ڀاڱو پهريون
نظر سان نهال
(1)
تنهنجي ڙي نظر نهال ڪيڙو ٿــــــيڙس مســــــت
مســــــتانــــــو
1_ شوق فــراق تنهنجي جــــو ڳــــــل ٻــــــڌو
مــــــون ڳــــــانــــــو
2_ طلب ديدار تنهنجي جــــــي ڪـــــيـــــڙو
مــــــون کــــــي ديوانو
3_ برهه بــــارش تنهنجي جــــو
بــــــيحــــــد آهــــــي
بــــــيــــــانــــــو
4_ دمدم آهــــــي جيوت کــــي
تنــــــهنجــــــو درد داســــــتــــــانــــــو
(2)
تنهنجــــي ڙي نوُر نرمــــل ڪيــو
ٿــــــيڙم ســــئر ســلطاني
1_ آهي ساهه کي تنهنجي وائــــي بيــــــحد
آهـــــي نهــــــانـي
2_ صورت سڀ آهي مورت تنهنجي ظاهــــــر
آهــــــي لاثاني
3_ ڪــــرم لطــــف تنهنجــــي جــــو
ناهــــــي بيــــــان آســــاني
4_ سهڻــــل يــــار جيــــوت چـــــــوي
هــــــرجاءِ آهـــين مڪاني
(3)
دلڙي دلبر يار کسي ٿي مرڪڻ سان منهنجا
يار
1_ سڪ ته تنهنجي دمدم دلبر
تن من کي جاني اها تار
2_ درد اندر ۾ دوُد دکايا
ڏي دلداري دلبر يار
3_ راتيان ڏينهان رمز تنهنجي ۾
نيڻين وهايون ٿا مٺڙا نار
4_ جيوت ڏس تون جوت جانب جي
رنگ رنگ ۾ چوَ ڦير چوَڌار
(4)
چندين ڪيڙا حسن تنهنجي داناءَ ديوانا مستانا
1_ راتيان ڏينهان تنهنجي سڪ ۾
نيڻين هارن دُر دانا
2_ عاشق سڪن ائين تنهنجي لئه
جيئين شمع تي پروانا
3_ سدا تنهنجي سوز ۾ عاشق
رهن منجهه درد ديوانا
4_ جيوت جند جان جانب تون
ڪريان مان يار قربانا
(5)
1_ چون ٿــــا ماڻهــــو مستــــانو
لڳو ٿم رام جو طعنو
محبت مون کي مست ڪيو آهه آءٌ ٻڌو بڻيس
ٻانهو
2_ هلو ته جيڏيون سئر ڪريون کليو گل
منجانو
بيوس ٿيڙس باغ ڏســــــڻ ســــان
دل کان ديوانو
3_ تاب حســـن بي تاب ڪيــــڙم پنهنجو بدن
ٿيو بيرانو
جوش ڪــيو بيهــــوش اسان کـــي خوشيءَ
ڇڏيو خانو
4_ جيوت محبوبن مست ڪـــيو لائي جيءَکي
جهورانو
جڏهن تـــه ايــــندا اڱــــڻ اسانجــــي
ڪنديس شاديون شڪرانو
(6)
سدا دلبر دلڙي منهنجي توکي ساري
بنا يار تنهنجي گهڙي دم نه گهاري
1_ هميشهه دم منهنجو نالو تنهنجو اُچاري
سواءِ نالي تنهنجي ٻيو دل نه ڌاري
2_ پڙهي قم باذني وڌيو دل جياري
تپت سڀ خوديءَ جي ڇڏيو يار ٺاري
3_ ڪيو مست جيوت کي پيالو پياري
وڌو يار رڱين نظر سان نهاري
(7)
سر اســــان جــــي فوجــــان
برهه جون تو چاڙهيون
1_ سڪ تنهنجيءَ جي سهڻل جاني
ڪهڙي ڪريان مان ڳالهه زباني
دمدم ۾ دلبر يار
عشق ڳوڙها ٿا ڳلين ڳاڙيون
2_ ڏيئي شراب شوق پيالو
ڪيڙو مست بي خيالو
عاشقان ديِ نال ڪرڻ
نه گهرجن اهڙيون ڳالهيون
3_ نينان تنهنجون خوب خماري
وجهه ڪا ڏور محبت واري
چشمان تنهنجون يار
وجهن جان جگر کي اُجاڙيون
4_ جيوت جي ڏسين دوست ديرو
هو تن ڏانهن نه ڪر ڀيرو ميرو
جي پسين محب يار
ڀڃ ٻيائيءَ جون منڊل ماڙيون
(8)
پيالا آب حيات پيتوُ سي وي يار
گيا ڪفر اسلام ڏونهين ڇوڙ وي يار
1_ مرشد جام ديا هئَه پُرڪر
گيا حرص حوص ڏونهين ڇوڙ وي يار
2_ عشق اُمالڪ ڪيتا اُلانڀا
گيا خواب حجابُ ڏونهين ڇوڙ وي يار
3_ نظر آيا نور نظارا
گيا جوش جفا ڏونهين ڇوڙ وي يار
4_ جل ۾ رلمل جل ٿياسي
گيا موت جيوت ڏونهين ڇوڙ وي يار
(9)
رمز رانجهوءَ جي هير کي ريهي
ڪيڙو بي خود بي اختيار
1_ جوش اندر ۾ ڪين ٿو مائي
ڏوُر ڪريان آءٌ سڀ جنسار
2_ عشق اندر ۾ دوُد دکايا
ويڙا سڀ ته وهم ويچار
3_ نيڻن ۾ آهي نينهن رانجهوءَ جو
دل کان دلبر آهي نه ڌار
4_ ڪيڙا ڪرم ويا سڀ وسري
مُحبُ سدا آهي من ۾ يار
5_ پيالا پُر پيا هئَه شوقي
ٿي جان حوص ڪنوُن بيزار
6_ جيوت جان اندر آهي جاني
پوشُ ڪيم هاڻي پاڻ کان ڌار
(10)
جڏهن پاڇو تنهنجو سرَ منهنجي سهڻل پيو رام
ٿي دولت ٻانهي يار منهنجي، اقبال ٿيو غلام
1_ ويئَي ’مان‘ ’تون‘ مون کان وسري جڏهن پيتم
تنهنجو جام
ڪثرت سندو دل منهنجيءَ مون ويڙو خيال خيام
2_ ڇڏي خيال خام کي جاني چيم تنهنجو نام
ڀڃي ڀور ڪيم جاني هيءَ هستيءَ واري بام
3_ هر جاءِ ڏسان ٿو يار توکي دمبدم مدام
آهي ظاهر باطن صورت تنهنجي خاص توڙي عام
4_ جيوت چوي دمبدم ٻڌم تنهنجو ڪلام
ٻڌي ڪلام ٿيس رلمل تنهنجي منجهه اعلام
(11)
جيڏيون رام ڪرشن سان منهنجو نينهن لڳو لاتو
1_ بيٺي راند ۾ مون سان جيڏيون
رنگ رنگيءَ لاتو
2_ اصلي هوا مون سان جيڏيون
مون ڄاڻ اهو نه ڄاتو
3_ صورت سڀ ۾ سهڻل سرتيون
مان صحيح سڃاتو
4_ عشق ڪرشن جي ۾ جيوت
جيڏيون سارو سر قدم لاتو
(12)
عجب عجب مان کي يار وِکائي
هر جاءِ پنهنجي صورت سائي
1_ راتيان ڏينهان رمز انهيءَ ۾
جيڪا مرشد مام سمجهائي
2_ سمجهي مام مرشد جي جاني
اَنِدِنِ تنهن ۾ مان رمز رلائي
3_ چشمان منهنجون وڃي اُتي اڙيون
جتي مان تون جي سهڻا جاءِ نه ڪائي
4_ ناهي جيوت ڪنهن کي يار ڏَسڻ جي
جيڪا مالڪ لعلي لائي
(13)
تنهنجي دلبــــر مان کــــي جانــــي وائي وڻي آهي
اَلا
1_ راتيان ڏينهــــن اور انــــدر ۾ جا تو لائي
آهي اَلا
2_ ٿي وڄي تار اندر ۾ تنهنجي وائي ٻي ناهي
اَلا
3_ اٺ ئي پهر طرف تنهنجي ڏي دلڙي ٿي ڪاهي
اَلا
4_ جيوت صورت ذات پرين جي هر جاءِ پورن آهي
اَلا
(14)
توڙِپرين مون پڄائيندو اٿم اُميد سڄڻ جي
1_ دنيا جو سمنڊ نام جي ٻيڙي
پاڻَ ملاح ٿي لنگهائيندو
2_ ناهيم پيسو ناهيم پرچو
ڇڪ کان پاڻ ڇڏائيندو
3_ کنيم دلو ڪچ جو الله تو آهر ڪري
ڪُنن کان ڪَنت بچائيندو
4_ جيوت جنهن کي اوٽ الله جي
تنهن کي ڪير ٻيو ستائيندو
|