ڀاڱو ٽيون
آراڌنا ايشور کي
(34)
سدا سڪي تنهنجي سڪ ۾ دل دلبر تولئه يار
ڏي دلداري يار مون کي سهڻا دلدار دلبر يار
1_ مرڪي ڏٺو تو يار مون ڏي آيا برهه سدا سربار
دلڙي کسي آهي تو دلبر هاڻي آهيان مان لاچار
2_ موڙنه منهن تون يار مون کان طلب تنهن جي آهي
تڪرار
راتيان ڏينهان طلب تنهن جي لنو ۾ تنهن جي آهي تار
3_ ملي ٿيءُ يار مون ساڻ هڪ ڪڏهن نه هجان مان
توکان ڌار
ٿي رلمل يار توسان ٻڌان هر دم تنهن جي گفتار
4_ جيوت چوي مل جاني ٿئي دلڙي منهنجي بهار
هجي نالو سدا منهنجو اسم اعظم قائم نروار
(35)
ٻي ڪا نه رکان ٿو آش مٺا
تنهنجي درشن جي ٻَههُ پياس مٺا
1_ نيڻ سدائين ٿا توڏي نهارن_
گوش گفتار ٿا تنهنجي ٿا ڌارن
هرد م هر هڪ ساسَ مٺا
2_ دل ۾ ڌيان تنهنجو ٿا ڌاريون_
مُک سان تنهنجو گيان اچاريون
نڪ کي تنهنجو واس مٺا
3_ هٿ به هاج تنهنجي ۾ آهن_
پير سدائين توڏي ڪاهن
سڀ عضوا آهن داس مٺا
4_ ڏي درسن تون دلبر جاني_
دلڙي تو لئه آهي ديواني
لاءِ جيوت لُنوَ لاس مٺا
(36)
تنهنجي خاطر هيءَ ٻانهي گهمي ٿي مست ديواني
1_ هميشهه يار هج مون سان
ٿئَي مون سئَر سلطاني
2_ ظاهر باطن سڀين جائين
پسان صورت سبحاني
3_ ڏسان پنهنجو پاڻ کي سائين
سيرت صورت رباني
4_ جيوت نالو ناهي تنهنجو
آهين بي نام لاثاني
(37)
مئَن عيبدار گنهگار بَدِوِڪار هوُن
تون داتا مئَن منگتا جو چاهون سو لهون
1_ حاضر حضور ۾ تيري سدا مئَن رهون
آدانت جڳان جڳ تيري ديکُون رنگ ٻهوُن
2_ ساسون ساس ڌيرا نام جپون مئَن سوهوُن
جا پڪي تيرا نام تياڳون نانا ٻِڌِ آهون
3_ اسم ذاتي هئَه صورت ميري دگرنا چهوُن
رهي هئَه القيوم نام ميرا جيوت نا ڪهوُن
(38)
قاصد ڪيچ ڌڻي کي منهنجو ساري ڏيج سلام
1_ آءٌ اُنهيءَ تي آهيان سائين
جيڪو ڪَيَوَ يار اعلام
2_ هلندي چلندي تات تنهنجي
ٻيو ڪنهن سان ڪيون نه ڪلام
3_ آهيون سڪ تنهنجي ۾ جاني
محبت تنهنجي آهي مدام
4_ مل جيوت کي سهڻل سائين
ڪڍ دوئيءَ سندا سڀ دام
(39)
درسن خاطر تنهنجي لکين ٿا ساڌ ليلهائن
1_ راتيان ڏينهان سدا سڪ ۾
توکي ٿا رام ساراهن
اٿن طلب تار ڪرشن تنهنجي
بنا تنهنجي نه ٻيو چاهن
3_ سدا سڪ سوز ۾ جاني
طرف تنهنجي ٿا ڪاهن
4_ مليو جيوت جا ئي تن کي
جيڪي لاڳاپا ٿا لاهن
(40)
عجب عجب منهنجي يار جي هـــــــيءَ بــــــازي
بڻــــــي آهــــــي
1_ انــــــــدر اواَنڪـــــــار جــــي
جــــــي ســــــچي مڻي آهــــــي
2_ ڪـــــــچ سڀوئــــي ڪپيــــو هــــــيءَ
هــــــيري ڪڻي آهــــــي
3_ پرين جي تــــــه پسڻ جــــي مـون کــي گهرج
گهڻي آهـــــــي
4_ هرجائي جيوت ستگوروئي ســــــدا ســــــاٿي
ڌڻــــــي آهــــــي
(41)
تجهه بن ڪوئي دوجا ناهين ستگور ائين
سکايا هي
1_ جت ڪٿ تونهين تيري صورت
تيرا روپ سمايا هي
سانگ تون هي سانگي به تون هي
تون هي کيل رچايا هي
2_ نام تون نامي به تون هي
دل وچ ڀيد نه پايا هي
نام بنا بي نام ڀي تون هي
آپ ۾ آپ ڇپايا هي
3_ جام تون هي ساقي به تون هي
آپ شراب پلايا هي
شام تون هي گوپي به تون هي
ايهه کيل تيري ڪون پايا هي
4_ گور تون هي ڀيد به تون هي
جيوت جوت جڳايا هي
تيري قدرت تون هي ڄاڻين
دوُسر اَنت نه پايا هي
(42)
اپني بلاس ڪارڻ ڪيتا پسارا ايهه جڳ سارا
1_ نــــانــــــــــــا روُپ رنــــــــگ
بنايــــــــا سهسين نام ڌرايا
2_ آپ ڪوُن ويکــي آپ سنگه کيلي آپي چوڄ ڪرايا
3_ آهــوُن ڀــــاو ڪــــوُن کــــڙا
ڪــــــــر ڪرتا جيوَ ڪهايا
4_ نــــــر اڀمــــانــــي ايش امــــر پــــرڀ
بيحد سانگ سينگاريا
5_ ســــــــرٻ ويــــا پــــي آد نـــــرنجــــن
نرمل نوُر ڇپايا
6_ اپني رائي ريجهــــه اِههَ ڪيِنــــي
جيوت جوڳه ڪمايا
(43)
منهنجو مالڪ آهين داتا مدام
سامي سندر سدا تون رام
1_ ظاهر باطن هر جاءِ جاني
سڀ نينن ۾ آهين تون شام
2_ مهر ڪرين ٿو تون جنهن تي جاني
ٿا عشق تنهنجي ۾ وڌائن گام
3_ ٿا رلمل ٿين مام تنهنجي ۾
توڙي عاقل هجن توڙي خام
4_ ظاهر مخفي جيوت جاني
آهي رلمل تنهنجي منجهه اَعلام
(44)
ڇـو نــــه جيئَنــــدس جــــڳ ۾ ٿي
مان ڪرشن سڃاڻا
1_ جت ڪٿ ڪرشن سانورو مان ٻيو نه ٿي
ڄاڻا
مالـــــڪ ولايــــت مرشــــد جا
مون کي سخن سيباڻا
2_ سڀ سَمَ ڏٺم حضـــور ۾ راجا ۽
راڻا
صــــورت سڀ صاحبن جــــي توڙي غريب
نماڻا
3_ بــــنا رام ڪــــرشن جــــي ٻيو
ڪير سهي ماڻا
ســــــــدا در ڪــــرشـــــن جــــي
آهن مون ٿاڻا
اصــــــــــــل در دوستــــن
جــــي ٿا رهون وڪاڻا
|