سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :3

”خادم“ سروري

مينهن به مند تي موٽي آيا،

ڇا کئون وڃي تو ڏينهڙا لايا؟

 

 

ڪارا بادل ڪن گجگارون،

مون سان ڪن ٿا تنهنجون پچارون

 

محت ڏيانءِ مان ڪهڙيون ميارون،

تــــو تــــه پــــراوا مــــاڳ وســـايـــا.

 

 

مينهن اچي پيو، جئن جئن اوري،

تيئن تيئن تنهنجي ياد ٿي جهوري،

 

پيارا اچين من پنهنجي ٿوري،

مـــون ته هـــزاريـــن حــيــلا هــلايـا.

 

توکان سوا جيڪي به کيان ٿو،

زهر جا پيالا ڄڻ ته پيان ٿو،

روز مران ٿو روز جيان ٿو،

سڱ رکي مون سور پرايا.

 

ميڪش آهن، ساقي ناهي،

توکان سواءِ سڃ ٻيو وري ڇاهي،

محفل جو رنگ توسان ئي آهي،

اچ ته ڪريون ڪي دَمَ سجايا.

 

”خادم“ کي جت وئين تون وهاري،

مست کي هاڻي ڪير اٿاري،

توڏي نهاري، واٽون ٻهاري،

پنڌ ٻيا هِنَ ڪين پڇايا.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

پهچاءِ تون پِرينءَ کي، پر تئون پيام ڪانگا،

سهڻي سڄڻ کي چئجان، سهسين سلام ڪانگا.

 

کَٽُ خير اي کيانتا،

سالم سُڻي سنيها،

نِجِ نينهن جا نياپا،

جَلدي اُڏام ڪانگا!

 

 

پَرَ، پير، چُهنب ڌوئي،

ٿي صاف تون سڄوئي،

ڪج عرض روئي روئي،

 

هڻجان نه هام ڪانگا.

 

پهچڻ سان پيرين پئجان،

جو چئين، ادب سان چئجان،

سڀ سُور منهنجا سلجان،

 

بــا احـــتــرام ڪــانــگــا.

 

سهسين ڪري صدائون،

آزيـــون ۽ الــتــجــائــون،

”آصف“ جون ڏج دعائون،

جانــــب کـــي جام ڪانگا!

”وفا“ ناٿن شاهي

مون کي غم ۾ گڏي، دلدار نه وڃ،

ڪري ڇورو نه ڇنو، منهنجو پيار نه وڃ!

 

ڏکيو آهي جيئڻ، رهي تو کان جدا،

مون کي بخش کڻي جا ٿي مون کي خطا،

پنهنجي ٻانهن تي ناهي ظلم روا:

ڇڏ ڪاوڙ، موڙ مهار، نه وڃ......

 

توکي منٿون، آزيون، نيزاريون ڪيان،

توکي ٻانهون ٻَڌان، تنهنجي پيرين پوان،

تنهنجي لاءِ جيئان، تنهنجي لاءِ مَران:

رولي رڻ ۾ قول قرار، نه وڃ......

 

گڏ گهارڻ جو انجام ڪري،

مَٽي منهنڙو نه وڃ، مون سان ساک ڀري،

منهنجي جان تي ايڏا ظلم ڪري:

ڏيندو مون کي نينهن ميار، نه وڃ......

”نشتر“ ناٿن شاهي

قيمت تن جي ڪهڙي ڪٿيون،

قرب ۾ جيڪي کتيون کتيون!

 

ٻول پنهل جي جيڪي ٻڌيون،

دل جون اميدون تن ئي لڌيون،

رمز ۾ سيئي رتيون رتيون!

 

پنهنجي پنهل ڏي وڃبو ڪاهي،

سر جو سانگو لاهي پاهي،

ور کي ووڙن ستيون ستيون!

 

وچ مان جيڪي واپس آيون،

هاري هليون سي کٽيل بازيون،

سڏجن سي ٿيون سَڌڙيون سڌڙيون!

 

جاڙون جبل جون سر تي سهنديون،

پنهنجي پنهل کي لوچي لهنديون،

جوش مان جيڪي وڌيون وڌيون!

 

عشق جني جو سونهون آهي،

منزل تن لئه اوکي ناهي،

پهتيون جيڪي هليون هليون!

 

قرب ۾ ”نشتر“ جيڪي ڪُٺيون،

ڪاتيون تن کي ڪين ڪُهنديون،

مون کي ڊيڄاريو نه، ڄٽيون ڄٽيون!

رحيم بخش ”قمر“

عيب نه منهنجا اُگهاڙِ-الا،

ڍڪج ڍلايون ڍول تون منهنجون!

 

تــو در آيــس مــحــرم منهنجا،          عيب پلئه ۾ پائي پنهنجا،

منهنجي مٿان ڪج ماڙِ-الا...

 

توريءَ ساعت ڪين سري ٿي، اکڙين کان هڪ پل نه پري ٿي،

پَهر به آهه پهاڙ، الا...

 

سار لهج ڪا ڪانڌ ”قمر“ جي،        گولڙي آهيان تنهنجي در جي،

مهر جي ڪر ڪا مهاڙ، الا...

”نثار“ بزمي

مون کي تنهنجا سڄڻ، سينگار وڻيا،

تنهنجا ڪارا ڪارا وار وڻيا!

 

تنهنجو حسن ڏسي حيران ٿِيس،  

تنهنجي لاءِ مٺا مستان ٿيس،

تنهنجا رنگ ڀريا رخسار وڻيا،

مون کي تنهنجا سڄڻ، سينگار وڻيا.

 

تُنهنجي سُونهَن جي ڇا ساراهه ڪيان، 

ڪهڙي هَرَ هَرَ مان وه واه ڪيان،

تنهنجي اکڙين جا اسرار وڻيا،   

مون کي تنهنجا سڄڻ، سينگار وڻيا.

 

تنهنجي ”بزمي“ کي هر  بات وڻي، 

تنهنجي پيار سندي سوغات وڻي،

تنهنجا دل کي سڀئي ديدار وڻيا،   

مون کي تنهنجا سڄڻ، سينگار وڻيا.

وايـــــون

شيخ ”اياز“

 

تَڙَ تَڙَ تي طوفان، الو ميان،

ناوَ هلي آ گيت کڻي!

 

ونَجهه نه وانجهي، موڙها مانجهي، سانجهي سر گردان:

الو ميان، ناوَ هلي آ گيت کڻي!

 

گهاٽَ مٿَان گنگهور گَهٽا ۾، اڄڪلهه جو انسان:

الو ميان، ناوَ هلي آ گيت کڻي!

 

ڪو وڻجارو، اوٿَ-آسارو، نينهن ڪيو نادان:

الو ميان، ناوَ هلي آ گيت کڻي!

شيخ ”اياز“

ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان!

 

ساڀيا ۽ سپني ۾ ويڇا جو به مٽائي:

ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان!

 

سِٽ صدين جي سِٽ اندر ڪا جو به سمائي،

ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان!

 

دل درياهه، سمندر تانگهار، ٿاههَ پَسائي،

 ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان!

 

ڇا ڇا هِنَ پنڇيءَ جا پاڇا، ۽ جي ڳائي!

ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان!

حافظ ”احسن“ چنا

 

وائي ورڻ جي دلبر وار-مُند ملڻ جي موٽي آئي!

گل ڦل ٽڙيا باغ بهاريا، گلن ڪيا گلزار......

گل سان ڪري ٿي بلبل باتيون، ڇيهن جي چونگار......

سَرنهن ڦُلاري آئي بهاري، کڙيا کٽڻهار......

ليمان، ڏاڙهون، انب به آيا، توت پچي ٿيا تيار......

پيرون پڪا ۽ ڳاڱيون ڳاڙهيون، ڏونئرن پڪڙا ڏار......

سانگ سفر تان سانگي آيا، ڪونجن آئي قطار......

بادل برسي آيا وسَڻ لئه، جهڙ ڦڙ مينگهه ملهار......

پوکون پڪيون، لاب پيا اڄ، ٿيڙا آنّ انبار......

ڏڪر ويا ٿيا سُڪر سڻاوا، سَرها ٿيا سنگهار......

راهون نهاريان، پانڌي پڇايان، واڳ وصل جي وار......

”احسن“ جي ڪر آس هِي پوري، پلپل  تنهنجي پچار......

مُند ملڻ جي موٽي آئي!

”استاد“ بخاري

ڪفر هي ڪارا ڪوٽ، عمر! منهنجو وطن آ منهنجو ايمان.

 

ربّ ڏاڍو ٿئي، ماري پڇندءِ، ان ڏي ڏس اڻ موٽ، عمر!

منهنجو وطن آ منهنجو ايمان.

 

ٿر جي بدلي، زر ٿو آڇين، نانگ کپر تنهنجا نوٽ ، عمر!

منهنجو وطن آ منهنجو ايمان.

 

منهنجي آهُنِ کي ٿئي ٻانهون، ٻاڻ اٿئي ٻرڙوٽ، عمر!

منهنجو وطن آ منهنجو ايمان.

کوڙ ڏٺيون ”استاد“ اکين سان، ڪرندي چوٽيون چوٽ، عمر!

منهنجو وطن آ منهنجو ايمان.

”وفا“ ناٿنشاهي

پير پٿون ۽ رات آ ڪاري،

چارو چارو واري ... منهنجي زاري...

 

مون وٽ گجرا، تنهنجي هٿ ۾،

ماريءَ واري ڄاري... منهنجي زاري...

 

شڪرا، باز، برن ۾ سڏڪن،

ڪٻريون ڪانوَ شڪاري... منهنجي زاري...

 

هٿ هٿ ڦاهي، من من ڏانوڻ،

ماڻهو ماڻهو ماري... منهنجي زاري...

 

تارو تارو ٿي اکين مان،

رات ڇڻي وئي ساري... منهنجي زاري...

”آثم“ ناٿنشاهي

 

ڏاڍن ڏينهن کان پوءِ پنهنجو، پرين اسان وٽ آيو ڙي،

پرين اسان وٽ آيو ڙي!

 

ڀڙڪِي ڀڙڪِي  باهه برهه جيءَ، تائي تَنُ تپايو ڙي،

پرين اسان وٽ آيو ڙي!

 

لوٺين جي لوهُن کان لڪندي، ساجن سانگ رچايو ڙي،

پرين اسان وٽ آيو ڙي!

پَل ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا هُن تان، مون سِر گهورَ گهمايو ڙي،

پرين اسان وٽ آيو ڙي!

 

مُرڪي مُرڪي دل جي هر هڪ، تندُ طنبور وڄايو ڙي،

پرين اسان وٽ آيو ڙي!

احمد خان ”اختر“

 

نِـيـنــهَـــن نــشـوئـــِي نـيــــش!

پيٽاري ڪو مرد مجاهد!

ڪِيئن ڏسي  ٻيو دلبر ڌاران،  

ڪوئي عزيز ۽ خو يش!

رَسَ ۾ رَسي لاهوت ۽ لاحد!

 

جان ۾ جلوي جوت جلائي،

پِرتِئون پوي جيئن پيش!

وَصُل وِصالَ ۾ تيئن تَنهن واحد!

 

”اختر“ بخشي نِينُهن مون نِعُمَتَ، 

درد بَـــــڻـــَيُـم درويـــش!

ماڻائيم جنهن محبت مشاهد!         

”نثار“ بزمي

 

جاڳن چوکا چوڪيدار، پرين مان توسان ڪيئن ملان؟

سؤ سؤ پهريدار- پرين مان تو سان ڪيئن مِلان.

 

ساڙ سڙيو هي آهي زمانو،

چؤڌاري آزار- پرين مان توسان ڪيئن مِلان.

 

ٻن دلين جو سڀڪو ويري،

يارَ بڻيا اغيار- پرين مان توسان ڪيئن ملان.

 

ڪنهن سان تنهنجو روح رَلائي،

سرس ڪريان سينگار- پرين مان توسان ڪيئن مِلان.

 

مسڪينن جو مَولا آهي،

اڙين جو آڌار- پرين مان توسان ڪيئن مِلان.

 

لڙڪن جا لَکَ پوئي ”بزمي“،

هنجون وهائي هار – پرين مان توسان ڪيئن مِلان .

پرڀو ”ناشاد“

روح ڏنو ٿَم ريلو، يار-

 

گيت مٿي پيو گيت سُڻايان!

سِڪندي ڪيئي سال لنگهي ويا،

محبن سان ٿيو ميلو، يار:

گيت مٿي پيو گيت سُڻايان!

پرهه ڦٽي ، پرديسي آئين،

وڻندڙ ٿيڙو ويلو، يار:

گيت مٿي پيو گيت سُڻايان!

مان راڳي، ويراڳي آهيان،

ساجن، آءُ سويلو، يار:

گيت مٿي پيو گيت سُڻايان!

رمز عجب، ”ناشاد“ سڄڻ جي،

آههِ اَجَهل، اربيلو، يار:

گيت مٿي پيو گيت سُڻايان!

گـــيـــت

”سليم“ ڳاڙهوي

تنهنجو منهنجو سنگ

تنهنجو منهنجو سنگ سَجايو، تــنـهـنـجـو مـنـهـنــجــو ســنــگ!

تنهنجو منهنجو سنگ!

 

ٻِن جو جوڙ بنائي ٻارهن، ٻن جي بڻجي ٻاري، 

 ٻن ڦيٿن سان هلندي آهي گاڏي جيون واري،

پيارا پلپل پڙهندو رهه تون ٻن جو پيار انگ!

تنهنجو منهنجو سنگ!

 

ٻن بازن جو زور زياده، ٻن نيڻن جو نُور،  

 ٻن پرڙن سان ڪُونجون اُڏري پهچن ڏورئون ڏور،

هٿ جو هٿ سان ميل ٺهي ٿو، دل جو دل سان ونگ!

تنهنجو منهنجو سنگ!

 

ماڙيون ۽ محلات بڻائي سِر جو سر سان ميل،

ڦول مِلي ڦولن سان ٺاهن خوب خوشيءَ جا کيل،

ايڪي جو اسرار، پَسائي روح رچندو رنگ،

تنهنجو منهنجو سنگ!

تنهنجو منهنجو سنگ سنواري سهڻي سچ جي سَيج،  

ساٿي، پنهنجو ساٿ اُڀاري، هينئڙن اندر هيج،

ٻيجل وانگر ٻول ٻڌائي، چوري ڇڏ جي چنگ،

تنهنجو منهنجو سنگ !

 

تنهنجو منهنجو سنگ سَجايو، تنهنجو منهنجو سنگ!

تنهنجو منهنجو سنگ!

”عارف المولا“

تنهنجي ياد ستائي!

تنهنجي ياد ستائي ساجن،

تــنـهـنـجـي يــاد سـتـائــي...

ڏور وڃي ٿو ڏينهن لڳائين،

ڪانه لڌيئي ڪل سهڻا سائين،

ڇُٽي تمنا آس اجهاڻي،

ڦري اميدن تي ويو پاڻي،

ڪامل ڪر نه ڪنارا هاڻي، بيحد برهه بڇائي- ساجن...

 

ساگر جي ڇاتي ڇلڪي ٿي، 

رات جي راڻي ڏس جهلڪي ٿي:

اچن اوٻاسيون، ڪَرَ ٿو موڙيا،

انگ ازل جو لکيو لوڙيان،

ساريون راتيون سُڏڪيو ڪاٽيان،  نيڻين نير وهائي -  ساجن...

 

پيِرن تي پَڙ ٿِڪيُس باسي، 

عمر گذاريم تنهنجي دلاسي:

سَر نِسريا ۽ ڏياري آئي، 

تو نه وصال جي واري وائي،

ڏياٽيءَ جي وٽ سوريان هر هر،  تنهنجي آس لڳائي – ساجن...

 

سارو سيارو وِلهه ۾ گهاريم،

آسَ جو ديپڪ دل ۾ ٻاريم:

انب انگوريا، آئي بهاري،

ڪانه ڪئي پَر تو پوواري:

توکي ساريندي ويو گذري، ساوڻ مينهن وسائي – ساجن...

 

”عارف“ وٽ اچ دلبر جاني،

هجئي نيبَهه شال جواني:

دنيا عقبيٰ صدقي ڪريان،

ڪنڌ ڪَپي پيرن ۾ ڌريان،

هيڪر پنهنجي دلڙي ٺاريان،

توکي سور سڻائي – ساجن...

”محسن“ڪڪڙائي

تـو ڇـو دل لاتـي

تو ڇو دل لاتِي، او سائين، تو ڇو دل لاتِي!

ڪاڪ ڪنڌيءَ جي جنجهٽ ۾ تو،

                پاتِي ڪيئن جهاتِي.

                سڄڻا، تو ڇو دل لاتِي!

 

نظر نظر ٿي تير هتي جي،

                ڪَکُ-پَنُ آ ڪاتِي.

                سَڄڻا، تو ڇو دل لاتِي!

 

تنهنجو پيار اڪيلو، هوڏي.

                دنيا چو - واتِي.

                سڄَڻا، تو ڇو دل لاتِي!

 

ٻُرڪين ويٺو لوڻُ ڦٽن تي،

                ڳـــــائــي پــرڀـــاتـــي.

                سڄَڻا، تو ڇو دل لاتي!

 

حُسن نِگاهون ساهيون آهن،

                تاڻي جهل ڇاتي.

                سَڄڻا، تو ڇو دل لاتي!

 

”محسن“ ٿيندو نيٺ ته ماٺو،

                جــــوڀــــن جــذبـــاتــي.

                سَڄڻا، تو ڇو دل لاتي!

عبدالقيوم ”صائب“

من مالڪ ميت ملائي!

آشا جا پئي ديپ جلايم،

مندر مندر، پاڻ ڦيرايم،

من مالڪ ميت ملائي!

ٺاڪر پوڄيم، ٺاڪر ٺاهيم، گهر گهر دانهيم، در در ڪاهيم،

من ڪوئي ڀال ڀلائي

من مالڪ ميت ملائي.

پاٺ پڙهايم، تيرٿ ڀيٽيم، پنهنجي هستي، پاڻهي ميٽيم،

شل بگڙي منهنجي بنائي

من مالڪ ميت ملائي.

دڳ مٿي ڪئي شمعون ٻاري، راهون روشن ڪيڙم ساري،

شل منهنجو ڀاڳ ڀڙائي،

من مالڪ ميت ملائي.

پنڊت ڪوڙا، پنڊت ڪوڙا، متين موڙها، ڪوڙا سوڙا،

تن ڇڏيا دام وڇائي

من مالڪ ميت ملائي.

ڪهڙا سجندا سکيون سانگ، سندر سان ڪئن ڀربي مانگ،

پئي دنيا ڏيل ڏکائي،

من مالڪ ميت ملائي.

ڪا من کي آ پريت پياري، پريت جي آهي ريت نياري،

شل پريتم واڳ ورائي،

من مالڪ ميت ملائي.

”مجذوب“ لاشاري

چيٽ ۾!

راحتون ۽ رس رچڻ وارا وري،

رونقون ۽ رنگّڙا ڪَئين چيٽ ۾!

چهچٽا چوڌار آهن اڄ عجيب، جهار هڪلي هيج مان هاري غريب،

کيت ڪڻڪن جا پچڻ وارا وري- واهه سونهن سنگّڙا ڪئين چيٽ ۾!

ڄاڻ ڪڻڪن ۾ پيا لابارڙا، لائي خاطر لوب تي لايارڙا،

اڄ سُڀان آهن اچڻ وارا وري- ٿا وڻن دڳ دنگّڙا ڪئين چيٽ ۾!

هر طرف کان هير ۽ هٻڪار آهه، گام گلشن ۽ چمن گلزار آهه،

ڀونئر ۽ پوپٽ نچڻ وارا وري- خوب ٻهڪن جهنگّڙا ڪئين چيٽ ۾!

قرب ڪوڙئين ۽ ڪرم قادر ڪيا، مال ۽ ”مجذوب“ مارو خوش ٿيا،

ملڪ تي ميڙا مچڻ وارا وري- دل چري ڪن چنگّڙا ڪئين چيٽ ۾!

رونقون ۽ رنگّڙا ڪئين چيٽ ۾!

”نثار“ بزمي

هَرِ ڪا پنهنجي نانءِ

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

 

ڪنهن ۾ جوت جلي ٿي، ڪنهن ۾ ڪاري ڪاري رات،

ڪنهن ۾ آشائن جا ميڙا، ڪنهن ۾ تات نه بات،

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

 

روڳي راڄ خزان جو ڪنهن ۾، ڪنهن ۾ سارنگ ساٺ،

رابيلن جون شاخون ڪنهن ۾، ڪنهن ۾ ڪانڊا ڪاٺ،

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

 

ڪنهن ۾ سورن جا سانگهارا، ڪنهن ۾ پور نه سور،

ٻهه ٻهه ٻولي ويٺي هڪڙي، ۽ ٻي چڪناچور،

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

 

اوڳي موڳي ڪا ويچاري، ڪنهن ۾ گيان ۽ ڌيان،

ورد وظيفو ڪنهن ۾، ڪنهن جو غفلت ۾ گذران،

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

 

ڪنهن ۾ الفت جا آکيرا، ڪاٿي گهاڙي گهات،

مِصرِيون ماکيون ڪنهن ۾، ڪنهن ۾ بڙڇون، ڀالا، ڪات،

ڪا دل ڪهڙي، ڪا دل ڪهڙي، هر ڪا پنهنجي نانءِ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com