سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 8

صفحو :8

 

ڀاڱو اٺون

موج المستي

 

(111)

سچ چؤ تون سچ يار    ڪيرآهين جاني ڪير سڏائين

1_ پنجن تتن جو پتلو بڻايُءِ

تنهن ۾ جاني رمز رلايَءِ

نور ڪيءِ نروار

2_ پنهنجو پاڻ ۾ پاڻ ڇپايُءِ

نالا ذاتيون نانو رکايَءِ

پوش پهريا ٿي لک هزار

3_ طرحين طرحين رنگ رکين ٿو

رنگ رنگ ۾ جاني لذت چکين ٿو

پوءِ ٿئَين بي قرار

4_ جيوت ڇو رهين يار اُداسي

گنگا جمنا اندر ڪاشي

ڏس تون او اونڪار

(112)

بهاريِ هئَه سدا دل ۾ اصل بي نام ذاتِي هون

پڇائؤن آپ ڪؤن آپي احد سبحان آپِي هون

1_ نه مئَن هندو نه مئن مسلم نه مئَن قاضي قضاڪا هون

نه مئَن من هون نه مئَن دل هون نه مئَم دانش عقولي هون

2_ نه مئَن جوڳي بيراڳي هونِ نه مئَن ڀوڳي بکياري هون

بڻائي عشق ڪي بازر بهر رنگ روپ مايا هون

3_ نه مئَن ذڪري نه فڪري هون، نه مئَم گويا لساني هون

نه مئن ظاهر نه مخفي هون، سري سرتاج شاهي هون

4_ نه مئَن معشوق عاشق هون به عشق خود عين الحق هون

آپي سڀ رنگ لاتا هون آيس ڪون آپ پاتا هون

5_ نه مئَن جيوت نه مرتا هون نيارا نور رهتا هون

بهر جائي مڪاني هون بهر سؤئي مُنور هون

(113)

مرشد ڏنو اِهو اَهڃاڻ _ هر جاءِ جانب قايم آهي

1_ ظاهر باطن سر سبحاني، ڄاڻ اهو تون ڄاڻ_

صورت سڀ جانب جي آهي

2_ ڪثرت ڪانهي سڀ آهي وحدت، تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ_

جت ڪٿ سهڻو دلبر آهي

3_ هي سڀ جيڪي جاني ڏسجي ٿو، سڀ آهيِ پنهنجو پاڻ_

مان تون دلبَر اصلاً ناهي

4_ سدا پسج تون يار جيوت کي، رهج نرمل تون نرٻاڻ_

بنا جيوت ٻيو ڪو ناهي

(114)

واهه واهه رمز رکي ٿي دلبر               پهري پوش هزار

عشق کي آڻي دل منجهارون              سوز ڪرين سينگار

1_ گل گلزار رهين خوش رنگي        بلبل هوءِ ڪرين ڳٽڪار

شمع منـــــــور نـــــــور نــــــــوراني            پتنگ بڻين بي قرار

2_ کتري برهمڻ هندو هوءِ ڪي         تلڪ ڏيوين تڪرار

ذات صفــــــت ۾ پـــــــاڻ ڇپائـــــــي ڪل رکيَءِ ڪلتار

3_ چار عناصـــــــر پتلا بنڪـــــــي          چورين تند تنوار

4_ جيوت عاشق ڪيئَن ڪوٺائين      آهين معشوقن مهندار

آهـــــــن رنـــــــگ عجائب تنهنجـــــــا         سڀ تجليون چمڪار

(115)

رانجهــــــــــــــي مـــــــاڏي موڪليـــــو         پيغام قاصد ساڻ

1_ ونحـــــــن اقـــــــرب آهــــــــــــــيان سدا توهي ساڻ

2_ ڪڍي غير وجود مان سائيــــن        سمجهه الستي اُهڃاڻ

3_ ”موتو قبـــــــل الانت موتـــــــو“         رهج نرمل نرٻاڻ

4_ جيوت ڏس سڀ صورت رباني      ڄاڻ اِهو تون ڄاڻ

(116)

اپنا روپ ويک ڪيون ڏرندا

صحيح سڃاڻج پاڻ

دوَ سر دويت نه هويا يار

1_ شيش محل ۾ ڪو ڪر ڦرندا

آپ ڪوُن ويک آپ هي ڏرندا

ايهي ڀولا ڀڃ تون يار

2_ طلسم بازي چت ۾ چيتن

نانا روپ رنگي رنگ موهن

تجهه ۾ کيل پسارا يار

3- ٻالڪُ ويک پر ڇاوان ڏرندا

دويت ڪي ڀول ۾ آپي ڀلندا

ايهه ڪچائي ڪار

4_ جيوت جان جگر سڀ تون هي

درشٽا درشٽ سڀو ست تونهين

ويس وٽائي ڀُل مَ يار

 

(117)

آهين تون پنهنجو پاڻ خدا _ نالا ذاتيون جي ڏسين لاهي

1_ عشق سهڻل جي ۾ سر تون پنهنجو

ڪر جانب توُن يار فدا

هر دم حق پوءِ حاضر آهي

3_ اور اندر ۾ سدا پرين کي

ناهي خاوند پوءِ توکوُن جدا

وجهه حجاب تون سڀئَي لاهي

3_ رَلمل ٿي تون مام مرشد جي ۾

انحد وارو تون ٻڌندا

ظاهر مخفي مالڪ آهي

4_ جيوت چوي راتيان ڏينهان

امر مرشد جي ۾ آهيون سدا

هاڻي ٻيو وري مون کي ڇاهي

(118)

الله اهوئي آهيان _ ٻيو قادر ڪونه ڀانيان

1_ نه ڄاول ڪنهنجو وي نه ڄڻيم ڪنهن کي سائين

هيڏانهن هوڏانهن سوئي آهيان

2_ موج مستائي ۾ خيال پکيڙم سائين

خيال مون ٿو کيڏ ٺاهيان

3_ ڪاٿي پير پيغمبر وي ڪاٿي ولي اولياءُ سائين

ڪاٿي شهنشاهه آهيان

4_ هي سڀ نالا وي آهن منهنجا سائين

پوءِ جيوت توڙي پيو سڏايان

 

(119)

بيک بنايم باغ ۾ مان آهيان الائي ڪير

ڪاٿي ماسي چاچي سڏايان ڪاٿي ڀيڻ ڀاڄائي ڏير

1_ ڪٿ گون نمازي رين ڪوٺايان ڪٿي دل جو يار دلير

سوين هزارين نانو رکايم شاهه شڪاري ڏڦير

2_ هندو مومن ذات هڪڙي تنهن ۾ ڦند نه آهي ڦير

نانا رنگ روپ بڻايم جدا جدا ڪيم ڀير

3_ ڪاٿي پنج تن پاڪ سڏايان ڪٿي يا علي خود شير

خيال منجهارون کيڏن وٺايم نانا ٻڌ نروير

4_ نالا ذاتيون نانو رکائي ڪثرت جو ڪيم سير

ساسون ساس جپڻ جو جيوت پڪو آهي اهو پير

(120)

دلڙي دلبر منهنجـــــــــي توســـــــان اصل کان آهي الا

1. ملڻ تنهنجي لئَه مون کي جاني       ڏَسُ ڏنو آهي ڏاهي الا

2. اٿم اور انـــــــدر ۾ تنهنجـــــــي          ٻولي ٻي ناهي الا

3. ملڻ تنهنجي منهنجا جانـــــــــي          وڌا غم لاهي الا

4. ٽيئَي لوڪ سلامي تنهنجـــــــا                    پوءِ جيوت نالو ڇاهي الا

(121)

ديکو ديکو يار ڪي صورت _ آدم بن بنڪي آيا هئَه

1_ بڻائي عشق ڪا برقعا _ اُسي ۾ آپ ڇپايا هئَه

2_ ”اِلااِنسان سري واَنا سرهه“ _ قرآن ۾ آپ فرمايا هئَه

3_ ”ڪل شئَي آمرهي ربي“ _ آپهين آپ رنگه لايا هئَه

4_ جيوت رنگه روپ هئَه اُس ڪا _ آپس ۾ آپ سمايا هئه

 

 

(122)

آهي عشق ڪرشن جو اعليٰ _ جنهن ۾ رمز رندي آهي بالا

1_ عشق ڪرشن جي ڪوڙين ڪيڙا

شمس منصور توڙي مؤلا

2_ جسم سڀوئي آهي عشق ڪرشن جو

تنهن کي الله چون رب تعاليٰ

3_ هي سڀ ڪرشن جو کيل پسارو

ظاهر باطن سڀ اُجالا

4_ اَمر ستگور جو مٿي سر جيوت

تون ڪرشن صورت ذوالجلالا

(123)

متان ٿين تون ڙي دل ماندي _ ڪرشن اسان جو مدد آهي

1_ ڏيئَي مامَ پنهنجو ڪيائون

هاڻي مون کي ڙي ٻيو ڇاهي

2_ رکي هٿ مٿي تي چيائون

بنا تنهنجي ڙي ٻيو ناهي

3_ ڪري رلمل يار ڇڏيائون

شڪ شبهه سڀ يار لاهي

4_ جيوت نرمل نوُر ڪيائون

اسم اعظم سان ٺاهي

(124)

در حرم پاڪيزه بوُدم بي خبر از يار يار

از حرم پاڪيزه بيروُن آمدم بي اختيار

1_ نيست مارا جز گناهي ديگر هيچ ڪار

در گنهاهي گنهگاران ديده ام ديدار يار

2_ ميزند موجي دريا نغمئَه هوُ بار بار

مير سد در گوش من نغمئَه گفتار يار

ميچکد خون جگر از هجرت گفتار يار

رهم مجروح من ست دلبر ديدار يار

4_ جيوت نصيحت گوش کن مالڪ ولايت بار بار

خوش خوشان ڪن دمي دم صحبت دلدار يار

(125)

ڪڍ ڀرم سڀ ڀول _ رک دل تي دلبر ٻول

1_ نڪا ديهه نڪو جيءُ بڻيو _ نڪو عيوض اول

2_ نڪو چتر گپت جم ڪنڪر _ نڪو تارازي تول

3_ جيوت اٺ‎ئي پهر آواز انڀئَي _ ٻڌ تون وحدت ڍول

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org