ڪافيون ديوان
ڀوڄراج جون
(1)
وهه واهه قدرت تنهنجي قادر آهي بي حد بي پايان
ڪاٿي سالڪ سلوڪ جو سائين
ڪاٿي محبت منجهه مستان
آهين ڀي سڀ ۾ سڀ کون نيارو
هي سڀ آهي تنهنجو مڪان
وجود ساري ۾ تون هي وسين ٿو
آهين اکين منجهه عيان
ڀوڄو قدرت تنهنجي ڏسي
آهي حيرت منجهه حيران
(2)
بادل آيو بهار ميان ڪر ڪا يار وسڻ جي
گل گلابي ڪنول ڪوماڻا
توڙي چمن چوڌار ميان
ڪري وسڪارو ڀر تون ٻاريون
کڙن گل گلذار ميان
وڻ سڪا سڀ ساوا ڪر تون
ٿين انب انار ميان
ڀوڄي کي نت آس جا آهي
سهڻا لهندي تون سار ميان
(3)
سنهيون سنهيون ڳالهڙيون آءٌ جانب ساڻ
ڪندياس
اٺئي پهر پنهنجي يار پنهل سان
اوران ويهي اوريندياس
پاند ڳچيءَ ڳل آءٌ جو پائي
معافي سڀ منگندياس
ٻانهن جي آءٌ هردم ٻانهي
روزو شب رهندياس
آس ڀوڄي کي آهي اندر ۾
محبن کي ملندياس
(4)
تن جنهين جي تار ميان سي ڪيئَن
وسرن يار ڙي
راتيان ڏينهان وائي اهائي
جيڪا سڻائي دلدار ميان
اور اندر ۾ سدا جانب جي
ناهي ڪا ٻي پڃار ميان
دم دم سار دلبر جي آهي
لونءَ لونءَ منجهه لغار ميان
ڀوڄي کي سڪ تنهنجڙي آهي
مل محب منٺار ميان
(5)
ڏاڍي مون کي برهه لائي آهه تار
خبر نه پوي ٿي چار
آتش عشق ۾ روز پچان ٿي
بنا صحبت يار
محبت يار جي ڪيڙس ماندي
لڳڙي لنو ته لغار
سڪ سهڻل جي ۾ راتيان ڏينهان
نيڻين وهايان نار
مل ڀوڄي کي تون سهڻل سائين
لهه ڪا سار سنڀار
(6)
يـــارن جـــــي يـــــاريءَ مــــــون نڪري
چش ويئَي
يار اڄو ڪـــــا آهـــــن ڪهـــــڙا توڙا
ڪيترا هجن ڪيئَي
يار تنهنجي کي ٻيو ڪو ملي دم ۾ ڇڏي وڃيئَي
سچو سڄـــــڻ ستگورو آهـــــي جو هردم ساڻ
هجيئَي
يار جهانــــي ڇڏي سڀ ڀوڄـــــا ڳولج سڄڻ سيئَي
(7)
نينهــــــــــن ســـــندو نـــــــروار ٻاڻ
مرشد جو جنهن کي لڳڙو
راتيان ڏينهان رمز انهيءَ ۾ رهي سدا سو سرشار
دم بدم رکي تات اهـــــائـــــي رهي محبت
منجهه متوار
اٺئي پهر آب اکين مـــــــون ننديون وهائي
ٿو نار
ڀوڄاٻي ٻيائي سڀ ڇڏي تون ڪر عين الحق اظهار
(8)
مون کي سڪڙي پرين منظور مولا وي
مان ڀي ڪين ڇڏينديس ياري
هر هميشهه رهنديس سدائي
منجهه انهيءَ مذڪور مولا وي
سڪ اوهان جي ۾ راتيان ڏينهان
چڪي ٿيس چڪچور مولا وي
دلبر دام وڌا هن دل ۾
محبت جا ڪي مشهور مولا وي
دلبر جي ديد سنديءَ ديد ۾
ڀوڄا رهه ڀرپور مولا وي
(9)
اينــــــــــدم اوراهــــــــــون
ادا پنهل مون پرڏيهه ميان
جانب ڪاترهيءَ ته جندڙي وينيس
سهسايون
دوست ڪارڻ دلبر پنهنجي ويٺي
نهاريان راهون
جانب لئــــــــــــــَه تـــــه جڳ
۾ ويٺي ڪريان آهون
ڀوڄي
غلام جون سهڻل سائين ٻڌندين تون
دانهون
(10)
پنهـــــل پيـــــرڙو پـــــائي ناهي
ڪم ٻين سان
دونهان درد فـــراق جـــــا ويٺيس سر تي
مان ساهي
دوست بنان هن ديس ۾ هيءَ نماڻي واجهائي
سورن ڀري هيءَ دلــــڙي ڪنهن
سان ڪين اَلائي
دلبر اڳيون دوست جـي ڀوجو نماڻو ڇاهي
(11)
مون کي عشق ڪيو آهه بيزار
ڪيئَن ڪيان آءٌ ڪاڏي وڃان
عشق مجنوءَ جو ڏٺم ڏاڍو
ماري ڪيائين پاڻ مڙدار
سهڻي ويچاري سدا سونهاري
ڏوري ٿي ڏونگر ڪاڻ ميهار
سسئَي پنهل لاءِ سدا ويچاري
روئي ٿي دم دم زارو زار
ڀوڄو آکي محب مليو جڏهن
ٿيڙا باغ سڀيئَي بهار
(12)
عمر ادا هيءَ لعل لوئي ڪيئَن لاهيان
وڃي مارن سان پوءِ سينو ڪهڙو ساهيان
لعل لوئي اٿي رنگ گلابي
جنهن بن ڪين آءٌ پاڻ پسايان
مارن ڪاتر رت روئان ٿي
نيڻين سدائي نير وهايان
سڪ ته مارن جي ڪيو ٿم ماندو
ڇڏ ته وڃي آءٌ پاڻ ملايان
ڀوڄو آکي برهه منجهارون
غلام سنتن جو آءٌ آهيان
(13)
جهڙي آهيان تهڙي يار پنهنجي جي
ڪين ڏسو منهنجي عيبن ڏي
چري ڪيڙس قسمت پنهنجي
ڪهڙو ڏوهه ڏيان پنهنجي ڏيرن کي
آءُ آهيان ير نڌر نماڻي
ڇا ڪيان ٻين سيرن کي
خوب خوش ماليون مان نت ڪريان ٿي
ڏسي ڌڻيءَ جي پيرن ڏي
گڻ ڌڻيءَ جا ويٺي ڳايان ٿي
ڪين ڏسان ڪنهن جي ميهڻن ڏي
ڀوڄو چوي سائين در ته ڌڻيءَ جي
ويٺي نهاريان مان نيڻن ڏي
(14)
جن کي عشق جو لڳڙو آزار
سي سهڻا ڪيئَن سور سهن
ڪار ڪتڻ جي ڪين وسارن
ڇڪيون اچن ڪا تندڙي تنوار
ڪاهي هليا ڪيچ ڏي ميان
ڪري سو پنڌ قهار
دونهان درد جا دم دم دکن ٿا
هينئَڙي منجهه هزار
ڀوڄا پاڻ سڃاڻي پنهنجو
ڪج نه ٻي ڪا پچار
(15)
عشق ڏنو ٿم ڏاڍو عذاب
ڀينر منهنجي ڀي ڪا ڪريو
باهه برهه جي ڏاڍو جلائي
ڪيڙم مثل ڪباب
لنو سڄڻ سان ويٺس لائي
ڪنهن کي ڏيان مان ڏوهه ثواب
لنو لڳايم يار سان ڏاڍي
ڪيئَن ڪريان مان يار حجاب
ڀوڄا پاڻ سڃاڻي پاڻ ۾
ٿي سمهه تون خوش خواب
(16)
منـــــــــــــــڙو ڪَـــــيءُ
مســـــتان نازان نال يار نهوڙي
وڇوڙي تنهنجي ڪارڻ جاني ٿيڙس آءٌ
غلطان
بنا ملــــــڻ دلبـــــر
تنهنجـــــي آهيان آءٌ حيران
محب ملندي سگهو مون کي رحم ڪندين
رحمان
ڀوڄو آکــــي محـــــب ملنـــــدا
ٿينديس آءٌ قربان
(17)
الله ڏينـــــديـــــــــن
ايمــــــــــــــان مان ڀي ملان محبن کي
محب اڳيائون هر ڪو بنـــدو خود هجي کڻي خان
ديدان يار جون شمع جهڙيون پون اچي پروان
لطف جانب جي دم دم لوري هر جاءِ آهه عيان
ڀوڄو آکي بـــــرهه منجهـــــارون رهبر ٿيءُ
رحمان
(18)
درد حب جــــــــــي دلـــــــــــــــڙي وڌي
آهي يار ڦٽي
قربان سي قربوُن ڪرن ميان صاف سر سارو سٽي
راتيان ڏينهان رمز ۾ مـــــيان گهورتن
جــــــي نان گهٽي
پرپيالو نت پين ميان وحدت واري
منهجهه وٽي
ڀرڄا ڏس تون نور آهــــــــــين ڪوڙڪپت دل جا
ڪٽي
(19)
رانديگر جي اها راند ڏسي منهنجو منڙو
ٺري ٿو
هردم ويٺو ٺاهي ۽ ڊاهي
گهڙي نه هڪڙي اٿس واند
ڪاٿي قيدي قيدوُن ڪڍائي
ڪاٿي ناحق رکي ٿو باند
بعضيٰ در محبت سرور گردد
بعضيٰ بر معشوق مشتاق ماند
مرشد واري مام تون ڀوڄا
رکج پليء پنهنجي پاند
(20)
ڄـــــــاڻ اهـــــو تـــــون
ڄـــــاڻ سنگي هلندءِ ڪونه ڪو
هتئَون هلندين هيڪلــــــــــو
بنان رام حيران
کڻندي ڪي ڪين پاڻ سان نيڪي نيندي
ساڻ
جپي تون نالو نام جــــــــــو
ويٺو موجان ماڻ
ڀوڄا پسي تون پاڻ کـــــي پنهنجو
پاڻ سڃاڻ
(21)
محــــــــــب مٺــــــــــو
مـــــنٺــــــــار آيواڱڻ آهي مون
پيهي
سُتي پَئي هَس سيج پلنگه تي انحد آئي
جهنڪار
اٿي ويٺيس اوچتـــــو سائيـــــن سڌ
نه هيڙم سار
جيءُ جانب سان يــــــــــار لڳائي
ڇڏيم ٻيو ڪم ڪار
ڀوڄو آکي محب اڳـــــــــــيائون
آهيان بي اختيار
(22)
رکي دم دم جو تون خيال پاڻ پڇاڻج پاڻ ۾
سڪ ته ڌڻيءَ جي ۾ راتيان ڏينهان
رهج سدائين ساڻ سنڀال
محبت پيالو پي ڪري سائين
ٿي ويهج تون مست بحال
ڀائر ڀائتيا هيءُ ڪٽنب قبيلا
ساڻ نه هلندءِ ماڙيون ۽ مال
ڀوڄو آکي مٺا محبوب جاني
ويٺي نهاريان توڏي نيڻن نال
(23)
ســــــــــري رام رام رام يــــــــــار آهي
سڀني جو آڌار
جيڪو جپيندو رام سائين سوئي ٿيندو هوشيار يار
رام نه جيڪو يار جپيندو روئندو سو زارون زار
يار
وجهج نه پاڻ تي تون جاني مايا سندڙو ڪو ڄار
يار
ڀوڄا جپ تون رام کــــــــي ڇڏي ٻي سڀ
ڪاربار
(24)
يار منهنجي جا گهڻا
پور پل پل ۾ پون ٿا
دلڙي دلبر لئَه ديواني
روز ڪري ٿي آهون جاني
محبت ۾ ٿي يار مستاني
گهمي ٿي ڀٽون ۽ ڀڻان
غم گوندر ۾ پئَي گذاريان
جانب لئَه هڪ دم نه جاليان
گهڙي گهڙي ائين ٿي گهاريان
جئَين ڪُنيءَ منجهه ڪي ڪڻان
باهه برهه جي جا يار ٻاري
سري ويئَي سيني ۾ ساري
ڪو ڪان ڪريان ٿي بيقراري
پوءِ سور اهي ڪيئَن سرکڻان
صورت يار جي وڌم سڃاڻي
مرشد ٿيو جڏي اچي ساڻي
ڀوڄو چوي سڻ شال جاني
محب پنهنجي کي وڻان
(25)
محب مٺا تنهنجي ڪاڻ
هيءَ ٻانهي وتي ڦرندي ديواني
بيکه منگان ٿي در در پيهي
من ڪو ڏسڙو ڏئيم سنيهي
آهيان اصل اڄاڻ
فراق تنهنجي ڪئَي آهيان فاني
نازن تنهنجن وڌيس نهوڙي
مران ٿي منجهه تنهنجي وڇوڙي
ڪنديس ڪنهن سان رهاڻ
آهيان تو لئَه آن حيراني
برهه تنهنجي جون يار باهيون
سر اسان جي ڪاهي جو آيون
ڏس تون پنهنجو پاڻ
ناهيان لايق تنهنجي ثاني
سڪ ته تنهنجي روز سوائيِ
برهه ڀوڄي کي آڻي بڇائي
پنهل ڏي پنهنجو پاڻ
آهيان اصلاً تنهنجي ٻانهي
(26)
آهي اندر ۾ اها آس
شال گڏيندا پاڻ سان گولي
دم دم اٿم تنهنجي وائي
سڪ جي تو جا يار سڻائي
برهه مون ڪيڙم باس
رهنديس جانب تان آءٌ گهولي
ترت تياري تن آءِ ڪيتي
صحبب سرڪي جن آهه پيتي
منجهه محبت ٿي مواس
چاڪ ڪرن ٿا پنهنجي چولي
محب ملندو دلبر تن کي
سڪ سهڻل جي آهي جن کي
ٿيندا نه اُهي نراس
ٻڌي جن آهه برهه جي ٻولي
باهه برهه جي ڀوڄا ڀاري
سوُرهيه سهن سر ڏيئَي ساري
خود اهي ٿي خاص
هر جاءِ ڏسن هوت جي هولي
(27)
ڳالهيون پنهنجي ڳجهه جون ٿا ساميئَڙا
به سلن
سمجهي پنهنجي ساهه کـــــي ٿا چست
اُهي به چلن
جوشوُن جهونگر سان لڳــــي ٿا محب کي
ملن
هڪليون پنهنجي هــوت ڏي ٿا هيڪاندا
به هلن
موُروُن مٽن ڪـــــــين ڪـــــي
جيڪا ٽور ٽلن
ســــــــــدا صحبـــــت
پنهنجـــــي آکيون نان الن
پســـــن پنهنجـــــو پـــــاڻ
کـــــي ڀول نه ٻيءَ ڀلن
ڀـــــوڄا بــــــــــاهه بــــــــــــــــرهه ۾
ٿا جو ڳيئَڙا به جلن
ونحــــــن اقـــــرب يـــــار
ســـــان ٿا رمز اها رلن
(28)
محب مٺا ڏي ديدار
سمرڻيون سڪ جون ير ويٺا ٿا سوريون
تولِئَه جانب دلڙي ديواني
محبت ۾ ٿي رهي آهه مستاني
ڳُتل ڳچيءَ جا هار
آهن اندر ۾ ير تنهنجون هوريون
سڪ ۾ پيئَي دلڙي جلندي
سور ڪنهين کي ڪين جو سليندي
ويهه محب تون يار
اوران اندر جون ويهي ڪي اوريون
دم دم ويٺي توکي ساريان
تو لئَه جاني هنجون هاريان
وٺي تنهنجڙي تار
چرخو اهو ويٺا اسين ٿا چوريون
ناهي چڱي واٽ رسڻ جي
ڪر ڪا مون سان محب ملڻ جي
ڪر ڀوڄي کي بهار
لُنوَ لُنوَ ۾ آهن تنهنجون لوريون
(29)
سهڻل تنهنجي سڪ جي
وائي اٿم مون کي وڻي
دم بدم تنهنجي عشق ۾
رويون رڙان اکڙيون کڻي
ڪر دلاسو ديدار جو تون
ڏي ڪا محبت جي مڻي
سوز تنهنجي عشق ۾
ڇاتي پئَي آهه منهنجي ڇڻي
ناهي ڪوئي حال منهنجو
درد لاهيندي تون ڌڻي
محبت ماري جو آهيان
بات هيءَ منهنجي بڻي
صحب پنهنجي منجهون سهڻا
ڏج ڪا مون کي يار ڪڻِي
طلب تنهنجي ديد جي
حب اٿم ڏاڍي گهڻِي
مل ڀوڄي کي يار پيارا
عشق عيب ڪيها ڳڻِي
(30)
طلب تنهنجي منجھ جاني
دلڙي رهي منهنجي تڻي
محبت تنهنجي آهه ماريو
نوڪ هيئنڙي جي هڻِي
سيگهه ۾ لهه سار تون
سچا صاحب منهنجا ڌڻِي
ڪر ماڙ مون سان يار تون
رهان بندي در جي بڻِي
ٿيءُ سهائي يار مون سان
خاوند وٺ تون مون کي کڻِي
عشق اولانبا ٻاريا
آگ اندر ۾ آهه گهڻِي
ڏي ڪو شربت شوق جو
ڳجھ منجھارون يار ڳڻِي
نت ڀوڄي کي يار اندر ۾
وائي تنهنجي آهه وڻِي
دم دم سان ٿي ساريان
سڏڙا منهنجا من تون سڻِي
(31)
دلبر تنهنجي ٻاجھــــون هيئنڙي ۾ آهه
حيراني
دلڙي تو لاءِ سڪي ٿـي چاڪن ۾
ڄڻ چڪي ٿِي
هڪ پل نان ٽڪي ٿــي ڪئي درد
آهه ديواني
راتيان ڏينهان رڙان ٿي سڪ سوز منجھ سڙان
ٿِي
محبت منجھ مران ٿــي لائي برهه آهه
بيراني
سهڻل آهه سدائــــــــــــــي هردم
تنهنجي وائِي
برهه جـــــي حـــــد لائـــــي جيءَ ۾ جلڻ جانِي
ڀوڄي کي آهــه پـــــياري سهڻل تنهنجي
ياري
پل پـــــــــل ۾ پڪـــــاري ڪندين محب مهربانِي
(32)
مون کي تنهنجي برهه ڪيو آهه بيزار
ڪر ڪا مهر مون تي تون سهڻا
سگهڙو لهه ڪا سار
هرهر هوت تنهنجي ڪاتر
اڏايان مان ڪانگ اُپار
ڪڏهن ملندي مون کي تون سهڻا
صحبت جا سردار
جدائيءَ تنهنجي جانب مون کي
وڌا هن گهاو هزار
دارون درد منهنجي جو آهي
دلبر تو ديدار
محبت تنهنجيءَ مون کي موهيو
ٿيڙس آءٌ بي قرار
پور جڏهن تنهنجا پون ٿا
روئان ٿي زارون زار
نيڻ کڻي جي يار نهارين
هيڪر تون هڪوار
صدقي ڪري هي سرڙو پنهنجو
ڀوڄل سـؤ سؤ وار
(33)
جانب ڏيانءِ هوند جس ميان
هيڪر پرين جي مون کي منهڙو ڏيکاري
راتيان ڏينهان ڪريان تان زاريون
ڳوڙها ڳلن تان لکين ڳاڙيون
من پوئي ڪو ترس ميان
دم دم دلڙي توکي ٿي ساري
هيئنڙي منجھ ٿي آهه اٿاري
هردم سڪڙي سرس ميان
ملڻ تنهنجي لاءِ ڪانگ اڏايان
هرهر ويٺي ڦارون جو پايان
من مليم ڪو ڏس ميان
بارش برهه جي ڀوڄي سر وسي
کهي دلڙي ڀي دلبر کسي
ناهي منهنجو هاڻي وس ميان
(34)
عشق جي لڳي آهي اڙي اڙي
ڪئين ڪريان ڪاڏي وڃان مان
دونهان دل ۾ ڏاڍا دکن ٿا
ڦٽڙا ڇيون نان سي ڇٽن ٿا
درد لائي آهي ڌڙي ڌڙي
ويڄ طبيب ويا ٿم وسري
محبوب ڪنون ناهي مٺي مصري
سوز اندر دل سڙي سڙي
پيچ پنهل سان جيڪو پيڙو
ٺاهي سڄڻ جو سو ته نينهڙو
جند جانب سان جڙي جڙي
برهه ڀوڄي کي لائي حيراني
دلبر تنهنجي ٻاجھون جاني
گهاريان نه آءٌ هڪ گهڙي گهڙي
(35)
دلبر ڪر داد سڻي منهنجو فرياد
بنا ملڻ تنهنجي عمر وڃي افراد
تنهنجي بنا جاني دلڙي ديواني
هيئنڙو جلي ٿو آهيان حيراني
ڪين وڻن تمام ڇڏيم سڀ سواد
اٿم عرض اهوئي سهڻل تو وٽ سوئي
ڏيان دانهن ڪنهن کي بنا تنهنجي روئي
لهه سار منهنجي ڪر اهو امداد
سهڻل تنهنجي وائي وڻي مون کي آئي
ساهه اندر ساريان آءُ توکي سدائي
بنا گفتي تنهنجي ٻي ڀانيان بڪواد
ڀوڄي تي ٿيو ڀال توڙي ڪونه هو حال
ملي جو محبن ڪيو مون کي نهال
مرشد ٿيم ساڻي ٿيڙم مون دل شاد
(36)
آءُ ته لڳيس پرين تنهنجي لاري
توريءَ دلڙِي ڪين ٿي گهاري
نعنت پايان ويٺي ڦــــارون من ملن مون کي
ماروء
ڏينم درد جو ڪـــــو دارون ڇڏن سور سڀيئي
ساڙي
پرين جو گهرجــــي پاســـــو جن ڪيو اندر ۾
واسو
مليو مرشد کون ته دلاســـو شل چاڙهي ڇڏيندم
چاڙهي
درد دﺆر سڀيئـــــي ٿيـــــــــڙا جڏهن پيرا
پرين دا پيڙا
اسانڏا مرشد ڪم سڀ ڪيڙا هاڻي مست ٿياسي
متواري
ڀوڄا پاسو پرين جو نان ڇڏ پاڻ انهن سان تون
گڏ
محـــــــل انـــــدر ۾ اهـــــڙا اڏ جتي
ڪونه اچي ڪنهن واري
(37)
جتي جتي ڏٺو ٿئون عشق جو ديدار
اتي ٻي ناهي ڪا ٻولي ٻولڻ جي
سورن منجھ سهڻا رت روئن ٿا
ڳوڙها ڳلن تان لڙڪيو پون ٿا
آهن ڏاڍي منجھ آزار
محبت دلبر جي ڪيڙا اداسي
ڦندي ۾ ويا ير ڏاڍا ڦاسي
ساڻي ٿيندن پاڻ ستار
لنو سڄڻ سان ويٺا هن لائي
سينو اهڙو اُهي سائين ساهي
آهن صورت وند سردار
ڀوڄا سڻ تون يارا گياني
موٽي نه ايندءِ هيءَ جوڀن جواني
وٺ جپي تون او انڪار
(وڌيڪ پڙهو) |