سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :7

پنهنجي فطري ڪمزورين جي شديد احساس سبب  مون عورتن سان واقفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڏهن به خواهش نه ڪئي. مون زندگيءَ ۾ فقط هڪڙيءَ عورت جي ويجهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اها هوٽل جي نوڪرياڻي هئي. ان منهنجي محبت جي شوق کي ائين چئي هميشه لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو هو ته ”تون هڪڙي حقير مڇيءَ جهڙو آهين“. نوڪرياڻيءَ جا اهي لفظ منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويا ۽ مون اهو فيصلو ڪيو ته آئنده انهيءَ گهٽيءَ ۾ ڪڏهن قدم به نه رکندس، ڇو ته مان انهيءَ جي بلڪل اهل نه آهيان.

هوٽل جي اها روم جتي مان ڪم ڪندو هوس، مون ان ۾ پنهنجي لاءِ هڪڙي اهڙي ڪنڊ منتخب ڪئي هئي جتي ماڻهن جي نظر تمام گهٽ پوندي هئي. تنهن هوندي به مان انهيءَ ڪنڊ مان سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهندو هوس. شهر جي وچ واري حسين ساوڪ ۽ چئني طرفن کان بلند ۽ منقش عمارتن سان گهيريل منظر اڪثر ڪري منهنجي نگاهن جي سامهون رهندا هئا، اهي حسين منظر منهنجي لاءِ نهايت ئي گهٽ دلڪش هئا. ڇو ته دل جي بستي ويران هئي. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن خاموشيءَ سان گذري رهيا هئا. پر هڪڙي ڏينهن هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن جي پيش اچڻ جي مون کي ڪڏهن به توقع نه هئي. مون اهو محسوس ڪيو ڄڻ ڪ مون کي ڪنهن اهڙي نموني ڇهيو هجي جيئن نازڪ هٿ گلاس ۾ رکيل چونڊ گل کي ڇهي. منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ واري انهيءَ عورت جو نالو ”ايدا“ هو. هوءَ هوٽل ۾ نئين نئين آئي هئي: کيس  عورتن ۾ اهو ئي درجو حاصل هو جيڪو مون کي مردن ۾. هوءَ مون وانگر ننڍي قد جي هڪ غير اهم شخصيت هئي. مگر ان ۾ جذبات جي شدت، زندگيءَ جي تازگي ۽ البيلائي پئي ڇلڪي. هوءَ ۽ مان ٿوري وقت ۾ ئي دوست ٿي وياسون. شايد انهيءَ ڪري جو اسان کي هڪ ئي قسم جو ڪم هڪ ئي جاءِ تي ڪرڻو پوندو هو.

وقت جي گذرڻ سان گڏو گڏ، اسانجا ناتا به وڌندا ويا. ”ايدا“ منهنجي ذهن ۽ دل ۾ سمائجڻ لڳي. مون هڪڙي آچر تي کيس سئنيما تي هلڻ جي دعوت ڏني. هن منهنجي دعوت کي قبول ڪيو. ۽ اسان سئنيما ڏسڻ وياسون. هال جي اونداهيءَ ۾ ”ايدا“ جو هٿ منهنجي هٿ سان اچي ٽڪريو. ۽ مون اهو سمجهو اتفاق سان ٿي ويو آهي، پنهنجي هٿ کي هٽائڻ چاهيو. پر ”ايدا“ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي هوريا چيو، ”آخر ائين ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي“ ۽ توکي خبر ڪانهي ته مان تو سان محبت ڪيان ٿي. ۽ جنهن ڏينهن کان مان هوٽل ۾ آئي آهيان، انهيءَ ڏينهن کان وٺي مون تو کي چاهڻ شروع ڪيو هو. منهنجي ذهن ۾ سواءِ تنهنجي ٻي ڪا شيءِ اچي ئي نٿي. تون منهنجي زندگيءَ جو هڪ اهڙو حصو آهين جنهن کان سواءِ مان زنده رهي نٿي سگهان.

اهو منهنجي زندگيءَ ۾ پهريون موقعو هو جو هڪڙي عورت، پوءِ اها کڻي ”ايدا“ ئي هئي، اهڙي قسم جي جذبات جو اظهار مون متعلق ڪيو هو. مان عجب ۾پئجي ويس. مان انهيءَ عجيب ڪيفيت ۾ ”ايدا“ جي سڀني سوالن جا جواب ڏيندو رهيس.

مون کي ”ايدا“ جي لفظن تي بلڪل يقين نٿي آيو. هوءَ جيترا به دفعا اهڙي قسم جا فقرا ورجائيندي هئي، منهنجي حيرت ۽ وحشت ۾ هر دفعي اضافو ٿيندو ويندو هو. هوءَ چوندي هئي، ”مان تنهنجي لاءِ چري ٿي پئي آهيان“ ۽ مان ائين سمجهندو هوس ته هوءَ مون کي بيوقوف ٿي بنائي. اسان ٻئي جڏهن به ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئاسون، مان ساڻس انهيءَ موضوع تي ڳالهين کي ڇيڙيندو هوس. مان ائين ڄاڻي ٻجهي ڪندو هوس. ڪجهه انهيءَ لاءِ ڇو ته مان سندس زبان سان اهي فقرا هر گهڙيءَ ٻڌڻ پسند ڪندو هوس ۽ ڪجهه وري انهيءَ ڪري جو مون کي سندس ڳالهين تي اعتبار نه اچڻ سبب هڪ قسم جي خوشي حاصل ٿيندي هئي. مان کانئس پڇندو هوس، ”ڀلا اهو ٻڌاءِ آخر مون ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي جنهن جي ڪري تون مون سان محبت ڪرين ٿي؟“

”ايدا“ جذبات جي شدت ۾ منهنجي ٻانهن سان چنبڙي پوندي هئي ۽ منهن تي هڪڙي قسم جي خاص ڪيفيت جواظهار آڻي جواب ڏيندي هئي:

”مان تو سان انهيءَ ڪري محبت ٿي ڪيان جو تو ۾ هڪڙي مثالي انسان واريون سڀئي خوبيون موجود آهن، تون منهنجي لاءِ انسانيت جو حسين ترين مجسمو آهين“.

”سڀئي انساني خوبيون مون ۾!؟“ مون کي انهيءَ کان اڳ ۾ ته انهيءَ جي ڪا به خبر نه هئي“. مان حيرت جي نگاهن سان کيس تڪيندي چوندو هوس.

هوءَ چوندي هئي، ” ها، ها، سڀئي انساني خوبيون- پهرين خوبي اها ته تون مون کي حسين نظر اچين ٿو“.

مان کلي ڏيندو هوس ۽ چوند هوس،”مان ۽ حسين؟ تو مون کي غور سان ڏٺو به آهي؟“

هوءَ جواب ڏيندي هئي، ”ها، سچ پچ تون – مان سڄو ڏينهن تو کي ئي ڏسندي رهندي آهيان“.

”پر هي پڪوڙي جهڙو نڪ“ مان کانئس پڇندو هوس.

”اهو نڪ ئي ته مون کي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ٿو لڳي“. پوءِ هوءَ منهنجي نڪ تي ٻن آڱرين سان پڪڙيندي هئي ۽ انهيءَ کي لوڏيندي هئي، ۽ وري ڳالهه کي جاري رکندي چوندي هئي، ”انهيءَ کانسواءِ تون ڏاڍو ذهين آهين“.

”مان ۽ ذهين؟ ماڻهو ته مون کي ڀوڪ چوندا آهن“.

هوءَ ڳالهه کي ڪاٽيندي چوندي هئي، هو ائين ساڙ ۽ حسد کان چوندا آهن، خاص ڪري عورتون ته ڏاڍيون حاسد آهن. تون سچ پچ ته  ڏاڍو ذهين آهين. جڏهن تون گفتگو ڪندو آهين ته مان همه ته گوش ٿي ويندي آهيان. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تو کان وڌيڪ ذهين ڪٿي به نه ڏٺو آهي“.

مون گهڙي کن رکي کيس چيو، ”اهو ته درست آهي، پر تون ائين ته ڪانه چوندينءَ ته مان هڪڙو مضبوط ۽ طاقتور آهيان. تون منهنجي باري ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته نٿي چئي سگهين!“

هن جذبات آميز لفظن ۾ جواب ڏنو:

”ها، ها، تون طاقتور ۽ مضبوط آهين، ڏاڍو مضبوط“.

اهي لفظ ٻڌي مان ششدر ٿي ويس. جذبات جي شدت سبب منهنجي زبان مان ڪو لفظ به نٿي نڪري سگهيو. هن وري چوڻ شروع ڪيو:

”انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ تو ۾ هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي. جنهن جي ڪري مون کي تو سان والهانه محبت آهي“.

مون پڇيو ، ”اها وري ڪهڙي؟“

هن وراڻيو، انهيءَ ”خاص ادا“ کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن. دراصل تنهنجو اهو آواز، گفتگوءَ جو انداز ۽ هلت چلت آهي، جنهن مون کي گهائل ڪري ڇڏيو آهي، يقيني طور تي جن وصفن ۽ صلاحيتن جو تون مالڪ آهين، اهي ڪنهن به شخص ۾ نٿيون ملي سگهن“.

ڪافي عرصي تائين ته مان ائين سمجهي رهيو هوس ته ”ايدا“ بلڪل غير سنجيده آهي ۽ مون کي بيوقوف بنائي رهي آهي. تنهن هوندي به مون کي کانئس اهي ڳالهيون ٻڌي هڪڙي خاص قسم جو حظ محسوس ٿيندو هو. شايد انهيءَ ڪري جو جيڪي مون پنهنجي باري ۾ انداز قائم ڪيا هئا، ”ايدا“ انهيءَ جي برخلاف پنهنجا نوان انداز پيش ڪري رهي هئي. تاثرات ۽ احساسات جي باري ۾ ايترو سنجيده رويو اختيار ڪيو هئائين، جو ڪڏهن ڪڏهن مون کي به اهو احساس ٿيندو هو ته اها پنهنجي متعلق خوش فهمي آهي. پر ايدا جنهن خاص ادا جو ذڪر ڪيو هو اها مون ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ خود اعتمادي پيدا ڪري ڇڏيندي هئي. ڇو ته مون اڪثر ڪري ڏٺو هو ته عورتون بعضي وقت ننڍن ۽ ٻڍن جي خاص ادا جو شڪار ٿي وينديون آهن.

انهيءَ ذهني ڪيفيت جي لهه وچڙ ۾ ڏينهن گذرندا ويا. هن وقت تائين اسان هڪ ٻئي جي اڃا به ويجهو اچي ويا هئاسون. اسان هڪڙي ڏينهن سرڪس ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. اهو سرڪس شهر ۾ ڏاڍو مقبول ٿي چڪو هو. اسان وچولي درجي جون ٽڪيٽون ورتيون ۽ سيٽن تي ويهي رهياسون. اسان ٻئي بيحد خوش هئاسون. اسان زندگيءَ ۾ ماکيءَ جهڙو ميٺاج محسوس ڪري رهيا هئاسون. منهنجي سيٽ سان لڳ هڪڙي ڊگهي حسين عورت ويٺي هئي. انهيءَ عورت جي ڀر واريءَ سيٽ تي هڪڙو ڪارو رڏ مرد ويٺو هو. اسان کان ڪجهه پرڀرو وڏو ميدان هو، جتي ڪرتب ڏيکاريا ويندا هئا. انهيءَ ميدان ۾ مختلف اداڪارن ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا. پهريائين ڇهه گهوڙا آيا ۽ هڪڙو سائيس. حاضرين، گهوڙن جي عجيب ۽ غريب ڪرتبن مان لطف وٺندا رهيا. وري ڪرتب ڏيکارڻ وارن جو هڪڙو گرو آيو. انهن ڪجهه اهڙي انداز سان ڪم ڪيو جو منهنجي زبان مان اوچتو نڪري ويو ته ”مان به اهڙو ڪرتب ڪرڻ گهران ٿو“. ايدا پنهنجي معمول مطابق وري به بي نيازي ۽ تعريف ڀريل لفظن ۾ چيو، ”اها ته صرف آزمودي جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن تون به مشق ڪندين ته سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو“. انهيءَ تي اتي حسين عورت اسان کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿيءَ جي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ هنن ٻنهي ڄڻن کلي ڏنو.

انهيءَ کانپوءِ شينهن جو کيل شروع ٿيو. هڪڙي وڏي پڃري ۾ پنج شينهن ۽ هڪڙي شينهڻ موجود هئي. انهيءَ پڃري جو دروازو ڏاڍو هو. شينهڻ کي سيکارڻ وارو رنگ ماسٽر به اتي حاضر هو. هن پڃري جو دروازو کوليو ۽ هڪ ٻئي پٺيان اهي سڀ انهيءَ تنگ دروازي مان ٻاهرنڪري آيا. ميدان ۾ ڇهه ننڍا ننڍا اسٽول رکيل هئا. مالڪ جي اشاري تي اهي سڀئي جدا جدا انهن اسٽولن تي ويهي رهيا، پوءِ مالڪ انهن مان هڪڙي پوڙهي شينهن ڏانهن وڌيو. هن پنهنجو وات ڦاڙيو ۽ مالڪ پنهنجو مٿو ٽي دفعا ان ۾ اندر وڌو. چئني طرف واهه! واهه! جا نعرا بلند ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مون ”ايدا“ کي چيو، ”توکي اعتبار ته ڪونه ايندو، پر منهنجي دل ٿي چوي ته مان به پنهنجو مٿو شينهن جي وات ۾ ڏيان“.

”ايدا“ پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو، ”مون کي يقين آهي ته ائين ڪرڻ جو تون پورو پورو اهل آهين“.

انهن لفظن تي اهو جوڙو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ اسان کي ڪجهه دير تائين ڏسندو رهيو.

هاڻي اسان کي اهو پورو يقين ٿي ويو ته هو اسان تي کلي رهيا آهن. ”ايدا“ جو منهن ڪاوڙ کان لال ٿي ويو هو. هن مون کي چيو ته تون انهن کي ڇو نه ٿو چوين ته هو ڏاڍا ڪي غير مهذب ۽ غير شائسته آهن، پر ايتري ۾ گهنٽي وڳي ۽ کيل جو هڪڙو حصو ختم ٿي ويو ۽ سڀ ماڻهو اٿي هليا ويا.

سرڪس جي ميدان کان ٿورو پري هڪڙو چڙيا گهر ٺهيل هو. جنهن ۾ ڪجهه ٻيا پئسا ڏئي هر ڪو اندر وڃي ٿي سگهيو. انهيءَ چڙهيا گهر جا ٻه حصا هئا. هڪڙي حصي تي شيڊ هو جتي پنڃرن جون قطارون لڳيون پيون هيون، ٻيو حصو کليل هو ۽ گاهه وغيره سان ڀريل هو. اتي جانورن جا ٻچا کليل رکيا ويا هئا. اسان انهيءَ چڙيا گهر کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌياسون. اسان جي اڳيان اڳيان اهو ئي جوڙو وڃي رهيو هو، جيڪو اسان جي سيٽن سان لڳ وارين سيٽن سان ويٺو هو. مون کي ”ايدا“ هر گهڙيءَ چئي رهي هئي ته تون کين ڇو نه ٿو چوين ته هو غير شائسته ماڻهو آهن. سو مون به فخريه انداز ۾ انهن سان ڳالهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ اوندهه ڪافي هئي، تنهن هوندي به اهو جوڙو اسان کي چڱيءَ طرح نظر اچي رهيو هو. هو ٻئي هڪڙي شينهن جي سمهڻ جو نظارو ڪري رهيا هئا. مان سڌو مرد ڏانهن وڌيس ۽ ان کي پر اعتماد ۾ آواز چيم:

”ڇا توهان اسان تي کلي رهيا هئا؟“

هو ٿورو مڙيو ۽ بيپرواهيءَ سان جواب ڏنائين.

”نه، اسان هڪڙي ڏيڏر تي کلي رهيا هئاسون جو ڍڳي جي روپ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو“.

”ڏيڏر توهان مون کي سڏيو آهي“.

”جيڪڏهن ٽوپي توهان جي مٿي تي پوري ٿي اچي، ته توهان ئي کڻي پايو“.   

مون ان کي نهايت کهرن لفظن ۾ چيو:

هو ترش لهجي ۾ چوڻ لڳو:

”ڏيڏر ٽان ٽان ڪرڻ به شروع ڪري ڏني؟“

انهيءَ تي ان عورت کلڻ شروع ڪري ڏنو. انهيءَ تي ”ايدا“ کي ڏاڍي خار لڳي ۽ هوءَ ان عورت سان واتوڙجي پئي. پنجن –ڇهن منٽن تائين تون ڇا، تون ڇا، ڪندا رهيا. انهيءَ عورت ”ايدا“ کي طعنو ڏيندي چيو: ”هن مرد تي پڏي رهين آهين جو هڪڙي حقير مڇيءَ جهڙو آهي“.

”ايدا“ باهه ٿي وئي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي هن عورت کي ڏاڍي مند جي ٻڌائي.

انهيءَ تي اهو مرد مون ڏانهن وڌيو ۽ چيائين ته هاڻي گهڻو ئي ٿي چڪو، هاڻي بڪواس بند ڪيو، ۽ جيڪڏهن گهڻي ٽر ٽر ڪيو ته نتيجو چڱو نه نڪرندو.

”تون اهي لفظ ڪڍڻ وارو ٿيندو ڪير آهين؟“ مون پٻن تي بيهندي چيو.

انهيءَ کانپوءِ جيڪي ٿي گذري، مان حياتيءَ تائين ياد ڪندس. هن منهنجي چوڻ جو ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر مون کي يڪدم کڻي جهليائين. مٿي کڻي هوا ۾ ڦيرايائين ۽ پوءِ مون کي هڪڙي ننڍي هاٿيءَ تي کڻي هنيائين. مان اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته انهيءَ حصي ۾ جانورن جا ٻچا ۽ سندن مائرون موجود هيون. انهيءَ سڄي واقعي سبب جيڪا حالت پيدا ٿي انهيءَ مان جانورن اهو سمجهيو ته سندن سرڪس ۾ وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. هو پنهنجي پٺيءَ تي کڻي پڃرن ڏانهن هلڻ لڳو. چئني طرفن مان ماڻهو ڀڄندا آيا. ”ايدا“ انهيءَ جانور جي پويان پويان رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪندي ڊڪي رهي هئي. مون ان جانور کي ڪن کان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن مان ڪنهن شيءِ جو سهارو وٺي سگهان. پر مان انهيءَ ڪوشش ۾ ناڪامياب ويس ۽ ڦهڪو ڪري اچي هيٺ پيس. منهنجي ڪيپراٽيءَ کي ڏاڍي ضرب آئي. انهيءَ کانپوءِ جي واقعات جي مون کي خبر ڪانهي. جڏهن مون کي هوش آيو تڏهن مون پنهنجي پاڻ کي ترت علاج پوسٽ ۾ ڏٺو. ”ايدا“ منهنجي ڀر ۾ هئي. جڏهن مان ٿورو ٺيڪ ٿيس ته اسان ٻيو شو ڏسڻ بنان ئي گهر هليا آياسون.

ٻئي ڏينهن مون ”ايدا“ کي چيو :

”اهو سڄو ڏوهه تنهنجو آهي. تنهنجي ڪري ئي مان خوش فهميءَ جو شڪار ٿيس. تو منهنجي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ڪيو ته مون ۾ ڪجهه خاصيتون آهن، هن عورت چڱيان چيو هو. مان هڪڙي حقير مڇيءَ کان .... وڌيڪ حيثيت وارو نه آهيان.

پر ”ايدا“ منهنجو هٿ وٺندي ۽ محبت ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو:

”خدا جو قسم ! تون عظيم انسان معلوم ٿي رهيو هئين. هو تو کان ڊڄي رهيو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هو تو کي هاٿيءَ جي پٺيءَ تي کڻي ويهاريو. ۽ تون انهيءَ هاٿيءَ تي ويٺي سڄي ڪائنات کان وڌيڪ حسين –– ۽ عظيم نظر اچي رهيو هئين“.

مان ”ايدا“ کي هاڻي ڇا ٿي چئي سگهيس!

مان سندس لاءِ ڪجهه ٻيو هوس ۽ ٻين ماڻهن لاءِ ڪجهه ٻيو، پر ڇا توهان هاڻي ٻڌائي سگهندا ته عورتون ڇا ڏسي محبت ڪنديون آهن؟

مئڪسم گورڪي

     شبير”ناز“ چنه

پينو فقير جي دل

هڪ ڏينهن اڌ رات جو چو واٽي جي وڪڙ تي هن جي ملاقات هڪ پاڻ جهڙي بدنصيب غريب ماڻهوءَ سان ٿي، جنهن کيس چيو، ”ڏس، جيڪڏهن توکي مال هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هي رستو وٺي ڏکڻ طرف لڙي پئه. سامهون هڪڙي ننڍي سهڻي جاءِ نظر ايندءِ. ان جون ڀتيون ڪي وڏيون نه آهن. در به ننڍو اٿس. ان جاءِ نظر ايندءِ. ان جون ڀتيون ڪي وڏيون نه آهن. در به ننڍو اٿس. ان جاءِ ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونه آهي. فقط هڪ ٻڍو مالهي پهرو ڏيندو آهي. هڪڙو ننڍو ڪتو هئو سو به ڪيترا ڏينهن ٿيا ته مري ويو آهي. اهڙو موقعو وري هٿ نه ايندءِ. سمجهيئي؟“

هن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ تکو تکو ڏکڻ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيائين. ٿورو اڳيان پُل هئي ۽ پُل پار ڪرڻ کانپوءِ گهاٽو جهنگ هو. هو آهستي آهستي وڃي رهيو هو. سندس بدن تي هڪ ڦاٽل پراڻو ڪمبل هو. تنهنڪري سندس شڪل سڃاڻپ ۾ ڪانه پئي آئي. ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ هڪ پاڇو ترڪندي ٿڙندي وڃي رهيو آهي. گاهه تي هلڻ ڪري سندس پيرن جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه پئي آيو. هر طرف خاموشي پکڙيل هئي.

ٿوري عمر ۾ ئي هو ڪراڙپ جو شڪار ٿي ويو هو. سندس شڪل مان ئي معلوم پئي ٿيو ته هن ڪيتريون مصيبتون سٺيون آهن. منهن تي رونق ۽ تازگيءَ جو نالو نشان ئي ڪونه هوس. فقط سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. جن مان هن جي دل جي لڪل نرمائي نظر ٿي آئي. ٻين غريبن ۾ ۽ هن ۾ فقط اهو ئي فرق هو.

هو اڳتي وڌندو پئي ويو جتي اڳيان ۽ پويان جهنگ هو ۽ ڪٿي ڪٿي هڪ ٻه جهوپڙيون پئي نظر آيون. ٿوري پنڌ تي اها جاءِ هئي.

انهيءَ جاءِ اڳيان اچي هو بيهي رهيو، چئني طرفن ڏانهن نظر ڦيريائين، پر کيس ڪو به ماڻهو نظر ڪونه آيو. انهيءَ وقت ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ زمين ۽ آسمان هن جو آهي! ۽ ٻيو ڪو به انهن شين جو مالڪ نه آهي. پر هي ڇا ... نه پير ٿا اڳتي وڌن ۽ هٿ ٿا چرن. اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا سندس ڪم ۾ دخل ڏيئي رهي آهي.

هيءَ سندس پهرين ۽ پوئين چوري هئي. ان کانپوءِ هن ڪڏهن به چوري ڪانه ڪئي. بک ڪري مجبور ٿي باغ مان ميوو چوري ڪري کاڌو هئائين، پر ٻٽ ٻڌي ڪڏهين چوري ڪانه ڪئي هئائين.

هونءَ ته چوري ڪانه ڪئي هئائين، پر هاڻي ڇو نه ڪري ...؟ هن جي سنڀال لهندڙ ڪو به ڪونه هو. صبح کان شام تائين رلي رلي اڃ ڪري سندس نڙي خشڪ ٿي ويندي هئي، ته ڪو پاڻيءَ ڍڪ يا مانيءَ ڳڀو ڏيڻ وارو ڪونه هوندو هو. پارن ۾، گرمين ۾ ۽ برساتن ۾ رات جو هو کليل ميدان تي پيو هوندو هو ته ڪو ساڻس ڳالهائڻ وارو ڪونه هو.

اڄ کان گهڻو وقت اڳ هو پنهنجي پيءُ ماءُ جي پيار ۽ شفقت کان محروم ٿي چڪو هو ۽ درد در تي رلندو پنندو وتندو هو. رحم کائي ڪنهن غريب ٻڍي پاڻ وٽ رهايس ۽ ٽوڪريون ٺاهڻ سيکاريائينس. انهيءَ ڌنڌي مان دال ماني کائي پيو گذارو ڪندو هو. پر هو آزاد رهڻ پسندو ڪندو هو. سو هڪ جاءِ تي ٽڪاءُ ڪري ڪونه سگهيو ۽ هميشه ڀر وارن ڳوٺن ۾ پيو گهمندو ۽ ڀٽڪندو هو.

هڪ ڏينهن شام جو کوهه تي هن جي ساڻس ملاقات ٿي. ويجهو ٻيو ڪو به بني بشر نظر ڪونه ٿي آيو. هوءَ کوهه مان پاڻي ڀري موٽي رهي هئي ۽ هي کوهه جي ويجهو ڪنهن مٽيءَ جي دڙيءَ تي ڪجهه کائي رهيو هو. هوءَ ڪا اهڙي سهڻي به  ڪانه هئي پر تنهن هوندي به سندس نماڻي چهري ۾ ڪشش هئي.

هن جا ماءُ پيءُ به ننڍي هوندي ئي کانئس جدا ٿي ويا هئا. تنهنڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي وئي. اها عورت مڙس سان گڏ هر تڪليف سهندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن کين کاڌو نصيب ڪونه ٿيندو هو ته انهن مان ڪو به رنج نه ٿيندو هو.

اهڙي نموني سندن ڏکيا سکيا ڏينهڙا گذرندا رهيا، ٿورن ڏينهن کانپوءِ کين هڪ پٽ ڄائو. ڇوڪرو تندرست ۽ تمام سهڻو هو. هڪ غريب جي گهر ۾ اهڙو سهڻو ڇوڪرو ڪنهن نه ڏًٺو هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com