ڀاڱو ٻيو
مرشد جي مام
(15)
مام مرشد جي سان ويڙو حجاب_ جت ڪٿ جانب ظاهر آهي
1_ نالا ذاتيون ائين خدا ۾ _ جل مٿي جئين آهي حباب
بنا دلبر ٻيو ڪو ناهي
2_ عشق جانب جي دل منهنجي کي _ ڪيڙو آهي يار ڪباب
سدا دلبر دل ۾ آهي
3_ هج هميشه يارسان رلمل _ ناهي پوءِ ڪو ڏوهه ثواب
ظاهر باطن جان آهي
4_ مام مرشد جي سيني جيوت ۾ _ هرد م وڄي ٿو چنگه
رباب
راتيان ڏينهان ٻي وائي ناهي
(16)
اوريوُن اوريان تنهنجي اور سڄڻ مور جاني
1_ سدا ساهه کي آهي تنهنجي وائي
روز اول کان جا تو لائي
ڪيئن مٽيان سا ٽور
2_ من موهن تو مرلي وڄائي
سمهيل جندڙي تو جا ڳائي
دل لُٽيهءِ شهزور
3_ سهڻل مان کي تو سُرڪي پياري
سمجهه اَلستي تو دل تي وهاري
ويئي ٻي تَڪَ طور
4_ جيوت جاني آهه هرجاءِ جائي
اندر ٻاهر آهه صورت سائي
تو بنا ناهي ٺور
(17)
قاصــــد پيغــــــــــــام منهنجــــــــو
مالڪ ولايت کي چئيج
اصلاً ٻانهي در تنهنجي جي آهي ائين تون
ڪهيج
1_ آهي نماڻي تولئه ويڳاڻي
ٻانهن ٻانهي تون ڪريج
ظاهر باطن درسن پنهنجو
هر هميشهه تون ڏئيج
2_ ٻالڪ جا تون سهج ماڻا
هٿ همت جا سر ڌريج
ڪري قول رکج جهول
پنهنجي ڍولِ پنهنجو يار ڪريج
3_ آهيان عياني دل جا جاني
حجاب وچ ۾ ڪونه ڌريج
سدا ظاهر آهين ناظر ورُ تون
مان کي يار وريج
4_ مرشد ماَم ڏنو اعلاُم
جيوت تون سدا پڙهيج
ڪج نه وسارو يار اشارو
دوئيءَ کي تون يار ماريج
(18)
ڪانگل يار پنهل جي ڪرڪا مون سان ڳالهه
يار
1_ ڪيئَن هلن ڪيئَن چلن جاني
ڪهڙي اٿن سهڻا چال يار
2_ اٿم سڪ دل اندر ۾
سدا رهان ساڻن نال يار
3_ گَڏِ نماڻيِ نِڌَرِ کي جاني
جيئن وڻيءَ تئين پال، يار
4_ چوي جيوت سهڻل جاني
سدا تون مون سان گهال يار
(19)
ٻــــڌي مـــــــون ٻولــــي آهــــه
مرشــــــد جــــــي ارشــــــاد جــــــي
1_ سدا رنگ رنگيءَ جـــي رڱــــــي مــــــون
چــــــولي آهــــــه
2_ اٺ ئــي پهر انــــــــدر ۾ هــــــوتن
جــــــي هــــــولي آهــــــه
3_ آهيان در دوستن جــــــي گــــــولــــــن
جــــــي گــــــولي آهــــــه
4_ جيوت کي ته پرين جي آهي لــــــنؤ
لــــــنوَ ۾ لولي آهــــــه
(20)
جڏهن عشق نشانبر ٿيڙو تڏهن شڪ شبوهه سڀ
ويڙو
1_ مهر ڪري مان ڏي يار نهاري
مست ڪيو مون کي کيڙو
2_ سيئي مليا محب ته مون کي
جن لئَه جليو ٿي جيئَڙو
3_ ناهي ته ڪنهن جي ڇٽڻ جو هاڻي
جيڪو پيچ پنهل سان پيڙو
4_ مالڪ مرشد سان لڳو جيوت جو
روز اول کان نيهڙو
(21)
آهي سڪ جنهنجي سِير ساڪيئن
لنَوي ٻي لاتڙِي
1_ دنيا جي دؤر مان جيڏيون
جنهن جو دوست ورتو دستگير
سا ڪيئن وائي ٻي وائي واتڙي
2_ دل ۾ دلبر جي جيڏيون
جنهن کي آهي يار اُڪير
سا برهه پڙهي اها باتڙي
3_ ڪئي آهي مهر مدام جي جيڏيون
جنهن تي قادر يار قديم
سا ذات ۾ پائي جهاتڙي
4_ جيوت جاني هر جاءِ جيڏيون
جنهن کي. اوئن جي لڳي هير
سا ته پسي پنهنجي سڀ ذاتڙي
(22)
پُــــــــر پيــــالا ستگــــــــور
ڏتــــــــــــڙا پي مان ٿيس مخمور
1_ هرد م وائــــي تنهنجــــي آهــــي
تنهنجو ئي مذڪور
2_ پيئَندي پيئَندي ڪين رڄان ٿو پيا سدا
ڀرپور
3_ جاتي ڪاٿــــــــي ڏٺــــڙم جانــــب
تنهنجو نور ظهور
4_ جيوت کي سڪ سڦري تنهنجي هرد ۾ ڏسان حضور
(23)
مان کي مرشد ڏٺو اَهڃاڻ مان تون ڪان ڏسجي
ٿي
1_ ظاهر باطن دلبر جاني،
ڄاڻ اهو تون ڄاڻ
2_ جاتي ڪاٿي سُر سبحاني
تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ
3_ ٿي رَلمل تون مام مرشد جي ۾
ڏس هر جاءِ پنهنجو پاڻ
4_ جيوت جانب هر جاءِ جائي
نرمل آهي نرواڻ
(24)
مون کي يار ڏني آهي نشاني
جنهن جي سدا بقا جا وداني
1_ نيهن نشانيءَ سان منهنجو لڳڙو
ڀولُ ڀَرمُ منهنجو سڀوئي ڀڳڙو
آهي ظاهر باطن عياني
2_ سدا ساههَ اندر آهه سهڻو
مٺو محبوب من موهڻو
آهي جان جانب منهنجو جاني
3_ بنا جانب ٻيو ڪو ناهي
جت ڪٿ سهڻل ساڳي آهي
آهي مثل لاثاني
4_ جيوت جانُب هڪ ڪري ڄاڻج
غير غيرت تنهن ۾ تون نه آڻج
آهي مالڪ هردو جهاني
(25)
پرڀو ميري گڻ اوگڻ نه ويچار
مئن هار پڙيو تُنهن دوار
1_ ڪام ڪروڌ مايا ممتا ۾
اُرجهه رهيو گانوار
تيري اوٽ تيرا ڀرواسا
رک لي رام مرار
2_ جٻ مئن سرن سنت ڪي آيا
ڪرپا ڪيِتي ڪرتار
پاپ پيچ ميري ڪجهه نه ويچاريو
دِيو امبرت سار
3_ آب حياتَ پِيا جب پيالا
وسر گيا سنسار
رس چک مين هويا متوالا
اچرج ليلا اپار
4_ جيوت جوتي وچ سمايا
ستگور هويا ستار
تت ڪو تت پائڪي وڇڙيا
سڀ ديکا او انڪار
(26)
ٻڌم پيغام ستگور جو سدا مون يار ڪن لائي
1_ رهيس جڳ ۾ جڳ جهڙو
پِرين سان پيچ آءٌ پائي
2_ ڏٺم صورت پرين جي
مون ذاتيءَ ۾ نظر پائي
3_ صحيح ڪيم سُرهي سارو
بنا خاوند ٻيو ناهي
4_ جيوت نالو مٿي پرين
رکيائون راند ۾ ٺاهي
(27)
پُڇي پنڌ پِريَن جو نانگا ٿيا
نروار
1_ سمجهي مام مرشد جي سائين
دُرس ڏنائون ديدار
2_ ڇڏي هَستي هُئَڻ جاني
نج سمجهائون او انڪار
3_ جاڏي ڪاڏي سهڻل سائين
ذات صفت اِسرار
4_ جيوت کي ذاتي ذات پرين جي
نوُر نرنجن نر آڪار
(28)
جيڪو لنگهيو آهه خوديءَ جو لانگهو
تنهن کي تار به آهي تانگهو
1_ تار تري سو تاروُ چئَجي
آهه ترڻ اوڀارو اڻانگو
2_ عشق ميدان ۾ جيڪو اچي ٿو
سو رکي نه سر جو سانگو
3_ مان تون واري پوک ڇڏي سائين
ٿو چري کستوُري چانگو
4_ سڪ جيوت کي سهڻل تنهنجي
نينهن ڪيو آهه نانگو
(29)
مئَن قربان ڪيا هئَه آپ ستگور ايڪ جپايا
جاپ
1_ اَجپا جاپُ جپيا جب مئَن
ڀاڳ گئَي ميري تيِني تاپ
2_ فرحت آئي دل ميري ڪو
دور هوئي سڀ دک سنتاپ
3_ ميري تيري وسر گئَي سڀ
ايڪ اد ويت رهيو هي آپ
4_ جيوت ڪو جب پريتم مليا
سڀ جڳ ديکيا آپ هي آپ
(30)
مئَن مارڳ پايا ٿِرِ چلو ميري
ڀائي
1_ تن من ديا گور اپني ڪو
مئَن گهول گُهمايا سِرِ
2_ مئَن نه چلسان ساٿ تماري
مئَن پايا پاوَن پِرِ
3_ جوڳ وئراڳ جب مليا مئَنون
ميرا ڀائي هويا اسِٿرِ
4_ نام ڌيا ئيا سهج سک
مئَن جيوت هويا چِرِ
(31)
بنا تند تنوار وڄي تار تنهنجي
1_ اوئن جي وائي تو سڻائي
واهه واهه ساهه کي وڻي آئي
ٿي آهي صاف هاڻي دل منهنجي
2_ پيرين پنهل اسين تنهنجي پياسي
ڇڏي خودي پنهنجي تنهنجا ٿيا سي
هاڻي پياس نه رهي ٻي ڪنهنجي
3_ تنهنجي تار طلب هئَي اسان کي
ڪري مهر ملئَين هوت مان کي
هاڻي ٿيڙس سکي سنهنجي
4_ جيوت صورت سڀ آهي تنهنجي
بنا تنهنجي ناهي ٻي ڪنهنجي
ڏس ذات صفت آهي پنهنجي
(32)
اُٿي سُتي جاڳ، جو ڪرشن آيو ٿي جڳ ۾
1_ ڇڏ غفلت غير کي، وٺ سنتن ماڳ
2_ اور اندر ۾ ورکي، ته ٿئَيئَي سدا سهاڳ
3_ هر جاءِ ڏس تون پَرِ کي، ڪر خوديءَ جو تياڳ
4_ جنهن پاتو آهي پِر کي، تنهن جو وڏو ڀاڳ
5_ جيوت مالَڪ مرشد جو، ٻڌ تون انحد راڳ
(33)
ڪرشن ڪرشن ٿي ڪريان آهي ڪرشن منهنجو جيءُ
1_ سڪ ڪرشن جي جنهن کي تنهن کي ڪهڙو سيءُ
2_ هن نماني نِڌَر جي سرتيون پت رکندو پيءُ
3_ اصلوُن درگاهه جو جيڏيون گولو غلام هيءُ
4_ سمجهي ماَم مرشد جي جيوت رلمل تنهن ۾ ٿيءُ
|