غزل
سوڀراج نرملداس ’فاني‘
عشق جي جذبي ڪيا جوش ۽ جولان سوين،
کيل ڪثرت ۾ مجازي ٿيا سامان سوين.
پڙهه ’لا حول ولا قوّت اِلا بالله‘-
راهه روحيءَ ۾ ستائين ٿا شيطان سوين.
تون ريقن تي نه تَپِ، آهه حقيقت هڪ ڳالهه،
يعني ڏاتار هِڪ، توڻي ٿيا آديان سوين.
حور جي وعدي تي واعظ ٿو ورائي واڪا،
بت پرستي آ بهانو، نه ته نيشان سوين.
عشق جي راهه ۾ منصور- صفت ڪو ورلي،
مرد مانجهي ڪو ڪٿي، نه ته ٿيا سندان سوين.
بيوفا دور زماني جا ڏسي، دل کي چيم:
ڌار ڌيرج تون، چَري، نه ته ٿين ارمان سوين.
مان خطاوار مگر تنهنجي عطا بي پايان،
آسري تنهنجي تڳن درد جا دربان سوين.
شيخ ’اياز‘
زندگي، يا شراب جي نئِن آ،
جنهن جي مستي روان دوان آهي!
هر محبت اڃا حسين آهي، هر تمنا اڃا جوان آهي.
جنهن زمين تي پيا قدم پنهنجا، تنهن تي سجدي ۾
آسمان آهي.
خارزارِ حيات ۾ رقصان، پنهنجي خوشبو جو ڪاروان
آهي.
آ انڌيرو ته ڇا، زبان تي جي، تنهنجي زلفن جو
داستان آهي.
پنهنجي ڪُوزي ۾ آفتاب آهي، رات تي ڏينهن جو گمان
آهي.
تر و تازه غمِ حبيب آهي، ڏس، فرده غمِ جهان آهي.
مون کي مَي جي ڪمي نه آ، ساقي، تنهنجي اکڙين جو
امتحان آهي.
جام آغاز، جام ئي انجام، صبح يا شام هڪ گمان آهي.
اي تصور، سندم تڏي تي اچ، ڪنهن پکيڙي هي ڪهڪشان
آهي.
زندگي موت جي قريب آ، پر ڪوئي محبوب درميان آهي.
چنڊ مون کي چمي رهيو آهي، رات ڪهڙي نه مهربان آهي!
ٿي سڏي سِير، تون ڪٿي اهين، ڪوئي ٻئي پار نغمه
خوان آهي.
دُور آهين ’اياز‘ کان ڪئن تون، جسم کان دور ڪئين
جان آهي!
’تنوير‘ عباسي
جيستائين به سونهن آ موجود،
تيستائين جيئڻ ڏکيو ناهي!
جي هجي ساڻ سِڪ ته پوءِ، ساٿي، پار پرين جو پرڀرو
ناهي.
گُل ٽڙن، ۽ سدا ٽڙيل ئي هجن، هاءِ، الله، ايئن ڇو
ناهي!
تن جي لئه سارو جڳ آ اونداهو، جن جي دلين ۾ سوجهرو
ناهي.
تنهنجي اکڙين جي مهرباني آهه، هونئن ته مون ڀي
پيئڻ ڇڏيو ناهي.
پڪ اٿم، پڪ، ته تون مِٺي هونديءَ، توڙي توکي چکي
ڏٺو ناهي.
سونهن، سُرهاڻ، پيار کان اڳتي، ڪجھ به ناهي، او
دوستو، ناهي!
رشيد ’ارشد‘
شعر و ادب جو پيغمبر- ’ارشد‘؟- الله اڪبر!
دنيا سڄي آباد، مگر ويران ويران دل جو نگر!
گمرهائيءَ جو ڪهڙو ڏر، عشق اگر آهي رهبر!
ظلمت، تنهنجو خير هجي، روشن روشن فڪر و نظر!
مون کي مبارڪ خانهء دل، زاهد کي جنّت جو گهر!
آهي فڪر اڃا آزاد، ڪر اُوچا ديوار ۽ در!
محشر کان اڳ ۾، ’ارشد‘، دنيا ۾ برپا محشر!
علي محمد ’مجروح‘
دل جي حقيقت ڪو به نه ڄاڻي، ڇاهي محبت، ڪو به نه
ڄاڻي.
حسن جي فطرت ڪو به نه سمجهي، عشق جي قسمت ڪو به نه
ڄاڻي.
مُرڪ تي شيدا دنيا ساري، لڙڪ جي قيمت، ڪو به نه
ڄاڻي.
اُس جي دنيا روشن روشن، ياس جي ظلمت، ڪو به نه
ڄاڻي.
هر ڪو اکين جي آس پڄائي، روح جي راحت، ڪو به نه
ڄاڻي.
ياد جا نشتر، درد جا پَيڪان، دل جي حالت، ڪو به نه
ڄاڻي.
آئي آهي، موٽي ويندي، سک جي ساعت، ڪو به نه ڄاڻي.
شيخ ’راز‘
مسلڪِ عشق ۾ قانون روا ٿي نه سگهيو،
ابنِ مريم جو ڪو دارو به دوا ٿي نه سگهيو.
مون کي اڳ ۾ ئي هئي تنهنجي تغافل جي خبر،
تو جو وعدو هو ڪيو، تو کان وفا ٿي نه سگهيو.
راه پيچيده، اميدن تي گذاري مون رات،
چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي جلوه نما ٿي نه سگهيو.
ها، برابر اهو دلڪش آ، حسين آه، جميل،
تنهنجو بت، تنهنجو صنم، منهنجو خدا ٿي نه سگهيو.
شور غوغاءُ ٻُڌي تو جو کنئي پنهنجي نظر،
تنهنجي هن تير جو ڪو وار خطا ٿي نه سگهيو.
تو ٿي سمجهوي ته ٿيو موت کان پوءِ قصو پاڪ
جسم معدوم سهي، روح فنا ٿي نه سگهيو.
مون ته چاهيو ٿي گهڻو، مون ڪئي ڪوشش ناڪام،
تنهنجو حق مون کان مگر، ’راز، ادا ٿي نه سگهيو.
حسين بخش ’خادم‘
زبان بخير هجي، ۽ وطن جو خير هجي،
گُلن جي ياد ستايو، چمن جو خير هجي!
صلاح مالهي ڪري ويٺو گُلفروشن سان،
اِلاهي، منهنجي چمن جي گلن جو خير هجي!
ادب نواز ۽ اهلِ قلم جو قدر نه ٿيو،
عجيب وقت هي آيو، سخن جو خير هجي!
اسان جا ڪين ٿيا، پو به دل کي ياد آهن،
خدا ڪري ته محبّن مِٺن جو خير هجي!
الاجي ڪهڙي سبب ڪين ڪي وريو قاصد،
دعا اي دوست ڪريو، جانِ من جو خير هجي!
سُکن ته واٽ ئي ويندي ٿي موڪلاڻي ڪئي،
ڏکن ڏکن ۾ نباهيو، ڏکن جو خير هجي!
سچا يا ڪوڙا، اي ’خادم‘، تڏهن به دوست آهن،
هجن حيات، سدائين سڀن جو خير هجي!
عبدالله ’خواب‘
جن پاڻ وڃايو، سي ٿيا تنهنجا تمنائي،
جن ڳولي لڌو توکي، سي تنهنجا ئي شيدائي.
مون جڏهن ڏٺو توکي، ٿيو هوش و خرد سڀ گم،
تو جڏهن ڏٺو مون کي، جهٽ هوش ۾ جان آئي.
تارا ٿا ڏسن مون کي، تارن کي ڏسان ٿو مان،
محسوس ٻنهي کي ٿي شايد شبِ تنهائي.
ڪن لاءِ ٻُڏي ٿو سج، ڪن لاءِ وريو اُڀري،
ڪي رات کي ڏينهن ڀانئن، ڪي صبح کي اونڌائي.
طوفان حوادث جا خاموش چڙهيا بادل،
اي همسفرو، منزل آئي ڪه اِجها آئي.
دنياي محبت مان ٿيو ’خواب‘ کي هي حاصل،
آغاز ۾ رسوائي، انجام ٿيو سودائي.
سُڳن آهوجا
ڀل حُسن دل جي ڳالهه ڪري اختصار ۾،
ٿو عشق سئو ڪتاب پڙهي هڪ نهار ۾!
صدقي اِنهن اکين جي!... وري ڏس، ته مان ڏسان:
لرزش تون ڪيئن موڪلين ٿي وار وار ۾!
توکي اِتان کڻي وڃي دل ۾ ڏسان پيو،
منهنجي ڏسڻ کي ڳول نه منهنجي نهار ۾!
تو سان ملي ڪري مان ٿو محسوس اينءَ ڪريان،
هڪ عمر کان مان تنهنجي هئس انتظار ۾!
ڀر ۾ ڪَليءَ جو روپ ۽ گل جو نکار آهه،
گذري ٿو منهنجو وقت چمن ۽ بهار ۾.
رتبو سندس وڌيو، جو هو گل جي قريب هُو،
نه ته هونئن ڪهڙو حسن رکيو آهه خار ۾!
ملندو قرار توکي، تغافل شعار! ڪيئن،
تنهنجي رهي ٿي ياد دلِ بيقرار ۾!
پڪ هئي ته منهنجو عرض اَگهائيندو هُو، مگر
خوددار دل رهِي نه سگهي انتظار ۾.
سچ سچ چوان ٿو، منهن تي خوشامد نٿو ڪريان،
ڇو توکي منهنجي ڳالهه اچي اعتبار ۾!
هِن هُن جي ڪا لڳائي خدارا ٻين کان پڇ،
ڳالهيون گهڻيون ئي ڀلجي چڪو آهيان پيار ۾.
ارجن چاولا، ’سائل‘
منهنجي سيني ۾ آ هڪ راز، سلڻ چاهيان ٿو،
جو غبار آهه دٻيل دل ۾، ڪڍڻ چاهيان ٿو.
مان بيابان جي خُشڪيءَ ۾ ڦُٽل گُل آهيان،
پنهنجي خوشبوءَ سان دنيا کي ڀرڻ چاهيان ٿو.
بند پڃري جي فضا تنگ ۾ دل ڪين لڳي،
مان ته آزاد هوائن ۾ اُڏڻ چاهيان ٿو.
مست مدهوش ڪري، اهڙي نه مَي ڏي، ساقي،
جو ڏئي هوش، اهو جام پيئڻ چاهيان ٿو.
جنهن جي پِيتي نه رهي نيست و نفيءَ جو ڪو سَماءُ،
مان اهو زهر جو پيالو به پيئڻ چاهيان ٿو.
عمر گذري سڄي پرهيز ۽ پاڪائي ۾،
اڄ مگر تنهنجي هٿان جام پيئڻ چاهيان ٿو.
هُو پريان ڪنهن جي پُڪار آهه ڀڳل ڀونگيءَ ۾-
مان پڙاڏو ٿي پهاڙن سان لڳڻ چاهيان ٿو.
ٻَنِ پئي اهڙي حياتي، جا رکي مُردي مثل،
جو رکي زنده، اهو موت مرڻ چاهيان ٿو!
شعبان ’بخت‘
دل به تو وانگيان نڀائي ٿي،
مون کان مشڪل ۾ موڪلائي ٿي!
پاڻ کي ڏس زماني جي اک سان، خود پسندي خلل مچائي
ٿي.
آزمائڻ کان اڳ ۾ اک ڦيرڻ، ڪنهن سان اهڙي ڪرڻ جڳائي
ٿي!
مان محبت کي آزمايان ٿو، مفلسي مون کي آزمائي ٿي.
پنهنجو وعدو متان ڪري پورو، ڪشمڪش زندگي سڏائي ٿي.
شل سلامت هجين سدائين، طبيب، دردِ دل کي دوا وڌائي
ٿي.
ڇو نه تنهن کي سڏيان ستمگر، دوست، ياد جنهن جي سدا
ستائي ٿي.
نه هجي شل هو شمع رُو، نه هجي، شمع پرواني کي
جلائي ٿي.
شيخ جي! ڪئن مڃان ته آهه حرام، بيخوديءَ ۾ خدا
ملائي ٿي!
مان نٿو ڄاڻان ڇاهي الفت، پر ’بخت‘ کان شاعري
ڪرائي ٿي.
’اوج‘ علوي
وڃي بادِ صبا، پيغام ڏي هي گلعذارن کي،
هتي آرام ناهي فصلِ گل جي بيقرارن کي.
هي دنيا ميڪدو آهي، هتي زاهد جو ڪهڙو ڪم،
هتي آهي صلاي عام مَيڪش باده خوارن کي.
نه آهي وصل جي راحت اسان جي بختِ خفته ۾،
ٿي بخشي زندگي هيءَ نااميدي دلفگارن کي.
مروت ۽ وفا ماڻهن ۾ اڄڪلهه ڪانه ٿي ڏسجي،
الاجي ڇا ٿيو آهي قريبن قرب وارن کي.
ويا موجن ۾ جي نڪري، وڃي منزل کي سي پهتا،
اُهي ئي غرقِ طوفان ٿيا، سِڪن جيڪي ڪنارن کي.
سدائين، ’اوج‘، رهه آزاد ۽ فارغ زماني ۾،
خزان جي حال ۾ رهندي، پُڪارج پيو بهارن کي.
’الطاف‘ عباسي
اچو، دوست، ڏکڙن سان اڄ دل لڳايون،
سکن کي گهڙيءَ لاءِ دل تان ڀلايون.
اچو، جڳ جو غم پاڻ حاصل ڪريون اڄ،
اچو، پنهنجو غم جڳ جي دل ۾ سمايون.
محبّت ته هڪ غير محدود شي آ،
اها ڪيئن محدود دل ۾ لڪايون!
اڪيلي اڪيلي ڇو گهاريون حياتي،
اچو گڏجي، ساٿي، ڪا محفل مچايون.
غمن جي مٿان غم ملن ٿا اسان کي،
انهيءَ حال ۾ ڪيئن خزان کي ڀلايون.
لڳي آهي دل پنهنجي هڪ گلبدن سان،
بهارن جا ان لاءِ ٿا گيت ڳايون.
’ولي‘ سرشاري
اِهو تنهنجو اندازِ جادوگري،
اِها تنهنجي شب روز عشوه گري!
هي اندازِ ابرُو، هي چشمن جا تير، بنا تيغ ڀالي جي
غارتگري!
قدم پهرئين تي عقل ڪئي الوداع، اڃا منزلِ عشق آ
اڳڀري.
سندءِ هجر ۾ سور سهندي، صنم، وڃي نڪريو آه حسرت
ڀري.
نه اوڇڻ، نه ڪو آجڪو، آسرو، حياتي اسان جي ٿي دردن
ڀري.
دوا ريءَ شايد جَڏا جي پون، نظر ناز واري ڪندين جي
وري.
نه بخشيندو الله، جا ٿو ڪرين اِها عاشق جي ساقي
گري!
وڃي تنهنجي محفل مان ٿو ائين ’ولي‘،
ڪو معمولي انسان ڄڻ ويو مري!
محمد علي، ’ناز‘ حيدري
پريشان زلف، اي ظالم، سنواري ڇڏ، چڱو اٿئي!
اسان تان هيءَ آفت هاڻ ٽاري ڇڏ، چڱو اٿئي!
متان ارمان ڪرين منهنجي مُئي کان پو ٻُڌي خبرون،
ستمگر، اڄ ستايل ڏي نهاري ڇڏ، چڱو اٿئي.
هجومِ عاشقان کي ڏي تسلي تون زبان سان ئي،
ڪري ميڙا اچن ٿا مست، ٽاري ڇڏ، چڱو اٿئي.
شڪايت ڪر نه يارن جي، نبهي ويندو مڙئي ناتو،
ڏکيو سکيو اِنهن سنا وقت گهاري ڇڏ، چڱو اٿئي.
وصالِ يار جون راتيون، حضور ناز جون ڳالهيون،
جو گذريو، ’ناز‘، هو سپنو، وساري ڇڏ، چڱو اٿئي.
شمشير الحيدري
اڃ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،
ورهين جي وڇوڙن جا سڀ سُور لهن شايد!
ماحول جي مستيءَ ۾ مُرڪن سان مليون سرڪون،
روحن جا اِهي ريلا چانڊاڻ گهُرن شايد!
هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايد!
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد!
ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر،
دنيا تي ’اناالحق‘ جا اسرار کُلن شايد!
سُوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ:
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد!
بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي،
آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد!
افسانا
1. ’اي درد هلي آءُ ...‘ -
سراج
2. ’اَلا، ڪنهن پر ...!‘ -
خواجه سليم
3. سِڪايل روح - غياث
جوڻيجو
4. مَبُو چريو - ’زيب‘
ڀٽي
5. ڪارو رت - حميد سنڌي
6. جنڙي - عبدالحق
’عظيم‘
7. وڏيري - ثمينه
زرين
8. گُنلدان (ترجمو) - ڪرشن
چندر
سنڌيڪار: محمد علي ڏيپلائي
”سن 1893ع جي اپريل جي آخر ڌاري، سسليءَ جي ٻيٽ ۾
پاڻيءَ جي قلت سبب ماڻهن ۾ عام غمگيني ڇانيل هئي.
ڇهن مهينن کان وٺي برسات ڪانه پيئي هئي. هر روز سج
اُڀرندو هو، ۽ شام جو صاف نيري آسمان ۾ غروب ٿي
ويندو هو. ’ڪونڪا ڊي اورو‘ جا سرسبز باغ، جيڪي
’پالرمو‘ کي سائي رنگ جي ڪمر پٽي وانگر ويڙهيو
بيٺا آهن، سُڪڻ سڙڻ لڳا. کاڌي جون شيون ناياب ٿيڻ
لڳيون، ۽ ماڻهن ۾ زبردست هراس ڇانيل هو. مينهن
وسائڻ جون سڀئي جائز ترڪيبون آزمايون ويئون، پر ڪو
به خاطر خواهه نتيجو ڪو نه نڪتو. ماڻهن جا جلوس،
گهٽيون ۽ ٻنيون لتاڙي لتاڙي ٿڪجي پيا هئا. مرد،
زالون ۽ ٻار سڄيون سڄيون راتيون مقدس مجسمن اڳيان
تسبيحون ڦيري ڦيري تنگ ٿي پيا. ديولن جون پاڪ
شمعون رات ڏينهن ٻرنديون رهيون. ’پام سَنڊي‘ ڏينهن
دم ڪيل کجور جون ٽاريون به وڻن ۾ ٻڌيون ويون.
’سولا پاروٽا‘ ۾، هڪ تامم پراڻيءَ رسم مطابق، ’پام
سنڊي‘ ڏينهن ديولن مان ميڙيل مٽي ٻنين ۾ ڇٽڪاري
وئي. رواجي سالن ۾، ديولن مان ميڙيل اها مقدس مٽي
فصلن کي محفوظ رکندي آهي؛ پر يقين ڪريو ته ان سال
انهيءَ مٽيءَ جو به ڪو اثر ڪونه ٿيو. ’نڪوسيا‘ جي
شهرواسين، مٿي ۽ پيرين اوگهاڙا ٿي، صليبن کي ڪلهن
تي کڻي شهر جي هر هڪ محلي ۾ ڦيرايو، ۽ هڪ ٻئي کي
لوهه جي لٺين سان مارون ڪڍيائون- پر سڀ بيڪار، خود
’پائولو‘ وارو عظيم ديوتا، ’سينٽ فرانسز‘، جو هر
سال مينهن جو معجزو ڏيکاريندو آهي ۽ جنهن کي هر
سال بهار جي موسم ۾ شهر جي باغيچن ۾ ڦيرايو ويندو
آهي، اُن سال، يا ته ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر هو، يا
وري سندن مدد ڪرڻ لاءِ آماده نه پئي ٿيو. اجتماعي
عبادتن، دعائن ، موسيقيءَ جي محفلن، چراغان ۽
آتشبازين ان تي ڪوبه اثر پيدا ڪونه ڪيو. آخرڪار
ڪُڙمين جي صبر جو پيمالو لبريز ٿيڻ لڳو. اڪثر
ديوتائن کي جلاوطن ڪيو ويو. پالرمو ۾ ’سينٽ جوزف‘
ديوتا کي باغ ۾ اُڇلايو ويو ته حالات جو بذات خود
اُتي بيهي جائزو وٺي؛ ۽ قسم کنيائون ته جيسين
مينهن نه وسندو، تيسين ڀلي اهو اتي پيو سُڪي ۽
سڙي! ٻين ديوتائن، منهن شرير ڇوڪرن وانگر، ڦيرائي
ديوار ڏانهن ڪيا ويا. ڪن ٻين ديوتائن جون قيمتي ۽
خوبصورت پوشاڪون لاهي کين اَگهاڙو ڪيو ويو، ۽ کين
پنهنجين سرحدن کان دوُر جلاوطن ڪري، ڌمڪايو ۽
بيعزت ڪيو ويو، ۽ گهوڙن جي پاڻيءَ پيئڻ جي ڪونرن ۾
اُڇلايو ويو. ’ڪالٽانيسيٽا‘ وٽ، عظيم فرشتي ’سينٽ
ميڪائيل‘ جا سونا پَرَ ڪلهن وٽان کوهي، انهن جي
بجاءِ کيس دفتريءَ جا پَرَ هنيا ويا. سندس جسم تان
قرمزي جُبو لاهي، اُن جي بدران کيس ٿلهي ۽ کهري
ڪپڙي جو ڳوٿرو پهرايو ويو. ’ليڪيٽا‘ وٽ، اُتان جي
محافظ ديوتا ’سينٽ ائنگلو‘ سان به ڪا گهٽ تعدي
ڪانه ڪئي ويئي: ان کي بلڪل اگهاڙو ڪيو ويو، کيس
بدشد ڳالهايو ويو، زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو، ۽ کيس
پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ ۽ ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جون ڌمڪيون به
ڏنيون ويئون. غصي ۾ ڀريل ماڻهو، سندس منهن ۾ مُڪون
هڻي، گرجدار ۾ سُڪون هڻي، گرجدار آواز ۾ چوندا
رهيس: ’مينهن ڏي، نه ته ڦاسي قبول ڪر!‘
]جيمس
جارج فريزر جي ڪتاب ’جادو ۽ سائنس‘ جي جلد پهرئين
مان اقتباس[
سراج
”اي دردَ هلي آءُ .....“
’انوءَ‘ ۽ ’زيبي‘ جي شاديءَ جي پهرين ورسي هئي.
ڊرائنگ روم، ڪافي ڪشادو هوندي به، آيل مهمانن جي
ڪري ڪجهه تنگ پئي معلوم ٿيو. تهه سياري جا ڏينهن
هئا، ان ڪري هڪٻئي سان سوڙها سنگوڙا ٿي ويهڻ ۾ ڪا
خاص تڪليف محسوس نه پئي ٿي. سڀ انوءَ ۽ زيبيءَ جا
ويجها دوست ئي
ته هئا- پنهنجائپ ۾ ماڻهو اهڙي تڪليفن کي محسوس به
ڪونه ڪندو اهي. سڀني کي فقط ’شفيق‘ ۽
’شميءَ‘ جي نه اچڻ جو افسوس هو. انوءَ سان سندس
دوستي ته جڳ- مشهور هئي. ان هوندي به ههڙي موقعي
تي هنن جو نه اچڻ سڀني کي ڏکيو ڏکيو پئي لڳو.
انوءَ جي نگاهه بار بار دروازي ڏانهن کڄيو ٿي
ويئي. هو سوچي رهيو هو ته شفيق نه ايو ته سندس
خوشي اڌوري رهجي ويندي. هو اڃا انهن ئي خيالن ۾ هو
ته ڊرائنگ روم جي مُهڙ واري دروازي ۾، شفيق هميشه
واريءَ شرير مرڪ سان شميءَ سان گڏ ظاهر ٿيو.
سڀني جي چهرن تي ڄڻ بهار اچي ويو. جيسين ڪو سندن
آجيان ڪري، ان کان اڳ شفيق چوڻ لڳو: ”شمي، ڀانئجي
ٿو ته هت پنهنجي لاءِ جاءِ ڪانهي. هت ته رڳو
پريزاد ۽ پريون پهچي ويون آهن- اسان انسانن جي
ڪهڙي جاءِ!“
زيبيءَ وڌي اچي شميءَ جا هٿ پنهنجن هٿن ۾ ورتا.
انوءَ پريان ئي چيو، ”مون ته ٻڌو هو ته انسان وقت
جا پابند ٿيندا آهن! هيءُ رئيس زادو هينئر آيو
آهي. شمي ته خير زيبيءَ سان گڏ ويهي رهندي، تون هن
آتشدان تي چڙهي ويهه ته ڪجھ فرحت اچيئي!“
”تنهنجي گهر ۾ آتشدان به آهي، سا اڄ خبر پيم. تون
منهنجو فڪر نه ڪر، پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ تلاش ڪر.“
’پروين‘ پنهنجي مڙس کي ٺونٺ هڻندي چيو: ”شفيق
ڀائوءَ کي ويهڻ جي جاءِ جي ڪهڙي ضرورت؟ شميءَ کي
حاصل ڪرڻ لاءِ هن مهاتمائن وانگر هڪ ٽنگ تي بيهي
تپسيا ڪئي هئي،- سو جي هن کي هڪ ٽَنگ تي بيهاري
ڇڏبو ته بيهي رهندو!“ |