائون چاء پَئي، موتِي ماڻڪ مِت

هينئڙو آهي هُت، کَڻِي هاريائون هِنَ هنڌ ۾.

[24]

ويٺو جيئن وماسيين، حيرت پَئي مَ هَنۡجَ

اونهون جِت عميق وهي، تِيان ڌوئِي لاهِج ڌج

ساجهر صبوح سنجهه، اورج تون عَميقَ سين.

[25]

ويٺو جيئن وماسيين، حيرت پئِي مَ هڏ

لاتيون جي لباس جون سي ڇپائي ڇڏ

تَنُ طالبن گڏ، ته ويجهو ٿئين وصال کي.

[26]

ويٺو جيئن وِماسيين، حيرت پئي مَ هاڻ

اُونهون جِت اَڇو وَهي، ماڻڪَ تيان ماڻ

تن طالبن تاڻ، ته ويجهون ٿيين وصال کي.

[27]

ويٺو جيئن وماسيين، حيرت پئِي مَ هور

اونهون جِت اَڇو وَهي، گهري تيان ئي گهور

ڏنيون هڏَ مَ ڏور، ڪا سوجها ڪَج سمونڊ جِي.

[28]

لَمي لَئي لاهُوت ڏي، ٿو نِڪونج نهاري

سوجهو ٿيو سَرَ جو، پيٺو پاتاري

آڻيو آڇاري، موتِي جي مِهراڻ جا.

[29]

سَرَ ۾ پَکِي، هيڪڙو، پاريڙين پنجاهه

سندي آسَ اللہّ، ٿو لُڏي لهرين وچ ۾.

[30]

هَنجَ سدائين ڏُٻَرا، پَکِي ٻيا مچن

ماريء سندو مامرو، وِرِههُ ويچارن

ڪَنبن ۽ چُڻن، پٿون جي پاتار جا.

[31]

وِٺيُن هَڻِي وڃائيو، لُڙ جو هيٺ لئِي

تِئان پيتائين پيئيون جائُون منجهه جيء

ڊوڙون منجهه ڊَهِي، ٿو ڪنگّ ڪڄاڙيان پائيين.

[32]

ته سَپن ۾ ڪِي سپجي، پَگها ڪوهه ٻجهن

ڪنگ ڪانيرا ڪانۡئرا، اوڏهان ڪِين اُچن

سُندِي ذات هنجهن، مُنهن کوڙيو موتِي چُڻي.

[33]

پَکِي پيهِي نڱيا، منجهان لتن لَکَ

ڪَنِهين ماڻڪ ميڙيا، ڪَنِهِين رتا پَکّ

پٺيء لائي  لَکّ، وڃي گڏيو هنجُ  حبيب کي.

[34]

جو سَرُ ٻگهه وِٽاريو، ڪَلُوريو ڪنگن

ايندا لَڄّ مرنِ، تنهن سَرَ مٿي هنجهڙا.

[35]

آءُ اڏامِي هنجهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي

مَڇُڻ مارينَئِي، پاريڙين پَههُ  ڪيو.

[36]

سو پَکِي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنَجُ

پيهِي جان پروڙيو، مون پنهنجو منجهه

تان ڏيلُ جنهن جو ڏنجهه، سو مارِي ٿو منجهه ڦري.

[37]

هنجڙو هيڪڙو، چُڻي ۽ چينگاري

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ٿو سانڀيئڙا ساري

جيڪا رضا سبَّ جي سو پکيئڙو پاري

وٽئون ويچاري، وَڳرَ سڀ وَهي ويا.

[38]

هلڻ هارا هنج ٿيا، پَکّ ٿا سنوارين

تان تان تنوارين، صبح سنبهِي هليا.

[39]

صبح سنبهِي هليو، سڀڪو پاڻو واڻِي پاڻ

روئي ڪن رهاڻ، هَنجَ هليائي ڏينهڙي.

[40]

سَرَ پئي سُکائون، ٿين سانجهِيء ويرَ

گهر گهاريندي ڪير، هيڪلِي ري سڄڻين.

 

صدا

ساٿيئڙا ادا هو نينهن مَ ڇنيجاه

رَهِي رات ڀنڀور ۾ آئِينۡ صبح هليجاه

1- ڳجهي آهيم ڳالهڙي، اوء ادا آن سين نه ڪا جي

2- آن ويٺي واٽ ٿئي هي مانَ منهنجو ساه جي

3- هَنجههُ جن جو هيرئون سي وڳر ويا وهي.

 

صدا

هنج اَهنجڙي هيج هيج، ڪير اوريندي ٻگههّ سين.

1- ماڻڪ چوڻو جن جو موٽِي سندن ڏيج

2- سَر ۾ پئِي سُڪاريا، رهي ڪيائون ريج.

 

صدا

هادي الو سائين الو، مون مَ ڇڏيجا

ور وراڪا ويڙئين، مون ڪرم ڪريجا

1- هن نينهن نماڻي کي اوهين ڪنهن گت گڏيجا.

 

·


 

 

سُر بـــروو

بيت

[1]

دانهن دردمَند جِي، ٻُڌي ڪونه ٻيو

اهڙو حال ٿيو، اچي عاشقن جو.

[2]

آڏو ٿيئين سڄڻا، وڃي نه واء

تن منهنجي تاء، هوند نه ڪيو ايترو.

[3]

ثابت ٿيا سپرين، ڪو مون اچي چوءِ

اندر رتُ نه روءِ، پڌر وجهان پريتڻو.

[4]

هنيون سڪو ڪاٺ جيئن وڍي ٿو واڍو

ڏکن ڪيو ڏاڍو، وهي واريءَ مُٺِ جيئن.

[5]

نالو ڳنهِين نينهن جو، لڄاڻي آئون

مُونهان مٿاهون، قدَمُ قريبن جو.

[6]

ماء ڦوڙائو مون ٿئي، ڪڏهين ٿئي سيڻانِ

ڪڏهين منجهه وڻانِ، ڪڏهين ڌِڪِين پڌرو.

[7]

سينڌا مون جي سپرين، ڦورائي ويا

اندر آهي ڪا، سندي سيڻن ڳالهڙِي.

[8]

پاڻهين ميڙائو ڪَن، ڪڏهن ڦوڙائو

ڪڏهين چاڙائو، ڪڏهن سِڪي سِير جيئن

[9]

”صادق“ سينڌا نه سپرين، من گُهنڊي منهن گهُور

پاڻان ڏيهُون پُور، سڄو ڏينهن سُوريء تي.

[10]

”صادق“ سينڌا نه سپرين، ڪڏهن ڏکن ڏَنجههَ

ڪڏهن هِينئين منجهه، ڪڏهن ڇڪي پاڻ ڏي.

[11]

اچِي پيئَم پاڻ سين، مَتِ موڙهي مانۡ

سا سَڄيئِي سُور ٿي، هوءَ جا چَئِي اُنۡ

ڪڏهن سيڻن سان، ڪڏهين نيهون پاڻ ڏي.

[12]

نالو ڳِئڙو سڄڻين، جو وساريان وِهو

تان چُڻڪِي چِتِ پيو، مُونهانۡ لڪن پاڻ ۾.

[13]

وَڃُ تون ويسرِي، مون کي چيائون

اِي پَهَه ڪيائون، پوءِ سامهان ٿيا سپرين.

[14]

ڏيو ڏِيلُ ڏکن ۾، وساريان ويٺِي

مون سين ڪري ڏيٺي، آڻي ڏنائون اڳهين.

[15]

اُتي گڏيا سپرين، جِتِ وسرِي  آئون

دل ڇڏيون دانهون، ويئي ويچاري نڪرِي.

[16]

مون منجهان پڌرا ٿيا، مون کي وڃائي

سرتيون اِنَ  ساهي، رات منجهان ئي ڏينهن ٿيو.

[17]

”اَلانسانُ سِرّي واَناسرُّهُ“ جِتي چيائون

اندر ٿي آئوم، پڌر ٿيا سپرين.

[18]

وساريان وسار سين، سَهِي ڪيو سيڻَ

ٿيا نهارا نيڻ، مون ڏانهن معشوقن جا.

 

·

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org