ڀاڱو ڇهون
سڪ جا سياپا
(76)
ملڻ محبوب تنهنجي سانگي
ٿي اٺ ئِي پهرِ دلڙِي تانگهي
1_ ائين تڙڦي ٿِي دل تو لئَه جانيِ
جئَين سِڪي سِپَ بوُند وانگي
2_ ڏي دل ديوانيءَ کي جانِي
جيڪي توکوُن ٿي دان مانگي
3_ راتيان ڏينهان تنهنجي سڪ ۾
ڦرون ٿا تو لئَه نانگي
4_ تنهنجي سڪ يار جيوت کي
لنگهايا يار سڀ لانگهي
(77)
صبا نياپو نينهن جو تون ته ڏيج نيئَي
نروار
1_ برهه تنهنجي جي برسات جاني
دم دم وسي يار
2_ درسن خاطر هِيءَ ديوانِي
برهه تنهنجي ڪئَيِ بي اختيار
3_ سڪا سڀ ساوا ٿيا
برهه تنهنجي ۾ باغ بهار
4_ آئي بوُءِ باغ برهه جي
لُنوَ لُنوَ ٻولي ٿي اواَنڪار
5_ ملي پاڙج يار جيوت سان
جيڪي ڪيڙءِ قول قرار
(78)
جنهين کي سڪ سهڻل تنهنجي تنهين کي ناهه ٻي وائي
1_ سدا اٿن ساهه ۾ جانِي_ جاتو يار آههَ لائي
2_ هميشهه طلب تنهنجيءَ ۾ _ برهه جي پنڊتن چائي
3_ ٿيا ڍاول اُهي جاني _ جنهين انبرت پيتو جائِي
4_ جيوت جن پرت مون پيتو _ تنهين پر واهه ناهي
ڪائي
(79)
تنهنجي سهڻل تات ڙي آهي دل
منهنجيءَ کي يار جاني
1_ سدا ڏسان ٿي سڀ ۾ _ تنهنجي مٺا مان ذات ڙي
2_ ساهه سڪي تو لئَه جاني _ جاتو پاتي آهي جهاتڙي
3_ ڪڏهن وسري ڪين ڪي سائين _ جاتو لِنوَ آهي
لاتڙِي
4_ سڪ تنهنجي جي يار جيوت کي _ برهه پڙهائي آهي
باتڙِي
(80)
وســـــــــــري ڪيــــن ويــــو آهي دم
دم دلبر دل ۾
1_ نظر يــــار دلبــــر جــــي مون کي
ڪيڙو يار کِيو
2_ اصلاً يــــار پنهل جــــو آهي مون کي
پيچ پِيو
اٿــــــــــــــم دلبــــــــــــر دل ۾ ڪونه
ڪنديس وَر ٻيو
4_ جيوت چوي منهنجو الا سنگ سهڻل سان ٿيو
(81)
جنهن جو نالو آهي الله
آءٌ ته انهن جي آهيان
1_ ساري هن سنسار جو
جنهن ته ٺاهيو آهي ٺاهه
2_ برهه انهن جي بِرِ ڪيڙو
سدا ساري تن کي ساهه
3_ سڪ انهن جي ڪنهن کي سليان
آهي ته کين آگاهه
4_ بنا ڪيچ ڌڻِيءَ جي سرتيون
ناهي ڪو مون ٻيو چاهه
5_ جيوت جاني هر جاءِ جيڏيون
آهي شاهن شاهان شاه
(82)
جيڪــــــــــا لائي آهي ڪـــــــرشن تــار
سا سڌ ناهي ڏيڻ جي
1_ مون کي تنهنجي دلبر جـــــــــــاني سدا دل
۾ سار
2_ ٿي وڄي ويل سڀڪنهن سائــــــــــين تنهنجي
تند تنوار
3_ سڪ تنهنجي ڪئَي سبزي جاني لنوَ لنوَ ٿي
گلزار
4_ مل جيوت کــــي رانجها سائيــــن ٻُڌي برهه
پڪار
(83)
سدا منهنجو ساهه ڪرشن توکي
دم دم رام ٿو ساري
1_ کسيَيءَ دلبر دلڙي منهنجي
محبت مِيء مون پياري
2_ دنيا جي دؤر ۾ دلڙي
ڪڏهن ڪين توکي وساري
3_ ظاهر باطن سڀين جائين
تنهنجي بنا تِلِ نه نهاري
4_ جيوت چوي مئَي دلڙي
نظر سان يار وڌءِ جياري
(84)
رام سدائين رهندوِ ياد
يار پنهنجي کي ڪڏهن نه وساريان
1_ يار جي يارِي آهي پيارِي
مٺو اٿس ته سواد
چکيون چکيون چوڄ چتاريان
2_ جانب جوت تکي آهي سڀ کون
آهي اڪال اناد
سائي صورت سدا ويٺي ساريان
3_ دلبر بَرَ ۾ بِين وڄائي
مرگَهه سڀيئَي ٿيا ماد
آءٌ ڀي انهن جان ٿي هيءُ سِر هاريان
4_ جيوت عاشق آهي انحد تي
ڪري سدا آراڌ
ٻڌي راڳ دم تنهن سان گذاريان
(85)
واهه واهه رام ڪرشن تنهنجي ياري
منهنجي دل کي لڳي آهي پياري
1_ هر جاءِ ڏسان ٿو رام ڪرشن کي
پرش هجي توڙي نارِي
2_ رکي جنهن رام ڪرشن سان ياري
تنهن سر برهه آهي ڏاڍو باري
3_ دم دم ساري جو رام ڪرشن کي
تنهن راند کٽي آهي ساري
4_ جيوت ٻڌ تون ٻولي ڪرشن جي
دم دم انحد واري
|