سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :16

پير صدرالدين صاحب جو ڪلام تصوف ۽ ويدانت جي مضمونن سان مالا مال آهي. سندس ڪلام مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ويدانت ۽ تصوف جو ڪيتريقدر مطالعو ڪيو هئائين. اهو ئي سبب آهي جو خواجه حسن نظاميءَ پنهنجي تصنيف ”فاطمي دعوتِ اسلام“ ۾ پير صاحب کي گهڻي قدر ساراهيو آهي.

پنهنجي ڪلام ۾ هن کي فاني سڏيو آهي، ۽ تلقين ڪئي اٿس ته هيءَ دنيا ڪنهن کي نيبهه ٿيڻي ڪانهي، تنهنڪري لازم آهي ته مان ڪوڙ ڪُپت ۽ دولاب کي دور ڪجي، ۽ نفس جي غلاميءَ کان پاڻ بچائجي. باطل کان آزاد ٿي پاڻ کي حق جي حوالي ڪرڻ تي پير صدرالدين صاحب گهڻي قدر زور ڏنو آهي. انساني زندگيءَ بابت فرمايو اٿس ته ’بندي کي زندگي انهيءَ لاءِ بخشي ويئي آهي ته هو بندگي ڪندو رهي، ۽ ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي.‘ غفلت ڇڏڻ ۽ ننڊ نڀاڳيءَ کي ترڪ ڪرڻ لاءِ بار بار تلقين ڪئي اٿس. پي رصاحب ’همه اوست‘ جو قائل آهي، ۽ فرمايو اٿس ته ’جيئن اکين ۾ نور، گل ۾ خوشبوء، کير ۾ مکڻ، ۽ سج ۾ روشني پوشيده آهي، تيئن الله پاڪ جو وجود انسان توڙي ٻين شين ۾ موجود آهي.‘ پير صاحب پنهنجي وقت جي امام جو نالو، ڪلام ۾ گهڻن هنڌن ڏنو آهي. ڪلام ۾ خالص ديسي تشبيهون ۽ ڪِنايا ڪم آندل اهن، جي پڙهڻ سان سمجهي سگهبا.

وقت جي امام ڏانهن اشارا.

 

شري ’اسلام شاهه*‘ آمَني مليا،

تي ڏيدا ني، دين نان راج.

آلِ علي اسلام شاهه راجا، علي هَي امام.

دعوت جو نمونو. هندن کي فرمايائون ته گنگا ۾ وهنجڻ سان نجات حاصل نٿي ٿئي، پر دراصل اُن لاءِ ڪو ٻيو وسيلو آهي-

(1)

ڪاشِي جائِي تُمهِين، گنگا مانهه ناهو،

تو آمَني تَمَني سِرجيا، سو ڪِيون ٿي پائو؟

مٿيون دوهو ڪڇڪيءَ ۾ آهي، جنهن مان هيءَ مراد ٿي نڪري ته ’ڪاشيءَ وڃي جي اوهين گنگا ۾ وهجندا ته (ائين ڪرڻ سان) پنهنجي خلقڻهار کي ڪيئن هٿ ڪري سگهندا، جنهن مون کي ۽ اوهان کي پيدا ڪيو آهي؟‘

(2)

اَڻسَٺ تيرٿ مَين ڍونڍ ڪر ديکيا، ڪهِين پاڻي ڪهِين پاڻ (پهڻ)،

اوُجڙ گهر ڪا پِروڻِلا، تين ڪئسا پاوي مانِ؟

(يعني، مون 68 تيرٿ ۽ آستان گهمي ڏٺا آهن؛ ڪٿي پاڻي آهي ته ڪٿي وري پٿر آهن، ۽ انهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، سڃي ۽ نابود گهر ۾ جيڪڏهن مهمان ويندو، ته هو اُتي ڪهڙي عزت پائيندو؟)

(3)

پاڻيءَ مانهه ناهتا جو مويڪش هولي،

تو ماڇَلڙي موڪيش پاوي!

(4)

گنگا ڪي ماڇَلڙي گنگا مانهه رهيوي،

آخر هووي گنديري!

پير صاحب نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ واٽ ڏسي آهي، تنهن جو بيان هن ريت ڪيو اٿس:

(1)

ساچا دين رسول ڪا، تُمهِين صحي ڪري ڄاڻو،

جيڪو هِي چاهوي دين ڪو، تان ڪو دِين ۾ آڻو.

(2)

اپني نبي ڪو حق ڪري مان، ڦِر تُجهي هوئي درست ايمان.

(3)

ڪلمه ڪُنجي، مندر تيرا، پيٺ نه سگهي انيرا.

(4)

ڪلمه بِنا موڪش نه هوئي، سو ڪلمه ڪُنجي تيرا.

اخلاقي مضمون. هن قسم جي مضمون سان پير صاحب جو ڪلام ڀريل آهي. هت چند مثال ڏجن ٿا.

(1)

چيتَڻ هارا تُمهين چيتجو، ڪريو خوب ڪمائي

آنتڪال (مرڻ وقت) ايڪلا چالڻا، ساٿ ڪوئي باپ نه مائي.

پير صاحب بندي کي ’ٻانها‘ ۽ ’يار‘ ڪري مخاطب ٿيو آهي، ۽ هُن کي چڱن ڪمن ۽ نيڪي ڪرڻ لاءِ هدايت ٿو ڪري؛ اها به نصيحت ڪئي اٿس ته هتان اڪيلو وڃڻو آهي، ماءُ پيءُ به گڏجي ڪونه هلندا. نيڪي ڪرڻ لاءِ، اول دل مان دوئي ڪڍي، اُن کي صاف ڪرڻ لاءِ، هيٺين سٽن ۾ هدايت ڪئي اٿس:

(2)

’پير صدرالدين‘ ٻوليا، ڪوئي مَن اپنا سمجهائي،

ڪپڙا ڌوئي تو ڪيا هئا، دل ڌوئي سو پائي.

نفس آماري کان خبردار ٿيڻ.

مَت ٿيو آئِن پنجن ڪا داس،

پانڌيئڙا، پنٿ سِريوو.

(2)

مَن مها ٻَلوَنت هَئي، جوڌ زوراور ڄاڻ،

من ڪو جيتي جِيتسو، من ڪِي هاري هار.

غفلت کان پرهيز.

(1)

جاڳو جاڳو، ڀائڙا، رَين وهاڻِي!

(2)

سر ساٽو جي ڪِيجيئي، تو رَينِي جاڳيئي آپ،

جيوُ لڳائيئي ذڪر سين، تو ساچا سريجن پاس.

(3)

اوُٺ بَئٺ، بندا، تون ڪيون سُتا؟ سو وَڻ ڀَلا نهين هوئي،

جاڳيتڻا صاحب سڀڪوئي پاوي، سُوتا نهين پاوي ڪوئي.

سنڌي ڪلام. مٿي ڏنل مثالن ۾ ڪيترا ئي بيت سنڌي لهجي ۾ چيل آهن. نموني خاطر، نج سنڌي ڪلام جا ڪي مثال پيش ڪجن ٿا.

اُٿي الله نه گهرين، بندا، تون سُتين سڄي رات،

نڪا جهوري جِيو جي، ٻانها، نڪو سمر ساٿ،

’شاهه‘ مڃيئڙو تن، جي صُبوحَڙي جاڳن.

(وراڻي) صبوحڙي نه جاڳن، تنين کي حورون نه ڏين هَٿَ،

سي هاءِ ها3 ڪندا، هٿ هڻندا، جيئن هاريءَ وڃائي وَٽَ.

شاهه مڃيئڙو...

1. ٻانها، تونجو تَڪيو، ڪَنڊن ۾ ڪُوڙ،

پسي رَتا گُلڙا، م وڃائج، مور.- شاهه مڃيئڙو...

2. ٻانها، تونجو تَڪيو ڪنڊن ۾ ڪيو،

جَڏين سَچاڻو سُور ڪَئِين، تڏهن سَمريو...

3. ڪپاهه جَنِي ڪَتيو، جڏهن سُتو لوڪ،

تَني پانهنجو ڪَتي وڌو، ڳچيءَ ڳارهو ٿوڪ...

4. جيڙو ني تيڙو اَگهيو، هُوند ڪَتيائين،

پوءِ سڀاني سرتين وچ، مِلي مرڪيائين...

5. ڪوڍا مَنڊپ ماڙيون، گهر گهوڙا ڀنڊارَ،

ڪين نه نيا پاڻ سين، جِيو چَلَنتي وار...

6. ڀَڻي ’پير صدرالدين‘، آئِين سُڻو مومن وِير،

اَلک ڇُٽو تَني کي، جَنِي سُڃاتو ’شاهه‘ پِير...

(2)

ڪيڙيون اَڏائِئين گَڊ ماڙيون، تَين تي ڪيڙا رکائِئين چِٽَ،

نيهي نِيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مِٽَ،

سُڻ وڻجارا، هو يار، هِي من هَر وُئڙو ٿو جھُولي.

اهڙيءَ طرح، پير صدرالدين صاحب جو ٻيو به ڪيتروئي سنڌي ڪلام ملي ٿو، جو سموروئي طوالت سبت هت نٿو ڏيئي سگهجي. پير صاحب 811هه ۾ اُچ شريف ۾ وفات ڪئي. سندس روزو اُچ شريف کان سورهن ميلن جي مفاصلي تي آهي.

مٿي پيش ڪيل ڪلام جي مطالعي کان پوءِ، هيءَ ڳالهه ثابت سمجھڻ گهرجي ته سنڌي زبان جا آڳاٽا آثار اسان کي سومرن جي دور ۾ ملن ٿا، اسان جي سنڌي شاعريءَ جو اصل آغاز ’ماموئي جي بيتن‘ کان گهڻو اڳ جو آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ ڏس ۾ اڃا به ڪي صاحب وڌيڪ روشني وجهي سگهن، ۽ سنڌي ادب ۽ زبان جا اهي گم ٿيل قديمي سلسلا تاريخ جي سطح تي اُجاگر ٿي اچن. انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پير شمس ۽ پير ستگُر نُور جي اڍائي سو ورهين واري عرصي ۾ شايد ڪي بزرگ آيا هجن، جن جي ڪلام هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻيءَ محنت جي ضرورت آهي. بهرحال، اسماعيلي مبلغن جي ڪيل خدمتن لاءِ اڃا به ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. هن وقت، مٿئين بحث جي بناء تي، اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا پنجين صدي هجريءَ ڌاري ٿي هئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بنهه پهرين شاعرن مان هڪ، جنهن جو ڪلام ڪجھ قدر محفوظ رهي سگهيو آهي، سو سيدنا نورالدين هو.

’تنوير‘ عباسي

جديد سنڌي شاعري

هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي. هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رهيو آهي، ۽ نه فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سهاري ٿي پلجي پر ذهني دنيا ۾ پڻ. ڪي ادبي نظريا مرجهايو ۽ مريو وڃن ته ڪي جيئو اُٿن. هڪ افق تي ڪيئي سج نڪرن. ٺاهه ۽ ڊاهه، فطرت جو ازلي اصول آهي.

اسان جي ذهني دنيا جون تبديليون نه رڳو اسان جي ادبي قدرن جون واڳون ٿيون موڙين، پر ان سان گڏ اسان جي قومي ۽ فطري لاڙن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي انداز ۾ پڻ ڦير ٿيون آڻين. ۽ اهي ذهني تبديليون وري بدلجندڙ ماحول ۽ حالات جو ردِ عمل آهن.

اسين نه رڳو مادي اضافيت (physical relativity) جي دنيا ۾ ساهه ٿا کڻو، پر ذهني اضافيت (mental relativity) جي دنيا پڻ پنهنجي پنهنجي اٿئون هر شاعر ڪائنات ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ ٿو محسوس ڪري؛ ان ڪري سندس بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي ٿيو پوي. هر شاعر جي ذهني اوسر ۾ نه رڳو ماحول، پر ان سان گڏ موروثي اثرات پڻ ڪارفرما رهن ٿا، جنهنڪري هن جي شخصيت منفرد ٿيو پوي، ۽ سندس سوچڻ سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ٿيو پوي. هو هر مسئلي کي پنهنجي لاڳاپي ۾ ٿو محسوس ڪري.

جديد سنڌي شاعري هڪ وڏو ۽ اهم موضوع آهي، جنهن جي پوري مطالعي ۽ تحليل جي حق ادا ڪرڻ لاءِ هڪ مسلسل ۽ ڊگهي مضمون جي ضرورت آهي. هونئن ته، عام اصطلاح ۾، اڄڪلهه جو هرڪو شعر جديد شعر ۽ هر ڪا شاعري جديد شاعري آهي- پوءِ چاهي اهو شعر پارسي تغزل جو نمونو هجي، ڪلاسيڪي ڪافيءَ جي هيئت جو حامل هجي، يا وري ترقي پسند خيالات جو ترجمان هجي- پر هتي ٻين ڳالهين کان پاسو ڪري، مان چند خصوصيتن بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس، جن موجوده دور جي شاعريءَ کي اڳئين دور کان بللڪل نرالو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ جو جديد شاعريءَ جي انهن خصوصيتن کي بيان ڪريان، هيءُ لازمي ٿو سمجھان ته جن حالتن ۽ جن واقعن انهن خصوصيتن کي جنم ڏنو آهي، تن جو مختصر طور تي جائزو وٺان.

جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گهڻو تڻو پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد ٿي آهي، جيتوڻيڪ ان جو ٻج گهڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو. هندن جي لڏپلاڻ ۽ اڙدوءَ جي اوچتيءَ اٿل اسان کي پنهنجي انفرادي وجود کي قائم رکڻ تي مجبور ڪيو. هن کان اڳ جي مروج شاعري، فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ اڙدوءَ جي استادانه رنگ ۾ رنڱيل هئي. ان جو سبب هي هو ته فارسي عرصي کان دفتري زبان پئي رهي هئي، ۽ اسان جي شاعرن جي اڳئين نسل فارسي خوانده هجڻ ڪري گهڻو تڻو ان جو ئي اثر ورتو. جيئن ئي اسان جي نئين ٽهيءَ انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ٻولين جو اڀياس ڪيو، تيئن اسان جي شاعريءَ ۾ وڌيڪ نُدرت ايندي ويئي. اسان جي جديد شاعري هروڀرو مغربي فڪر ۽ طرزِ بيان جي تقليد به ناهي، جيئن گڏيل دور جي شاعري رڳو فارسي تشبيهن ۽ استعارن جي اجائي اپٽار هئي. جديد شاعرن ته سنڌي لب لهجي ۽ ڪلاسيڪي روايتن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، جيئن هيٺ هلي ظاهر ٿيندو.

هاڻي اهي بنيادي خصوصيتون بيان ڪندس، جن موجوده دور جي شاعريءَ کي امتيازي رنگ بخشيو آهي.

اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو سليس ۽ سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي. ائين ڪري چئجي ته اسان جا شاعر اڄڪلهه پنهنجي ’قومي مزاج‘ (national temperament) کان باخبر ٿي پيا آهن. سندن شعر جو سڀاءُ، پنهنجيءَ قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي. هنن جي تخاطب جا اندار پيارا آهن: هو پنهنجي پرينءَ کي ’دلربا‘، ’مہ لقا‘، ’مہ جبين‘ ۽ ماه وش‘ بدران ’سائين‘، ’سهڻا‘، ’مٺڙا‘، ’ماکيءَ جهڙا‘، وغيره لفظن سان ٿا پڪارين. هنن جو پيار، سنڌوءَ جي ماٿريءَ جو، مهراڻ جي مڌ ۾ ٻڏل پيار آهي. ان ڪري، هنن جي شاعري ۽ هنن جو اطهار فطري پيو لڳي.

منهنجا پرين- او بانورا، او سانورا!

          (اياز)

ڪيتري نه گذري وئي راتڙي گهڻي،

سائين!- آءٌ ڀي کڻي، سائين!

(هري دلگير)

او پدمڻي، هيري ڪڻي!
                 (گرامي)

تون به وسار ۽ مان به وساريان،

آڻ مڃي پو جهڳڙو ڇا جو؟

(شيخ راز)

ٻي خصوصيت، جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي انفراديت. اسان جي جديد دور جي هر سٺي شاعر، ڪوشش ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري، هن دور ۾ ڪيتريون تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ لاءِ بلڪل نوان آهن. تخليقي صلاحيت شاعريءَ يا ادب جي ڪنهن به حصي جي جان آهي- پوءِ اها تخليق ڪا سُٺي تشبيهه هجي، سٺو استعارو هجي، ڪو سهڻو محاورو ۽ اصطلاح هجي يا ڪو اعليٰ خيال. روايتي شاعريءَ جي سٽيل ڪٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن کان بيزاري محسوس ڪندي، اسان جي شاعرن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي: هنن ’نرگسِ بيمار‘ جي تصور ڪرڻ بدران نِمن جي ٻُور ۽ سرنهن جي گلن جي سونهن کي سميٽي، پنهنجي شاعريءَ جو پاند ڀريو.

ڦُٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا، نمن جهليو آ ٻور،

ڪيسين رهندي دور!

آءُ سرنهن گل ڪيا، آءُ پرين آءُ!

(اياز)

اڄوڪي شاعري ۽ روايتي شاعريءَ ۾ ٻيو نمايان فرق آهي ماحول جو. شاعري دليا جي ڪنهن به حصي جي هجي، ان جو تعلق انسان جي بنيادي جبلتن (instincts)- مثلاً سونهن سان پيار، وطن دوستي، زنده رهڻ جي چاهنا، وغيره- سان آهي. شاعري جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي، ۽ جذبا ۽ احساس انهن ئي بنيادي جبلن جي ٿُڙ جون ڌار ڌار شاخون آهن. هر قوم جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اظهار ناهن ئي بنيادي جبلتن جي نشاندهي ڪندو آهي، ان قوم جي جغرافيائي، تهذيبي، معاشرتي ۽ نفسياتي صورتحال جو آئينو هوندو آهي، سنڌيءَ ۾ روايتي شاعري، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، فارسيءَ کان بيحد متاثر هئي، ان ڪري ان جو ماحول به ايراني هو- (روايتي محفلون، جن ۾ ساقي شراب کڻي پياريندو هو، رند ايندا هئا، جام تي جام طلبيندا هئا، ۽ ’رقيب رُوسيہ‘ به موجود هوندو هو، وغيره). سروجا وڻ (جيڪي اسان رڳو تاج محل جي تصوير ۾ ڏٺا هئا) ۽ نرگس جا گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا آهن) ايتريقدر ته عام بيان ڪيا ويندا هئا، ڄڻ اسان جي گهر گهر ۾ نرگس ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سرءُ جو وڻ اڀو آهي. ان مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته اسان جا اڳيان شاعر مشاهدي، احساس ۽ تاثر- سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي اثر هيٺ، ۽ مطالعي جي ئي سهاري تي شاعري ڪندا هئا، جيڪو سندن تخليقي قوتن، مشاهدي جي ڪميءَ ۽ احساس جي ڪُند هجڻ جو ظاهر ظهور ثبوت هو، ۽ منجھن تخليقي قوتن جي ناپيد هجڻ جو دليل پڻ.

اڄوڪن شاعرن، ’روايتي حسن‘ ۽ ’مطالعي‘ جي سهارن کي ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي، ۽ پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿن. سندن شاعري سرنهن جي گلن جي سڳنڌ ڦهلايو ڇڏي، اونداهين راتين ۾ ٽانڊاڻا جهرمر لايو ڏين، ڪونجن جا ولر خيال جي افق تي ڦڙ پڙ ڪريو اڏامن، ۽ سنڌوءَ جون لهرون سندن احساسن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪريو ڇڏين. هنن جي شاعري، بنديخانن ۾ ليئا پائي، قيدين جي حالت ڏسيو اچي، بلڪه قيديءَ جي اندر ۾ پيهي سندس جذبا پڻ ڪڍيو ٻاهر اچي.

گهنٽيءَ سان هت صبح ٿئي ٿو، گهنٽيءَ سان هت شام ٿئي ٿي،

وقت ڦري اطلاع ڏئي ٿو، گهنٽي ڪيڏا رنگ رچي ٿي!

ننڍڙي گهنٽي، گهنٽي شاهي،

پر دل ۾ هردم اونداهي:

اچ وڃ، اچ وڃ، پهري واري، اونداهيءَ ۾ آءٌ ٻڌان ٿو،

روشن آ، يا رات اونداهي، اڀ کي پورو ڪين پسان ٿو!

(هري دلگير)

اڄوڪي شاعري، ڪَچن گهرن ۽ لوڙهن مان ليئا پائي، اندر جو لقاءُ ڪري ٿي:

ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جُڳن جا راز کولينديون،

نڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،

قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئا هڪٻئي جون ڳولينديون،

جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيہ واسينگ کولينديون:

ٿي عاشق بيقرار ايندو،

وڻن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

بهار ايندو، بهار ايندو!

(گدائي)

ڪڏهن ڪڏهن شيخ ’راز‘ جهڙو شاعر ڪنهن کوهه طرف وڃيو نڪري، ته ڏندين آڱريون اچيو وڃنس ــــــــــ

 

کوهه جي طرف وري ايندي ڇا؟

جنهن کي مون ڪالهه ڏٺو،

ڍاڪ تي جنهن جي هو هڪڙو گهڙو؛ـ

جنهن جي پازيب جي جهنڪار،

جنهن جي چوڙين جي جهنڪار،

جنهن جي چوڙين جي جهنڪ،

جنهن جي ڪَڙين جي ڇنڪ ــــــــ

ڄڻ وڳو ساز نئون، راڳ نئون ڪنهن ڳاتو:

۽ ٻڌم گيت نئون،

منهنجي ڄڻ شعر جا بندَ

پاڻ ئي پاڻ ٺهي راس ٿيا!

(شيخ اياز)

رات، اڪيلائي، اُلڪو ۽ ڏيئو- ’بردي‘ ان جو ڪهڙو ته نفسياتي نقشو ڪڍيو آهي:

سياري جي هر رات هيڪاندي مون آ ڏسڪي ڪاٽي،

اُلڪي کان سيراديءَ سيري رکان روز ڏياٽي!

(بردو)

اڄڪلهه جو شاعر ٺهيل ٺڪيل (ready-made) تشبيهن، اصطلاحن، محاورن، بيان ۽ اسلوب جي طريقن بدران پنهنجن ذاتي ۽ انفرادي مشاهدن، احساسن، ۽ فڪر کي پيش ٿو ڪري. هن جي ڪائنات ويڪري ۽ ڪشادي آهي، ۽ ان جي سونهن اٿاهه. هو پنهنجي پڙهندڙ جو ڌيان اهڙين شين ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ، ٻنهي جون ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل آهن؛ ان ڪري هڪ طرف شاعر جو اظهار مڪمل ۽ جامع آهي، سندس شعر تاثر ڀرپور آهي، ته ٻئي طرف پڙهندڙ سندس شعر کي پوريءَ ريت پروڙي سگهي ٿو، ۽ ان مان پورو پورو حظ حاصل ڪري ٿو.

جديد شعر جي ٽي خصوصيت آهي پنهنجي ڪلاسيڪي ادب جي ورثي کي سنڀالڻ. اسانجن ڪلاسيڪي شاعرن (شاهه، سچل، سامي ۽ حمل وغيره) جي شعرن جي هيئتن- مثلاً بيت، ڪافيءَ ۽ وائيءَ- موضوعن کي وري نئين سر هن دور جي سازعرن ئي جياريو آهي. اڄڪلهه بيت، ڪافي، دوها ۽ وايون ٻن مختلف طريقن سان لکيون وڃن ٿيون: هڪ گروهه انهن جا موضوع، ٻولي ۽ اسلوب ساڳيا ڪلاسيڪي رکي آهن، ته ٻئي گروهه رڳو هيئت ساڳي رکي ان جا موضوع ۽ اسلوب توڙي ٻولي مَٽائي ڇڏي آهي.

پهرئين گروهه جيئن ته رڳو روايت ۽ تقليد جو سهارو وٺي ڪو به تخليقي ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي، تنهنڪري ان جو ذڪر اجايو ٿيندو. انهن جو حال به اهڙو آهي، جهڙو فارسيءَ جي تقليد ڪندڙ غزلگو شاعرن جو. رڳو محوارن جي ورجائڻ جا ٺهيل ٺڪيل موضوع کڻي لفظن کي ٻڌڻ سان ڪو ڪارنامو ته ڪونه ٿيندو؟

سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍو بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي.

ان کان سواءِ، اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع، اسان جي جديد شاعرن، بدلجندڙ ماحول جي نين تقاضائن کي مدنظر رکي، هڪ دفعو وري استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن. سسئي، مارئي ۽ ٻيجل بدران اسان جا فارسي زده شاعر قيس، ليليٰ، شيرين- فرهاد ۽ بهزاد جو ذڪر ڪندا هئا. اڄڪلهه جي شاعرن نه رڳو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي پنهنجو بنياد بنايو آهي، پر ان جي ڪيترين روايتن کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو اٿن ۽ نئين رنگ ۾ رنڱيو اٿن-

ڏيان آگ گرنار کي گاهي گاهي،

وري سر وڍايان، وري چنگ چوريان.

(شيخ اياز)

زندگي بنجي نه شل سسئيءَ جا سور، ۽ آس مومل جو ڏهاڳ.

(نياز همايوني)

اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي موضوعن جي فراوني ۽ ندرت. ورڊس ورٿ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو گل ۽ ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري، شيليءَ لاءِ چنڊول، ۽ ڪِيٽس لاءِ بلبل، شاعريءَ جا موضوع هئا. اسان جي فارسي زده شاعرن جا موضوع، فطرت جي بدران ڪتابن مان چونڊيا ويندا هئا. سهڻا نظارا، ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ۽ روزمره جا واقعا سندن خيال کي جاڳائي نه سگهندا هئا. اڄ جا شاعر ته فقط پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ فڪر جي اثر هيٺ تخليق ٿا ڪن، پر ان سان گڏ بين الاقوامي معاملن جو ردعمل پڻ محسوس ڪن ٿا؛ ڇو ته اڄ جي دنيا ۾ ادبي رشتن کي هڪ بين الاقوامي وسعت حاصل ٿي چڪي آهي. شيخ اياز ’هرڻ هٺيلا‘ ۽ ’ٿوهر جو وڻ‘ جهڙين عام چيزن کي ڏسي زندگيءَ جو فلسفو ٿو سمجهائي، ته هري دلگير ’بمبئيءَ جي شهر‘ کي ڏسي انسان جي ميڪانڪي زندگيءَ جا راز ٿو سلي، ۽ ’بردو‘ وري ’چڻن جا گل‘ ۽ ’واهڻ جي ڇوريءَ‘ کي ڏسي موج ۾ اچي ٿو وڃي. بين الاقوامي مسئلن ته ’نياز‘ جو ”ايشيا“، بشير مورياڻي جو ”وچ اوڀر“، ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي نظم ملندا.

پنجين، مگر نهايت اهم خصوصيت آهي ’هيئت جا تجربا‘. موجوده دور جي شاعرن هيئت جا ايترا ته تجربا ڪيا آهن جو ان جي بيان ۽ فني ڇنڊڇاڻ لاءِ هڪ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. مختصر طور، رڳو ڪي خاص نُڪتا هي آهن:

ٻاهرين ٻولين جي شعر جون هيئتون سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويون آهن- جيئن آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، وغيره.

ڪلاسيڪي هيئتن- بيت، ڪافيءَ ۽ دوهي جو موضوع مَٽايو ويو آهي.

ڪلاسيڪي هيئتن، ڪافيءَ ۽ وائيءَ، ۽ فارسي ٽِڪنيڪ واري بحر- وزن کي ملائي، ڪي نيون هيئتون پيدا ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ بردي ۽ شيخ اياز جو ڪم قابلِ ذڪر آهي.

گيت کي اهو گيت رهڻ نه ڏنو ويو آهي، پر هڪ بند ۾ مصراعن جي انداز کي گهٽائي وڌائي، ۽ مصراعن ۾ رڪنن جي انداز کي گهٽ وڌ ڪري، اڪيچار اظهار جا طريقا تخليق ڪيا ويا آهن.

غزل جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب لهجو ۽ ماحول مَٽائي، ان کي نيٺ سنڌي ماحول، اسلوب ۽ موسيقيت جي ويجهو آندو ويو آهي.

مٿين تجربن جا ڪيترا مثال ملندا، جيڪي طوالت جي خوف کان رهڻ ڏنا ويا آهن.

اسان جي شاعريءَ جي ڇهين، آخري ۽ اهم خصوصيت آهي ترنم ۽ موسيقيت. اسان جي اڳئين دور جي شاعرن وٽ موسيقيت ته هئي، پر ان جو آهنگ اسان جو نه پر پارسيءَ جو هو. هر ٻوليءَ کي پنهنجا صوتي اثرات، پنهنجو لب لهجو، ۽ پنهنجي موسيقيت ٿئي ٿي. اسان جي سنڌيءَ جي اصلي موسيقيت کي رڳو اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ جديد شاعرن اڀاريو آهي، ۽ ان جو ترنم، آهنگ، ۽ لفظن جي نرمي، جيڪا اسان جي ٻوليءَ جي سونهن آهي، تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڪيو اٿن.

رات انڌيري، هير ٿڌيري، اُڀ تي تارا ڇايا،

هاءِ پرين ياد آيا!

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه؟

سندس روپ سندس رنگ ائين آهي جئين تون!

(شيخ اياز)

ڪَرڪن ڪونجون، لاهن مونجهون، ستا اٿن سودائي،

اڄ ياد پرينءَ جي آئي!

(بردو)

ڀلا اوج تنهنجو، ڀلا موج تنهنجي،

عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون!

(حيدر بخش جتوئي)

مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته نه رڳو موسيقيت ۽ ترنم اسان جي ٻوليءَ جو پنهنجو آهي، پر ان جي موضوع سان پڻ وابستگي آهي، ان ڪري شعر وڌيڪ اثرائتا ٿيو پون.

مختصر طور، اڄوڪو شاعر سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز ۾، انفرادي ذاتي مشاهدي احساس ۽ فڪر سان، وڻندڙ پياري لهجي ۾، پنهنجي ئي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار مٺيءَ موسيقيءَ ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري. جنهن به شاعر جي شعر ۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن، ته بنا هٻڪ جي سمجهو ته اهو جديد شاعر آهي.

سيد مسعود علي (صدر شعبهء تاريخ، گورنمينٽ ڪاليج، شڪارپور)

سنڌيڪار: پيرزادو مختار احمد

تيمور شاهه جو فرمان

بسم الله خير الاسماءِ

]مهر تيمور شاهه[1][

بسم الله الرحمٰن الرحيم

يا الله

حڪم شد از عنايات اِلاهي،

بعالم دولت تيمور شاهي[2].

سواد رقم مبارڪ مطمع آفتاب شعاع[3] اَن ڪہ حڪام و عمال حال و استقبال الڪابہ شڪارپور، بہ الطاف روز افزونِ شاهانہ سرفراز گشتہ، بدانند ڪہ درين وقت لطف نام، نواسہ مُلاّ عمر درويش، بعزو شرف رسانيده ڪہ ملا عمر مجاور آستانہء داؤد واهي شڪارپور بوده، و همہ اوقات معاش او از نذورات حاصلِ زمين متعلق بان سيگذرانيده، وپسر نداشتہ و چهار دختر داشتہ بعد از قوتِ او، بموجب وصيت، عيسيٰ نام را ڪہ بخدمت مزار مامور ڪرده بود ڪہ هرچہ از املاڪ و نذورات بعمل آيد، صرفِ خود و دخترانِ او نمايد بهمان نحو وصيت، او عمل مي ڪرده و بعد از عيسيٰ، نام غلام و قبول و تاجو ولدانِ او چند اوقات رسد دختران را مي داده اند و ورثاي گفتگو درميان آورده، دختران درويش عم را جواب داده، چيزي بانها نمي داده اند بعد ازان وز نزد عاليجاه غلام صديق خان، غلامِ سرڪار اشرف، رجوع شده بعد از تحقيقات حاصل مزار وغيره بالمناصفه درميان آنها قرار دده بودست، تاحين حڪومت او مي داد اند، حال نمي دهند بنا برآن مقرر فرموديم ڪہ هرگاه مراتب مذبور بيان واقع باشد، قرار بالمناصفہ شده و طرفين قبول دارند، بهمان نحو عمل ڪنند؛ و هرگاه گفتگوي داشتہ باشند، آنها را در حضور اهالي شرع انور رجوع نمايند، و از قرار حڪم شريعت غرا و ثبوت گفتگوي آنها را ڪوتاه و حق بحقدار برسانند ڪہ خلاف شرع انور باحدي جبر نشود في 6، شهر ربيع الثاني، 1195هه.

ترجمو

بسم الله خير الاسماءِ

]مهر تيمور شاهه[

بسم الله الرحمٰن الرحيم

يا الله

حڪم شد از عنايات اِلهيٰ بعالم دولت تيمور شاهي.

حڪم ٿو ڪجي ته حاڪم ۽ ڪامورا، هلندڙ خواهه ايندڙ زماني جا، صوبي شڪارپور جا، بادشاهي مهربانين کان سرفراز ٿي، ڄاڻ ته هن وقت مُلان عمر درويش جي ڏوهٽي، لطف نالي، پنهنجو عرض اسان جي حضور ۾ پهچايو آهي ته ’ملان عمر درويش، شيخ دائود واهي[4] شڪارپور جي آستاني جو مجاور هو، ۽ سندس گذران ]آستاني جي[ نذرن مان، ۽ ان سان لاڳو زمين جي حاصلات مان هو. کيس پٽ ڪونه هو، پر چار ڌيئر هئس. ملا عمر درويش جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، عيسيٰ مٿينءَ مزار جو خدمتگار مقرر ٿيو، جنهن کي وصيت ڪئي هئائين ته پيدائش مان پاڻ به خرچ ڪري ۽ سندس نياڻين کي به ڏيندو رهي. هو ان وصيت موجب عمل ڪندو رهيو. اُن کان پوءِ سندس پٽ غلام، قبول ۽ تاجو به ڏيندا رهيا. مگر، پوءِ ڪنهن تڪرار ڪري، درويش عمر جي نياڻين کي سڀ پيدائش کان جواب ڏنائون. تنهنڪري عاليجاه غلام صديق خان[5] وٽ (جو هن وقت سرڪار عالي جو غلام آهي) مقدمو رجوع ٿيو هو، جنهن تحقيقات کان پوءِ نذر ۽ نياز وغيره اڌو اڌ ورهائي کڻڻ لاءِ حڪم ڪرڻ فرمايو هو، جنهن تي عمل سندس عهد حڪومت تائين ٿيندو رهيو، پر هاڻ هو ڪجھ به کين نٿا ڏين.‘ تنهنڪري، اسين حڪم فرمايون ٿا ته جڏهن مٿئين بيان موجب اڌو اڌ تي فيصلو اڳيئي ٿيل آهي، ۽ اهو ڌرين به قبول ڪيو آهي، ته پوءِ ان تي عمل ڪندا رهن. پر جيڪڏهن ڪو تڪرار ٿئين ته پوءِ قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ رجوع ٿين، ۽ حڪم شرع شريف موجب حق حقدارن کي ڏنو وڃي، جيئن شرع انور جي خلاف ڪنهن سان به ظلم نه ٿئي.

6- ربيع الثاني، 1195هه.

تيمور شاهه قنڌاريءَ جو مٿيون فرمان هڪ ڇوڪر جي عرض تي جاري ٿيو هو، جنهن جو فيصلو اڳي شڪارپور جي گورنر، غلام صديق خان، ڌرين کي ملڪيت اڌو اڌ ڪري ورهائي ڏيڻ سان ڪيو هو. انهيءَ سبب ڪري، ان تباهه حال خاندان جي ڇوڪري پنهنجي ملڪيت جي سلامتيءَ لاءِ دوباره تيمور شاهه ولد احمد شاهه ابداليءَ جي درٻار ۾، شڪارپور ۾ حاضر ٿي، پنهنجي تباهيءَ جو احولا پيش ڪيو. پر تيمور شاهه ۽ سندس درٻارين اُن غلطيءَ کي درس ته نه ڪيو، پر اڳئين فيصلي کي بحال رکيو، جنهن مان تيمور شاهه جي دور حڪومت تي چٽيءَ طرح روشني پوي ٿي. هيءُ فرمان سن 1195هه مطابق 1781ع ۾ لکيو ويو.

تيمور شاهه 1179ع ۾ عزيز الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي[6]. احمد شاهه ابداليءَ کيس لاهور ۽ ملتان جو گورنر مقرر ڪيو[7]؛ پر جلد ئي رام راؤ، بالاجي راؤ جي ڀاءُ، کيس ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هن پوني موٽڻ کان اڳ اتي ادينه بيگ کي پنهنجو گورنر مقرر ڪيو[8]. انهيءَ سبب ڪري احمد شاهه ڪاوڙجي، سن 1761ع ۾، هندستان تي ڀرپور حملو ڪيو، ۽ پاڻي پٽ جي ميدان تي ٽين ۽ آخري جنگ لڙي، مرهٽن کي اهڙي ته شڪست ڏني جو اُن کان پوءِ هو وري ڪڏهن به اُسري نه سگهيا.

هندستان جي فتح کان پوءِ احمد شاهه بولان رستي سنڌ ۾ آيو، ۽ لاهور به ويو. سن 1773ع ۾[9] هن فاتح سليمان جبل تي پنهنجي محل ’طوبيٰ معروف‘ ۾ وفات ڪئي. احمد شاهه پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪلهوڙن جي هڪ سردار کي ’امير سنڌ‘ جو لقب ڏنو[10]. سنڌ ان وقت سخت نازڪ دور مان گذري رهي هئي. مؤرخن انهيءَ وقت کي طوائف الملوڪيءَ وارو ’خوني زمانو‘ سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهي قليل عرصي اندر ڪيترن ئي مختلف خاندانن جي سردارن حڪمراني ڪئي. احمد شاهه جي وفات وقت سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاندان وڏي اوج تي رسيل هو. ان دور ۾ ڪلهوڙا خاندان جو حاڪم محمد سرفراز خان هو. سرفراز خان جي وفات بعد سنڌ جي قسمت جو مالڪ سندس ڀاءُ محمد خان ٿيو، جنهن پنهنجي پوئين زندگي قيد ۾ گذاري راهه رباني اختيار ڪئي. سنڌ جو ٻيو ڪلهوڙو حڪمران محمد خان ثاني هو، جنهن کي غلام نبيءَ جي پٽ ميان نور محمد عباسيءَ سن 76-1775/1191 ۾ شڪست ڏني، جو بعد ۾ سن 1777/1191 ۾ عمرڪوٽ ڀرسان بلوچن سان وڙهندي مارجي ويو[11]. وري سن 1778/1191 ۾، ميان عبد النبي خان ڪلهوڙي تخت جي پنجن وارثن کي گرفتار ڪرائي مارائي ڇڏيو. عبد النبي هڪ سال امن امان سان رهيو، ۽ پوءِ اهڙو زور ڏيکاريائين جو ابدالين کي خراج ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيائين؛ جنهن کان ڪاوڙجي تيمور شاهه، تخت جي هڪ وارث عزت بيگ جي چوڻ تي، محفوظ خان جي سرڪردگيءَ هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو[12]. مگر عبد النبي به ڪمزور نه هو، تنهن پنهنجي وزيراعظم مير بجار خان سان گڏ لشڪر سميت شڪارپور ڏانهن رخ رکيو؛ ڇاڪاڻ جو ان پرڳڻي ۾ افغانن بدامني ڦهلائي ڇڏي هئي. تيمور شاهه کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن 30،000 بلوچي لشڪر محفوظ خان جي مدد لاءِ چاڙهي موڪليائين[13]. عبدالنبي خان ۽ مير بجار خان کي خبر پيئي ته ٻي افغاني ڪُمڪ محفوظ خان جي ڇانوڻيءَ کان ٻه ميل پري آهي، تڏهن ميان عبد النبيءَ معافي ورتي، ۽ خراج ڀري ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. پوءِ پنهنجي بهادر سالار مير بجار کي سن 1780/1194 ۾ مارائي ڇڏيائين، ان ڪري سنڌ ۾ وري بدامني ڦهلجي ويئي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان جي اوچتي ملڪ لاءِ تشويشناڪ حالتون پيدا ڪيون. ٽالپرن سان عوام کي بيحد قرب ۽ همدردي هئي، تن آسپاس جي سردارن کان مدد وٺي عبد النبيءَ کان انتقام ورتو. مگر هو پاڻ بچائي قلات هليو ويو، ۽ قلات جي خان کان مدد وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته جيئن ميان غلام حسين عباسيءَ جي پٽ غلام صديق عليءَ کان سنڌ جو تخت وري حاصل ڪري سگهي، جنهن کي ٽالپرن مسند تي ويهاريو هو. ميان عبد النبيءَ ان مدد تي اڪتفا نه ڪئي، پر هن بهاولپور جي خان ۽ تيمور شاهه کان به مدد ورتي. تيمور شاهه يڪدم مدد خان جي سپهه سالاريءَ هيٺ لشڪر موڪليو، جنهن پنهنجي پوري خاطري نه ڏسي اُتر سنڌ کي لُٽڻ شروع ڪيو. لٽڻ ۽ ڦرڻ کان سواءِ، ماڻهن جا گهر به ساڙيا ويا، ۽ نوجوانن، ٻڍن ۽ ٻارن توڙي زالن جو قتل عام به ڪيو ويو. بيرحميءَ جي هن واقعي سان سنڌ جي تاريخ جا ورق اڃا ڪارا آهن.

جيتوڻيڪ ميان عبد النبي تخت نه ماڻي سگهيو[14]، پر ايترو ضرور چئبو ته هن سنڌ کي ڪجھ وقت لاءِ عام قتلگاهه بڻائي ڇڏيو، ۽ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان کي به قتل ڪرايائين. اهڙيءَ ريت، ميان عبد النبي نه رڳو ٽالپرن جي همدردي وڃائي ويٺو پر ٽالپرن کي پنهنجي خلاف هميشه لاءِ مشتعل ڪندو رهيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ٽالپرن جي پڳدارن- مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺاري خان- بلوچ گڏ ڪري، نوابشاهه ضلعي جي هالاڻي ڳوٺ وٽ کيس شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. عبد النبي، قلات جي خان خواهه تيمور شاهه وٽ دوباره مدد لاءِ ويو، تيمور شاهه وري به کيس سنڌ جي تخت تي ويهاريو. سن 1783/1193 ۾ خونريزي ڪرائڻ بعد، هو هميشه لاءِ جوڌپور هليو ويو، ۽ اُتي مئو[15]، جتي سندس اولاد اڃا تائين موجود آهي. عبد النبيءَ جي شڪست کان پوءِ سنڌ جي ٽن ميرن- مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺاري خان، سن 1784/1194 ۾، تيمو شاهه کان سن جي راڄڌانيءَ جي واڳ ورتي. ٽالپرن سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايو: چار حصا مير فتح علي خان ۽ سندس ڀاءُ کي مليا، جن حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو؛ ٻن حصن تي مير سهراب خان قابض ٿيو، جنهن خيرپور کي تختگاهه بنايو[16]؛ هڪ حصو مير ٺاري خان کي مليو، جنهن ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي. سن 1789ع ۾ ميرن ڪابل جي باجگذاري ڇڏي. جڏهن تيمور شاهه سن 1793 ۾ وفات ڪئي، تڏهن سنڌ تي افغان سرڪار جو اڻسڌيءَ طرح تسلط رهندو ٿي آيو- حالانڪ ڪيترا ورهيه سنڌ جي حڪمرانن خراج ئي ڪونه ڀريو هو[17].


*  شاهه اسلام شاهه (772هه/1370ع/ کان 828هه/1424ع) اسمائيلي عقيدي جو ڇهون شاهه هو، جنهن جي زماني ۾ پير صدرالدين صاحب داعي الڪبير.

*  فرمان جي کٻيءَ ڪُنڊ کان جهڪا سونهري حروف آهن، ۽ ساڄي پاسي ڳاڙهيءَ مس ۾ صحيحيون ٿيل آهن. پوئين پاسي، پڇاڙيءَ ۾، شڪارپور جي مقامي حڪمرانن جون مهرون آهن-

الطيف الدح ]؟[   عبده گل محمد    ملاحظه 1194    صد شڪر ڪہ مطلب برار    عبده خداداد

                                                      دولت

تل خلق في الله       عبده محمد بهادر      از غلامي شاه خداداد

[1] . شاهي مهر، جنهن ۾ بيت لکيل آهي.

[2] . شاهي مهر ۾ جو شعر لکيل آهي، سو خوبصورت نستعليق ۾ لکيل هو، جو بلڪل ضايع ٿي چڪو آهي.

[3] . هي جملو اصلي دستاويز تان ميٽجي چڪو آهي، ۽ خاندان جي پوين جي نقل تان ورتل آهي.

[4] . شهر جو هڪ حصو محلي ’دادوائي پير‘ جي نالي سان مشهور آهي، جتي اڃا مذڪور خاندان جا پويان رهندڙ آهن.

[5] . شهر جو هڪ محلو ’صديق ماڙي‘ جي نالي سان مشهور آهي، جو مرحول غلام صديق خان، اُن وقت جي گورنر، جي نالي سان مشهور آهي.

[6] . تاريخ ابراهيم خان، (Elliot, vol. III) گپتا، ’تواريخ هند جو اڀياس‘، ص 109.

[7] . ايضاً، ص 110.

[8] . ايضاً، ص 119.

[9] . ”لب تاريخ سنڌ“ (پارسي)، خان بهادر خداداد خان جاگيردار، 1900/1391، رياض هند پريس، امرتسر، ص 123.

[10] . ”تاريخ هند“، ڪئمبرج، ڀاڱو 4، ص 484.

[11] . ”لُب تاريخ سنڌ“، ص 124.

[12] . ”لُب تاريخ سنڌ“، ص 1250.

[13] . ”فتح نامه عظيم“، عظيم ٺٽويءَ جي تصنيف (قلمي). هيٺيون بيت ان واقعي جي تصديق ڪري ٿو، جو - ڪتاب مان لکيو ويو:

- دران وقت مي بود محفوظ خان، ــ چو حاضر بہ آردوي شاو زمان؛

رسانيد او اين خبر ناگزير، ــ بمعروض عبد النبي خان و سير،

ڪہ خاقانِ دوران بہ جاه و حشم، ــ سوي سند برپا نموده عَلم.

- مزاج مقدس چنان برهم است، ــ ڪہ از برهمي هرچہ گويم ڪم است.

- شد اين عرض معروض اعليٰ حضور، ــ بفرق دو منزل ز اشڪارپور.

- بعزم زمين بوس شد ره سپار، ــ بلوچان بحر همراه او سي هزار.

اهو واقعو سن 1779/1192 ۾ ظهور پذير ٿيو. هن قلمي نسخي ۾ صفحن جو نمبر نه ڏنل آهي. ’لُب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف غلطي ڪئي آهي جو لکيو اٿس ته تيمور شاهه سنڌ تي فوج ڪشي ڪرڻ ٿي چاهي، پر ميان عبد النبيءَ معافي ورتي ۽ خراج ڀري ڏنو.

[14] . ”لب تاريخ سنڌ“، ص 126.

[15] . ”لب تاريخ سنڌ“، ص 129.

[16] . ”لب تاريخ سنڌ“، ص 133.

[17] . ”تاريخ هند“، ڪئمبرج، جلد پنجون، ص 484.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com