” هر وڏو شاعر ۽ اديب، پنهنجي فڪري پرواز جي
سببان، عوام جي ذهن ۽ فڪر جي پهچ کان گهڻو مٿي ٿئي
ٿو. سندس فن، هر اعتبار کان، عام ماڻهن جي ذهني
سطح کان صدين جي مفاصلي تي پرواز ڪندو رهي ٿو. هو
جڏهن تخيل ۽ فڪر جي بلندين تي اُڏري ٿو، تڏهن عوام
جو ذهن سندس معيار ۽ رفتا جو ساٿ ڏئي نه ٿو سگهي.
ان بلنديءَ تي پهچي، هو جو ڪجهه به محسوس ڪري ٿو،
۽ شدت جذبات کان جا به واردات مٿس ٿئي ٿي، اها
سندس روح جي ترجماني چئي وڃي ٿي. جيستائين عام
ماڻهن جو ذهن، سندس بلنديءَ سان ساٿ ڏئي نه ٿو
سگهي، تيستائين سندس فن نه فقط عوام لاءِ قابل
فهم رهي ٿو، پر ان سان گڏ سندس هم عصر به سندس
بلنديءَ تي اڏري نه ٿا سگهن. ان ڪري سندس فن جو
انڪار ٿا ڪن“.
1. شاهه شجاع الملڪ (قسط 2)- لطف الله بدوي
2. سنڌي زبان تي ٿيل کوجنا- پروفيسر علينواز جتوئي
3. سنڌي نام جي گرداني بناوٽ- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
(دهلي يونيورسٽي)
4. ادب لطيف- - گُل - فضل الاهي انصاري
- - مسڪين
سرڳواسي جهامنداس ڀاٽيا
5. ”مهراڻ“ تي تبصرا
6. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا -
چونڊيندڙ
7. ”مهراڻ“ جا موتي - ادارو
8. تبصرا - ڊاڪٽر سيد
اسدالله شاهه
”بيخود“ حسيني
”ڪنهن بلند خيال کي، تمام سهڻي ۽ دلپذير انداز ۾
پيش ڪرڻ، هڪ مشڪل فن آهي. ڪيترا شاعر اهڙا به آهن،
جن ۾ خيال ڏاڍا چڱا پيدا ٿين ٿا، پر سندن پيش ڪرڻ
جي اسلوب ۽ انداز بيان جي ڪمزوريءَ جي ڪري، اهي هڪ
عظيم شاهڪار بنجي نه ٿا سگهن. اهي خيال، ان مکڙيءَ
وانگر آهن، جا اٿندي ساڻ مرجهائجي وئي ۽ کُلي گل
نه بڻي“.
لطف الله بدوي
شــاهــه شــجــاع الــمـلــڪ
(قسط 2)
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حاجي شير محمد
باميزئي جي مقابلي ۾ شاهه شجاع کي فتح حاصل ٿي
هئي، مگر هيءَ سندس خوشي عارضي ثابت ٿي. وزيراعظم
جي موت، شاهه جي حڪومت جي نظام ۾ اهو خال پيدا ڪري
وڌو، جنهن جو ڀرجڻ هاڻي ناممڪن هو. افغانستان ۾
شير محمد جي حيثيت معمولي نه هئي. ساڻس طاقتور
قبيلن جو ساٿ هو. هن قبائلي يڪرنگي جي باعث، شاهه
جا دشمن وزير جي تدبير ۽ سياست کان خوفزده ٿي
رهيا.جيئن ئي فتح خان کي شير محمد جي موت جي خبر
ملي، هن پنهنجا هٿ پير مارڻ شروع ڪيا. هو شاهه
شجاع کان باغي ٿي قنڌار ۾ پهتو هو. هاڻي شاهه کي
قنڌار کان گهڻو دور سمجهي، مٿس قابض ٿي ويو. قنڌار
کي پنهنجي ڀائرن جي قبضي ۾ ڏيڻ کانپوءِ، هو غزني
کان ٿيندو ڪابل پهچي ويو. شاهه شجاع جي سردارن کيس
روڪڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي، جنهن ڪري فتح خان بي
روڪ ٽوڪ قابل تي قابض ٿي ويو. هن بالاحصار مان
شاهه محمود کي آزاد ڪيو، کيس هڪ ڀيرو وري، ڪابل جي
شاهي تخت تي ويهاريو ويو ۽ فتح خان قلمدان وزارت
کي سنڀاليو.
شاهه شجاع ان وقت پشاور ۾ هو. کيس فتح خان
جي هن جرئت جو خواب خيال به نه هو، مگر جڏهن شاهي
جاسوسن کان کيس پنهنجي باغي ڀاءُ محمود جي آزاديء
۽ دوباره تخت نشينيءَ جي خبر ملي، تڏهن پريشان ٿي
ويو ۽ پنهنجي فوج سان خيبر جي دڙي کان گذري، جلال
آباد ڏي روانو ٿيو. محمود جو بهادر وزير، شجاع جي
ارادي کان غافل نه هو. هو به پنهنجي فوج وٺي شجاع
جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو. جلال آباد جي ڀرسان،
شجاع ۽ فتح خان جي فوجن جو سخت مقابلو ٿيو. ٻنهي
طرفن کان شجاعت جو غير معمولي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪجهه وقت لاءِ معلوم ٿي نه ٿي سگهيو ته فتح ڪنهن
جي نصيب ۾ ايندي. مگر افسوس جو قسمت شاهه سان
ياوري نه ڪئي. شجاع ميدان جنگ مان پاڻ بچائي پشاور
پهتو. شجاع جو وفادار ساٿي ۽ وزير اڪرم خان ۽ ٻيا
سردار ميدان جنگ ۾ مارجي ويا. پشاور ۾ پهچي هن وري
هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. مگر سندس پويان فتح خان جو
ڀاءُ دوست محمد خان پشاور کي
ويجهو اچي پهتو. شاهه سندس مقابلو ڪيو، پر قسمت
وري کيس ساٿ نه ڏنو. دشمن کان بچڻ لاءِ، هو
پنهنجي اهل ۽ عيال سان گڏ لاهور جي طرف روانو ٿيو.
پنجاب ۾ ان وقت راجا رنجيت سنگهه حڪومت ٿي ڪئي،
جنهن کي لاهور ۽ ان جي علائقي جي حڪومت، زمان شاهه
کان عطا ٿي هئي. شجاع ان ۾ وڏيون اميدون ٿي رکيون،
مگر جيئن اڳتي هلي دهلي ڏسنداسون، ان احسان فراموش
انسان، شجاع سان ظلم ۽ ستم ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه
ڪئي. شاهه شجاع سنه 1226هه جي اوائل ۾ لاهور ۾
پهتو. ابتدا ۾ رنجيت سنگهه سندس کليل دل سان مرحبا
ڪئي ۽ سندس هر آرام جو هر خيال ٿي رکيو.
شاهه شجاع جي ڪشمير ۾ نظربنديِ:
اسان مٿان ذڪر ڪيو آهي ته حاجي شير محمد
باميزئي، جڏهن ڪشمير کي فتح ڪيو هو ته پنهنجي پٽ
عطا محمد خان کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو هئائين.
عطا محمد کي پنهنجي پيءُ جي بيوقت موت جو بيحد رنج
۽ غم هو. جيئن ته هاڻي پشاور وزير فتح خان جي
ڀائرن جي قبضي ۾ هو ۽ هو ڪابل جي مرڪزي حڪومت کان
دور هئا، ان ڪري عطا محمد چاهيو ٿي ته پشاور تي
قبضو ڪري، ان کي ڪشمير سان ملايو وڃي. هن پنهنجي
ڀائرن- سردار سمندر خان ۽ جهانداد خان باميزئيءَ-
کي موڪلي ڏنو ته هو پشاور تي قبضو ڪري وٺن (1).
وڏي مقابلي کانپوءِ، فتح خان جي ڀائرن کي شڪست
حاصل ٿي ۽ پشاور تي عطا محمد خان جي ڀائرن جو قبضو
ٿي ويو. پشاور تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ عطا محمد نهايت
چالاڪيءَ سان هڪ
نياز
مندانه عرضي شاهه شجاع الملڪ ڏي لکي موڪلي ته
”جيڪڏهن هو پشاور ۾ ايندو ته سندس مدد ڪئي ويندي ۽
تخت تي وري ويهارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.“ شاهه جي
هن نياز مندانه خط کي ڏسي سندس فريب ۾ اچي ويو. هو
بنا ڪنهن پيش بنديءَ جي لاهورکان پشاور ۾ پهچي
ويو. کيس اتي ئي ٿورو وقت آئي مس گذريو هو، جو
پشاور جي باميزئي سردارن سمندر خان ۽ جهانداد خان،
نهايت خواريءَ سان کيس عطا محمد باميزئيءَ کي
ڏياري موڪليو، جنهن کيس پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو. حميد
ڪشميري، ان جو ذڪر هيئن ٿو ڪري (2):
ز روبـاه بازي ڪـشانش ببرد |
|
بدست محمد عطا خان سپرد |
عـطـا از خـطـائـي قـصاص پدر |
|
بزندان چو رندان نمودش مقر |
چو خورشيد راننگ گرد د محـل |
|
رصد آفتش از قرانِ ز حل |
محمود ۽ فتح خان کي جڏهن عطا محمد باميزئيءَ جي
حرڪتن جي خبر پئي، تڏهن فتح خان خود وڏي فوج وٺي
پشاور ۽ ڪشمير تي حملي ڪرڻ لاءِ چڙهي ويو. سياسي
طور تي به ڪشمير ابدالي جي زماني کان افغانستان جي
حڪومت جو حصو هو، ان ڪري محمود چاهيو ٿي ته ڪشمير
کي فتح ڪيو وڃي. ان کانسواءِ هڪ سابق دُراني
حڪمران جو باميزئي قبيلي وٽ قيد هجڻ به محمود کي
ناپسند هو. فتح خان جي مقابلي ۾ عطا محمد سَٽ جهلي
نه سگهيو. شڪست کائي گرفتار ٿي فتح خان وٽ آيو. هڪ
عجيب حيلي سان هن پاڻ کي آزاد ڪرايو ۽ پهاڙن طرف
ڏي هليو ويو. فتح خان نهايت مروت سان شاهه شجاع کي
بنديخاني مان آزاد ڪيو. هو ٻي واهه نه ڏسي، وري
به وڃي راجا رنجيت سنگهه وٽ لاهور ۾ پناهگزين ٿيو.
شاهه شجاع ۽ راجا رنجيت سنگهه:
مصنف ”دولت درانيه“، هن حقيقت کي وضاحت سان لکيو
آهي ته جڏهن شاهه شجاع، لاهور ۾ رنجيت سنگهه جو
مهمان ٿي رهيو ته شروع ۾ مهاراجا سندس غير معمولي
مرحبا ڪئي. اُن جي رهائش لاءِ بهترين مڪان تجويز
ڪري، سندس خرچ لاءِ ڪثير پيسو خرچ ڪندو رهيو. پر
ٿوريءَ وقت کانپوءِ مهاراجا جو ديوان ۽ مختار، جي
ٻئي هندو هئا، شاهه جي خلاف ٿي پيا ۽ رنجيت سنگهه
جا ڪن ڀريندا رهيا. هنن مهاراجا جي اڳيان ”ڪوهه
نور“ هيري جي تعريف ڪئي جو اُن وقت شاهه شجاع جي
قبضي ۾ هو. شاهه شجاع اُن هيري جي شوق ۾ ايترو ته
بيخود ٿي ويو جو هن اُن جي هٿ آڻڻ جو پختو ارادو
ڪيو.
”ڪوهه نور“ هيري جي تاريخ پنهنجي جاءِ تي
دلچسپ آهي. جيئن ته هتي اُن جي تفصيل جي لاءِ ڪا
به گنجائش نه آهي، اُن ڪري مان هيترو لکندس ته
هيءُ هيرو، شاهجهان جي تخت طائوسي ۾ لڳل هو. جڏهن
نادر شاهه هندستان تي چڙهي آيو، تڏهن دهليءَ تي
قبضو ڪري ورتو. تخت طائوسي پاڻ سان گڏ ايران کڻي
ويو، جنهن مان ٻه هيرا ”ڪوهه نور“ ۽ ”درباهه نور“
عليحده ڪري، پاڻ وٽ ڪمال حفاظت سان رکيائين. سن
1747ع ۾ نادر شاهه جي قتل کانپوءِ، هي هيرا سندس
پٽ شاهرخ جي قبضي ۾ آيا. مرزا شاهرخ ۽ آغا محمد
مير عالم خان جي وچ ۾ جڏهن مقابلا ٿيندا رهيا ته
احمد شاهه ابدالي سن 1757ع ۾ سندس مدد لاءِ مشهد ۾
پهتو ۽ شاهرخ کي وري مشهد جي حڪومت تي مستقل
ڪيائين. هن احسان جي صله ۾ مرزا شاهرخ، ڪوهه نور
هيرو احمد شاهه ابداليءَ کي ڏيئي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت
هيءُ هيرو زمان شاهه جي قبضي ۾ آيو. زمان شاهه
جڏهن پنهنجيون اکيون وڃايون، تڏهن قيد خاني ۾ به
هيءُ هيرو وٽس هو. شاهه شجاع جڏهن ڪابل جي تخت کي
هٿ ڪيو ته زمان شاهه کيس هيءُ هيرو تحفي طور ڏئي
ڇڏيو. سن 1809ع ۾ جڏهن مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفنسٽن
سفير بڻجي شاهه شجاع وٽ پهتو هو، تڏهن هيءُ هيرو
ان وقت، هڪ ڪنگڻ ۾ لڳل هو، جو شاهه جي ٻانهن ۾ هو.
روايت آهي ته هن هيري جي لالچ ۾ راجا رنجيت سنگهه،
شاهه شجاع جي خاطر خواهه عزت ڪئي، مگر شاهه نهايت
چالاڪيءَ سان کيس ٽاريندو رهيو. هو جڏهن عطا محمد
جي دعوت تي ڪشمير ۾ وڃي فريب سان قيد ٿيو ته بدنيت
رنجيت سنگ پنهنجي هوس جي ڪارواين کي وڌيڪ تيز ڪيو.
اُن وقت شاهه شجاع جي بي بي وفادار بيگم ۽ انڌو
زمان شاهه لاهور ۾ هئا. زمان شاهه جي موجودگي ۾
احسان فروش رنجيت سنگهه ، شاهه شجاع جي حرم تي زور
آندو ته هوءَ ڪوهنور هيرو کيس سپرد ڪري. وفادار
بيگم اُن وقت شاهه زمان سان گڏ ٿي رهي. بيگم جي
انڪار ڪرڻ تي، رنجيت سنگهه کي بيحد غصو آيو. هن
حڪم ڏنو ته سندس مال ۽ اسباب تي قبضو ڪري هيري کي
تلاش ڪيو وڃي. مگر ان تلاشيءَ کان پوءِ به هيرو
کيس ملي نه سگهيو. رنجيت سنگهه پنهنجي سختيءَ کي
تيز کان تيز ڪرڻ شروع ڪيو. هن سختيءَ کان مجبور
ٿي، وفادار بيگم، ڪن قيمتي هيرن کي وڏي ياقوت سان
گڏ مهاراجا ڏي ڏياري موڪليو. کيس تسلي ڏنائين ته
اهو ياقوت ئي ڪوهنور هيرو آهي. جيئن ته رنجيت
سنگهه کي هيرن جي ايتري ماهيت نه هئي، هن اُن
ماڻهو کي گهراو، جنهن جي نظر کان ”ڪوهنور“ گذريو
هو. هن کيس ٻڌايو ته انهن هيرن ۾ ڪو به ”ڪوهنور“
هيرو نه آهي. هي ٻڌي رنجيت سنگهه شاهه شجاع جي حرم
کي وڌي ايذاءُ ڏيڻ شروع ڪيا. جڏهن شاهه شجاع ڪشمير
کان آزاد ٿي لاهور پهتو ته هيءُ سندس بدقسمتيءَ جو
سامان بڻيو. ”دولت درانيه“ جو مصنف هن حقيقت کي
ٿورن لفظن ۾ هيئن ٿو لکي ته:
”رنجيت، جو هڪ حريص انسان هو، هيري جي لالچ ۾ هُن
شاهه شجاع کي نظربند رکيو. زور ۽ زبردستيءَ سان
سندس سڀيئي جواهر ڦري ورتائين. مطلب ته ڪيتري وقت
تائين هُو اُن سنگدل جي قيد ۾ رهيو. مگر ڪن پٺاڻن
سرنگهه رستي، جا شاهه جي خوابگاهه تائين پهچائي
هئي، کيس اُن قيد مان ڪڍي ورتو. شاهه شجاع ڪوهستان
جي راهه کان لڌيان پهتو، جتي انگريزي فوج ۾ وڃي
پناهه ورتائين، جتي سندس ڪافي عزت ڪئي وئي ۽ کيس
وڏي پينشن ٻڌي ڏنائون. (1)“
مگر ”تازه نوائي معارڪ“ جي مصنف، هن حقيقت کي
زياده تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته
سنگدل خالصي ڪهڙيءَ ريت شاهه شجاع کي تڪليفون ٿي
ڏنيون. بهرحال شاهه شجاع هڪ ڀيرو وري به بخت جي
ياوريءَ سان رنجيت سنگهه جي قيد مان ڇوٽڪارو لهي،
فرنگين وٽ آزادي ۽ راحت سان همڪنار بڻجي ويو. ٿي
سگهي ٿو ته شاهه جي هن نجات ۾ فرنگين جو هٿ هجي،
ڇا ڪاڻ ته هنن سندس معرفت افغانستان ۾ سياسي راند
کيڏڻ ٿي گهري.
روايت آهي ته پهرئين جون سن 1813ع تي
رنجيت سنگهه جڏهن ”هيري“ کي وٺڻ لاءِ شاهه وٽ
شاهدري ۾ پهتو، تڏهن ٻيئي حريف هڪٻئي جي سامهون ٿي
ويٺا. شجاع رنج ۽ غم جي حالت ۾ مبهوت ويٺو هو،
سندس نظر جي سامهون اُهي سڀيئي مصائب هئا، جي هن
هيري جي خاطر سَٺا هئا. سندس چهري تي هڪ رنگ آيو
ٿي ۽ ٻيو ويو ٿي. هن سوچيو ٿي ته کائنس اهو متاع
عزيز هاڻي ڌار ٿيڻ وارو آهي. هوڏانهن رنجيت سنگهه
پنهنجي قسمت تي ناز ڪري رهيو هو. ٻنهي طرف ڪامل
خاموشي هئي، آخر شاهه شجاع پنهنجي خاص ٻانهين کان
ان دٻليءَ کي گهرايو، جنهن ۾ هيءُ بينظير هيرو
رکيل هو. هن هڪ سرد آهه کنئي ۽ اشڪبار اکين سان
هيرو راجا جي حوالي ڪيو. مگر هيءَ حقيقت آهي ته
هيءُ هيرو رنجيت سنگهه جي خاندان وٽ به گهڻو وقت
نه رهيو ۽ هيءُ هيرو سمنڊ پار انگلينڊ وڃي پهتو ۽
خالصن جي حڪومت هميشه لاءِ تباهه ٿي ويئي.
ديدي ڪه خون، ناحق پروانه شمع را،
چندان آمان نداد ڪِ را سحر ڪند.
محمود جو ڪمال ۽ زوال:
فتح خان جي امداد سان، محمود هڪ ڀيرو وري
افغانستان جو حاڪم تسليم ڪيو ويو. پر سندس حڪومت
جو دور کهنبي جو چٽڪو ثابت ٿيو. فتح خان جي سياست
۽ تدبير سان، ملڪ جو گوشو گوشو فرمانبردار ٿي چڪو
هو. سن 1232هه ۾ محمود پنهنجي داناءَ وزير فتح خان
جي همراهيءَ ۾ ، سرديءَ جي موسم کي گذارڻ لاءِ
پشاور ۾ آيو. ان زماني ۾ فتح خان، ڪشمير جو حاڪم
محمد عظيم کي گوشمالي ڏئي، شاهي خزاني کي پنهنجي
قبضي ۾ آندو (1). بهار جي اچڻ سان محمود وري ڪابل
۾ موٽي آيو. فتح خان جي تدبير ۽ سياست، محمود جي
حڪومت کي ايترو ته پختي بنياد تي بيهاريو هو، جو
ان ۾ ڪو به نقص اچي، اهو ڏاڍو مشڪل هو. مگر جيئن
ته درانين جي قسمت جو ستارو، غروب ٿيڻ تي هو، ان
ڪري قضا پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو.
قنڌار ۾ ان وقت محمود جو پٽ ڪامران حاڪم هو ۽ هرات
تي سندس سڳو ڀاءُ حاجي فيروزالدين حڪومت ڪري رهيو
هو. ڪامران ۽ فيروز جي اندروني طرح هڪٻئي سان نه
پوندي هئي، جيئن مشرقي دربارين جو دستور هو.
ڪامران ڪيئي ڀيرا پنهنجي پيءُ کي فيروز جي خلاف
ڀڙڪايو، مگر محمود پنهنجي پٽ جي بغاوت ڏي ڪو به
ڌيان نه ڏنو. ان وقت ايران تي فتح علي شاهه قاچار
جي حڪومت هئي. سندس پٽ مرزا عباس، جو ان وقت مشهد
جو گورنر هو، هرات کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکيو. هيءَ
خبر جڏهن فيروز کي پئي ته هن محمود کي فوري امداد
موڪلڻ جو لکيو. محمود، فتح خان کي هن مهم جي لاءِ
هرات موڪلي ڏنو. هو جڏهن قنڌار ۾ پهتو، تڏهن فتح
خان سان فيروز جي خلاف گهڻيئي شڪايتون ڪيون ۽ مٿس
زور آندائين ته فيروز کان حڪومت کسي، کيس حوالي
ڪري. فتح خان شهزادي ڪامران جي خواهش کي رد ڪري نه
سگهيو. ان ڪري هن هرات تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ عجيب
سِٽ سِٽي. ڇا ڪاڻ ته هرات جو قلعو ايڏو ته طاقتور
۽ مضبوط هو، جو معمولي ته ٺهيو پر غير معمولي
مقابلي ۾ به ان جو هٿ اچڻ نهايت مشڪل هو. فتح خان
مشهور ڪيو ته هو محمود سان بغاوت ڪري، هرات ۾
پناهه وٺڻ اچي رهيو آهي ۽ سندس ارادو آهي ته محمود
جي بجاءِ فيروز کي آئنده تخت جو وارث بڻائيندو.
حاجي فيروزالدين نهايت هوشيار ۽ چالاڪ هو. هو وزير
فتح خان جي فريب ۾ اچڻ وارو نه هو، مگر جيئن ته
کيس مرزا عباس جي مهم درپيش هئي، ان ڪري، هن فتح
خان لاءِ احتياطي تدبيرون رٿي ڇڏيون.جڏهن فتح خان
هرات ۾ پهتو ته حاجي فيروزالدين فوج وٺي هرات کان
ٻاهر آيو ۽ فتح خان جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو.
وزير پنهنجي ڀاءُ دوست محمد خان کي ته هرات جي فتح
لاءِ مقرر ڪيو ۽ پاڻ فيروز جي مقابلي لاءِ وڌيو.
دوست محمد، قلعي جي حفاظتي فوج کي شڪست ڏئي، قلعي
تي قبضو ڪري ورتو ۽ نهايت بي باڪيءَ سان شاهي
حرمسراءِ ۾ گهڙي ويو ۽ سڄي اسباب کي لُٽي ۽ ڦري
ڇڏيائين ۽ نهايت گستاخي سان، ڪامران جي ڀيڻ جي
ازاربند کي، جنهن جي قيمت ٻه لک رپيا هئي، خواجه
سرا عورتن جي معرفت گهرائي ورتائين (1). حاجي
فيروز ٻي واهه نه ڏسي، ايران جي بادشاهه فتح علي
قاچار سان سازش ڪئي، جو ٻه لک فوج وٺي، هرات تي
چڙهي آيو. مگر فتح خان وزير، هرات جي ٻاهران
ايراني فوج کي اهڙي ته شڪست ڏني، جو منجهس ڪو دم
ئي نه رهيو. فتح خان، ايران جي بادشاهه فتح علي جو
مشهد تائين تعاقب ڪيو.
فتح خان کي جڏهن دوست محمد جي گستاخيءَ جي خبر ملي
ته بيحد بگڙيو. پر هاڻي:
”هاريو هٿ نه اچي، نڪو ڏڌو ٿڻين کير.“
هن پختو ارادو ڪيو ته جڏهن دوست محمد سندس سامهون
ٿيو ته هو کيس پنهنجي هٿ سان قتل ڪندو. قنڌار ۾
ڪامران کي به دوست محمد جي گستاخيءَ جي خبر پئي.
هو هن خبر کي ٻڌي نهايت غصي ۾ آيو. پنهنجي ڀيڻ جي
توهين کي هن سڄي خاندان جي توهين سمجهي. هو هڪدم
هرات ۾ هليو آيو ۽ شاهي خاندان جي دلجوئي ڪيائين.
فتح خان به حاجي فيروز ۽ ايران جي فوج تي فتح لهي،
بيحد خوشيءَ مان هرات ۾ پهتو ۽ ٻئي ڏينهن ڪامران
جي دربار ۾ حاضر ٿيو. جيئن ته هو نهايت جوش ۾ ڀريل
هو، ان ڪري هن وٽان نيڪ ۽ بد جي تميز ڇڏائجي ويئي،
۽ هن دوست محمد جي گناهه ۾ کيس به شريڪ سمجهيو، جا
هن جي قطعي ناداني هئي. فتح خان، دربار ۾ ڪامران
کي فتح جي مبارڪباد ڏيئي، نذرانو ڏنو. هو جڏهن
شهزادي جي سلام کان فارغ ٿي، قلعي ۾ آيو ته ڪامران
سندس خدمتن کي طاق تي رکي، پنهنجي هن خير خواهه کي
فريب سان قيد ڪيو ۽ بعد ۾ قيدخاني ۾ سندس اکيون
ڪڍرائي ڇڏيون. فتح خان جي برباديءَ جي خبر جڏهن
محمود کي پئي ته هو بيحد بگڙيو. ڪامران ڏي نفرين ۽
ملامت لکي موڪليائين. مگر هاڻي فتح خان جون اکيون
قيامت تائين روشن ٿيڻ واريون نه هيون. فتح خان،
ڪامران جي حڪم سان قنڌار پهچايو ويو. محمود سندس
دلجوئي ڪئي ۽ وزارت تي بهال رکڻ چاهيو، مگر فتح
خان عرض ڪيو ته :
”انڌي جي وزارت مان سود نه حاصل! اوهان جيڪڏهن
چاهيو ٿا ته منهنجي ڪنهن ڀاءُ کي وزارت تي سرفراز
فرمايو.“
مگر محمود ائين ڪرڻ لاءِ راضي نه هو. فتح
خان جي انڌي ٿيڻ سان، افغانستان ۾ وري انقلابي
حالتون پيدا ٿي ويون. فتح خان جي ڀائرن ۾ انتقام
جو جوش پيدا ٿي ويو ۽ پختو ارادو ڪيو ته درانين جي
حڪومت جو هميشه لاءِ خاتمو آندو وڃي.
امير دوست محمد:
فتح خان جي لائق ڀاءُ امير دوست محمد، ان وقت
ڪشمير ۾ هو. هو نهايت تيزيءَ سان وڌيو ۽ پشاور تي
قابض ٿي ويو. ڪابل ۾ محمود جي خلاف جو جوش وڌي
ويو، موقعي کي غنيمت سمجهي، دوست محمد تيزيءَ سان
ڪابل روانو ٿيو. ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ
بالاحصار تي قبضو ڪري ورتائين. محمود ۽ ڪامران سخت
مقابلو ڪيو، پر کين شڪست آئي. هو فتح خان کي ساڻ
وٺي هرات ڀڄي ويا، جتي نهايت بيدرديءَ سان انڌي
وزير کي قتل ڪيو ويو. فتح خان جي قتل، بارڪزئي
ڀائرن ۾ وڌيڪ جوش پيدا ڪيو ۽ هو سڄي افغانستان تي
ڇائنجي ويا. دوست محمد جي فتح مان فائدي وٺڻ لاءِ،
هنن سڄي ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ غزني امير
دوست کي ملي. پر دوست محمد جي هوس ڪجهه ٻيو ڏسڻ ٿي
گهريو. سندس ڀاءُ محمد عظيم ڪابل تي قبضو ڪري
ورتو. هو ۽ سندس ٻيا ڀائر قنڌار تي قابض هئا. محمد
عظيم چاهيو ٿي ته دوست محمد کان غزني کسي وٺي، مگر
امير موصوف غزنيءَ جي ماڻهن جون دليون ايتري قدر
ته قبضي ۾ ڪري ورتيون هيون، جو محمدعظيم، غزنيءَ
کي وٺي نه سگهيو، هن پرآشوب ۽ افراتفريءَ واري
زماني ۾، رنجيت سنگ، ڪشمير ۽ پشاور جي واديءَ تي
قبضو ڪري ورتو. محمد عظيم کي جڏهن رنجيت سنگ جي هن
اڳرائيءَ جي خبر ملي، تڏهن دلشڪسته ٿي مري ويو.
(1) محمد عظيم جي موت وري ملڪ ۾ پريشاني وڌائي
ڇڏي. مگر دوست محمد ڪابل تي قبضو ڪري، جلال آباد ۽
بالا باغ کي به فتح ڪري ورتو.
|