سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :2

”ڪنهن اديب يا شاعر جو ڪم فقط اِتي ئي پورو ٿي نٿو وڃي ته هڪ حقيقت پسند جي حيثيت ۾ جيڪي ڪجھ هو ڏسي ٿو سو ئي لکي، بلڪه هو جنهن نموني سان محسوس ڪري ٿو ’ته هيئن هئڻ گهرجي‘، ان جو به اظهار ڪري.

”شاعري هڪ اهو آئينو آهي، جنهن ۾ ڪنهن قوم جي صورت منعڪس رهي ٿي. انهيءَ آئيني جون تصويرون پائدار ٿين ٿيون. هر شي، هر واقعي ۽ هر حالت جو دلچسپيءَ سان مطالعو ڪرڻ، ان جا مخصوص، مخفي ۽ دلڪش راز دريافت ڪرڻ، انهيءَ جي ظاهر ۽ باطن، حرڪت ۽ سڪون، زير ۽ بم، نشيب ۽ فراز، رنگ ۽ بوَ، ڪيف ۽ ڪم کان متاثر ۽ هم آهنگ ٿيڻ، ’شعريت‘ آهي.“

]”ديوان قليچ“ جي مقدمي مان اقتباس[

بيت

شيخ ’اياز‘

وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،

ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُر جو سِر سان سنگ،

ڀريان آءٌ اُمنگ، ڪريان لات لطيف جي.

 

ماڻهو منهنجي ملڪ جا، اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ،

ڏکن ڏڌيون جهوپڙيون، بُکن ڀريا ڀاڻ،

الله تن ۾ آڻ، ساڃهه پنهنجي ساهه جي!

 

اندر منجهه اٿاهه، محبت ماڻهوئڙن جي،

پاڇو آهه پرينءَ جو، تن جو سهڻو ساهه،

جيڪر چميون، چاهه، ڏيان ساري ڏيهه کي.

 

سهسين سورج چمڪيا، ڪيا چنڊ چٽاءَ،

ماڻهوئڙن مٿاه، اڃا اوندهه نه لٿي!

 

او ماڻهو، او ڀاءُ، ڪارو گورو ٿي ڪُٺين،

شال اِهو اَنياءُ، تو ۾ آڻي ماڻهپو!

 

او ڌرتي، او ماءُ! تنهنجي کِههَ منهنجون اکيون،

سر ۾ تو سوداءُ، رڳ رڳ تنهنجون راڳڻيون.

 

آهيان تنهنجي امن جو راڳي ويراڳي،

جاڳائي جاڳِي، جڳ ۾ تنهنجي جوت مون.

 

جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙهي ويا،

ڳاراڻا، ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي.

 

ٽانڊن تي ٽِليا، پانڌي تنهنجي پريت جا،

وچڙيا هر ڪنهن وڄ سان، کنوڻين تي کِليا،

تو سان نيٺ مليا، سَٽون ڏيئي ساهه جون.

 

واسينگن جي واٽَ، آهي سفر سچ جو،

ڪيئي ٿيا ڪاٽَ، هلندي حبيبن ڏي.

 

آهي اڄ اڻاٺَ، پرينءَ پاڌيئڙن جي،

جاڏي تاڏي جبر جي، ڏَڪي پيئي ڏاٺَ،

ڪُوڙَ بڻايا ڪاٺَ، سوريءَ سِري سچ جي.

 

چپن چورايو، ازل جي آواز کي،

مهرون لڳيون منهن تي، ته ڳوڙهن ڳالهايو،

پرين، پهچايو، اسان نياپو نينهن جو.

 

اوندهه تي اولا پيا، لُڇندي رات لڙي،

ساههُ نهوڙيو سوچ ۾، تارن ننڊ تڙي،

جنهن ۾ اک اڙي، سامهون آ سو سوجهرو!

محمد سومار شيخ

ناهي راءَ امير سان، منهنجو راڳ رياض،

هِيرن ڪنان قيمتي، اندر جو آواز،

عامن جو انداز، منهنجي دل جون دولتون.

 

نڪي ٺاهيم آيتون، نڪي ويد پِراڻ،

آدم جا اهڃاڻ، مون بيتن ۾ بدلي ڇڏيا.

 

نڪي هندو آهيان، نڪي مسلمان،

اندر آگو عشق جو، عادت ۾ انسان،

منهنجو ڪُل ايمان، آهي پنهنجو پاڻ ۾.

 

جاڳي اُٿيا جوان، جوڌا جي اڻموٽ،

ڪيرائيندا ڪوٽ، ڏک ڏمر ۽ ڏاڍ جا.

محمد خان ’غني‘

ڪيئن کڻان آءٌ ڪنڌ، جو توکي چوان ’تون‘،

اها وِٿي وچ ۾، سا ماريو ڇڏي مون،

شل هيڪاندا هون، نه پوي فرق فڪر ۾.

 

جي ٿو پڇان پاڻ، ته پرين پرانهون ٿو ٿئي،

آهي ڪو اَهڃاڻ، جنهن سَڱَ سڏيان اُن کي؟

 

جي ٿو چوان ’آءٌ‘، ته پوءِ ’تون‘ آهي ڪير؟

ڪيئن چوان، ڪنهن کي چوان، ته اهو ڇيڙ نبير؟

هيءُ جي هوندو ڦير، ته رهندي حد حساب جي.

 

اها حد حساب جي، نه سڄڻ سونهائي،

توکي چوان ’تون‘، ۽ ’مون‘ ٿي مارائي،

ٻه جا ٻولائي، سا وڍجي شال وجود مان!

 

تو جو ڇڏي نه ’تون‘، پيو اڃا ’تون‘ تنوارئين،

وڻنئي ڪيئن ويڇائيون، جو ’مون‘ نٿو مارئين،

هي حياتيءَ ڏينهڙا، هيا ٿو هارئين،

ڌُر سندو ڌارئين، نٿو خامَ! خيال تون.

 

’مان’ جنهين جي من ۾، سي ٿا پڇن ’هُو‘،

تن جي روبرو، هُو هڏهين نه ٿئي.

 

’هُو هُو‘ چؤ نه هڏهين، ’هو هو‘ ۾ ٿي هوڏ،

ڪانڌَ تنهين تي ڪوڏ، جي ’هو‘ نه چون هُن کي.

’هُو‘ ڪيئن چوان هاڻ، جو هاڻي ناهي ’هوءِ‘،

بيٺو پنبڻين وچ ۾، جان سندس ٿي جُوءِ،

اچي اِتي رُوءِ، پسو پاڻ پرينءَ جي.

 

سج سهائو ڪونه ڪو، قمر آهي ڪين،

عرش اجايون ڳالهيون، ذرو ناهه زمين،

جيڪو منهنجي جان ۾، هي اُنهيءَ جي اڌين،

آهن ڪٿ امين، جي ڳالهه پروڙين ڳجهه جي!

عبدالجبار ’شام‘

هلندي ڪا هوت ڏي، ڪا هوت ڏي هلندي،

سلندي سُور برهه جو، ڪا سور برهه جو سلندي،

جانب لئه جلندي، جلندي ڪا جانب لئه؟

 

ويهي ڪِي ويچار، گهڙا ڀريندين ڪيترا،

مَيي هِن مهراڻ ۾، اَهي ڪو اِسرار،

اُونهي منجهه نهار، ته موتي ميڙئين آميا.

 

ويهي ويچاريو، جنهين اِن اِسرار کي،

گهڙا اِنهيءَ گهيڙ تي، ڀڃي سو آيو،

سودو سوايو، آهي اُن جو سپرين.

 

ڪنهن کي پيئي ڪا، ڪَلَ اِنهيءَ اسرار جي،

گهڙا تنهن گهيڙ تي، ڀڃي ڪيا ڀُڪا،

مام پروڙيئين سا، جا ڀَرڻ وارا ڀُليا.

 

وٺي ويٺا واٽ، جهلي دڳ دوست جو،

اُنهن کي اُساٽ، سدا آهي اُڃ جي.

 

اوهان جي پيتي، جا مون پِيتي جيڏيون،

جانب لئه جِيتي، مُئي سڀ سنسار لئه.

دوها

شيخ ’اياز‘

رات ڏِيئي جي وَٽ ۾ جرڪي گذري جُڳ جي جيت،

پڙهيا پئي مون روئي روئي ’وديا پتيءَ‘ جا گيت.

 

ماڻهوءَ جي منورتي بدلي، ننهن کان وڇڙيو ماس،

ڪنهن جي من ۾ ’ميران‘ ايندي، ڪنهن جو ’ڪاليداس‘.

 

سمو پراڻو پاپي سڀ کان، منهنجي لاءِ ڪٺور،

پڇي پيو بنگالي مون کان، ’ڪير هيو ٽئگور‘!

 

کاڻِي هِير، وساڻو رانجهو، سارو ’جهنگ‘ تباهه،

رَک ۾ پنهنجون ڪافيون ڳولي ويٺو ’وارث شاهه‘.

 

ويو وسامي ’سامي‘، هن جي رُلي پئي اڄ رَک،

ڪنهن ۾ ناهي پيار پرينءَ جو، ڪنهن ۾ ناهه پرک.

 

من من بَنُ آ، جنهن ۾ ناهي ڪنهن بنسيءَ جي تانَ،

آءٌ به ٽوڙيان وينا، ڪيڏو ڦِري ويا انسانَ!

 

ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي، او منهنجا ڀٽ ڌڻي‘

تنهنجو ڏيهه ڏُڪاريل، جنهن ۾ ناهي قرب ڪڻي!

 

اَڻ پَڻيءَ تي پنهنجون پنبڻيون، کِههَ ۾ اکڙيون کول،

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀر سان ويهي، پنهنجي ڳُجهه کي ڳول.

 

ڏينم اهو تنبورو مون کي، ڪيسين سمهندين، شاهه!

ڏينم ته ڳايان، آڳ وسايان، دليون ڪريان درياهه.

 

ڏينم اهو تنبورو مون کي، مان ٿو تاڻيان تند،

ڏينم، ڀٽائي، ڏينم ته تنهنجو روح رهي خورسند.

 

ڪافر ناهي، مومن ناهي، ’سچو‘ پوءِ به سچ،

سَچُ چوي ٿو ’اچ، اچي سوريءَ تي لڙڪي نچ!‘

 

ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه، اديون ڙي، ڏيهه ڏئي ٿو ڏوهه،

آءٌ چوان ٿي، ڏوهه سهي، پر مٺڙو آهي موهه.

 

ڪٿي نه ڪوئي ڪونڌر ڏسجي، ڪٿي نه اُڀري ڪنڌ،

آءٌ اڪيلو هان اوجهڙ ۾، پري پرينءَ جو پنڌ.

 

ڪُڇي نه ڪوئي، لُڇي نه ڪوئي، پڇي نه ڪوئي، هاءِ!

پو به چوين ٿو مون کي، آهي تنهنجي جڳ ۾ جاءِ!

 

ڏيئو ڏياريءَ جو ناهيان مان، اٿم اُجالو آس،

لڇندي منهنجي لات اڪيلي، گهر گهر آهه اُماس.

 

نڪي هوا ۾ هيج اُٺي جي، نڪي گهٽا گهنگهور،

پيو پڪاري، ٿر کي ڏاري، ڪٿي ڪٿي ڪو مور.

 

وڍي ڇڏي ڪنهن نِڙي نَڙي جي، گُهٽجي ويا آواز،

ساڻا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا، سُڏڪي سُڏڪي ساز.

 

چَڙو اسان جو چُپ ڇو آهي، چُري نٿو ڇو چنگ،

ويو لتاڙي لات اسان جي، ڪير هيو اڙٻنگ.

 

ماڻهو ناهه مڙهيءَ ۾ ڪوئي، ڪنهن جي آهه پڪار،

ويا اُٿي آديسي شايد، دانهن ڪئي ديوار.

 

جهڄي پيو من جهونجهڪڙي جو، سانجهي آ سنسان،

پرين، مڃان مان ڪيئن ته تنهنجو پاچو آ انسان!

 

منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي، منهنجي ماءُ،

ڪيئن مڃان مان، تنهنجي ڪُک مان سِڪ ڇڏي وئي ساههُ!

 

منهنجي پيا سڀ تنهنجا مانجهي، او منهنجا مهراڻ،

آءُ ڪپر تي ويٺو سوچيان، ڄاڻ هڻي ٿي ٻاڻ.

 

ڪيسين ماٺو رهندي، پنهنجيءَ هستيءَ کان اڻڄاڻ،

مستيءَ ۾ آ، مستيءَ ۾ آ، موجون هڻ، مهراڻ!

 

سدا نه رهندو ڪو به سڪندر، ٿيندو نيٺ تباهه،

ايندا ويندا ڪيئي، وهندو رهندو درياهه شاهه.

 

پڄري پڄري نيٺ ته تنهنجو جيءُ ڪندو جاکوڙ،

وسندا مينهن مِٽيءَ تي تنهنجي، اُٿندين نيٺ، اَروڙ!

 

اچو اچو، اي ڄر جا ڄاڻَو، لُڇي پئي اڄ رات،

کوليو کوليو هي کنڀڙاتيون، ڳڻيو نه پنهنجا ڳاٽ.

 

وَٽ ۾ وچڙي ويون کنڀڙاٽيون، آيا نينهن- نسنگ،

ڪير چوي، ڇو ڄاڻي واڻي پڄريا پاڻ پتنگ!

 

ڀيڄ ڀني آ، ماڪ وسي ٿي، ڪوٺي کول ڪَلالَ،

آڻ ته پيئان، آڻ ته جيئان، جئين سدائين شال!

 

مَنُ آ مالامال اسان جو، ڪوٺي کول ڪَلال،

اٿئي گهڻيئي گِهٽي گهٽيءَ ۾ قرب سوا ڪنگال.

 

ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام،

وري نه هي ميخانو ملندو، هيءَ مي ناهه مدام.

 

منهنجي من کي چيري ڦاڙي، کلين پيو انسان،

آءٌ ته تنهنجو اَمرت آهيان، اُڇليئه ڪيئن نادان!

 

منهنجيءَ پياليءَ تي ٿو پسرين، پر جهيئه ڪونه پياڪَ،

رُسي وڃين ٿو منهنجيءَ رَسُ سان، تِکي رکين ٿو تاڪَ.

 

منهنجي مَڌ کي ميرو سمجهي، ٿُڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،

تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.

 

ڪَوي ’جسيم الدين‘، اسان جون دليون کسيون هن ديس،

چوٽي چوٽي جنهن جي چمپا، وَنُ وَنُ جنهن جا ويس.

 

نينهن لڳايو ڪنهن نچڻيءَ سان، اسان وڃي چٽگام،

گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ جنهن جا گهنگهرو، ڪن ٿا ڇم- ڇم- ڇام.

 

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاوَ اسان جا، نگر نگر ۾ نينهن،

ڪهڙيون ڪهڙيون راتيون ساريون، ڪهڙا ڪهڙا ڏينهن.

 

پورنماسي، پوري ’گنگا‘، ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ،

ٽِلي پيو ’ٽئگور‘ ڪنڌيءَ تي، اچي پسيو پڙلاءُ.

 

ڪَوي، اسان پرنام ڪيوسي، چميا اوهان جا پير،

ڪَوي، ڏسين ٿو ڪلجُڳ آڻي ڪيڏا ٿو انڌير!

 

ڪَوي، ڏٺا آهن تو کان پوءِ ڪيڏا اسان ڪاوُر،

سچ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو، ماٺ رهيا منصور!

 

هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو، مٺڙو، ڪري ٿو ڪيڏا ڪِيس،

پو به اسان جي ڳوڙهن آندي اکڙين ۾ آسِيس!

 

مندر جا در کول، پڄاري، مندر جا در کول،

اهي مورتيون وري نه ملنديون، هيئن نه رَئيءَ ۾ رول.

 

ويا پنهونءَ جا پيرا لٽجي، ڀُري پيو ڀنڀور،

سُڻيا نه سڏ ڪنهن تنهنجا سسئي، هيو هوا جو شور.

 

ڪيئن ڪريان مان، ڪيئن ڪريان مان، گهڙي گهڙي آ گهاءُ،

هاءِ، پرينءَ سان پريت لڳائي، مري وڃان ها، ماءُ!

 

مان ئي سچل، مان ئي سامي، مان ئي آهيان شاهه،

منهنجي من ۾ ڇوليون ماري، سِنڌو! تنهنجو ساهه.

 

سانجهيءَ ويلي پنڇي موٽيا، روئي ڏنو ڪبيرَ،

پنهنجي پنهنجي آکيري سان، سڀ جي آهه اُڪير.

 

چڻنگ چُڪيءَ مان نڪتي، جنهن مان نڪتا ڪيئي نکٽ،

ڪهڙو مَڌ هو، جنهن هيئن من ۾ ڀڙڪايا ڀنڀٽ.

 

سار اوهان جي آئي، من تي وار ڪيا ويساک،

اُڀري ايو سج اوڀر کان، ڀڙڇيون اُڇليون باک.

 

ڪاريون ڪڪريون ڀرجي ايون، ڀِنا نه منهنجا نيڻ،

ڏمري اُهي ڏات اسان سان، شال نه سرچيا سيڻ.

 

سانوري سانوري صورت هُن جي، سهڻو هُن جو ساهه،

هاءِ، هيو پر بک جو اُن جي اکڙين ۾ اوڙاهه!

 

ريج ڏنو هو هِتڙي رَت سان ڪنهن ڀوريءَ جي ڀُل،

جنهن مان اُسريا پيارا پيارا هي ڄانڀي جا گُل.

 

کڻي هنيئه کانڀاڻي هن کي، ڪيئه نه ڪو ڪهڪاءُ،

ننڍڙا نينگر، هن ڳيري کي تو وانگر آ ماءُ!

 

مون چيو ’اوندهه ئي اوندهه آ، جڳ مان ٿيو هان تنگ‘،

هن چيو ’مان تنهنجي چانڊوڪي، اچ اچ منهنجي سنگ‘،

 

مون چيو، ’ماڻهوءَ جو ماڻهو ٿو کائي اڄڪلهه ماس‘،

هن چيو ’مُگري جي موسم آ، هلي وٺون ڪجهه واس‘!

’تنوير‘ عباسي

سوچي سمجهي، ڄاڻي واڻي، بنجي ويس اڻڄاڻ،

پاڇولن سان پيار ڪيو مون، مان پاڇولو پاڻ.

 

اڻڄاڻائي ڀرپور، او سائين، اڻڄاڻائي ڀرپور،

ڏاهپ ڏنگ هڻي ٿي مون کي، سياڻپ ڏئي ٿي سور.

 

اوهين به پارس ناهيو، سائين، اسين به پارس ناهيون،

پيار ڇُهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون.

 

ساهه ڏني سَٽَ ۽ مان جهٽ پٽ پهتس تنهنجي پار،

هاڻي سوچيان ٿو ڪيئن جئرو رهي سگهيس تو ڌار.

 

ازلي راڳيندڙ جي هٿ ۾ آهيان مان يڪتارو،

تارَ اها ئي ساڳي هڪ، پر هر سُر آه نيارو.

 

تون منهنجي آڏو آئين، ۽ مون کي ٿيو گمان،

منهنجن گيتن هستي ورتي ڄڻ، ۽ ٿي پيا انسان.

 

تو ۽ تنهنجيءَ دنيا مون سان ڏاڍا ويلَ وهايا،

موٽ ۾ ڏس مون تنهنجي جڳ کي مٺڙا گيت ٻُڌايا.

 

مون کي آڇي وئي هِن جڳ جي سياڻن جي سرداري،

جنهن کي ٺڪرائي، مون گيتن چوندي عمر گذاري.

 

خالق تي روئڻ آيو، ۽ خلقت تي کِل آئي،

ٻنهي وڏا وس ڪيا، تڏهن ڀي ڪنهن سان ڪنهن نه نڀائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com