سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :13

ڊاڪٽر علي احمد قاضي

پليگ

پليگ هڪ موتمار مرض آهي، جنهن آدجُڳاد کان ماڻهن سان راڱا پئي ڪيا آهن. رکي رکي جا لهر اچي، ته لکن کي لُڻيو وڃي. انجيل جي ’سئميوئيل‘ ڪتاب جي 5-6 باب ۾ ڳوڙهي واريءَ پليگ جو چٽو ذڪر آهي. تاريخي حوالا به 154 جُلهن جا قلمبند ٿيل آهن، جن ۾ ڀيري ڀيري سان دنيا جو ڳچ حصو ورتل ڏيکاريل آهي. سندس هاڃن جا انگ اکر سياڪڙي وجهيو ڇڏين. رڳو هندستان ۾ 1898 کان 1918ع تائين، ويهن ورهين جي داخلا ۾، 10250000 موت ڄاڻايل آهن. ٿيا ته الائي گهڻا هوندا!

پليگ جو ڪارڻ بيخبريءَ جي زماني ۾ ته اِلاهي عذاب سمجهيو ٿي ويو، جيسين ’ڪتاستو‘ ۽ ’يرسن‘، 1894 جي هانگ ڪانگ وارين کوجنائن ۾، معلوم ڪيو ته پليگ ڪُئي جي ٻگهيءَ جي چڪ پائڻ ڪري ٿي ٿئي. ڏٺو ويو ته پليگ دراصل ڪُئن جو مرض آهي. ڪُئن جي وارن ۾ لڪل ڪي سنهيون ٻگهيون رهن ٿيون، جي جُونءَ وانگر سندس رت چوسيندي پنهنجو گذر ڪنديون ٿيون رهن. ڪُئي کي پليگ ٿي ته پڪ مئو؛ ۽ مرڻ بعد، سندس رت ڄمي پوڻ ڪري، ٻگهيءَ کي خورش نٿي حاصل ٿئي، جنهنڪري کيس جيئري رهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي جانور کي هٿ ڪرڻو پوي ٿو. ٻگهي اُڏامي ڪانه سگهي، پر ٻه- ٽي فٽ ٽپي سگهندي آهي. پوءِ جو مئل ڪُئي جا جيوڙا به سندس وات ۾ هوندا آهن، سي به، جيڪو شڪار هٿ لڳيس، ان ۾ اُماڻيو ڇڏي- ڪُئو هجي توڙي ماڻهو.

سنڌ ۾ پهرين پليگ ’1896ع‘ ۾ منهن ڪڍيو. اها به زوردار لهر هئي، جا هانگ ڪانگ ۾ شروع ٿي؛ پوءِ ته هندستان، مصر، جپان، سڀ وڪوڙي ويئي. سنڌ ۾ پهريون شهر ڪراچيءَ جو ڦاٿو؛ ڇاڪاڻ ته بندر هو، جتي ڪنهن ورتل شهر جا ڪئا ۽ ٻگهيون ڪنه نجهاز وسيلي پهچي ويا. پراڻي ڪراچي ته ساري هئي ڪاٺ- ڳَڙهه؛ بانس جي لڪڙيءَ جي ٺهيل ۽ گدامن هئڻ سبب ڪُئن جو گهر. وري ڪُئن جي آزار جا اهڙا ته ماڻهو ستايل جو سڏيندا ئي ’گهر- ڌڻي‘ اٿن، ته مَنُ مردار ريڌل هجن! ڪير جو ڪُئي جي کلم کلا وڏي وات گلا ڪري يا ويڻ ڪڍي- ته گهر- ڌياڻيءَ جو ريشمي پڙو انهيءَ رات ڪُتري وڃڻ! ڪُئن جون ڳالهيون ميڇن ۾ ٿينديون آهن! وري ڪراچيءَ جا جهُڙالا، ۽ گهميل هوا، سو پوسل سبب ڪُت، مڇرن، ڪارڙن ۽ طرحين طرحين جيتن سان ڀرپر، جن جي چڪن تي سندس رهاڪو پورا هريل. سمهن به پَٽَ تي، جو کٽولن ۾ هجن سنگهرون منگهڻن جون. پوءِ ته ڪُئا به پيا هلن، ۽ لوسيندا لوسيندا بعضي چڪ به هڻيو وڃن. اهڙين حالتن ۾ ٻگهيءَ جي ته ٻيگهي مچيو وڃي. پوءِ ته ٽنگ تي چڪ هنيائون ته ڳوڙهي نَري ۾، جي ٻانهن تي ته ڪَڇَ ۾، جي سيني تي ته ڦڦڙن ۾. ڦڦڙي پليگ ته اهڙي قاتل ٿئي، جهڙو ڪاريهر جو چڪ. ڦڦڙ ڦاٿا، گوگهو آيو. هونئن به، چڪ لڳو ته آهي ٽئي چوٿين ڏينهن لڱن ۾ سور، جوش سان تپ، وڦل ۽ بيهوشي، ۽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ختم. البت جي بيمار هفتو کن ڌڪ جهليو، ته ڳوڙهيءَ ڦاٽڻ ڪري زهر به ڇنڊجي پوندو، ۽ چڙهي پوي ته عجب نه آهي.

مون کي حيدرآباد جي 1902-03ع ڌاري جي هڪڙي پليگ ياد آهي، جنهن ۾ گهر ڇڏي وڃي هزهائينس مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جي ٽنڊي، سندس ڏنل هڪ ڪشاديءَ جاءِ ۾ رهيا هئاسين. پيئڻ لاءِ پاڻي درياهه مان ڀربو هو، جو ٻه ڏينهن آٺرائي ڪم لائبو هو. ٻارن لاءِ مزي جي ڳالهه اها هوندي هئي جو هڪ ٻه جيئرا گانگٽ به اچي ويندا هئا، جن سان مزا ڪبا هئا. پليگ کان بچاءَ جو بندوبست ته فقط اهو ياد اٿم، ته پنهنجو صاحب فضيلت آخوند صاحب مرحوم مغفور ميان عبدالعزيز هالائي به ساڻ هوسين، جو نماز ۽ گهر جي ٻارن کي قرآن شريف پاڙيندو هو: انهي سو ڳپل چٽڪيون پنهنجن سهڻن اکرن سان لکي ڏنيون هيون، ته درن جي ٻنڀي تي هڻي ڇڏيو ته ڪابه آفت چانئٺ نه اورانگهيندي-

’لي خمسة اطفي بها، حر الوبى الحاطمہ،

المصطفى والمرتضا، وبناهما والفاطمہ.‘

مون کي ياد آهي ته مير جي ٽنڊي واري گهر ڪئا به جام ٽپندا وتندا هئا، ۽ سرڪاري پڙها به پيا ٻڌبا هئا ته ’ڪُئي مُئي جو ڪيس جو ٿيئڙو آهي وڏو ويچار‘، پر ته به ڪُئن ڦاسائڻ جو ڪم ڪير ڪري؟ ’ويچاريءَ واري، وِڌا ڪم ڪريم تي‘- ڪنهن چيو، ته لَک ٿيا. پوءِ پُٽن جي ماءُ ٿيو ويٺي هجي، جوابداري سڄي رب العالمين جي. ڀلا، کانئس رکڻ وارو بهتر ٻيو ڪير؟ اسين سندس آگيا انوسار مسلمان به هجون، ۽ پوري يقين ۽ ايمان سان کيس ٻاڏائي ٻُڌائي به ڇڏيون ته ’سائين، ويڌن آهي، پر واهر وسيلو تون، ڪئا مارڻ اسان کان زور، تون پهچين!‘

واه ڙي واه! ٻهروپي انسان جا لڳڙا مغز! تنهنجين حرفتن سان به حد آهي. جتي عقل هلائي سياڻپ سان ڪو ڪم ڪڍي، ته پنهنجي پٺي ٺپري پاڻ کي پاڻيهي پيو شاباس چئي: چي، ’آفرين، ڪيئن نه رمز سنا وقت ٽپائي ويس!‘ وري جو ڪٿي سياڻپ اچيو دنگ ڪريس، ته اڳيان اَياڻپ جي اَجهاڳ ۾ اوندهه انڌوڪار ڏسي، جهٽ ايمان جو تُرهو ٻڌي، مُسلو ۽ تسبيح، صلوات تنجينا جي سڳوري سُرپُر لڳي اچي، جيسين ڪا ڪنڌي ڪنارو ڏسي! جي هجي وچولي درجي جو ماني ماڇيءَ وارو، ته ’خير العمور اوسطها‘ جي صفتن ۾ مصروف؛ جي رات جي پيئڻ جو پاڻي به مهمان لاءِ موجود نه هجي، ته مڙس ’توڪّلي‘! چي، ’سائين سونهارو، سانجھي ٿي نه آهي ته ڀريا مَٽَ هارائي ڇڏي! چي، ”رب رحيمَ منهنجو سڀاڻي جو روز ڪونه خلقيو آهي ڇا؟“ بابا، داڻي داڻي تي مهر، ڪنهن جي مجال جو ڪنهن جو داڻو ڪير چُڳي!‘ پر جي صفا سڃو مشهور ٿي وڃي ته ’بابا، هيءَ دنيا آهي ئي ڪوڙن لاءِ: ”الدنيا سجن المومنين“ ايمان وارن جي دنيا اچڻي آهي، جا سچي آهي. هن ڪوڙيءَ دنيا ۾ ڇا آهي؟ هتي ته اُهي مانجهاندي جو ماڳ- پَرکا آهي، پَرکا!‘ وري جي رب ڏئي سوارو، ٿئي سکيو ستابو ۽ خوراڪي پوشاڪي، ته موجون به قرآن ڪريم جي حڪم سان پيو ڪري!- ”قُل مَن حرّم ذَينَةَ الله الّتي اخرج العباده“ (’چئه ته اهي سهڻيون سوغاتون، جي رب پنهنجن بندن لاءِ خلقيون آهن، تن کان اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي‘). بهرحال، ان ۾ ته تِر جيترو به شڪ ڪونهي ته اسان ’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏُٿ ڏهاڙي سومرا‘ وارن لاءِ جي ايمان جو آٿت به نه هجي، نه پوءِ ته نڪا واهه نڪا وسندي: هڪدم دل ۾ اُڀريو اچي ته ’ڏڍ ڏکين لئه، بٺ بکين لئه، تون آهين ، سائين، تون آهين.‘ پاڻ ٿو ڄاڻي پنهنجا ڪم! بند بيوس کي ڪهڙي خبر، پر همٿ ته اهڙي اٿس جو بيوقوف ٻيليءَ وانگر پنهنجي بيخبريءَ جو بار به مالڪ جي مٿان! پليگ ٿئي ڪُئن مان، چئي الله سائينءَ جو قهر آهي- ڄڻڪ سباجهي سائينءَ کي ڪمزور ۽ ناڇار انسان کي چيچلائڻ مان ڏاڍو مزو ٿو اچي! گنهگار ته مئا، پر ٻار ڇو مئا، ڇو يتيم ٿيا؟ پر پڙهيلن کي جو اٻوجهن کي هيسائڻ جو وجهه ٿو لڳ،ي سو ڇو ڇڏين: پريشان مخلوق سان همدردي ته ڇٽي، پر مورڳو چي ’جوڳ اٿوَ!‘

هوندي ته سائينءَ سٻاجهي کي به اسان جي جاهليءَ ۽ ڪاهليءَ تي حيرت ته ’مون اکيون، ڪَنَ، بازون ۽ سمجهه ڏيئي اشرف المخلوق جو رتبو بخشي، جنهن کي دنيا تي پنهنجو خليفو ڪري موڪليو آهي، سو سڀ منهنجيون عطائون اُڇلي، خالي هٿ کنيو، وري به مون کان پيو اڃا به ڪجھ گهري! گهڻوئي سمجهايومانءِ ته اکيون پٽيو، سوچيو، ويچار ڪريو، پر ڏسجي ٿو ته اکيون ڪقنَ ٻُٽجي ويا اٿن!‘ نتيجو اهو نڪتو جو خلافت هڪڙن کان پئي کسجي، ٻين کي پئي ملي- جيڪو لوچي، سو لهي.

سنڌ جي ويهين صديءَ جي الغرضائي، ابوجهائي، ڪم توجهيءَ ۽ اجائي بانور جي ڀيٽ جي انگلنڊ جي سترهين صديءَ سان ٿي ڪجي، ته ڏسبو ته اتي جا ماڻهو ٽي سو ورهيه اڳي نه رڳو سخت مذهبي پر ڪٽر تعصبي هوندي به ڪيترو ته زياده زيرڪ ۽ سجاڳ نظر ٿا اچن. لنڊن جي 1665 واري قهري پليگ، جنهن جو فقط هڪ جهلڪو هيٺ ڏجي ٿو، انگريزن جي عقل، تحمل، بردباريءَ، انتظام، ۽ بيخبريءَ هوندي سندن نياري پر پختي بچاءَ جي طريقي کي ذهن نشين ڪرڻ کان ڪين گسندو.

لنڊن جي قهري پليگ سان 1665 ۾ پئي. پر پئي به اهڙي، جنهن جي شور جي تَرَ بَرَ جون تهبارون ڪڍي ڇڏيون. ڪاڏي ويا ڪارخانا، ڪاڏي ويا واپار. ديوليون مئلن جي ڏوهن بخشائڻ ۾ پوريون. نه رهيا شوقينن جا تماشا، نه راڳ، نه ناچ-

’چنان قهط سالي شد اندر دمشق،

ڪہ ياران فراموش ڪرند عشق!‘

لنڊن به ان وقت ڪاٺ- ڳڙهه جي ئي ٺهيل هئي. مال- گدامن سان ڀرپور، ڪئن جي ڀيڻي نڪو شرو، سو هڙ رستا قبرستان ڏانهن ٿي ڊڪيا، ڪير جو نه ڪنبي! هر ڪو وائڙو ته هيءُ ويل ڪيئن وهيو، ڇا ٿي ويو. جيڏانهن ڏسو ته مايوسي، روڄ راڙو، جنازا ۽ اوسر. اهو ڀنڀٽ ٻري ويو، جنهن جو نه پتو نه پار. ڪير جو امر کي آڏو اچي!

هي اهو زمانو آهي، جڏهن يورپ به اڃا سائنس کان بي بهرو، منطق کان بيخبر، فلسفي جي خيالي خسارن کان آجو، هن پاپي ۽ فاني دنيا کان بيزار آئيندي جي سچيءَ دنيا جي انتظار ۽ چنتا ۾ چُور، بهشت جي آسن اميدن ۾ ڀرپور، ايمان جي عقيدن جي آسودگيءَ ۾ آرام جا ڏينهن گهاري رهيو هو. ماڻهن کي هن دنيا بنسبت هائي نه ڌائي: ڪو فيصلو ڪرڻو هو، ته اهو ته ’اصلوڪو ڪئٿلڪ فرقو حق تي، يا نئون پراٽيسٽنٽ فرقو؟‘ فرقي بنديءَ جي اهي ڪلور لڳا پيا هئا، جو جيڪو زور ٿئي سو ڀل ته الله جي واٽ ۾ هيڻي سان هاڃا ڪري ڇڏي ته مباح! ڀلا، حق تي جو ٿيو، سو ايترو به نه لهڻي جو ناحق وارن جو گلو گهُٽي پُرڙي پورو ڪرين؟ باقي حق تي هوندي ڪيائين ڇا!

جيمس ٻئي ته پراٽيسيٽنٽ فرقي تي اهي ويل وهايا جو سوين ستايل، ٻارڙا کڻي، ٻيڙي ۾ چڙهي، دل جي دل ۾ رکي، پئسفڪ جي عميق کي انگلنڊ جي پياريءَ پختيءَ وطني زمين کان گهڻو دوستدار ۽ خوشگوار سمجهي، الله جي آسري، پڳهه کڻي گهيڙ ۾ گهڙي پيا، ۽ ڪشٽ ڪٽيندي وڃي نئين دنيا وسايائون. مذهبي مامورَ، جن الله جي اوٽ ۾ خوب موجون ٿي ڪيون، تن وسوڙل خلق الله کي ايترو ته گناهه ۽ گناهگاري پڪي پايي ذهن نشين ڪرائي ڇڏي هئي، جو هرڪو پنهنجي گنهگاريءَ ۾ ئي گرفتار هو: مجال جو ڪو لڙيو ٿڙيو خيالي محوسي، فطرت جي ڪرشمن ۽ رنگينين کي اک کڻي ڏسي؛ يا ڪو سندن حيرت زده متلاشي اهڙو احوال ئي پيش ڪري جو انجيل جي ايتن سان تِرَ جيترو به اختلاف رکندو هجي؛ يا ڪو خيالي خلش جو ستم زدو، ڪيتري به مونجهاري هوندي، پنهنجي دماغي بيڍينيءَ دور ڪرڻ لاءِ، ڪنهن مذهبي مسئلي ۾ عقلي دليل دلائل کان ڪم وٺي، ته ساهه ساڻ نه هوندس- ٻيو نه، ته ڪاٺين ۾ ئي هڙ ٻڌي ڏينس تيلي!

وري وهم ۽ وسوسن سان به ڪئٿلڪ فرقو ايترو ڀرپور هو جو سوين زالون ته فقط ڏائڻين جي تهمت هيٺ جلايون وينديون هيون .ايتريقدر جو ”جون آف آرڪ“ جهڙي دلير، 19 ورهين جي بي نظير بهادر ڇوڪري به ’ڏائڻ‘ جي فتوا هيٺ، انگلنڊ جهڙي اڪابر ملڪ، حد بي قياسيءَ سان، ڪانين جي هڪ ٿوٿان ٿَلهي تي، ته متان ڀڄي نه وڃي، ڏهن هزارن بيدرد تماشبينن جي ڏسندي، وحشت جو پروانو بنائي، جيئري جلائي، پنهنجي ايمان جي دامن تي اهو مجهوليءَ جو داغ لڳائي ڇڏيو، جنهن کي ’انگلش چئنل‘ جو پاڻي به اَڇو ڪري نه سگهي! ڀلا، جنهن معصوم سپهه سالار، غيرت جي علمبردار، انگريزن جي پڪي ڄميل گهيري ڪندڙ لشڪر کي منتشر ڪري، اکيڙي، هڪڙيءَ جلهه ۾ سندن پير پٽي ڪڍيا هئا، سا ڏائڻ نه هوندي ته ڪا انسان جي ڇوڪري هوندي!

هي اهو زمانو آهي، جڏهن يوناني ذهن ۽ ذڪاءَ جي ميخاني جي رندن، مست موالين، سندن طلسم بيانيءَ جي دلدادن، شيدائي جُنونين، عربي عالمن، ساري يوناني حرفيات جو ورق ورق- فلسفو، طب، منطق، اخلاقيات، سائنس، دينيات، جماليات ۽ ڇا ڇا نه عربيءَ ۾ قلمبند ڪري، عربي مجاهدن جي هٿان اسپين پهچائي چڏيو هو، جتان وحدانيت جي ولوله خيز اصولن سميت يورپ ۾ ”رفرميشن“ جي روشني پکيڙي، پراٽيسٽنٽ عملي کي اُڀاري، ڪئٿلڪ فرقي جي روز بروز وڌندڙ وهم پرستين کي گهڻي قدر پست ڪري پٺتي اڇلي ڇڏيو هو: سي هاڻي پليگ جي اڻٽر موتمار اُلن اُڀرڻ تي هنبوڇيون هڻن لڳا ته نيٺ ڌڻي سڳوري پنهنجن حڪمن جي انحرافي ڪندڙن تي قهر نازل ڪيو!

لنڊن جي قهري پليگ، 1665ع

]سال 1722 وار ’پليگ جرنل‘ مان ورتل ورق جو ترجمو[

”قريب قريب انهيءَ ئي وقت، ’بئو‘ جي رخ تي، ٻنين ۾ گهڙي پيس. خيال هوم ته ڏسان ته درياهه (ٽيمس) تي ڇا ٿي وهيو واپريو، ۽ اُتس جهازن ۾ ڪهڙو بندوبست هو. بحري مشغولين سان دلچسپيءَ ۽ تعلق رکندي، مون کي خاطري هئي ته مرض جي مصيبت کان بچڻ جي واٽ اهائي هئي ته گهر ڇڏي جهاز واسي ٿجي. انهيءَ اَڻتڻ لاهڻ خاطر، حقيقتن جاچڻ لاءِ، ٻنين کان نڪري، بواملي‘ ڏانهن وڌيس، ۽ ’بليڪ وال‘ کان ٿيندو، اچي انهيءَ ڏاڪڻ تي پهتس، جتي پتڻ ڪبو آهي يا پاڻي کڻبو آهي.

”اتي هڪڙو سادو ماڻهو، ڪٺار تي پنهنجي منهن هلندو نظر پيم. مان به ٿورو هيڏانهن هوڏانهن ٽهلڻ لڳس. ڏٺم ته گهر سڀ بند لڳا پيا هئا. آخر پري کان هن شخص کي هاڪاري، پڇيومانس، ته ’ماڻهو ته سک سان آهن؟‘ چيائين ته ’سک؟ هڙ برباد آهن- يا مئا، يا مريض. هِن تڪ ۾ توڙي هُن پاپلر جي ڳوٺ ڏانهن (اشارو ڪندي چيائين) اهڙو گهر ڪونه ملندو، جنهن ۾ اڌ مئا ۽ اڌ مرض جي چنبي ۾ نه هجن.‘ پوءِ هڪڙِ گهر ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ’هُن گهر جا ڀاتي ته هڙ ناس، باقي گهر کُليو ڀان- ڀان پيو ڪري. ڪنهن جي مجال جو اندر پير پائي! هڪڙو ڏتڙيل چور ڪو گهڙيو ته سهي، پر چوري به مهانگي پيس- ڪالهه رات اهو به مقام پهچي ويو.‘ اهڙيءَ طرح، ڪيترن ٻين گهرن ڏانهن به اشارا ڪندي چوندو ويو ته ’هُتي سڀ چٽ- مڙس، زال، پنج ٻار؛ ’هو گهر ئي ختم- در بند، مٿان چپراسي پيو ڦِري، جيسين دفن ٿين‘؛ ۽ ساڳيا احوال ٻين گهرن بنسبت به ڪندو ويو. پڇيومانس ته ’ڀلا تون هيڪلو هتي ڪيئن پيو ڏسجين؟‘ چيائين ته ’آءٌ به دربدر آهيان. ڪيڏانهن وڃان؟ هڪڙي مسڪيني، ٻي مصيبت! ڌڻيءَ جي ڀلائي جو پنهنجي سر تي ڪانه ٻري آئي اٿم، باقي منهنجو گهر ته باهه ۾ پڄرجي ويو. هڪڙو ٻچڙو ته موڪلائي ويم-‘

”پوءِ ڀلا ڪيئن ٿو چوين ته توتي ڪانه ٻري آئي آهي؟ گهر ورتو، ته تون ورتين.“ اتي هڪڙي تيڪائين ننڍڙي گهر ڏانهن آڱر کڻي چيائين ته ’سو هيئن، جو اهو آهي منهنجو گهر، جنهن ۾ منهنجي ستايل زال ۽ ٻه ٻچڙا رهن ٿا. جيئرا ته ڪين چئبا، جو منهنجي زال ۽ هڪڙي ٻار کي ته ڏيکاري اچي چڪي آهي. ڌڻيءَ جي آسري آهن، اهو رکندن، آءٌ ته وٽن وڃان به ڪونه!. اهي اکر چوندي، ڏسان ته مڙس ڳري پيو. اکين مان آب اڇلون ڏيئي منهن تان ڊوڙن لڳس. پر سَٺو مون کان به ٿيو، ۽ هارائي بيٺس-

”ڀلا تون وٽن وڃين ڇو نٿو؟ پنهنجو هڏ رت ڪيئن ڇڏي سگهيو آهين؟“

”اڙي سائين، شل رب کي چڱي وڻي! مان ڪٿي ٿو ڇِني سگهان؟ ڪيئن ٿو پري ڪريان؟ مان ته سارو ڏينهن پاڻ پتوڙيندو انهن لاءِ بازون هڻندو هلندو وتان، ته ڪو ويلو نه ورين. شل ٻيرو ستڙ ٿئين، شل رب امان ڏئين!‘

”اتي ڏٺم ته پنهنجيون آسائتيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي، اهڙو عاجزيءَ ۽ نماڻائيءَ جو منهن ڪيائين، جنهن مان سمجھيم ته مڪريلو نه هو پر وڏي ايمان وارو هو. ڌڻيءَ جي ڪِئي تي پورو راضي، ۽ سندس توهه تي تڳڻ وارو- ايترو، جو هن حال ۾ به شاڪر ته مون کي پنهنجن ٻچن جي هيڻي حال ۾ خدمت ڪرڻ جي سگهه ڏني اٿئي. مون غريبت جا هاڃا ويچاريندي چيومانس ته ’اي ايمان وارا، سچ ته تو جس لهڻو جو ٻچڙن کي اهڙي وَيل جي وقت ۾ تنگدستيءَ کان آجو رکيو اٿئي، جڏهن ڏسڻا وائسڻا سَرَند حوصلو وڃائي ويسلا ٿي پيا آهن. عجب آهي ته هن ڀڙڀانگ ۾ پنهنجو گذر ڪيئن پيو ڪرين!‘

’پاڻيءَ واري جو ڪم ڪندو آهيان، سائين! منهنجي ڊونڊي او هوءَ پيئي ڏسجي. گهر به اُها، هر به اُها. ڏينهن جو مٿس ڪمايان، رات جو منجهس پئجي رهان. پوءِ جيڪي قسمت ڏياري، سو او هُن پٿر تي ٻچن لاءِ رکي اچان.‘ اهو پٿر، رستي جي پرئين پاسي، چڱو چؤڙو ٿي ڏٺو، ۽ سندس گهر کان به ڳپل پري. ’پوءِ اتي بيهي آواز ڏيان، جيسين ورندي ملي ۽ جيڪي رکي اچان سو کڻي وڃن.‘

”پر، دوست، هن روبڪاريءَ هوندي، پاڻيءَ واري جو ته ڪم ئي ڪونه ٿو ڏسجي. نڪو ڪو هِن تڙ تي لنگر هڻي، نڪو پاڻيءَ واري جو ڪم ئي بڻي. توکي ڪٿان ٿا پيسا جُڙن؟‘

’سائين، سو هينئن جو او هُو پنج جهاز ڏسو ٿا، جيڪي شهر کان لهوارا لاڳيتا لنگر هنيو بيٺا آهن، ۽ هيڏانهن وري شهر کان مٿي اوڀارا اٺَ- ڏهه جهاز سنتر ۾ پيا ڏسجن- انهن سڀني ۾ ماڻهو گهر ڪيو ويٺا آهن- ڪي مالڪ، ڪي سندن لڳ لاڳاپي وارا، جن مرض جي مصيبت کان بچڻ لاءِ آڻي پاڻ کي پاڻيءَ تي پختو ڪيو آهي: منهنجو گذر به انهن سان رلجي پيو آهي. سندن ڪم ڪار- آندي، نئِي، خط پٽ پهچائڻ، سودو سلف وٺڻ ڏيڻ ڪريان، جيئن کين زمين تي لهڻو نه پوي. رات جو وري ڪنهن نه ڪنهن جهاز جي ٻيڙي سان پنهنجي ڊونڊي اٽڪائي، ڌڻيءَ جي آسري پئجي رهان؛ ۽ اهڙي طرح، آهيان ته سٽُن ۾، جيسين ڪا مالڪ کي مهر پوي، ڪو موک ڪري!‘

” پر تون جو هن واسيل زمين تي هلندو وتين، پوءِ توکي جهازن تي مٿي اچڻ ڏين؟

هت ته مرض جو ڪوپ پورو کُتل ٿو ڏسجي!‘

”وراڻيئين، ’جهازن تي وڃڻ جو ته منهنجو ڪم ئي ڪونه آهي، شي شڪل سڀ سندن ٻيڙين تي پهچائي ڏيان؛ بعضي جهاز جي سانڀارو ڊونڊي جهلي بيهان، ته هو مٿي ڇڪي وٺن. پر جي کڻي ڪنهن جهاز تي مٿي وڃان، ته به مون مان ڪهڙو ڊپ؟ آءٌ ڪناري تي نه ڪنهن جي گهر منهن  وجهان، نه ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪنهن جي شي کي هٿ لايان. ٻيا ته ٺهيا، پر پنهنجن ٻچڙن سان ئي ڪونه ملان- رڳو کين شي شڪل گڏ ڪري ڏيان!‘

”اهو ته ويتر خراب! سامان به ضرور ڪنهن نه ڪنهن کان، ڪنهن نه ڪنهن گهر مان وٺندو هوندين؛ ۽ هن پاڙي ۾ به اها باهه ٻري پئي آهي جو ڪنهن سان ڳالهائڻ به خطري کان خالي نٿو ڏسجي؛ کڻي لنڊن کان ٿورو وٿيرڪو آهي، پر تڙ ته اهو ئي چئبو!‘

”بلڪل صحيح، پر منهنجي ڳالهه ته پوري ٻڌ ڪانه اٿوَ. هتان ڪٿيٿو شيون وٺان؟ ٻيڙي ونجهي، وڃان گرينچ- اتان تازو گوشت هٿ ڪريان. بعضي ته بنهه وولوچ وڃيو کڻان؛ اتان وري ڪينٽ جو ڪنارو ڏيندو، ٻنين تان ڪٿان چوزا، ڪٿان بيضا، ڪٿان تازو مکڻ وٺندو، سڌو جهازن تي سامن ڀيڙو ڪريان. هتي ڪناري تي ڪو اتفاقي اچڻ ٿئيم. هاڻي به انهيءَ سانگي آيس ته زال کي سڏي ٻچڙن جي خبر وٺان، ۽ ڪلهوڪا مليل ڪمائيءَ جا چار پئسڙا به ڏيان. من ٻاجهارو دياوان ڪا سٺي خبر ٻُڌارائيم، حال ته نازڪ آهي!‘

- ويچارو غريب!

’ڀلا آندو ڇا اٿئي؟‘

’ڇڙا چار شلنگ... پر اها غريب لاءِ اڄ چڱيءَ رقم آهي! ٻيو ڪجھ گوشت، ڪا سُڪل مڇي، روٽين جي ڳوٿري- جيڪي مليو! گهڻو ڪري سڀئي مهربان اِڇا ٻاجهه ڪندا ئي رهن ٿا.‘

’ڀلا، اهي شيون سڀ ڏنئين؟‘

’اڃا نه. آواز ڪيومانءِ، ته زال وراڻيو ته ٿورو ترس جيسين نڪرڻ جهڙي ٿيان. اڌ ڪلاڪ کن ۾ اچي ويندي. ترسيو ئي ايتري لاءِ آهيان! ... ويچاري ضعيف، ڪيڏي نه سختي سَٺي اٿس! ڳوڙهي به ڦاٽي اٿس. من چڙهي پوي! پر ٻچڙي جو بچڻ ڪونه ٿو ڏسجي.

ابهم ٻارڙو، ڪٿي ٿو ايڏو ڌڪ سٽاڻي! ... پر جيڪا سندن رضا، جيڪا سندس گُهر!‘ اتي زار زار روئڻ لڳو.

’بس، منهنجا ايمان وارا دوست، توکي اُٿت ڏيڻ وارو سچو ساڻي توسان ساڻ آهي. سندس ته نِلو انصاف آهي، شامتون ته اسان جن ڪيتن جون آهن.‘

’سچ ٿو چوين ، سائين، پنهنجي ڪَئي ٿا ڀوڳيون. جيڪو بچيو، سندس ٻاجهه. ڪير جو ڪنڌ ڪڍائي!‘

’آفرين! تنهنجو ايمان مون کان ڪيترو نه پختو آهي!‘

”اتي دل م تري آيم ته جي پوري ايمان وارو نه هجي ها ته ڪيئن ايڏي دڙد سهي ها. نه اٿس ڪا ڀڄڻ جي ڀيڻي- هوڏانهن اَڪهه اشڪنجي ۾، انهن کي تاتڻو ۽ انتظار ڪڍڻا! وري، ڌڻيءَ جي توهه تي پوري آسري ۽ ڪمر ڪشيل هوندي به، ڪيڏو نه هر طرح جو جتن! اهي خيال ڪندي، مون کي کانئس منهن ڦيرڻو ضرور پيو، جو منهنجون اکيون به پنهنجي بار ڇنڊڻ لاءِ بيوس ٿي چڪيون هيون.

”پوءِ ته اکر ٻه مس ڳالهيون هوندوسين. جو ڏٺم ته سندن ضعيف زال به در کولي ’رابرٽ! رابرٽ!‘ پڪارڻ لڳي. هِن به کن ۾ وراڻيندي چيس ته ’ذرو ترس ته آيس‘. پوءِ ته ڊوڙ ۾ ڏاڪڻ تان لهي، پنهنجي ٻيڙيءَ مان سامان جي ڳوٿري کڻي، مٿي اچي، وري آواز ڏنائين، ۽ اڳتي وڃي، جيڪو وڏو پٿر مون کي ڏيکاريو هئائين، ان تي سڀ ٽپڙ ڌار ڌار رکي، پٺتي موٽيو، ته سندس زالن به هڪ ٻار سميت ٽپڙن کڻن لاءِ نڪتي. ايتري ۾ مون کي ٻڌائڻ لڳو ته ’فلاڻي ڪپتان هي موڪليم، فلاڻي هي، پر وري به لک شڪر انهيءَ  دياوان جا ، جنهن هنن جي دل ۾ ديا وڌي؛ سڀ انهيءَ جو ڏنو آهي، سندس ڀلايون، سندس ڀال!‘

”هوڏانهن نظر ڪيم ته ضعيف زال به پهرين سڀني شين کڻن جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا ايتري ڪمزور ٿي چڪي هئي جو وري ڪجھ ڇڏڻو پيس- جيتوڻيڪ شيون ڪي ڳوريون ڪين ٿي ڏٺيون- سو بسڪوٽن جي ننڍڙي ڳوٿري ڇڏي، ٻار کي ان جي نگهبانيءَ لاءِ بيهاري ويئي اندر.

”اتي رابرٽ کان پڇيم ته ’هفتي جي پگهار وارا چار شلنگ به رکي آئين ڪين نه؟‘ چيائين ته ’ها، اجها ٿي ٻڌائي.‘ اتي وري زال کي ’رئشل! رئشل!‘ پڪاري، پڇڻ لڳو ته ’پيسا کنيئه؟ گهڻا هئا؟‘ چيائين ته ’چار شلنگ، هڪ گروٽ‘. ’ها، برابر، شال ڌڻي عمر ڏئيوَ، سگهه ڏئيوَ!‘ ائين چوندو، هلڻ لڳو.

”اڳي جو ساڻس گڏ پنهنجين اکين جو پاڻي به ڇلڪي پيو هوم، سو هاڻي چار پيسا به کانئس وانجي نه سگهيس. سڏ ڪري چيومانس ته ’دوست، ڳالهه ٻڌي اٿئي، هيڏي ته آءُ؛ ڏسجين به رنئون کنئون ٿو، تو مان خطرو ڪونه ٿو ڏسجي-‘ اتي کيسي مان هٿ ڪڍي، چار شلنگ ڏنامانس ته ’ڀلائي ڪري پنهنجيءَ رئشل کي وري تڪليف ڏي، ۽ هي منهنجي پاران به ٿوري تسلي ڏينس. سچ ته تو جهڙي ايمان وري گهر کي ڌڻي ڪڏهن ڪين وانجيندو.‘

”پوءِ ته جيڪا هن چڱي مڙس شڪر ادائي ڏيکاري، ان لاءِ اکر ڪين ٿا لڀنم جن سان اها بيان ڪريان. نڪي وري ڪي هن ئي ڪجھ چيو، پر ڏٺم ته سندس منهن تان ڳوڙها زارو قطار ڇٽڪڻ لڳا. زال کي سڏ ڪري چيائين ته ’سئين ءَ مهربانَ، هن غير واقف دياوان جي دل ۾ ٻاجهه وڌي آهي، سو هي پيسا به کڻي وڃ. سندس ڀال، سنندس ڀلايون!‘ ضعيفه کي به ڏٺم ته مون ڏانهن توڙي مٿي آسمان ڏانهن منهن ڪري، اشارن ۾ گهڻي شڪر گذاريءَ ڏيکارڻ بعد، خوش ٿي، پيس کڻي موٽڻ لڳي، ۽ مون به پير چوريا. خاطري هيم ته انهيءَ سان اهڙو سڦلو سودو ٻيو ڪونه ڪيو هوم.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com